سمجهين ٿو... نٿو سمجهين..! (شاعر: آثم ناٿن شاهي)
سندن ڳالھہ ٻڌي هانءُ مُٺ ۾ اچي ويو هو، ڇاڪاڻ تہ اها خبر نہ هئي تہ هي باڪمال شاعر، ان مرض جي ڀاڪر کان پاڻ ڇڏائي نٿو سگهي، لاعملي، دنيا جي عجيب ترين عملن مان هڪ آهي، پر بھرحال آهي تہ سھي، مون کي ذاتي طور تي خبر نہ هئي تہ آثم صاحب ايترا بيمار آهن... مان تہ سندس هڪ عام مداح جيان، هنن جون سٽون جهونگاري، دعائن ۾ ياد ڪندو هئس... مون کي ڇا ڄاڻ هئي تہ وقت جي پل هيٺان ايترو وهڪرو گذري ويو آهي. هونئن اسان وٽ عزيزانِ من، دوستن سان ملڻ سولو هوندو آهي، عھدن سان ملڻ ڪنھن عذاب کان گهٽ ناهي هوندو. ڪنھن جي سماجي رتبي جي ڄاڻ پوي تہ ڪنڊ ۾ ئي خيرو عافيت محسوس ٿيندي آهي. اعجاز سان، حياتيءَ جا الاءِ ڪيترا خوبصورت پل گڏ گهاريا آهن... پاڙي ۾ گڏ رهيا آهيون، پر الاءِ ڇو، ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سان ملندي ساھہ منجهندو آهي. هوڏانھن مھربانن جو زور وڌي ويو هو. همٿون ميڙي، اعجاز جي آفيس پھتس. آثم ناٿن شاهيءَ جي ڪتاب جو ذڪر ڪيم، اعجاز هڪدم واعدو ڪيو تہ پندرنھن ڏينھن ۾ اهو ڪم ٿي ويندو... سڀ ڄاڻن ٿا تہ اهي ڪم ڪيترا تاخيري حربا استعمال ڪن ٿا. هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڪم هليو، پندرنھن ڏينھن جا پنج هفتا لڳي ويا، اعجاز جي گهريل مھلت وڌي وئي، آثم صاحب جي لاءِ نہ ملي سگهي، نتيجي طور اسين سڀ بشرط حيات ’ڇلڪيان نيڻ ڪٽورا...‘ ڏسي سگهون ٿا صاحب خيال، ايئن نہ ٿو ڪري سگهي، پنھنجي هن ڪتاب جي عنوان جيان، هو آليون اکيون ڇڏي رخصت ٿي چڪو آهي، انا ﷲ و اناﷲ راجعون.
شايد 93ع جي آخري هئي يا 94ع جي ابتدا... مان تنھن زماني ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي هڪ ميزبان ٿيڻ جي جدوجھد ۾ لڳل هئس. ابتدا محترم هارون رند صاحب جن هڪ مئگزين پروگرام ”سنڌ ميگ“ سان ڪرائي هئي. ان زماني ۾ خيال گل رنگ هوندا هئا ۽ منزلون الاهي پري... هارون صاحب روز نوان تجربا ڪرڻ جو عادي هو. اوچتو خيال اچي ويس تہ ”سنڌ ميگ“ ۾ هڪ مشاعرو بہ ڪرائجي. هاڻي اتي اهو بہ يڪ مُشت فيصلو ڪيو ويو تہ ميزباني ريگيولر ميزبان، محمود مغل ئي ڪندو. ﷲ جي قدرت... مشاعري ۾ هجن ڪير ڪير.... شمشير الحيدري صاحب، مرزا اعجاز بيگ صاحب، سائين علي محمد مجروح صاحب، محترم مظفر حسين جوش، سائين سائل آزاد، سائين اصغر هالو ۽ آثم ناٿن شاهي صاحب.... مٿان وري انھن مڙني شاعرن مان ٽي تہ ڄڻ نجاپِجا ميزبان هوندا هئا. شمشير سائين ادا اعجاز ۽ سائين سائل.... اتي هڪ وات ڳاڙهي نوجوان جي دال ڪٿان ٿي ڳري سگهي؟.... جند ڇڏائڻ، جي ڪيم تہ هارون صاحب فرمايو، ”تون بہ تہ شاعر آهين، ناهين ڇا؟... ليکڪ آهين... شاعري ڪرين ٿو.... ميزباني ڪري سگهين ٿو ۽ هونئن بہ ريگيولر ميزبان آهين... ڇو نہ ڪندين؟.... زندگيءَ ۾ ڪي ڪي سماعتون ڏاڍيون مھربان لڳنديون آهن. خاص طور تي ان مھل، جڏهن ڪنھن بہ ڪم لاءِ مڪمل تياريءَ نہ هجي، شاعري مون ڪئي تہ ضرور آهي، پر ان جو اظھار مون تمام گهٽ ڪيو هوندو، هاڻي هتي ”خطرناڪ وجودن جي وچ ۾ ونھي ابتدا جو گهنڊ وڄائڻو هو. ياد اچيم ٿو تہ مون مِڻ مِڻ ڪندي هارون صاحب سان انڪار ڪيو هو. هو صاحب بگڙجي ويو هو. ان مھل آفيس ۾، هڪ ٻيو مھمان بہ ويٺل هو. جنھن سان منھنجي واقفيت ڪانہ هئي، منھنجي ان طور طريقي ۽ هارون صاحب جي انداز کي ڏسندي هن دخل اندازي ڪندي چيو هو، ”توهان ڪري سگهو ٿا بابا.... ڇو نہ ٿا ڪري سگهو.“ مرڪندي چيو هئائين، ”سمجهين ٿو نہ ٿو سمجهين.“ سندن اظھار عجيب لڳو هو، هو دنيادار ماڻھو هو، سمجهي ويو هو تہ هي ڇوڪرو جي اڄ انڪار جي ور چڙهي ويو تہ وري ڪڏهن اقرار جي رستي تي سفر نہ ڪري سگهندو. هڪ ريگيولر ميزبان انڪار ڪري تہ الاءِ ڪيترا دروازا بند ٿي ويندا آهن. هن محبت سان سمجهايو هو... مون منجهہ اعتماد موٽيو هو. سيٽ تي تياري ڪري پھتو هئس ۽ جنھن مھل غور ڪيم تہ مھمان محترم، گهڙن شيشن وارو چشمو لڳايو، نگاهن وسيلي مرڪي رهيو هو. نيازمندين کان پوءِ هڪ گوشي ۾ ويھي ڪنايم، مجروح صاحب کيس آثم سڏي رهيا هئا.
ياد اچي ٿو تہ ان مشاعري ۾ هنن ٻيا تہ الائي ڪيترا خيال پيش ڪيا هئا، پر هڪ رنگ زماني شناسيءَ جي حوالي سان، هن مون ڏانھن نھاري پڙهيو هو.
مان تنھنجو ڪوي آهيان،
سمجهين ٿو.... نہ ٿو سمجهين... ڀانئيان تہ نہ ٿو سمجهين،
مون گيت لکي تو لاءِ، ساڀيان آ ڏني توکي، سپنن کان ڇني توکي،
ڪيئن توکي ڀڃان ڊاهيان،
سمجهين ٿو نہ ٿو سمجهين... ڀانئيان تہ نہ ٿو سمجهين..
مشاعري ۾ ڪامياب ميزبانيءَ جي خاتمي تي ڪلھو ٺپيندي هنن چيو هو، ”سمجهين ٿو نہ ٿو سمجهين.“ ۽ مون ادب مان ڪنڌ جهڪايو هو تہ هڪ استاد جي سمجهاڻي پلئہ پئجي چڪي هئي.
اهو واقعو ڀلي، وقت جي وٽ ۾ ننڍڙو لڳندو هجي عزيزان علم و هنر.... پر ميزبانيءَ جي هنن ساندھہ چوڏنھن سالن ۽ سنڌي ادبي کيتر جي انيڪ ”هيرن جواهرن“ سان ملاقات جو شرف هن خادم کي مليو آهي، پر ڪنھن هڪڙي بہ ”اڳيان ڌڪڻ“ واري ان سلوب جو مظاهرو ناهي ڪيو، جيڪو صرف هڪ ملاقات ۾ آثم صاحب پنھنجي منفرد انداز ۾ ڪري ويو ۽ هونئن بہ، محترم آثم ناٿن شاهيءَ جي لکڻ جو انداز ۽ خيال جي سوچ هڪدم منفرد هوندا هئا. اسان جو امليو اهو رهيو آهي تہ اسان ور ور ڪري مظھر الاسلام ۽ گلزار جا ڍڪ تہ ڀري سگهون ٿا، پر پنھنجي مٽيءَ ڄائي ڪنھن وجود جو ڪو اجرو ڪم بہ اسان کي نظر نہ ٿو اچي. تڏهن تہ دور جديد جي ڪنھن ٻالڪ کان پڇندئو تہ فر فر ڪا لائين ٻين جي ٻڌائيندو، آثم جي شايد سٽ بہ ياد نہ هجيس:
نيٺ تہ اڄ هو نيڻ نماڻا مرڪي پيا
ورهين کان پوءِ خواب اياڻا مرڪي پيا
چانئٺ تان ڪنھن چنڊ لياڪو پاتو؟
ڳوڙهن هاڻا هنڌ وهاڻا مرڪي پيا
ڀرسان لنگهندي رهڙ اچي وئي چوڙيءَ جي
ڪنڌ ورائي گهاءَ پراڻا مرڪي پيا
ڇڄ ڀري هوءَ بيھڻ آئي جانڊھہ تي
گوريءَ لپ ۾ ٻاجهر داڻا مرڪي پيا
آثم صاحب جي خيال جي ندرت ۽ پيشڪاريءَ جو انداز، کيس بنا ڪنھن سڪ شبھي جي سرموڙ شاعرن ۾ آڻي بيھاري ٿو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ شايد گوشہ نشين طبيعت جي ڪري يا وري ”تعلقات عامہ“ جي کوٽ جي ڪري هن اها پذيرائي نہ ماڻي هئي، جيڪا خوبصورت ڪتاب ڇپرائي ۽ عظيم الشان دعوتون ڪوٺائي، شاعر حضرات ڪرائي ٿا سگهن، پر اتي، غير جانبدار ٿي اهو تہ سوچڻو ئي پوي ٿو تہ ڀلي ڪنھن غير مناسب هنڌ تي هجي ۽ تاج ۾ نہ هجي، پر هيرو تہ دراصل هيرو ئي ٿئي ٿو.
هن ڳوٺ مان جو گهر جو اچانڪ ڊهي ويو
تنھن ۾ بہ هڪ حسين هو شايد رهي ويو
سڏڪا چئي ۾ هئا، سي نڙيءَ ۾ ئي رهجي ويا
هي بي چيو هو لڙڪ، سو اک مان وهي ويو
هڪ ٻي کان ڏور، ڪيترو ٻن کي رکيو انا
هن ڏي ئي نہ هو آيو، نہ ئي هن ڏي هي ويو
آثم ايئن تہ ڪک بہ نہ سھندو هو ڪنھن جو پر
تو لاءِ گهاوَ دل تي هزارين سھي ويو
شاعريءَ جي سونھن لاءِ گهاوَ سھندڙ آثم، بھرحال ٽيون ڏينھن، سوچ جي زخمن جا تاب نہ سھي، موڪلائي ويو ۽ هاڻي لياريءَ جي ميوا شاھہ قبرستان ۾ آرامي آهي. سندس ڪمزور هڏ، اجگر جيڏي بيماري سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ سندس ذهن، پاڻ کان گهٽ شاعرن جي ”دلفريب مقام“ جي مسند کي حيرتن سان ڏسندو رهيو. الاءِ ڇو اهو سڀ ڏسي دل چوندي هئي تہ کيس عرض ڪجي... قبلا.... سمجهين ٿو نہ ٿو سمجهين.... ڀانئيان تہ نہ ٿو سمجهين.
پنھنجي حياتيءَ ۾ آخري مجموعي ”ڇا چيس آئيني“ ۾ سندس سوچ تہ ڏسو.
پھرين آيس چپن تي هلڪي مرڪ
پوءِ ٿڌو ساھہ ڀي ڀريو هو هن
ڇا چيس آئيني، خبر ناهي...
اعجاز منگيءَ چيو پئي تہ ”ادبي بورڊ ۽ آيل مسودي جو نالو هيو، ”ٽٻڪن مان ٽانڊاڻا...“ اسان ان کي بدلائي رکيو.... ”ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا...“ ڪھڙي خبر هئي تہ اهو عنوان واقعي بہ اهڙو ثابت ٿيندو، جو سڀني جا نيڻ ڇلڪي اٿندا.
ضروري ناهي تہ هي درد سڀني کي محسوس ٿئي. الاءِ ڪيترن وجود کي، هي بہ هڪ عام شاعر جو موت لڳي سگهي ٿو... پر جي ڌڻيءَ کي حاضر ناظر ڄاڻجي... ۽ غير جانبدار انداز ۾ ڪم جي ڪٿ ڪجي تہ جتي اوهان خيال جي قدرت ۽ ٻين ”آئڪونز“ کي جيئري خراج عقيدت ڏيو ٿا، اهڙي ڀيٽا اسان جو هي شاعر، اوهان وٽان رخصت ٿيڻ کان پوءِ، وٺڻ جو پورو حقدار آهي. هڪ مرده پرست معاشري جي حيثيت ۾ اسان اڳ ۾ بہ ائين ڪندا آيا آهيون. هلو هڪ دفعو وري بہ ڪري وٺون، مولاءِ ڪل جل شانہ کيس آسودو مرقد عطا ڪري.... آمين.
ڇپيل: 8 آڪٽوبر 2006ع