بيوفائين جي موسم (براڊڪاسٽر: محمد انور هڪڙو )
نشريات جو هڪڙو خوبصورت دور پنھنجيءَ پڄاڻيءَ کي پھتو... اهي سڀ جيڪي سندس رفيق رهيا، ماتحت رهيا، چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا تہ هڪڙو صاحب ڇا هيو... زماني جي سردي گرميءَ کي سھندي، هڪ بي انتھائي لائق، ايماندار، سچو ۽ محنتي ۽ سڀ کان وڌيڪ تہ هڪڙو بھادر ماڻھو رخصت ٿيو آهي... ڪار جھان دراز آهي... زندگي پنھنجي پوري وحشتن ساڻ روان دوان آهي... هڪڙو مڪمل هفتو ٿيڻ کان پوءِ تہ سندس قبر جي مٽي بہ سڪي وئي آهي ۽ گلن جي حالت بہ ”سوختہ“ ٿي وئي آهي... ائين ئي ٿيندو آهي عزيزانِ مَن... ائين ئي تہ ٿيندو آهي... جھان رنگ و بو ۾ اچڻ وڃڻ تہ عام هوندو آهي... هڪڙن کي اچڻو آهي ۽ ٻين کي رخصت ٿيڻو آهي... نہ جشن سلامت رهڻا آهن ۽ نہ ئي وري ماتمن جون موسمون برقرار رهڻيون آهن... سڀ فنا آهي... آخر فنا...
پنھنجي فقير سان، اوهان مڙني جون نسبتون ڪجهہ عجيب آهن... خواب نگر جي مسلسل اشاعت، ان جي پھرئين ڳٽڪي جي ڪامياب ”سيل“، مٿان وري وقت سر اوهان جي حضور جي حاضري، اسان جي ڪيترن ”محترمن ۽ عزيزن“ کي شايد ناگوار لڳي ٿي. مختلف الزامن جا ”ٺُل“ ٺاهي، سماعتن کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. خاص طور تي ڪنھن بہ جاءِ تي حاضري ڀرجي يا سامھون ڪنھن بہ ”واقعي“ جو ظھور ٿئي تہ هڪدم سنگتي ساٿي چوندا آهن، ”احتياط ڪيو... محمود مغل ويٺو آهي... ڪالم ۾ ضرور لکندو...“ الاءِ ڪيترا ان مھل کُلي پوندا آهن ۽ کلڻ لڳندا آهن... ”جادو ئي شيشي“ جيان، هر آئيني جي کل روح ڇليندي آهي... آيو سائين آيو... ڄاڻ ان تي هڪ ڪالم آيو... جا الاءِ ڪيترا نعرا، ٽوڪن، تضحيڪن، هٿ ٺوڪين تعريفن ۽ داد و تحسين جي ڀري ٻڌي ايندا آهن... اتي ائين ناهي تہ ڪو، دل جي حضور سان ڪير ڪرم نوازي نٿو ڪري.... الاءِ ڪيترا مھربان آهن، جيڪي هن ”نالائق“ کي نوازيندا رهن ٿا، پر انھن خاص موقعن تي خاص صلاحون، جيءُ جهوري ڇڏينديون آهن.... ٻين سان گڏ پنھنجو پاڻ تي کلندي، الاءِ ڪيترو رت روئڻو پوندو آهي.
هاڻي جي حقيقت ڏسجي تہ، اها ائين آهي بہ ... ساڍن ٽن سالن جي هن ساٿ ۾ الاءِ ڪيترا تعزيت نامہ هن خادم لکيا هوندا... فنون لطيفہ جي ڪا هستي رخصت ٿي هوندي تہ وقت سر ان تي ڪجهہ نہ ڪجهہ هن فقير ضرور لکيو هوندو... جي ڀلا ائين آهي تہ ان ۾ ”قباحت“ ڪھڙي آهي؟... هن دو رنگي دنيا ۾، جنھن ۾ ٺوڪرون، ڀاڪرن کان وڌيڪ آهن، ڇا اسان جي رخصت ٿيندڙ دوستن، يا رخصت ٿي ويل ڪرم فرمائن تي چار پنا لکي، ڀيٽا بہ وقت سر نہ ڏجي؟... ڇا ان لاءِ بہ انتظار ڪجي تہ ڪير لکندو ۽ ڪڏهن لکندو...؟ هن بيوفا دنيا ۾ هر ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ صرف ڪجهہ ڪلاڪ ۾ ئي سڀ رسمون ٿين ٿيون... صبح جو جيئرو هئو، شام جو دفن بہ ٿي ويو ۽ رات جو ”سُڄيل اکين“ وارا بہ برياني کائڻ ۾ مشغول آهن... ايترو وقت نہ سائين... خالي ايترا ڪلاڪ بک ڪٽجي سگهي نہ؟ ڪاڏي ويو اهو عشق؟ ڪيڏانھن وئي اها ”پڇاڙ“، جيڪي کائيندي، هر هر بيھوشيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀربو آهي... ”صبر“ جو لفظ ئي اهڙو آهي، جنھن کي ڀرپور نموني سان انھن ئي لمحن ۾ استعمال ڪبو آهي... ورلي ڪو اهڙو روح بچندو آهي، جيڪو ويندڙ سان گڏ پنھنجو الھہ تلھہ بہ موڪلي ڇڏي ۽ رڳو جسم کي هتي رکي... هاڻي ائين تہ ٿيڻو آهي مٺا... پر وري بہ... هلو، لڄئون ڪڄئون بہ... دنيا کي کڻي ڏيکارڻ لاءِ ئي سھي... ڇا اسين پنھنجن ناليوارن دوستن کي عقيدت آڇي نٿا سگهون؟... هنن ساعتن ۾ جڏهن مرحوم محمد انور هڪڙي تي ڪجهہ لکڻ لاءِ روح ۾ هڪ ”ڪانڍ“ آهي، تہ ڇا اهو بہ سچ ناهي تہ اهو سڀ لکڻ ۾ دير ٿي وئي آهي... هڪڙو هفتو بہ وڏو هوندو آهي سائين... اهو سڀ اسان کي ڪڏهن سمجهہ ۾ ايندو...؟ ۽ اتي هڪڙي ڳالھہ پوءِ بہ اهم آهي... اسين ائين انھن سڀني رخصت ٿيل وجودن جي ”ياد“ کان، جلد از جلد جان ڇڏائڻ ڇو گهرندا آهيون...؟ اهو ڪيڏو نہ وڏو الميو آهي جو ٽيليڪاسٽنگ ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ سڄي عمر ”رت ست“ ڏيندڙن جو ذڪر، صرف ان ڏينھن لاءِ محدود هجي، جنھن ڏينھن ان هن جھان مان موڪلايو هجي... اتي اسين اهو نٿا عرض ڪيون تہ ڪو اوهان هنن جو چاليہو ملھايو... يا ورسيون منعقد ڪيو... اهي ڪم تہ نہ اسين ڪڏهن ڪري سگهيا آهيون، نہ ئي فضيلت سان ڪري سگهنداسين... پر ڇا، پھريان ئي ڏينھن بہ اسين ”ويندڙ“ جو ذڪر نہ ٿا ڪري سگهون؟
آچر جي رات وفات ڪئي هئي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام مئنيجر... آچر جي ڏينھن اها خبر نشر ٿي هئي... آچر تي ئي سندس تدفين ٿي هئي ۽ سومر ڏهاڙي ٽيجهو ٿيو هو... جيڪو دراصل اڱاري تي ٿيڻ گهربو هو... بھرحال اهو سڀ سندس خاندان جي فيصلي جي حساب سان هو، پر اڱاري ڏينھن سڳنڌ ۾ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، مون کي احساس ٿيو تہ اها ڳالھہ ”باور“ پئي ٿي تہ هڪڙو صاحب، هاڻي صرف ”ياد ماضي“ آهي... ۽ بس... ان موضوع کي ڪجهہ وڌيڪ ”ڇيڙڻو“ ناهي... بس گهڻو ٿي ويو... پنھنجي هانءَ جي سچائيءَ تي پاڻ کي مليل ويھہ منٽ بھرحال مون سندن ”نذر“ ڪيا... جيڪو منھنجو فرض هو... لاڳيتن ٽيويھن سالن جي ساٿ کي مان ٽيويھہ منٽ بہ نہ ڏئي سگهيس، جنھن لاءِ شرمسار آهيان.
ان کان اڳ اهو سڀ پھرين بہ ڪيترا ئي ڀيرا ٿي چڪو آهي، پر ”ماضي قريب“ ۾ مرحوم سيد صالح محمد شاھہ جي وفات، وڏي ۾ وڏو مثال هئي... اها ئي ڪچھري، جنھن کي هن پنھنجي حياتي ڏني، جنھن جهنگ جهر ۾ سنڌ کي متعارف ڪرايو... جنھن لطيف سائينءَ جي ڪلام کي آواز ۽ اچار جي سونھن بخشي، تنھن ساڳي ڪچھريءَ ۾ ٻن ڏينھن کان پوءِ ئي سندس ذڪر، متروڪ بڻجي ويو... هڪڙي بالا عملدار، سڀني آواز جي مسافرن کي ٻڌايو تہ بس ڪافي ٿي ويو... هاڻي شام جو ذڪر ڇڏيو... ُمئي سان ڪيترو مربو... دل چوي ٿي تہ اتي ضرور لکجي تہ اڃا تہ اسٽوڊيوز جي ديوارن بہ ”گريو“ ڪو نہ ڇڏيو هو... اهي اسان جا ئي آواز هئا، جن مان ٽھڪ ٻُري رهيا هئا... ﷲ اڪبر... اها آهي خدمت ۽ اهو آهي ان خدمت جو مان... اُتي ڪنھن ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو هو... ”پر سائين ائين ٿيو ڪو نہ... ڇاڪاڻ تہ نذير لغاريءَ جھڙا کرا ماڻھو بہ مائڪ تي اچن ٿا... هن بہ سائين صالح محمد شاھہ تي بلڪل ائين ئي ڳالھايو هو، جيئن توهان هڪڙو صاحب تي ڳالھايو هو“... اتي ازل ابد جي ڪتاب جي هڪڙي ٻي حمايت بہ سامھون آئي، خواتين و حضرات... هي سچ لکيو ۽ سچ لکڻ بہ گهرجي... سيد صالح محمد شاھہ جي اضافي ذڪر کي، پروگرام مئنيجر جي حيثيت سان هڪڙو صاحب ئي روڪيو هو... ۽ هاڻي سندس واري تي وري ٻيو ڪير، سندس جاءِ تي هو... اتي اهو بہ تہ سچ ڏسو تہ ايترين ”منعذ“ کان پوءِ بہ نذير، پنھنجو حصو ادا ڪيو ۽ مون وري پنھنجو... پروردگار کي جنھن کي جيڪو مرتبو ڏيارڻو آهي، ان کي اسين ۽ اوهين روڪي نٿا سگهون.
الاءِ ڪيتريون ”تاويلون“ سامھون اچي سگهن ٿيون، معزز خواتين و حضرات... اداري جا عملدار، ويھہ سبب بيان ڪري سگهن ٿا... اهو بہ ٿي سگهي تہ وفات ڪيل هنن لاءِ بس هڪ ورڪر ئي هجي... پر اتي اهو بہ تہ سوچيو تہ اهي سڀ وجود نشريات جي ادارن سان لاڳاپيل آهن... انھن جا لکين مداح آهن... انھن جون ذاتي طور تي الاءِ ڪيتريون خدمتون آهن... ڇا انھن کي اسين اهي ڪجهہ اضافي ڪلاڪ بہ عنايت نٿا ڪري سگهون؟
هن رڻ جي سفر ۾ اڳ ۾ بہ عرض ڪري چڪو آهيان تہ هاڻي هڪ صديءَ جو ”چوٿو“ مان بہ خرچ ڪري چڪو آهيان... ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي الاءِ ڪيتريون موسمون مٽجندي نظر آيون آهن... جيڪڏهن انھن پنجويھن سالن کي چئن سان ضرب ڪجي تہ بہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو مختلف موسمون تہ هن فقير بہ انھن ادارن ۾ گذاريون آهن... هاڻي اها ٻي ڳالھہ آهي جو اهي موسمون مستقل ناهن رهنديون... هڪ کان پوءِ ٻيءَ کي اچڻو ئي آهي... جو اتي مستقل رهي ٿي تہ بيوفائيءَ ۽ ناقدريءَ جي موسم... تمام گهٽ ائين ٿيو آهي جو اسان ڪنھن کي بھترين نموني خراج عقيدت پيش ڪيو هجي... جيئري تحسين پيش ڪرڻ تہ اسان جي روايت ئي ڪانھي... مرڻ کان پوءِ بہ اجهو اهو ئي حال آهي. جيڪو مٿي عرض ڪري چڪا آهيون...
هن دم گذر دنيا ۾ هاڻي ڪمال ٿي رهيو آهي. پاڻ کي جي هڪڙي ٻوليءَ ۾ ئي محدود ڪيون تہ بہ غور ڪندئو تہ الاءِ ڪيترا اداڪار، صداڪار، پرفارمر سامھون اچي چڪا آهن... ڪي ٽي اين جي اچڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين مختلف چئنلز جي ڊوڙ ۾ فنون لطيفہ سان لاڳاپيل وجودن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي... ڇا فنڪارن جو اهو انگ ائين نٿو ڪري سگهي تہ پنھنجي ”پٽي ڀائين“ جي جوڳي رخصتيءَ جو بندوبست ڪري... گهٽ ۾ گهٽ هنن جي ياد کي ئي ڪجهہ ڪلاڪ سلامت رکي...
مرحوم هڪڙو صاحب تي هڪدم هڪ ”تعزيت نامو“ مون منظور ميراڻيءَ وٽ پھچايو هو... اتفاق سان اهو بر وقت نہ ڇپيو تہ مون ئي کيس روڪي ڇڏيو... ۽ اها بہ ڌڻيءَ مٺي جي مھر ٿي تہ محترم ڪوثر ٻرڙو صاحب، اهو سڀ لکي ورتو... جيڪو لکين ماڻھن تائين پھچائڻ ضروري هو.
اوهان جو هي نوڪر... هي خادم، اوهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري... پنھنجي محسنن کي ياد ڪرڻ جي موسم کي واپس آڻيو... مقصد رڳو ڳوڙها ڳاڙڻ ناهي... مقصد ان احساس کي ڪر کڻائڻ آهي تہ رڻ ۾ اڃا رڙ جو موجود آهي... سڀني بي مھر ساعتن ۽ الزام تراشين جي باوجود، جيڪو فرض ادا ڪرڻو آهي، مان ان کان غافل نٿو رهي سگهان... پر اوهان سڀني کي انھن بيوفائيءَ جي موسمن جا لاھہ ڪڍڻا پوندا... ۽ اهو سڀني کي ٻڌائڻو پوندو تہ اجل جي ٽريڪ تي تہ هر ڪو چڙهيل آهي... اڄ جيڪي ويندڙن جو ذڪر نٿا ڪرڻ ڏين، سي سڀاڻي پاڻ بہ تہ رخصت ٿيندا... پوءِ جي انھن جي نالي سان ائين ٿئي تہ سندن روح کي ڪھڙي راحت ملندي؟.
بيوفائين جي ان موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي چريا، وفائن جو گلاب پوکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن... اهو گلاب... جنھن جو قلم ”ڪيل خدمتون“ هوندو آهي. اوهان لکين ڪوششون ڪيو، اهو ”قلم“ لڳايو ئي ويندو آهي... ها، اها ٻي ڳالھہ آهي جو بيوفائيءَ جي موسم ان کي ساڙڻ ۾ ڪامياب ويندي آهي.
توهان ان موسم کي ڪيترو تڙي ٿا سگهو؟... اهو سوچڻ جي سخت ضرور آهي.
سائينءَ جي لاءِ دعا آهي... ڌڻي کيس سندس مرقد ۾ آسودو رکي ۽ بلند درجات عطا فرمائي، آمين. بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان، بڙ جيان ئي گهاٽو ”هڪڙو“ صاحب آرامي آهي... دعا کان پوءِ راجيش ريڊيءَ جو هڪ ”قطعو“ سندس نذر ڪرڻو جي خواهش آهي:
جيسي غلط پتي پہ چلا آئي ڪوئي شخص
سکھہ ايسي ميري در پہ رُڪا اور گذر گيا
يون ديکيئي تو آنڌي مين بس اڪ شجر گيا
ليڪن نہ جاني ڪتني پرندون ڪا گهر گيا
ڇپيل: آچر 2 مارچ 2008ع