استاد فيروز دين رخصت ٿيو (موسيقار: فيروز دين)
ڪراچيءَ جي ڪنھن قبرستان ۾ آرامي استاد جي آرام ڪرڻ ساڻ، ڪي بورڊ جي چاٻين جي بيچيني ۽ بي آرامي وڌي وئي آهي. اهي آڱريون جيڪي مٿن رقصان هونديون هيون، هاڻي ماٺ جي سفر جون مسافر آهن ٿيڻ تہ ائين گهرجي ها تہ هارمونيم بہ آرام محسوس ڪري ها ڇاڪاڻ تہ ان کي ڇيڙيندڙ، انھيءَ جي زلفن کي پريشان ڪندڙ استاد فيروز هاڻي ناهي رهيو، پر پنھنجو محبوب لمس وڇڙي وڃي تہ اداسيون تہ مقدر ئي هونديون آهن.
نائين تاريخ تي پرک جي رڪارڊنگ هئي، وچ وچ ۾ جڏهن گانا رڪارڊ ٿي رهيا هئا تہ اسان اسٽوڊيوز جي سائيڊ روم ۾ ويٺي ڪچھري ڪئي مان جاويد مير، قمرﷲ دتا ۽ استاد فيروز. اتي ئي ڳالھہ ڪئي هيائين تہ کيس ڏاڪڻ چڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. ساھہ ڀرجي ٿو اچي ۽ هو ساندھہ ٽي چار ڏاڪا نٿو چڙهي سگهي. قمر هڪدم رڙ ڪئي هئي ”استاد.... اها دل جي تڪليف آهي تون هل تہ ڪارڊيو گڏجي ٿا هلون....“ وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ مون ڏي اشارو ڪيو هيائين. ”ڊاڪٽر صاحب ويٺو آهي.... ان کان پڇينس...“
مون استاد کان ڪجهہ ضمني سوال ڪيا هئا ۽ هڪدم منھنجي دل ۾ بہ اهوئي خيال آيو هو تہ اهو دل جو معاملو آهي. مون بہ کيس چيڪ اپ لاءِ صلاحي ڏني. استاد کي واندڪائي ڪانہ هئي. اسان سڀني کيس زوريءَ صلاحيو تہ دير نہ ڪري ۽ چيڪ اپ ڪرائي اچي. هن ”ها“ ڪئي تہ اسان سڀني کي مايوس نہ ڪندو... ۽ هن ئي هفتي چيڪ اپ ڪرائيندو، ڪنھن کي ڪھڙي سڌ هئي تہ استاد فيروز دين جو هن هفتي هي فائنل چيڪ آئوٽ آهي. هن کان پوءِ هو پنھنجي دل کڻي دردن جي دنيا مان ئي روانو ٿي ويندو.
استاد فيروزالدين جو جنم 1944ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ”دودوري“ ۾ ٿيو هو. سندس والد محمد رحيم سمون، هڪ مشھور ملھہ هو. انھيءَ اسلامي سال جي ذوالحج جي اها اٺاويھين تاريخ هئي، استاد فيروز جو نمبر ٽيون ۽ هن کان وڏو هڪ ڀاءُ ۽ هڪ ڀيڻ هئا. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ورتي جتي ”تولا رام هاءِ اسڪول“ ۾ هن داخلا ورتي پر والد جي اوچتو وفات کيس لوڏي وڌو. مٿان وري والدہ جي هڪدم مرتئي، کيس چئن درجن کان پوءِ اسڪول ڇڏڻ جي مجبور ڪيو ۽ فڪر معاش جي حوالي سان هن پنجاب جو رخ رکيو. اتي هن هڪ ننڍڙي ڪرياني جو دڪان کوليو، جيڪو چار سال هليو، ۽ اهوئي دور هو جڏهن دڪان تي سيڌو وڪڻندي هن سرن سان راند رهڻ شروع ڪئي. اتي هن مشھور موسيقار ”فيروز نظاميءَ“ کان سکيا حاصل ڪئي ۽ مٿان وري روشن آرا بيگم جي ساٿ، هن کي ڄڻ ”ڪمال فن“ عطا ڪيو. هن ساندھہ ڏھہ سال، انھن املھہ ماڻڪن سان گذاريا.
1962ع ڌاري ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ هو ڪراچي موٽي آيو جتي ”ڪرين آپريٽر“ جي نوڪري ڪندي هن سرن سان محبت کي وڌيڪ شديد ڪيو.
64_1963ع ۾ هن ”آزاد آرٽ سرڪل“ نالي هڪ ڪلب کولي، پنجاب ۾ نظامي صاحب وٽ هو بانسري وڄائيندو هو، ڪراچي اچي هن ”بانسري نواز“ جي حيثيت سان خوب نالو ڪمايو. اتي ئي هن استاد قدرت ﷲ خان، امرائو خان ۽ استاد نذر حسين کان موسيقيءَ جي تربيت حاصل ڪئي ۽ 1970ع ۾ نثار بزمي صاحب کان باقائدي ڌاڳو بہ ٻڌرايو ۽ هن جو شاگرد بڻيو.
1966ع ۾ پاڪستان ٽيلويزن جو ڪراچي مرڪز جوائن ڪيو ۽ 1972ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ميوزڪ ڊائريڪٽر طور اپروو ڪيو ويو. اهو زمانو ريڊئي جو زمانو هو. هن محنت شديد ڪئي ۽ آخرڪار، استاد بخاريءَ جون سٽون منظور سخيراڻيءَ جي آواز ۾ ڪمپوز ڪيون ۽ ڄڻ ٻڌندڙن جي ڪنن ۾ باھہ اوتي ڇڏيائين ”مون ڏي نيڻ نہ کڻ، دنيا ڏاڍي ساڙولي، ڏيندئي ڪا نہ ڏسڻ....“ هن موسيقيءَ ڏي نيڻ کنيا ۽ دنيا جي سامھون کيس خوب ڏٺو.
استاد فيروز دين 1965ع ۾ اي ايم آءِ جوائن ڪئي ۽ هزارين ڪئسٽس جي موسقي تربيت ڏني. هن ٻن فلمن ”برسات جي رات“ ۽ ”ويچاري ماءُ“ جي موسيقي پڻ ترتيب ڏني.
1975ع ۾ هن جي شادي ٿي هئي پنج نياڻيون ۽ پنج پٽ، شهزاد، زبير، ذوالفقار، عرفان ۽ جھانگير کيس اولاد جي صورت ۾ نصيب ٿيا. هن پنھنجي حياتيءَ ۾ اچي رنگ، گلاب جي خوشبوءِ ۽ راڳ درٻاريءَ کي بيحد پسند ڪيو. بانسري، هارمونيم ۽ ڪي بورڊ وڄائيندڙ استاد جاپان کان سواءِ سڄي ايشيا ۾ پرفارم ڪيو هو.
عزيزان من
هي خاڪو هو، انھن سٺ سالن جي حياتيءَ جو جنھن سنڌي موسيقيءَ کي انيڪ خوبصورت گيت ڏنا، دور جديد جو بلا شڪ هو تمام وڏو ڪمپوزر هو ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ هن جي پائي جو ڪمپوز هاڻي ملڻ مشڪل آهي. هي سال عجيب رهيو آهي، هن ئي سال اسان سان کان سميجو صاحب کسيو ۽ هاڻي فيروز دين هليو ويو. سنڌي فن ۽ ثقافت تي يقينن ڏکيون گهڙيون اچي ويون آهن. اسان جي لاءِ اهم ترين عذاب اهو بہ آهي تہ اسان ”Second line“ نعم البدل تيار ڪري نہ سگهندا آهيون، ان معاملي ۾ اسين صدين کان هڪ جھڙا آهيون. اسان اڄ ڏينھن تائين، ڪڏهن بہ ڪنھن بہ شيءِ جو نعم البدل ٺاهي نہ سگهيا آهيون. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ قدرت اسان تي سدائين مھربان رهي آهي ۽ هن اسان جي جهولي ڪڏهن بہ خالي ناهي ڇڏي. اسين نقصانن سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، فائدا اسان کي ”بدهضمي“ ڪندا آهن.
هاڻي ڪجهہ ڏينھن ڳالھيون ٿينديون، ڪي خوبيون بيان ڪندا، ڪن جي دل ۾ اطمينان جي لھر هوندي تہ پڙ خالي ٿيو. بھرحال، جيڪي ڪجهہ بہ ٿيو، سڀني جي سامھون آهي. فيروز دين وفات ڪري ويو آهي ۽ اهائي سچائي آهي.
بي ترتيب لفظن جو انتخاب استاد فيروز جي ڪمپوز ڪيل ڪجهہ گيتن جا ٻول حاضر آهن. اهي ڪڏهن بہ ڪنايو تہ انھن جي ڪمپوزر کي نہ وسارجو.
1. تنھنجا ٿورا اڱڻ آئين.... (مير عبدالرسول مير) محمد يوسف.
2. هڪ وار تہ آ.... (سائل آزاد) محمد يوسف.
3. نھاري نيڻ ٿڪجي پيا.... (ايم جي قيوم وسطڙو) انورو وسطڙو.
4. اگر بي وفا سان محبت..... (مير عبدالرسول مير) انور وسطرو.
5. مٺا هاڻي منھنجي اٿئي موڪلاڻي.... (دريا خان رند) ڦوٽو زرداري.
6. دل توکي ڏئي درد پرايو... (سائل آزاد) سليمان شاھہ.
7. رات عمر من خواب ۾.... (شاھہ) وحيد علي.
8. مون ڏي نيڻ نہ کڻ.... (استاد بخاري) منظور سخيراڻي.
9.آب اکين سان هاريو... (سميع بلوچ) شاد غلام علي.
10. دل توکي ٿيو آڇا.... (مير) انور وسطڙو.
ڇپيل: اربع 21 ڊسمبر2004ع