جِي ها... جي نہ (ڪمپيئر: آفتاب احمد چنا)
نٿو ڄاڻان تہ مھتاب چنا آپا، اهو نياپو ڪيئن ڪمپوز ڪيو هوندو... پنھنجي لائقِ صد محبت، پنھنجي خوبصورت، خوبرو ڪردار جي مالڪ، اڪيلي ڀاءُ لاءِ هي سٽون لکندي، اسان جي گلاب جي ڪليءَ جھڙي هن ڀيڻ دل کي هٿن ۾ وٺي الاءِ ڪيترا ڀيرا سوچيو هوندو.
”گذريل رات منھنجو ڀاءُ آفتاب احمد چنا، لاڏاڻو ڪري ويو، هو عمري ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ مديني ۾ دل جي دوري جي ڪري دم ڏنائين، سندس لاءِ دعاءِ مغفرت ڪريو، ان کان وڌيڪ ڇا چڱو ٿي سگهي ٿو، تہ ﷲ پاڪ کيس ايڏي حسين جاءِ تي گهرائي ورتو، دعا ڪجوس، ڌڻي کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. آمين.“
صبح صادق هو، پکين داڻو چڳيو پئي، عبادت جو سمو هو ۽ آپا جي تحرير هانءُ مٺ ۾ ڪري ورتو هو. اهو صرف ائين نہ هئو تہ ڪو اسان پاڻ ۾ بيحد قريب آهيون… آپا اسان لاءِ ڇپر ڇانءُ رهي آهي، ادا اڪبر راشدي اسان جي همراھہ رهيو آهي، هر خوشي هر غم ۾، پر اهو ائين بہ تہ آهي تہ ويندڙ، پاڻ بہ تہ، پنھنجي ذات ۾ گهڻو ڪجهہ هئو. هو خالي آپا عزيز، آپا سڪينہ، آپا مھر جو ڀاءُ نہ هئو، هو پاڻ بہ آفتاب هو.
70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن، هڪ خوبرو ميزبان جي مرڪ، ماڻھن تائين پھچائي هئي، ڀرپور چمڪندڙ اکين ۽ خوبصورت شهپرن هيٺ مرڪندڙ چپن جو موھہ رکندڙ ”آفتاب چنا“ ميزبانيءَ جي ميدان ۾ هڪ نئين سڳنڌ کڻي آيو هو، ذهني آزمائش جو پروگرام ”جي ها… جي نہ…“ سندس شروعاتي تعارف بڻيو ۽ پوءِ ائين بہ ٿيو تہ ڪجهہ عرصي گذارڻ کانپوءِ پاڻ، ان پروگرام لاءِ تعارف بڻجي ويو، سندس موھہ، سندس حاضري ٽيليويزن جي اسڪرين کي ڄڻ ڀري ڇڏيندي هئي. اهو زمانو ئي ڪو ”اور“ هئو، پاڪستان ٽيليويزن اڪيلو چينل هوندو هو ۽ ڏسندڙ، شروعاتي ”مور پنک“ کان وٺي قومي تراني ختم ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ جهرمر تي اک رکندا هئا. اسڪرين تي ماڻھو آيو ناهي ۽ شھرتن ڀاڪر ۾ ناهي ڀريو ۽ سو بہ اهڙو سھڻو سيبتو ۽ ٺاهوڪو جوان، نظرون ڀرجي ويون هيون. ”آفتاب چنا“ آفتاب بڻجي جرڪي ويو هو.
پوءِ وقت جي وهڪري کيس اڃا بہ اڳتي ڪري ڇڏيو. اها بہ سڌ پئي تہ هو مھتاب آپا جو ڀاءُ آهي، پوءِ تہ هر ڪنھن ئي اها سند ٺاهي ڇڏي تہ، ”بابا ايڏي وڏي گهراڻي جو فرد آهي، جنھن وٽ آواز ۽ انداز جي کوٽ ناهي، جي اهو همراھہ ايڏو خوبصورت ۽ سھڻو نہ ڳالھائيندو تہ ڪير ڳالھائيندو…!؟“ ۽ پوءِ واقعي بہ ائين ٿيو، ادا آفتاب جيترو عرصو بہ اهو پروگرام ڪيو، بي انتھا سيبتي نموني سان ڪيو، ان جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ثبوت ڏجي، جو سندس پروگرام ڇڏڻ کانپوءِ الاءِ ڪيتري عرصي تائين سندس لاءِ ماڻھن جي اڪير، وڌ کان وڌ هئي، اتي جي ائين چئجي تہ پاڻ پي ٽي ويءَ جي سنڌي پروگرامن جو پھريون ”حسين ميزبان“ هئو تہ ان ۾ بہ ڪو وڌاءُ ناهي.
هن گهر کي مالڪ مھربان، واھہ جو انداز ڏنو آهي، علم، ادب، درس، تدريس، پيشڪاري، ميزباني، ذهانت، حسن… جي ڏسو تعليم جو ميدان تہ هر ڪا ادي ماهر تعليم، جي ڏسون فنون لطيفہ، تہ بس، مھتاب آپا جي نالي کان وڌيڪ ڪھڙي سند ڪتب اچي سگهي ٿي، جي ڏسو، انتظامي امور، گهر جي سنڀال، چنا ڪٽنب جي زماني ۾ حيثيت جو خيال ۽ سڀني لاءِ محبتون ميڙي، کڻي هلڻ تہ سڀني ڀينرن ساڻ ادا آفتاب حاضر، ڌڻيءَ وڏا وڙ ڪيا. اجل جي راھہ تہ آهي ئي آهي، لازمن رخصت بہ ٿيڻو آهي، پر اهم ترين تہ اها سوچ بہ آهي تہ مالڪ ڪھڙي ڪرم نوازيءَ سان گهرائي ٿو ۽ اسان جي هن ڀاءُ کي مھربان رب پاڪ ڪھڙي نہ حسين جاءِ تي گهرائي، رخصتي نصيب ڪئي.
سال 1978ع هو شايد، ماڊل اسڪول جي هال ۾ پاڪستان ٽيليويزن پاران يا شايد ڪنھن ٻئي اداري پاران ”جي ها… جي نہ“ شو منعقد ڪيو ويو هو، ڪڇا ڪڇ ڀريل هال ۾ عجيب حالت هئي، هر ڪنھن جي اها خواهش هئي تہ هو مقابلي ۾ حصو وٺي ۽ ”آفتاب چنا“ سامھون تيزيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ”جي ها… جي نہ.“ ۾ سرسي حاصل ڪري، مقابلو هلندو رهيو هو ۽ اڳيان بہ ادا آفتاب هو، ڪمال خوبيءَ سان ناڪ آئوٽ ڪري ويندو هو. جواب ۾ تيزي ۽ بروقت موٽ سراسر شرط هئي، ۽ ان تيزيءَ ۾ گهاٽين مڇين هيٺان مرڪندڙ چپ، ڪمال ڪري رهيا هئا، الاءِ ڪيئن وقت مون کي بہ ڪلھن کان وٺي، سندس روبرو بيھاري ڇڏيو هو، مان تہ ازل ابد جو ڊڄڻو.. اتي ئي الاءِ ڪيئن پھتو هوس، سو بھرحال ٻن ٽن سوالن ۾ ئي ڍير ٿي ويو هئس، پنجٽيھہ سال گذري ويا، اها مرڪ، اهو نگاھہ جو دائرو لازوال ئي رهيو، جيتوڻيڪ هڪ ڏهاڪي کان مٿي سال ”پرک“ جي ميزباني ڪئي، پر ادا آفتاب ۽ سائين اسلم آزاد جا شروعاتي دور، سدائين بنيادي رهيا.
ادا آفتاب ان کانسواءِ بہ ڪئين پروگرام ٽيليويزن لاءِ ڪيا هئا، جن ۾ موسيقيءَ جا ڪجهہ پروگرام تہ خاص هئا، پر الاءِ ڇو، تمام جلدي هن، روشنين جي ان جھان کان منھن موڙي ورتو، هڪ پروفيشنل جي حيثيت سان مان سمجهي سگهان ٿو تہ اهو تہ دور ئي سندس هو ۽ هڪ سپر اسٽار جيان هو ميزبانيءَ جي ميدان ۾ ۽ خاص طور تي ٽيليويزن جي ميزبانيءَ ۾ وڏي جاءِ والاري ها... پر بھرحال هن اهو فيصلو سوچي سمجهي ئي ڪيو هوندو… ان دور جي ٽيليويزن ڏسندڙ سندن جاءِ جيءُ ۾ جوڙي ڇڏي. الاءِ ڪيترا ڀيرا هورا کورا ٿيندي هئي تہ پڇا ڪجي... ڇو نٿا وري ڪٿي ڪم ڪن پر پوءِ اهو سڀ ازل ابد جي ڪتاب ۾ ائين لکيو ئي ڪونہ هو، ڪجهہ ڀيرا پري کان سندن ديدار ٿيو پر بھرحال، اهو سڀ پڇڻ لاءِ همٿون نہ جڙي سگهيون. هن هفتي سندن جھان ڇڏڻ تي، الاءِ ڪيترا منظر وري سامھون اچي ويا آهن... سندن پيشڪاري، انداز، موھہ، سڀ ور ور ٿا ڪن، سڀ هلندا ٿا وڃن پر مرڪ فريز ٿي وئي آهي.
اڄ هڪ پراڻو قصو اوهان جي سامھون آهي، الاءِ ڪيترن کي اهو سڀ معلوم نہ هوندو تہ سيد ظفر حسن ۽ اسلم آزاد کان پھرين بہ ڪو معلوماتي پروگرام جو ميزبان هو، جيڪو هڪ وجيھہ، ذهين ۽ بااعتماد وجود هو.”جي ها... جي نہ...“ ۾ هر سوال جو جواب غلط ڏيڻو هوندو هو، مٿال طور ڪير بيٺو آهي ۽ ميزبان پڇي ٿو تہ ”اوهان بيٺا آهيو...؟“ تہ جواب ڏيڻ واري کي کٽڻ لاءِ چوڻو هوندو هو ”جي نہ...“ معنيٰ غلط اسٽيٽمينٽ ڏيڻي هوندي هئي، جيتوڻيڪ سچائي پنھنجي جاءِ تي ڪجهہ ٻي هوندي هئي، اڄ وڇوڙي جي هن موڙ تي وقت جو ميزبان سوال ٿو ڪري، ”آفتاب چنا رخصت ٿي ويو؟“
کَٽڻ لاءِ ورندي اچي ٿي، ”جي نہ...“
الاءِ ڇو کٽڻ کان پوءِ بہ ڳوڙها ڳڙي پون ٿا. پروردگار جل شانہ کيس بھتر کان بھتر جاءِ عنايت ڪري ۽ سندس پورهيو قبول ڪري (آمين).
ڇپيل: جمع 15 فيبروري 2013ع