دادوءَ جو جادو! (تعليمدان: ڊاڪٽر محمد ايوب شيخ )
عجيب مرتبو هوندو آهي استاد جو بہ...پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ وجود کي، جيڪڏهن پنھنجي ”هنر“ جي خبر پئجي وڃي تہ جھڙوڪر لک کٽي ورتائين. علم جي فيض ۾ سندس ذات جي خوشبوءِ جيڪڏهن وکري وڃي تہ هاءِ هاءِ... جھڙو ”ڦول ڳليءَ“ جو سير ٿي ويو. استاد تہ گلاب آهي، موتيو آهي، مگرو آهي ۽ اسان وارو سائين ايوب صاحب بہ اهڙو ئي هڪڙو گل هيو. ”سکيا ڏيڻ گهرجي ڊاڪٽر صاحب...نئين نسل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي....“ حيدرآباد جئم خاني ۾ هڪ دعوت ۾ هڪ ئي نشست تي ويھڻ جو اتفاق ٿيو هيو، اسرا يونيورسٽي حيدرآباد جي ڪجهہ نوجوان شاگردن ان محفل جو انعقاد ڪيو هو. سائينءَ پنھنجي حياتيءَ جو ڪجهہ حصو اتي بہ خرچ ڪيو هو، اتي جا بہ انيڪ شاگرد، سندس مضمون جي عمارت مان فيضياب ٿيا هئا. ”ڏسون ٿا تہ....هي سڀ اليٽ ڪلاس جا شاگرد آهن....منھنجا شاگرد آهن....مان سڀني کي سڃاڻان....سڀني جي مالي حالت کي سڃاڻان....اهو سڀ ڪيڏو نہ سھڻو آهي...پر اها سھولت انھن کي بہ ملڻ گهرجي، جيڪي افورڊ نٿا ڪري سگهن....غريب جي ٻار کي اهڙي جاءِ تي ڏسڻ منھنجو خواب اٿوَ سائين.“ اسين گهڻا گهرا ڪو نہ هئاسين، پر ان رات الاءِ ڪيئن اهو بھانو ٺھي آيو هيو ۽ وٽس ڳالھائڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ هيو ۽ مون وٽ ٻڌڻ لاءِ....”مان تہ ڪامرس جو ماڻھو آهيان....پي ايڇ ڊي آهيان ان ۾....مئنجمينٽ آف پبلڪ انٽرپرائيز ۽ آرگنائيزيشنل جي بھيويئرز منھنجا خاص مضمون رهيا آهن. مون انھن سڀني شين کي ڏاڍو ويجهو کان ڏٺو آهي سائين....چاهيان ٿو تہ اسان جا شاگرد بہ سڄي دنيا لاءِ مثال ٿين....“ ۽ الاءِ ڇو ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو هئائين، ”ڏسو ٿا نہ...جيئن هي طبقو خوش ٿئي ٿو، ائين اهي جيڪڏهن خوش ٿين تہ ڪمال نہ ٿي وڃي....“ عرض ڪيم نہ معزز خواتين و حضرات، جتان رزق ڪمايون ٿا، جتان عزت جو سامان ٺھي ٿو ۽ جتي حياتي شعور جا ڪَر کڻي ٿي، ان يونيورسٽي جي حالت هڪ ننڍڙي ڳوٺ جھڙي هوندي آهي، تقريبن هر ڪنھن کي ”هر ڪنھن“ جي ڪا نہ ڪا خبر پوندي ئي رهندي آهي، ميل ملاقات جو ڪو نہ ڪو ذريعو نڪرندو ئي رهندو آهي. منھنجي نصيب ۾ شايد روسٽرم جي پويان رهڻ گهڻو لکيل آهي. مائڪرو فون سان ساٿ جي ڪري مختلف محفلن ۾ ميزبانيءَ جو شرف عنايت ٿئي ٿو ۽ ان ڪري ئي هر ڪنھن سان ”هٿ...جوڙ“ جو سلسلو هلي ٿو. محترم ايوب صاحب سان ائين ملاقات تہ ٿيندي رهندي هئي، پر هن واري اها ڪچھري الاءِ ڇو ڊگهي ٿي وئي هئي ۽ سندس حياتيءَ جا الاءِ ڪيترا رخ سامھون اچي ويا هئا. ”ڪمال جو استاد هيو سائين.“ ڪامرس جي شعبي جو ئي هڪ ٻيو پي ايڇ ڊي ۽ خوش کلو وجود ڊاڪٽر حاڪم علي ڪناسرو چوي ٿو ”سندس مرڪندڙ سڀاءُ هر هڪ سان هڪ جھڙو هوندو هو. پنھنجي شاگردن تي ڄڻ ساھہ پيو ڇڏيندو هو. مون الاءِ ڪيترا ڀيرا چيومانس تہ....سائين توهان تہ هنن کي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي...تہ پنھنجي مخصوص مدهم لھجي ۾ چوندو هو ”نہ سائين...هي ئي تہ اسان جو سرمايو آهن...اسان جو فيوچر آهن....مان جيستائين ڪجهہ چوان، تيستائين شاگردن جي هجوم ۾ دادوءَ جو جادو گم ٿي ويندو هو“. لاڳيتي پورهئي جي روايتن کي قائم رکندي هن ”اڍائي سون“ کان مٿي تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ڪرايا هئا، جيڪو تحقيق جي ميدان ۾ هڪ ”سنگ ميل“ آهي، تنھن کانسواءِ پنھنجي مضمون جي حوالي سان سندس ڇھہ ڪتاب لکيل هئا، جيڪي ”خاص و عام“ تائين پھتل آهن. هن انيڪ ايم فل اسڪالرز کي سندن پورهيو مڪمل ڪرايو هيو ۽ هاڻي بہ وٽس ٽي شاگرد رجسٽرڊ هئا. سڄي شعبي ۾ هن جي حيثيت ”اڻ ٿڪ....محنت ڪش“ جي نانءُ سان مشھور هئي. جنھن جي دل بھرحال ٿڪجي پئي ۽ ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي والد کي دغا ڏئي وئي. ”هيومن رسورسز مئنيجمينٽ پڙهائيندو هيو هاڻي سائين....“ ڪامرس جو ٻيو ذهين وجود، انيل ڀاٽيا صاحب فون تي ٻڌائي ٿو. ”رول آف شگر انڊسٽريز ان پاڪستان“ تي هن پي ايڇ ڊي ڪئي هئي ۽ ڇا تہ ڪمانڊ کيس پنھنجي مضمون تي حاصل هئي. انساني وسيلن، انھن جي دسترس ۽ گهرجن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهائڻ سندس ئي ڏانءُ هيو...“
ائين ٿيندو آهي عزيزانِ مَن تہ جيڪو رخصت ٿيندو آهي تہ ان جا گڻ ئي ڳايا ويندا آهن، چڱائين جو ذڪر سدائين کان وڌيڪ ڪيو ويندو آهي. پر ائين بہ تہ ٿيندو آهي نہ تہ ڪي ڪي وجود اهڙا باڪمال هوندا آهن، جو انھن ۾ اهو سڀ ڪجهہ اچي ويندو آهي، هاڻي انھن لاءِ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهہ نہ لکجي تہ ڇا لکجي...پنھنجي حياتي ۾ اسان کي اهو فخر بہ حاصل رهيو آهي تہ قلم جي ڪارڪنن جي خدمت هتي بہ هلي آهي. ادي امر سنڌو، سائين انعام شيخ، مرحوم سائين عزيز پلي صاحب....سائين حليم بروهي صاحب....ڀيڻ عرفانہ ملاح....اسين سڀ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هنج ۾ حياتي جي ڀاڪرن ۾ ڀريل رهيا آهيون ۽ گڏوگڏ ڪاوش جي ڪالمن جي ”ڪٿا“ ۾ بہ اسان جا نالا آهن. اتي ڪنھن فرمايو تہ اوهان لاءِ تہ ڏاڍو سولو آهي، ڪنھن لاءِ ڪجهہ لکڻ....توهان جو ڪو ساٿي گذاري وڃي ٿو تہ هڪدم ان تي لکي ٿا ڇڏيو....فلاسافيءَ جي ساٿي عاصم تي لکيوَ....پلي صاحب تي هڪدم ڪالم آيو....هاڻي بہ جيڪڏهن ڪجهہ ٿيو تہ منٽ ڪندئو....“ ڳالھہ جو ڪنڊو، دل جي نرميءَ ۾ گهڙي ويو هو....اسان کي ڪو شوق ناهي تعزيت نامن لکڻ جو، پر هي دل جو خراج آهي...ڏيڻ گهرون ٿا انھن سڀني کي، جن جي باري ۾ اسين ڄاڻون ٿا....معزز استاد ٻئي هنڌ بہ هوندا...خدانخواستہ جدايون اتي بہ مقدر بڻجنديون هونديون، پر ڇاڪاڻ تہ گهڻي ڄاڻ نٿي هجي، ان ڪري ذڪر گهٽ ٿئي ٿو. دنيا هل هلان جو جھان آهي، ڇا ڪجهہ الوداعي اکرن جي ڀيٽا بہ نہ ڏيڻ گهرجي!؟
دادوءَ جي جادو نگريءَ ۾، دڙي شيخ جو ڳوٺ باءِ پاس جي ڀرسان آهي، جتي سنڌ يونيورسٽي جو هڪ سلڇڻو، خوبرو، خوش لباس ۽ مھڪندڙ استاد، محمد ايوب گلابن هيٺ آرامي آهي ۽ سندس ياد جو ڪنڊو، اسان وٽ رهجي ويو آهي. ايوب صاحب جو مرڪ ڪڪرن جي پار هلي وئي آهي. دادوءَ جو جادو پويان رهجي ويو آهي.
ڇپيل: آچر 3 جنوري 2010ع