شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 152
  • 50
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

جِيجِي (لوڪ فنڪارہ: جِيجي زرينہ بلوچ)

جيجي، پيرن تي هٿ قبول ڪجو
ٽيون ڏينھن نيٺ اوهان هن جھان کان موڪلايو، اها ئي راھہ ورتي، جيڪا سان سڀني جو مقدر آهي. ٽيھتر سالن جي حياتيءَ جو سفر پنھنجي انت کي پھتو ۽ اجهو اوهان جي قبر جي گلابن ۾، خوشبوءَ جي واپسي شروع ٿي آهي. پنھنجي من پسند، محبوب شھر حيدرآباد سان ساٿ اوهان آخر تائين نہ ٽوڙيو ۽ ابدي آرام لاءِ بہ هن ئي شھر جي چونڊ ڪيوَ. اسان جي اها سادي سودي امڙ، جنھن کي اسين سڀ ”جيجي“ سڏيندا هئاسين ۽ جنھن کي نالو ”زرينه“ جو مليل هيو. هن نئين جاءِ تي بہ يقينن آسودي ئي هوندي. هوءَ جيڪا هر حال ۾ راضي رهڻ ئي پنھنجي حياتيءَ جو مرڪ ڀائيندي هئي هتي بہ ڪا شڪايت ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ اوهان جو نئون اوڙو پاڙو اوهان جي اچڻ سان وڌيڪ پرسڪون ٿي ويو هوندو.
۽ اهو ائين ٿئي بہ ڇو نہ؟ سڄي حياتيءَ ۾ اوهان جي آواز جي گونج، عام حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ نہ آئي، ماسواءِ مائڪرو فون جي سامھون انھن گهڙين ۾، جڏهن اهو آواز للڪار جو روپ ڌاريندو هيو. عام زندگيءَ ۾ اوهان بيحد نوڙت، ٻاجهہ ۽ محبت سان گفتگو ڪندا هئا، پنھنجي نانءَ جو ڀرم رکڻ اوهان لاءِ سدائين اهم رهيو. جنھن ڏينھن کان اوهان امڙ جو روپ ڌاريو. لڳي ٿو تہ عورت جا ٻيا سڀ روپ اوهان کان وسري ويا. مٿان وري جڏهن هر ڪو اچار ”جيجي“ سان شروع ٿيڻ لڳو تہ وارن ۾ چانديءَ جي تارن جي ضرورت ئي نہ رهي. قدآور وڻ هڪدم گهاٽو ٿي ويو. هيو اوهان تہ بڙ جي ڇانو جيان سڪون ڏيندڙ بڻجي ويا.
ڪجهہ پوئتي موٽون ٿا جيجي.... اٽڪل ٽيھن سالن کان مٿي. پوئتي نھاريون ٿا. حيدرآباد جي ماڊل اسڪول ۾ اوهان پرائمري سيڪشن ۾ هئا. ستر جو ڏهاڪو هيو، توهان جي شھرتن جو عروج هيو ۽ سنڌي لاڏا، سھرا ۽ لوڪ گيت، زينت آپا، زينت النساءِ اُمينہ ۽ اوهان جي آوازن جو ويس اوڙهي، سينہ بہ سينہ منتقليءَ جا ڏاڪا لتاڙي رهيا هئا. اسين سيڪنڊري سيڪشن جا شاگرد جيڪي اڃا ڇھين ڪلاس ۾ مس داخل ٿيا هئاسين، اوهان کي حيرت سان ڏسندا هياسين، ايڏي مشھور شخصيت ۽ اسان جي اسڪول ۾ ٽيچر! تنھن زماني ۾ ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئاسين، سونھن جي ان ڪارهنوار ۾، اسان ڪجهہ ڇوڪرن کي توهان سڀني کان حسين لڳندا هئا. توهان جو هلڻ، چلڻ بيھي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌڻ، مسئلو حل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌي وڃڻ، اسان کي ڄڻ تہ ازبر ياد هوندو هيو ”ٻچا...“ چئي شروع ٿيندڙ جملي جي ٻڌڻ جو لطف ئي پنھنجو هوندو هئو. ڌيان جو سفر پختو هجي تہ دعوا سان چئي سگهجي ٿو اسان جي سيڪشن جو ڪو بہ ڪم، اوهان سان لاڳاپيل نہ هوندو هيو. پر تہ بہ اسين اوهان وٽ ئي ايندا هئاسين. جيڪو سرور ان آواز ۾ ”ٻچا“... ٻڌڻ سان ملندو هيو... اهو شايد ڪنھن ٻئي ٽيچر وٽ نہ هيو.
۽ پوءِ زندگيءَ مٿاڇرا لتاڙيا تہ توهان سان گھرائپ وڌيڪ ٿي، اوچتو اهو دروازو بہ کلي ويو هيو تہ ادا عبدالرحمان مرحوم ۽ ادا خليل مرحوم سان اوهان جي ڀينرن جيان ويجهڙائپ هئي ۽ توهان گهر ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو هيو. خاص طور تي اهم موقعن تي اوهان جي موجودگي بنھہ ضرور سمجهي ويندي هئي. اوهان ڪنھن بہ سلسلي جي شروع ڪرڻ کان وٺي ان جي توڙ تائين نڀائڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هئا. جيجي.... اسان تي جڏهن اداسين جا پاڇا گھرا ٿي ويا هئا تہ اوهان هر عذر خواهيءَ ۾، حوصلو ڏيڻ ۾ اسان جي همٿ وڌائڻ ۾ سدائين اڳ اڳرا رهيا. گهر جا ڀاتي، هڪ هڪ ٿي رخصت ٿيندا رهيا ۽ اوهان هر واري، پٺيءَ تي هٿ رکيل نظر آيا. پوءِ ڀلي توهان ٻاهر ڇو نہ ويل هجو. واپسي ٿئي تہ بہ ياد رهندو هيو تہ محمود، وٽ ضرور وڃڻو آهي.
توهان جي ذاتي ڪردار ۾ بہ عجيب وقار هوندو هيو، محفلن ۾، هزارن جي وچ ۾ اوهان يگانو انداز رکندڙ وجود هئيو. عام ڳائڻي وارو انداز اوهان ۾ نظر نہ ايندو هيو. پنھنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، هڪ باوقار وجود، محفل ۾ پنھنجي واري جو منتظر هوندو هيو. براڊڪاسٽنگ جي حوالي سان اوهان ڏاڍو محتاط هوندا هئا. ياد اچي ٿو تہ جنھن بہ محفل جي ميزباني منھنجي حوالي هوندي هئي تہ توهان اهو واحد فنڪار هوندا هئو، جيڪي پڇي وٺندا هيئو تہ مون وٽ پرفارمنس لاءِ ڪيترو وقت آهي. ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيو تہ توهان پنھنجي فارمنس کي اينگهايو هجي يا ڪنھن ٻئي فنڪار جو وقت ”کاڌو“ هجي. پنھنجي واري ۽ پنھنجي وقت جو اوهان هميشہ خيال رکيو. جيڪو فني سفر جي اٺاويھن سالن ۾، مون کي اوهان کان سواءِ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو آهي.
صداڪاري ۽ گلوڪاريءَ کان سواءِ، اداڪاري جي ميدان ۾ بہ اوهان ذري پرزي لاءِ پريشان رهندا هئا. مون کي ياد آهي، پنھنجي سيريل ”عشق آتش“ لاءِ ڪردار نگاريءَ جي هر رخ لاءِ، مون کي الاءِ ڪيترائي ڪلاڪ اوهان کي بريف ڪرڻو پيو هيو. اوهان عجيب عجيب سوال پڇيا هئا ۽ جيستائين مطمئن نہ ٿيا هئيو ايستائين هانہ ڪئي هيو. اها ٻي ڳالھہ آهي جو اوچتو لنڊن وڃڻ جي ڪري، اهو ڪردار عظميٰ گيلانيءَ کان ڪرايو ويو. پر اوهان جو هوم ورڪ، سوچ ۽ فڪر، ڄڻ ان ڪردار کي اوهان لاءِ ئي رکيو هيو. ڪالھوڪا نوجوان ”سپر اسٽار“ جيڪو ڪم اڌ ڪلاڪ ۾ ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ اوهان الاءِ ڪيترا مھينا سوچ ڪئي هئي.
اوهان جو ملڻ ڪيترو نہ سٺو هوندو هيو، جيجي.... اها وسيع مرڪ، اهو نرم ڇھاءُ، اهو مڌ ڀريل لھجو.... سچي ٿو چوان، اياز تہ نالي ۾ اوهان جو پٽ آهي، اسان کي نہ ٿو لڳي تہ اوهان هن سان ڳالھائڻ ۾، يا اسان سان ڳالھائڻ ۾، ڪڏهن بہ ڪو بہ فرق رکيو هجي. سڀني ٻچن سان محبت اهو سلوڪ اوهان کي الاءِ ڪھڙي جاءِ تي ويھاري ويو آهي.
اوهان کي جيترا ڀيرا بہ انٽرويو ڪيم، ڪونہ ڪو نئون رخ ضرور هٿ آيو، انسانيت، محبت، جفاڪشي، محنت ۽ مستقل اعتبار اوهان جي حياتيءَ جا اصول هيا. جن تي اوهان ڪڏهن بہ ڪوبہ ڪمپرو مائيز ڪونہ ڪيو، ائين بہ ٿيو تہ ڪيترن موقعن تي لڙڪ اسان ٻنھي جي اکين مان بي اختيار نڪري آيا هوندا، پر تڏهن بہ اهو فخر ئي رهيو تہ ڪابہ ويساھہ گهاتي، ڪو ڌوڪو، دولاب، ڄاڻي واڻي ڪنھن جي بہ نصيب ۾ اوهان جي ڪري ڪونہ آيو هوندو.
اڄ موڪلائڻ جي هن سمئي ۾ امڙ، رڳو ائين ناهي تہ ماڻھو ڪو خوبين ئي خوبين جو مجموعو آهي، پر ڳالھہ اها آهي تہ جنھن جو نالو ئي جيجل هجي، ان ۾ ڪھڙو نقص نظر اچي سگهي ٿو، جنھن جي پيار کي ايتري طاقت هجي جو حياتيءَ جا زخم ڀري ڇڏي. جنھن جو پاڇو شفقت هجي ۽ نگاھہ مھر، ان ۾ ڇا غلط نظر ايندو. هڪ ماءُ، ليکڪا، شاعرہ، فنڪارا، سماجي ڪارڪن ۽ سرواڻ... زندگيءَ ۾ يقينن ڪنھن موڙ تي ڪي غلطيون بہ ڪيون هونديون پر جي دل تي هٿ رکي ڏسجي، تہ ڪنھن کي پنھنجي ماءُ پياري نہ هوندي آهي. اسان جي ٻاجهہ ڀريل جيجي بہ اسان لاءِ ائين ئي هئي ۽ آهي. 1426ھہ جي رمضان المبارڪ جي 21 هين ڏينھن، اسان جيجي کي سنڌ جي سرزمين جي حوالي ڪيو آهي. خوشبوءِ، خوشبوءِ کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. محبتن جي وڻ جا ڏار ڪجهہ دير لاءِ چوڙيون ڀڃائي ويٺا آهن. پر يقين آهي تہ ڪٿي بہ، ڪڏهن بہ جڏهن ان آواز جي صدا گونجندي تہ انھن ڏارن تي اهي گئونچ موٽي ايندا.
اوهان کي، هڪ نئين سفر تي، هي نالائق ساگرد، اوهان جا ”ٻچا“ سلام عقيدت پيش ڪن ٿا، جيجي... ۽ يقين ڄاڻو، هاڻي شايد پنھنجي حياتين جي آخري گهڙين تائين کين ڪنھن کي بہ، جيجي چوڻ جو اهو ”ساءُ“ نصيب نہ ٿيندو، جيڪو توهان کي سڏڻ سان ملندو هيو. مولاءِ ڪل جل شانہ اوهان جي مرقد کي آسودو رکي. آمين.

ڇپيل: 27 آڪٽوبر 2005ع