پنھنجو پاڻ سان تعزيت (محترمہ ڀاڄائي صاحبہ)
دل، درد وندي، عجيب ڏانھن ۾ مبتلا آهي. پرائي پٿر تي، هر ڪو پنھنجو سور رئندو آهي. ماڻھو تہ حيلان وسيلا گوليندو آهي صاحبانہ زمانہ، تہ من ڪٿان ڪا ڳڙکي کلي، ڪٿان ڪو واءُ وري، وري ڪو سينو اهڙو بہ ملي، جنھن سان لڳي اکين جي آبشارن کي کلي وهڻ جو موقعو ملي پوي نيڻن جي نيسارن کي رڪاوٽ تنگ ڪري ٿي. خيالن جي ڇت تي ڏک جو پاڻي گهڻو گڏڻ ٿي وڃي تہ حياتيءَ ساءُ وڃائي ٿي ويھي. چپن جي گرمي موڪلائي ٿي. نيڻن جي تپش وري روح کي ساڙي ٿي.
خميس جو ڏينھن آهي اڄ، جڏهن اوهان لاءِ هنن سٽن جو جڙاءُ ٿي رهيو آهي، پنھنجو پاڻ کي ڄڻ ڇڪي آڻڻو پيو آهي. اهي سڀ نظم وضبط جا قصا، پاڻ کي پاڻ ازبر ڪرائڻا آهن. جيڪي اڄ کان تقريبن پنجويھن سالن کان بہ مٿي، هن جيءَ سان جڙيل رهيا آهن. آنڌي مانجهيءَ ۾ ڪم ناهي رڪيو. ذات جي هر موسم ۾ هي ساٿ نباهيو آهي، هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟
هاڻي ڀاڄائي ناهي رهي.... اڄ کيس رخصت ٿئي ٺيڪ اٺ ڏينھن ٿيا، گذريل هفتي بيماريءَ جي هڪ معمولي اٽيڪ ۽ تقريبن ڪجهہ ڪلاڪن جي تڪليف کان پوءِ، هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو. دنيا جا ڪاروبار معمول تي هلندا رهيا هئا. سڀ ڪجهہ ٻاهر ٺيڪ هو، حسب دستور سڀ مرحلا طئي ٿيا. هوءَ شان مان سان رخصت ٿي. زمين جي سيني ۾ جنھن جاءِ تي هن لاءِ ”سامي“ ڇاڪ ٿي هئي. اتي هاڻي سندس تربت آهي. هر ايندڙ ويندڙ، ڀاڪر ۾ ڀريندي، تعزيت جي حوالي سان دلداريءَ جي رسم ادا ڪندو رهيو،. اڳي جيان تقريبن ٽي ڏينھن گهر ۾ رش رهي ۽ پوءِ ساڳيا ايوان، راهداريون، ورانڊا، ڪمرا ۽ لان، هڪ ماڻھوءَ جي کوٽ کان پوءِ پنھنجو پاڻ سان ڪچھريءَ ۾ مگن ٿي ويا. سڀني جو گهاءُ گهرو ٿيو تہ اندازو ٿيو تہ سڀ تہ ٿي ويا آهن، رڳو پنھنجو پاڻ سان پاڻ تعزيت نہ ٿي سگهي آهي.
اوهان سڀ مانائتا مھربانو، ذاتي حوالي سان، هن فقير تي مھربان رهيا آهيو، جيڪا فراخ دلي اوهان وٽان نصيب ٿي آهي. اها هر هر جاءِ تي ۽ هر ڪم ۾ نصيب نٿي ٿئي. خواب نگر جي مسلسل اشاعت ۽ اوهان جي محبت جي مھر شال حال رهي هئي. ۽ ان کان پوءِ وري ”موٽ“ جي صورت ۾ بہ اوهان جي ڪرم نوازين جو، مون وٽ ڪوبہ جواب ناهي. هن هڪ هفتي جي غير حاضري لاءِ ڪوبہ عذر، بھانو تراشڻ نٿو گهران... جيڪي سچ آهي، اهو عرض ڪرڻ گهران ٿو. روح جي هن ضرب جي ڪري، لفظ رسي ويا آهن. دنياداريءَ جي انگ ۾ ڪوبہ بھانو گهڙي سگهجي ٿو، پر ڇو گهڙجي؟.... اتي اهو سوال بہ پيدا ٿو ٿئي تہ ڪالمن جو هي سلسلو ڇا ذاتي ميراث آهي جو هر نجي رنج و الم جي ڪٿا هن ۾ بيان ڪئي وڃي؟ اهي سڀ نڪتا پنھنجي جاءِ تي اهم آهن، پر پھرين ڏينھن کان ئي سوچ اها رهي آهي تہ پنھنجي معاشري جي ڪنھن اهڙي ڪنڊ کي ڪنھن اهڙي سوچ کي سامھون آڻجي، جيڪا هاڻي جهيڻي پئي ٿي ٿئي، جنھن جو ساءُ ”تکيررڙ“ ناهي رهيو، ۽ جيڪا ٻين وٽ ”ناياب“ آهي ”اڻ لڀ“ آهي.
اسان وٽ عزيزان من، گڏيل خاندانن ۾، ڀاڄايون بہ ڪمال وجود هونديون آهن. جيڪڏهن پاڻ کان ننڍن ڀائرن جون گهرواريون هجن تہ نياڻين جيان ۽ جيڪڏهن پاڻ کان وڏن ڀائرن جون هجن تہ ”امڙين“ جيان آهن. نياز مندين ۽ پاٻوھہ جو عجيب ”مٺ“ هوندي آهن. ۽ جي وڏيون هجن تہ ڪرم، رحم ۽ شفقت ۽ ڪمال دسترس رکن ٿيون... گڏ هوندي بہ قبلہ والدائن جي جاءِ وٺن ٿيون، ڀاڄايون ۽ مائرون ئي ٿين ٿيون اهڙي دولت مفت ۾ ٻيو ڪٿي ملي سگهي ٿي؟
تقريبن ستٽيھن سالن جو سات هو اسان جو... ڀاڄائي هونئن تہ ٽئين نمبر ڀاءُ جي گهرواري هئي، پر ڇاڪاڻ تہ سندس شادي سڀ کان پھرين ٿي هئي. ان ڪري هوءَ سينئر ترين هئي. عمر عزيز ۾ جيڪڏهن ذهن رنگن کي محسوس ڪري سگهي ٿو تہ سندس ساٿ جو رنگ ان مھل کان چوکو ٿيڻ شروع ٿيو هو. جڏهن اڃا مان ستن سالنکن جو مس هئس. ان عمر ۾ هوءَ وڏي ڀيڻ جيان هئي. ڪو پاڻ کان ڏھہ سالن کن وڏي هوندي. تقريبن سترنھن ارڙنھن سالن جي عمر ۾ پرڻجي آئي هئي. گهر ۾ هڪ ڀاتيءَ جو اضافو ٿيو هو. مان ننڍوڏير هئس جنھن کي هن پنھنجي ننڍي ڀاءُجي جاءِ ڏني ۽ زندگي روان دوان ٿي وئي هئي. تنھن زماني ۾ سرفوشيءَ جي ڪيفيت شديد هئي. اڳيان ايندڙ، ڪنھن ٽه واٽي،ڪنھن ٻہ واٽي ۽ ڪنھن چئو واٽي جي ڪابہ خبر نہ هئي. لڳندو هو رڳو دنيا ۾ ٽھڪ ٻرندا آهن. اکين ۾ پاڻي تہ الاءِ ڪيئن ايندو هوندو؟ گهر ۾ رانديون رهندا هئاسين. ڪچھريون مستيون... وري ٿورو هوش آيو تہ جنون اڀريو تہ ڪپڙن جي ”ڊزائننگ“ ڪجي. لنڊا بازار مان ذات ڪپڙن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪمري جي ڪنڊ ڀري ڇڏبي هئي. پوءِ ڪنھن جي ٻانھن ڪنھن جو ڪالر... ڪڏهن ڪنھن شرٽ جا ڪھڙا حال تہ ڪڏهن ڪو ٽرائوزر پنھنجي ماپ وڃائي ويھندو هو. ڪلاڪنجا ڪلاڪ مٿو هڻندا هئاسين، هن جي ماني پچائڻ وارو وقفو بہ مون کي نہ وڻندو هو. ان مھل بہ ڪئنچي کنيو، ڪانہ ڪا ”ڪتر“ ڪندو ئي رهدنو هوس. ياد اچي ٿو تہ هڪ واري هڪ تئي تان ماني ورائي پئي ۽ مون ڪف ڪٽيو پئي. ڪئنچيءَ جي غلط وهڪري تي، قميص زبان ٿي ٿي وئي هئي. ڀاڄائيءَ اوڏانھن ڌيان ڏنو هو تہ پويان ماني سڙي وئي هئي. ٻئي ڪم ناقص ۽ اڻ پورا رهجي ويا هئا، جنھن تي اسان ٻئي الاءِ ڪيترو کليا هئاسين. سانئڻ والدہ صاحبہ نقصان تي قطعي ناراض ڪونہ ٿيندي هئي. پر اهو سڄو ”قضئو“ منھنجو گهڙيل هو، تڙ تڪڙ ۾ سڙيل ماني اڇلائڻ لاءِ نڪتس تہ هڪ هٿ ۾ ڪپيل قيمص بہ هئم. هنن پڪڙي ورتو هو. مرڪندي چيو هئائين ”تو تہ ٻئي انگ اگهاڙا ڪري ڇڏيا. جسم لاءِ قميص ۽ پيٽ لاءِ ڳڀو... مانيءَ تي بہ ڄڻ ڪئنچي هڻي ڇڏيئي.“
اهي لمحا مرڪندا، سرڪندا ڊوڙ ۾ مٽجي ويا. گهر ۾ خوشيون آيون ۽ زور شور سان آيون، نوڪريون، اولاد، معاشي حيثيت، رک رکاءُ... ۽ گڏوگڏ پيريءَ ۽ بيمارين بہ رستو ڏسي ورتو... مھرباني رخصت ٿيڻ شروع ڪيو. امڙ.... ڀائر، ڀاءُ جو ننڍڙو، امان جا عزيز، ماسات.... ڏکن ۽ خوشين جي مڙني ساعتن ۾ اهو ڪمزور ڀاڪر سدائين گڏ رهيو. وقت سندس جسم جي طاقت کي نپوڙيندو رهيو. پر سندس روح اڇن وارن ۾ اعتبار جي مسند کي وڌيڪ مضبوط ڪندو رهيو. محبوب ماءُ رخصت ٿي تہ يارنھن سال اڳ جي ان قصي ۾ اهي ڀاڄائيون ۽ ڀينرون ئي هيون. جن سنڀالڻ جو سرشتو جاري رکيو. امان جھڙو پيار مليو،اهائي نگھداشت ٿيندي رهي. نہ ٿئي ها تہ اسان تہ رلي وڃون ها... ڪٿان ائين جي سگهون ها...؟
لف برو (Lough Brow) يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر يان جان (Yan Jahn) مھمان ٿي آيو هو... اسان وٽ ڪجهہ ڏينھن ترسيل هو. تڏهن ڏينھن گلال هوندا هيا ۽ راتيون روشناس... ادا عبدالرحمان مرحوم سان، سندس ذاتي شناسائي هئي... پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَجي وزٽ تي آيل هو.... هتي اچي پاڻ ۽ سندس زال وائڙا ٿي ويا هئا... گهر ۾ سڀن ڀاتين سان سندن تعارف ٿيو تہ حيران ٿي ويا هئا. ادا جو هٿ جهلي پنھنجني پرس مان هڪ پاسپورٽ سائيز فوٽو ڏيکاريندي چيو هئائين. ”منھنجي ڌيءَ آهي... الاءِ ڪئي آهي....؟“
اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سندس ڳالھہ اسان جو وات ڦاڙي ڇڏيو هو. چيائين ”رڳو ڌيءَ ناهي... هڪ پٽ بہ آهي... ارڙنھن سالن جي ڄمار کان پوءِ گهران ”تڙيل“ آهن. اسان ڪو نہ ڪڍيا آهن، پنھنجي مرضيءَ سان رخصت ٿيا آهن. هاڻي ڪنھن وڏي ڏينھن تي ڪٿان ڪو ڪارڊ ۽ گلن جو ڪو ”ڇڳو“ تحفي طور ملي ويندو آهي، خير خيريت جي اطلاع ٿي ويندي آهي نہ تہ ڏٺي تہ ڪي نو سال کن ٿيا آهن.
مون ان مھل مھمانن لاءِ چانھہ پئي پيش ڪئي. ٻاهر وقت گهٽ پئي گذريو ڇاڪاڻ تہ اندر مسز جان سان ڳالھائڻ وارو ڪوبہ نہ هو... امان ادبن ۽ ڀاڄاين سان مترجم جيان مان سندس ڳالھہ ٻولھہ ڪرائي رهيو هو. ٻاهر مھمان خاني ۾ پروفيس جان چئي رهيو هو ”گل تہ موڪليندا آهن پر انھن ۾ الاءِ ڇو خوشبو ناهي ٿيندي.“ ۽ اتي ئي دريءَ جي ٻار گل جي هڪ ڏانڊي هئي. جنھن کي ڇڪي هن گل نہ پٽيو هو، بس سونگهي هڪڙو وڏو ساھہ کڻي چيو هئائين، ”اوهان خوش قسمت آهيو جو اوهان وٽ گلن۾ خوشبو آهي، اسان وٽ تہ ميوو بہ آهي پر ان ۾ اهو سواد ناهي جيڪو توهان وٽ آهي.“ سندس ڳالھہ تي مان دل ئي دل ۾ کليو هئس ۽ اندر اچي وري بيگم صاحبہ کل جو سامان مھيا ڪري رهي هئي. ”باجائي .... واٽس باجائي....“ هن شايد اسان جي واتان ڀاڄائي لفظ ٻڌو هو، سو حيرت مان ان جو اچار پڇي رهي هئي. مون ٻڌايوهومانس تہ اها ڀاءُ جي گهرواري آهي تہ هڪدم پڇيو هئائين ”اسپيشل رشتو آهي؟“ ۽ پوءِ پاڻ ئي ورجايو هيائين ”اسپيشل آهي، تڏهن تہ نالو رکيل اٿس...“ کيس حيرت ٿي هئي تہ ڀاءُ تہ گڏ رهي ٿو.... ڀاڄائي بہ رهي ٿي... ان مھل رڳو کل هئي... هاڻي لڙڪ پڇن ٿا... ”ڀاڄائي رهي ٿي؟“
پوڻن چئن ڏهاڪن جو ساٿ ختم ٿي ويو آهي ٻيا سڀ بہ آهن ڌڻي خير سان هنن کي سلامت رکي... آمين... پر طويل ساٿ جو اهو خوبصورت رشتو هاڻي جسماني طور تي مٽيءَ ۾ ملي چڪو آهي. اها کٽ خالي آهي اهو لمس هاڻي محسوس ٿي نہ سگهندو... اها قدرت جي منظوري آهي جيڪا قبول آهي. پر اتي شڪر گذاريءَ جي هڪ ٻي روايت بہ قبول ڪرڻي آهي تہ ڌڻي اسان کي اهڙا رشتا عنايت ڪيا آهن جن جي ڇپر ڇانءَ ۾ حياتيءَ جو سفر سونھون ٿي وڃي ٿو. انھن جي ئي عنايت آهي جو ڌڻي گلن ۾ خوشبو ۽ ميون ۾ ذائقو نصيب ٿو ڪرائي جتي پنھنجو اولاد ساڻ نٿو هجي. اتي ڀاڄائيون... امڙيون بڻجن ٿيون... خاص رشتو صرف اسان کي هن خطي ۾ ئي نصيب ٿئي ٿو.
لفظ گم ٿي ويا آهن، ٻي صدا لمحن ۾ ڪا ڳالھہ ٺھي سگهي آهي الاءِ نہ.... اهو حڪايت دل کي پتو نٿو پوي... پنھنجو پاڻ کي پاڻ ازبر ڪرائڻو ٿو پوي تہ، ”ڀاڄائي“ ڪانھي... پر حياتيءَ جا سڀ سلسلا ائين ئي اجگر جيان وات ڦاڙيو بيٺا آهن. ڪاغذ سان قلم جي ملاقات ضروري آهي نہ تہ ڀاڄائي ناراض ٿي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هنن ڪاغذن ۾ موٽ کيس بيحد پسند آئي هئي. هي ڪالم هوءَ نٿي پڙهي سگهي تہ ڇا ٿيو، اوهان جي دعائن جا ڪالم وٽس پھچي سگهن ٿا. اوهين جي عنايت ڪندؤ تہ هن فقير تي وڙ ٿيندا. خدا تعاليٰ سندس مرقد کي آسودہ رکي ۽ اوهان جي دعا قبول ٿئي، لڳي ٿو پنھنجو پاڻ سان تعزيت ۾ ڪجهہ لفظ ادا ٿي ويا آهن.
ڇپيل: 24 سيپٽمبر 2006ع