شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

حيرت ڪدہ (استادِ محترم: سائين محمد صالح ميمڻ )

اندر ۾ ڏاڍي مونجهہ هئي، دل کي قرار نہ پئي نصيب ٿيو. ۽ نصيب ٿئي بہ ڪيئن؟ اخبارن جيڪي ڪجهہ اوڳاڇيو پئي، تنھن روح تي تازيانہ پئي هنيا...آخري خبر وري ٺٽي جي ’صاحبِ ڪمال‘ وجودن ڪئي، جن انسانيت کي هڪڙو ڀيرو وري ڪپڙن کان آجو ڪري ڏيکاريو. زندگي هڪ ٻوجھہ جيان لڳي ٿي عزيزانِ مَن... ساھہ تي ڄڻ ڪجهہ هُري ٿو... قلم نٿو هلي... ڪاغذ، تال ڪڍندو رهي ٿو. انھن ئي لمحن ۾ حياتيءَ جو هڪ ٻيو عڪس نظر آيو... زمانو بلڪل ناهي مَٽيو... هن قصي مان فيض حاصل ڪريو، مَن روح ۾ ڪا راحت لھي اچي...
حياتي ڪيئن نہ حيرتن ۾ ويڙهيل هُجي ٿي.
دور جديد اچي ويو آهي، عزيزانِ مَن... جدتن ۾ ويڙهيل، اسين سڀ پنھنجو پاڻ کي الاءِ ڇا سمجهون ٿا. وڏي مان شان سان ڌرتيءَ تي پير ڌريون ٿا... ”خواص“ ۾ پنھنجو پاڻ کي شمار ڪيون ٿا... جيتوڻيڪ ”عام“ ۾ هجڻ جو پنھنجو الڳ رتبو آهي... ۽ عام ۾ بہ ڪنھن کي ڪھڙي جاءِ ملي... اهو ڪير سمجهي سگهي ٿو؟ فرمايو ويو تہ اوهان جي ”برتري“ صرف صاحبِ تقوا ٿيڻ جي صورت ۾ آهي.
سومر جي ڏهاڙي، سائين محمد صالح ميمڻ صاحب وفات ڪري ويا. پاڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار جي حيثيت سان رٽائر ڪيو هئائون، ۽ پنھنجي رٽائرمينٽ واري حياتي، پنھنجي گهر ۽ مسجد جي نسبت سان بَسر ڪري رهيا هئا. سندن ٻئي فرزند، راشد ۽ زاهد، سندن ئي حڪمن سان، حياتيءَ جي ڊوڙ جي ڪري الڳ رهائش پذير آهن، پر سندن ساٿ بھرحال چوويھہ ڪلاڪ گڏ جوئي هو... زاهد جي پاڪستان ۾ هجي تہ يقيناً هر نماز تي پنھنجي والد سان گڏ نظر ايندو... راشد، قاسم آباد ۾ رهي ٿو، سو وڏن ڏينھن تي اهو بہ ڪھول ۾ نظر ايندو آهي. اسان جو ڪو ٽيھارو کن سالن جو ساٿ آهي، اڃان بہ مٿي عرصو ٿيو هوندو... راشد ميمڻ ۽ مان گڏجي ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين ۽ تنھن کان سواءِ راشد هڪ جوشيلو ادبي ڪارڪن بہ رهيو آهي. پر انھن سڀني ڳالھيون کان هَٽي، چاچي محمد صالح جو، منھنجي والد صاحب، قبلہ فقير ميان نور محمد مغل سان تمام ويجهو تعلق هيو.
دادو شھر جي مشھور علمي ادبي ”ميمڻ خاندان“ جو ”مدرسہ دار الاسلام“ سڄيءَ سنڌ ۾ بيحد مشھور ٿيو، جنھن جو مھتمم اعليٰ، جناب مولوي محمد سليمان صاحب هوندو هو، پنھنجي دور ۾ علم و ادب جي حوالي سان سنڌ جي هڪ برگزيدہ هستي ...محمد صالح صاحب، سندن وڏو فرزند هو، جنھن جي تعليم و تربيت، جناب مولوي صاحب پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڪرائي هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 15 فيبروري 1958ع تي صالح صاحب کي مڊل اسڪول جوهيءَ ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي نوڪري ملي... ڪجهہ ئي مھينن ۾ سندس بدلي سيوهڻ شريف ٿي تہ بقول صالح صاحب جي...“ مون پھرين سيوهڻ ڏٺو ڪو نہ هو، بابا سائين هٿ هٿ ۾ وٺي هليو ۽ سڌو چاچي نور محمد جي حوالي ڪيائين ۽ چيائينس ”ادا... ڇوڪرو هاڻي تو وٽ؟...توکي پارت هجي...“ مان تقريباً ٻہ سال چاچي ساڻ رهيس ۽ بس رنگ لڳي ويا.
هتي ڌڻيءَ کي حاضر ناظر ڄاڻي، لکڻ ٿو گهران تہ ان ڪري نہ جو... اسين هنن جو اولاد آهيون، پر جيڪي بہ قديم سيوهڻ واسي، ”فقير ميان نور محمد“ کي سڃاڻن...تن کي سندن مرتبي جي ڄاڻ آهي، پاڻ ”نوروءَ“ ۽ ”ڪئوڙوءَ“ جي نالي سان بہ مشھور هئا، ڪورٽ سڳوريءَ ۾ بيلف طور مقرر هئا، شاهي بازار ۾ سندن چار باءِ پنج فٽن جو ”مانڊڻيءَ“ نما حڪمت جو دڪان هيو. ۽ دنيا اهو بہ چوندي هئي تہ پاڻ جناب مخدوم بصر الدين صديقي رحمت ﷲ عليہ جا خاص خدمتگذار هئا، ان ڪري وٽن بہ گهڻو ڪجهہ ”نصيب“ ۾ آيل هو. چاچا صالح کي بابا پاڻ ساڻ رهايو ۽ سندس ذهين تربيت ڪئي... ٻن پھرن جو نوڪريءَ کان پوءِ، نماز پڙهي ٻئي ڄڻا ان ”کُڏڙيءَ“ جھڙي دڪان ۾ ڪم ڪندا هئا. بابا جا نسخا هوندا هئا ۽ سائين محمد صالح جو حمام دستي جو ڪُٽڪو.... 24 مھينا، ساٿَ جي محبت جا ڪَٽيائون، جن جو تذڪرو چاچو صالح هر بار مون سان ڪندو هو. ڇاڪاڻ تہ مان ساڍن ڇھن سالن جو هئس جو بابا سائين وفات ڪئي هئي، مون وٽ تہ بس ڪجهہ عڪس ۽ ڪجهہ پاڇا آهن، جن کي چاچا صالح سدائين گهرو ڪندو هو.سال اڳ جڏهن ميڊيڪل اسٽور کوليوسين ۽ مان دخل تي ويٺس تہ سامھون اچي سندس اکيون آبديده ٿي ويون هيون، ”بلڪل چاچي مرحوم جھڙو ٿو لڳين ميان محمود...بَس هي دڪان وڏو آ...باقي پَرُ ساڳي آهي... هُو حڪمت ڪندا هئا، تون دوائون ٿو وڪڻين... هُو حڪيم هئا... تون ڊاڪٽر آهين... مون کي لڳي ٿو ڄڻ مون وري حمام دستو، ڪُٽڻ شروع ڪيو هجي...“
ڪچھريءَ جي لمحن ۾ چاچي صالح جو ذڪر عجيب هوندو هو... ”بس سائين... الائي ڪنھن جي ڪُلھن تي وڃبو... الاءِ ڪھڙو ڪَرم ڪندو... پر چڱو ڪندو“ سندس تقريباً هر جملو ”بس سائين....“ کان شروع ٿيندو هو... گهڻو ڪري سفيد لباس، سفيد سنھين سونھاري، آر واري ٽوپي....۽ مخصوص طرز گفتگو... ۽ ان ۾ تيز جملا ”هلون ٿا ميان محمود... هاڻ يارو ياري...“ تقريباً ٽي هفتا پھرين عمري تي ويندي هنن چيو هو ”دعا ڪجانءِ تہ موٽ نہ ٿئي... اتي ئي ڪٿي رهائي ڇڏي... جي سدائين لاءِ رهائي تہ ڪيا ڪھني... بس مڙئي دعا پيا ڪجو...“ ڪلاڪ سَوا جي ڪچھريءَ ۾ سندس اهو ئي زور هيو تہ دعا ڪجي تہ هو واپس نہ موٽي... عرض ڪيم... ”هيترا سارا ماڻھو آهن... ٻيا نہ تہ گهر ڀاتي تہ آهن ئي آهن... انھن ڀلا الوداعي سلام بہ نہ لھڻو ڇا...؟“ ۽ پنھنجي مخصوص شرميلي مرڪ ۾ هنن چيو... ”اهو بہ ٿي ويندو... جي رب چاهيو تہ سلام جو بندوبست بہ ٿي ويندو...“
سومر تي، اسان جي مسجد جي پيش امام صاحب، ميان امير عليءَ کي مڪي مان فون آئي. مڪي مان ”آدم ٻاٽ“ نالي ڪنھن صاحب، جيڪو چاچي صالح جي هوٽل ۾ ساٿي ٿيو هو، سندس وفات کان پوءِ مختلف نمبر ڊائل پئي ڪيا، پر ڪنھن بہ اٽينڊ نہ پئي ڪيو، هن کي چاچي صالح جي فون ۾ جيڪي بہ نمبر مليا، سي هن سڀ واري واري سان ٽراءِ ڪيا، آخر مولوي صاحب سان گفتگو ٿيس، جنھن کي ٻڌايائين تہ ”ڪجهہ ڪلاڪ پھرين، محمد صالح ميمڻ صاحب جھان ڇڏيو آهي، سندس زوجه بہ هتي ئي آهي، مھرباني ڪري رابطو ڪيو...“ منٽن ۾ سڀ رابطه ٿي ويا، اتي ڪو عزيز بہ اچي ويو... ۽ فيصلو اهو ٿيو تہ ”جنت المعليٰ“ ۾ کين دفن ڪيو وڃي ۽ ان مقام ۾ آرام ملين، جتي بي بي خديجتہ الڪبرا رضي ﷲ تعاليٰ عنہ ۽ ڪيترائي صحابہ ڪرام رضه آرامي آهن. هاڻي فون تي احوال جو سلسلو هليو... نيٺ، اڱاري تي، مغرب جي نماز کان پوءِ تدفين جو عمل ٿيو... هاڻي عجب ڏسو.... اسان جي عشاء جو وقت آهي ۽ هنن جي مغرب جو... فون تي احوال هلن پيا تہ ڪير زاهد کي فون ڪري چوي ٿو ”مباشر تي Live ڏسو... مغرب پڙهي جنازو پڙهندا... ۽ اڄ اتفاق سان ڪعبتہ ﷲ آڏو، هڪڙو ئي جنازو رکيل آهي، جيڪو چاچي محمد صالح جو آهي...“ سبحان ﷲ... هونئن هر نماز تي ڪجهہ جنازا هوندا ئي هوندا آهن... جي ٻيون ڪجهہ مَيتون هجن ها تہ، سڄو خاندان اهو سوچي ها تہ ”بابا...الاءِ ڪھڙو آهي...!“ پر هتي تہ سلامِ آخر جو عرض اگهايل هو...سڀني ڏٺو ويٺي....Live...تہ ڪيئن نماز جي ادائگي کان پوءِ، چاچا محمد صالح ميمڻ، ”الاءِ ڪنھن“ جي ڪلھن تي، عازمِ سفر ٿيو، سندس جنازو هزارن پڙهيو، ربَ مٺڙي، سندس سڀ حسرتون پوريون ڪيون.
حيرت ڪدي ۾، حيرتون اڃان تائين موجود آهن.

ڇپيل: آچر 12 جون 2011ع