شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

شاھہ ڪاريگر (براڊڪاسٽر: سڪندر بلوچ)

مرحوم سڪندر بلوچ صاحب ’شاھہ ڪاريگر‘ هيو. پروردگار جھڙي صورت ۽ هاٺي ڪاٺي سھڻي عنايت ڪئي هئس، اهڙو ئي سندس ’لب و لھجو‘ هوندو هيو. سماعتن جي جھان ۾ آواز جي حڪمراني هجي ٿي، جتي ڪَن هجڻ لازم آهي، اتي وري آواز جو جادو بہ پنھنجي جاءِ تي خاص ترين حيثيت رکي ٿو. مٺڙو رب جل شانہ آواز جي عنايت ڪري ٿو، اندر جو مفهوم لفظ عنايت ڪن ٿا، اظھارين ٿا، هاڻي ان صورتحال ۾ آواز جي سونھن ۽ مٿان وري خوبصورت ’گفتگو‘ جو سون تي سھاڳو، تمام گهٽ ماڻھن کي نصيب ٿئي ٿو، ائين بہ ڏٺو ويو آهي تہ آواز تہ عنايت ٿيل آهي، لھجي ۾ مٺاڻ غائب آهي، شيرينيءَ جي دڪان تي، ڄڻ ڪو ضيابطيس جو مريض ويٺل هجي، جنھن جو ڪنھن بہ مٺاڻ سان ڪو بہ تعلق نہ هجي، بلڪہ اهو وڌيڪ اهم آهي تہ اهو مٺاڻ هن لاءِ ’زهرِ قاتل‘ هجي. اندر ۾ فرعونيت اوتجي تہ لب و لھجو مٺو هجڻ جي ڪا گنجائش نہ ٿي نڪري ۽ جي اندر ۾ ’حلواڻ‘ هجي، تہ آواز پاڻ ڇڪائي ٿو، لھجو پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿو، ماڻھو سماعتن کي نہ ٿو جهڪائي، پاڻ جهڪي پوي ٿو.
پنھنجي سائين بلوچ صاحب جي سامھون اسين سڀ بہ ائين ئي هوندا هئاسين، خوش پوش، خوش اندام، سگريٽ جي دونھين کي، پنھنجي سھڻي لباس ۾ اوتيل، سڪندر بلوچ صاحب، براڊ ڪاسٽر گهٽ ڪو فلاسافر وڌيڪ لڳندو هيو، هٿن ۾ سدائين ڪو نہ ڪو ڪاغذ ضرور هوندو هئس، تقريبن پنجويھہ سال تہ مون بہ سندس ڪڏهن نہ ڪڏهن ڪٿي نہ ڪٿي ”ديدار“ ضرور ڪيو. اسين ننڍڙا ڪارڪن پنھنجي وڏڙن کان الاءِ ڇو پري پري هوندا آهيون ”حفظِ مراتب“ ذهن ۾ هجي تہ ويجهڙائپ جو ڪو بہ جهوٽو روح کي ڇھي ڪو نہ سگهندو آهي. الاءِ اهو اسان جي وڏڙن جو، استادن جو يا مٽن مائٽن جو ”تربيت نامو“ آهي، الاءِ ڇا جو ڪڏهن بہ ”فري“ ڪو نہ ٿي سگهندا آهيون. استاد محترم نصير مرزا سان بہ هڪ ”حُجَ“ آهي، تڏهن گاڏو پيو ڌڪجي، باقي ريڊيو جا ايس ڊي هجن يا پي ايم، يا ڊائريڪٽر، پنھنجو مڙئي ساھہ پيو نڪرندو آهي، هاڻي ان سڄي صورتحال ۾ هڪ ”برڙ باڪاس“ وجود سان، اسان جھڙن جو ڇا ڏيڻ وٺڻ.... اسان لاءِ تہ محترم عنايت بلوچ، سائين امداد خواجہ، آغا سليم، سائين ﷲ بخش شاھہ بخاري، سائين الياس عشقي، ٻيا سڀ ايس ڊيز جي سلام جو جواب ڏيندا هئا تہ بہ عيد ٿي ويندي هئي، اها تہ سڪندر بلوچ صاحب جي عنايت هئي جو کڻي ڀاڪر ۾ ڀريندو هو. هاڻي ائين ڪو ناهي تہ ٻيا سڀ رخ ڦيري ملندا هجن، پر يا تہ ائين هو جو ان زماني ۾ ”پتڪڙائپ“ ڪجهہ گهڻي هئي يا سندن عھدي جو اهو تقاضہ هوندو هيو، سواءِ عنايت بلوچ صاحب جي، جنھن جي مک تي سدائين مرڪ هوندي هئي. بلوچن ۾ شايد محبت جي ڪٿ ڪجهہ گهڻي ئي آهي ۽ ان لاءِ هتي انھن ٻن بلوچن جو حوالو ئي ڪافي آهي. سڪندر بلوچ صاحب کي مون سدائين مضطرب محسوس ڪيو، ڪجهہ ڪرڻ جي سوچ، سندس اندر ۾ اوتيل هئي، بلڪہ هو ان سان ڄڻ ٽمٽار وجود هيو، ڳالھائيندي ڳالھائيندي سندس نگاھہ، ڪنھن پولار ۾ هلي ويندي هئي ۽ هو ڄڻ پنھنجو پاڻ کي ميڙڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو، پرفارمنگ آرٽ سان سندس جيءَ جي جڙي هئي، کيس اداڪاري ۽ صداڪاريءَ جو شعور هيو ۽ آواز جي زير و بم ۽ لفظن جي اچار تي کيس مَلڪو حاصل هوندو هيو، اسان جي سينيئرز ۾. الاءِ ڪيترا وڏا صاحب هئا، جيڪي پاڻ پرفارمر نہ هئا، اهي صرف صاحب هوندا هئا ۽ اداري کي ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان هلائيندا هئا، پر سڪندر بلوچ صاحب ڇاڪاڻ تہ پاڻ بہ پرفارمر هئو، تنھن ڪري سندس انداز ٻين کان يگانو هو.
1985ع جي آخر ۾ نصير مرزا صاحب جي مھر سان حياتيءَ جي ڪاروهنوار جي ڪا صورت جڙي هئي، مان، شبنم گل، رميش ڪمار ۽ بخشڻ مھراڻوي آواز جي لھرن جي ڌاڳن سان ٻڌجا هئاسين، ٻين سڀني جي لاءِ مان ڇا عرض ڪيان، منھنجي پوزيشن بھرحال مون کي ئي عجيب لڳندي هئي، هر وقت اهو ڊپ رهندو هيو تہ ڄاڻ ڪڍيائون نوڪريءَ مان. نوڪري ڇا هئي، ڪمپيئرنگ هئي، جنھن جا في پروگرام پنجٽيھہ رپيا ملندا هئا، پنجن بڪنگز جي صورت ۾ پوڻا ٻہ سئو رپيا مھينو اسان لاءِ شھنشاهي نوڪري هوندي هئي، هاڻي اهي بہ جي ڦرجي وڃن تہ مزو ڪٿان ٿئي ها...ڀلو ڀل جو ڇيھہ هيو ۽ اسين هئاسين ’الھہ جا ماڙهو‘ بھرحال نصير صاحب ڏاڍي ڪوشش ڪندو هيو تہ هي ’وات ڳاڙهو‘ ڪجهہ سکي پوي، مون بہ وسائون نہ گهٽايو، پر بھرحال براڊ ڪاسٽر ٿيڻ لاءِ بہ ’اعتماد جو دم‘ گهرجي ٿو، جنھن لاءِ مستقل ڪوششون ڪندو رهندو هئس.
1986ع جي ڪا شام هئي، محرم الحرام جي ڏهين تاريخ هئي، ’سرهي سانجهہ‘ ۾ منھنجي ڊيوٽي هئي، شام جو ستين وڳي کان اٺين وڳي تائين اهو پروگرام سنئون سڌو پيش ڪرڻو هيو، جنھن ۾ ساڍي ستين وڳي اردوءَ ۽ سنڌيءَ جون خبرون بہ شامل هيون، هاڻي اسان کي بہ نئون نئون جوش هيو، مٿان وري ان ڏينھن سواريءَ جي کوٽ بہ هوندي آهي، سو مان، شام جو پنجين وڳي ئي موٽر سائيڪل تي اسٽوڊيو پھچي ويس، هاڻي رڳو ماٺ هجي ۽ پروگرام ۾ ٻن ڪلاڪن جي وٿي...خبر پيم تہ اندر سڪندر بلوچ صاحب، تحت اللفظ پيش ڪري رهيو آهي، همٿ پڪڙي اندر هليو ويس، اجازت ورتم ۽ ڪنڊ کان ويھي رهيس، ڇا تہ ادائگي هئي، لفظ لفظ ڪنن ۾ ٻري رهيو هيو، سائينءَ ڪو ويھہ منٽ تحت اللفظ ادا ڪيو، رخصت ٿيا تہ موڪلائيندي چيائون ”گڊ لڪ...ينگ مئن...ايني پرابلم؟“ هاڻي منھنجو سٽاءُ بلڪل سادو هو، اسڪرپٽ هيو ۽ ائٽم هيا، اسڪرپٽ مناسب هو، ائٽم وقت کان اضافي هئا، جنھن جي ڪري ڪا بہ پريشاني ڪا نہ هئي..عرض ڪيم ”نو سر...“ اضافي ائٽم جو مطلب اهو هيو تہ جي وقت بچي پيو تہ ائٽم هلي ويندو، هن ۾ اهم ترين ڳالھہ اها هئي تہ ترتيب ۾ جهول نہ اچي، نوحو، سلام، مطلب، جيڪي ڪجهہ پيش ٿئي سو باترتيب هجي، بلوچ صاحب هڪ نگاھہ سٽاءُ تي وڌي ۽ هليا ويا. هاڻي مون وٽ، ست لڳي ويھن منٽن کان ساڍي ستين جي علاقائي خبرن تائين، علڻ فقير جي آواز ۽ ڪيڏاري جا بيت هئا!...مون پروگرام شروع ڪيو، ست لڳي ويھن منٽن تي بيت هلايا..قدرت سان، انھن جي وچ ۾ ماٺ جو دورانيو ڪجهہ وڌيڪ هيو، ٻہ بيت هليا، وچ ۾ ماٺ ٿي تہ منھنجي انجنيئر دوست، ٽئپ ڏانھن نھاريو، شيشي جي پريان کان مون تان نگاھہ هٽائي ۽ لائين اِن ڪري ٽيپ لاهي ڇڏيائين. اٺ منٽ وچ ۾ هئا ۽ هن صاحب ٽئپ لاٿي، سگريٽ ٻاريو ۽ روانو ٿي ويو.
اها سرد شام مان بلڪل نہ ٿو وساري سگهان، اڪيلو اسٽوڊيو، لائيو پروگرام، نئون ميزبان، وڏو ڏينھن ۽ حساس ترين موضوع...ڌڻيءَ جي قدرت ڏسو...ٻہ ڪلاڪ پھرين اسٽوڊيوز ۾ گونجيل سڪندر بلوچ صاحب جو آواز ڄڻ وري موٽي آيو، مون اهو سڀ ڳالھائڻ شروع ڪيو، جيڪي بلوچ صاحب جي آواز جي سونھن هئي، ڌڻيءَ جي مھر ڏسو، اٺ ئي منٽ پورا ٿي ويا، خبرن پڙهڻ لاءِ آپا زينت بروهي ۽ خالد لطيف اچي ويا ۽ منھنجو پگهريل وجود ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويا. اهو ڏينھن ۽ اڄوڪو ڏينھن...پنھنجي والدين ۽ استادن جي دعا سان، جي اهو چيو وڃي ٿو تہ ”محمود مائڪروفون تي ساندھہ بنان ڪنھن ڪاغذ جي مدد سان ڳالھائي سگهي ٿو...“ تہ سچ تہ اهو اٿوَ تہ اهو حوصلو، ان مھڪندڙ مرڪندڙ آواز جو آهي، جيڪو منھنجي آخري ساھہ تائين منھنجي ڪنن ۾ ٻرڪندو رهندو.
محترم سائين... پنھنجي ماتحتن، پنھنجي ڪارڪنن ۽ اسان جھڙن عام رواجي وجودن تي اوهان جيڪا محبت ۽ سکيا جي مھر ڪئي، ان جا ٿورا تہ اسين نہ ٿا ادا ڪري سگهون، پر بھرحال اهي ڳائي ضرور سگهون ٿا. اهو حسن ڪارڪردگيءَ لاءِ ڪنھن جي ڪاغذن کي ترت موڪلڻ جو معاملو هجي يا نائب قاصد جي ڪنھن ذاتي مجبوريءَ جي مدد... اوهان جيڪي ڪجهہ ڪيو، تنھن جا ڀاڙا اوهان کي رب مٺڙو عنايت ڪندو آمين.
وطن عزيز جي سماعتن ۽ خاص طور تي حيدرآباد جي هوائن، هڪ بي انتھا پڙهيل لکيل، مھذب ۽ بااصول عملدار ۽ آواز کان موڪلايو آهي، جنھن کي شھر جي جوت جي خبر هئي تہ ڳوٺ جي لوڪ رنگ جي بہ...جتي هو ٿري پيس پھريندو هيو ۽ فلمي اداڪار جيان ڏيک ڏيندو هيو، اتي سندس ڳوٺاڻو روپ بہ ڪنھن کان وسري ڪين سگهندو...آواز جا سڪندر گهٽ هوندا آهن ۽ سڪندر بلوچ تہ ماڳھين ورلي پيدا ٿيندا آهن.
ٽنڊي آغا ۾ آواز جو اهو شاھہ ڪاريگر ستل آهي، سيد صالح محمد شاھہ کان علم و ادب جي ڄاڻ جي حوالي سان اسان لاءِ هي ٻيو وڏو سانحو آهي...حيدرآباد جي هوا، سماعتن جي ان درد کان بخوبي واقف آهي. ڇا اختيار جي صاحبن وٽ بہ ڪو اهڙو نسخو آهي، جو هڪ غريب سڪندر، ڪنھن اهڙي اعزاز کي ”بعد از مرگ“ حاصل ڪري، جيڪو کيس دراصل پنھنجي حياتي ۾ ئي ملڻ گهرجي ها.

ڇپيل: آچر 21 فيبروري 2010ع