شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

هِڪَ ڪَلي (استادِ محترم: سائين حمزہ خان عمراڻي)

(محبتن جي عالمي ڏهاڙي تي جتي سڄيءَ دنيا ۾ گلابن جي ورکا ٿي رهي هئي، اتي ڪجهہ گُل نوشھري جي ان قبرستان ۾، آليءَ قبر مٿان نڇاور ٿيا، جنھن ۾ اسان جو مشفق استاد سر حمزہ خان وڃي آرامي ٿيو. انا لله وانا اليہ راجعون. پنھنجي عمر جي هر اهم ڏاڪي تي، اسان شاگردن سائينءَ جي مھربانين کي محسوس ڪيو آهي. اهو ذڪر خواب نگر ۾ بہ آيو هو. مٿان وري، عقيدت جي گلن جي ورکا لاءِ جڏهن ڪجهہ سٽون ڪاغذن تي منتقل ٿيون تہ خوشيءَ جي ڏهاڙي تي، انھن جي ڇپائي نا مناسب لڳي رهي هئي. سائينءَ سدائين علم، عالمن ۽ شاگردن سان محبت ڪئي. محبت جي ئي عالمي ڏينھن تي، سندس شاگردن پاران مون کي اها سعادت نصيب ٿي رهي آهي تہ هن لاءِ ڪجهہ پنکڙيون نڇاور ڪري سگهان. اوهان سڀ عالم فاضل آهيو، ڏاها آهيو عزيزانِ من.... هڪ استاد لاءِ مغفرت جي دعا جو عرض آهي.... ڌڻي ڪندو، اوهان وٽ قبول پوندو)
گلرنگ گلابن مان ”هڪ ڪلي“ منھنجي طرفان بہ قبول ڪيو سر.... محبتن جو عالمي ڏينھن آهي سر.... هر ڪنھن وٽ پنھنجي محبوب لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ موجود آهي. مرڪ، نگاھہ، خوشبو، گلاب، تحفا ۽ ٻيو الاءِ ڇا ڇا.... اتي منھنجيءَ دل ۾ هڪڙو خيال آيو آهي تہ جتي محبوبن کي هيترا ”ڍڳ“ گلن جا موڪلي سگهجن ٿا، اتي پنھنجي ”محبوب استاد“ کي بہ تہ اهو ڪجهہ ارپي سگهجي ٿو. محبوب رڳو ڪا ڇوڪري يا ڇوڪرو ٿيڻ ضروري ناهي سر، محبوب تہ ڪير بہ ٿي سگهي ٿو، ماءُ، پيءُ، استاد، دوست، ڪوبہ جنھن جي ذات جي ٻاجهہ جي دري، پنھنجي وجود تي ڪڏهن کلي هجي.... جنھن محبت سيکاري هجي ۽ جنھن سان محبت زندگيءَ جو ”فخر“ محسوس ٿيندي هجي. هن عاشق ناشاد وٽ اوهان جي ٻاجهہ جو، مھر جو عڪس ڏاڍو گهاٽو پيل آهي. اجازت ڏيو تہ اڄوڪو ڏينھن پنھنجين سمورين گل رنگين ۽ رعنائين سان اوهان جي نالي ڪجي. ويلنٽائين مبارڪ هجي، سر....
توهان کي رخصتيءَ جو ڏينھن بہ عجيب نصيب ٿيو آهي سر.... 24 ڪلاڪ جنھن کان پوءِ، دنيا محبتن جا ترانا ڳائيندي آهي.... محبت جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌل جوانيون، ارڏائين جي آسمانن تائين ذات جي پينگھہ جي اڏار ڪنديون آهن. اوهان حياتيءَ سان محبت ڪئي ۽ ان ۾ محبت ورهائي. ازل ابد جي خالق، اوهان کي ابدي حيتيءَ لاءِ محبتن جي عالمي ڏينھن جي رات نصيب ڪئي. اتي بہ اوهان جي ڀليڪار محبت سان ئي ٿي ۽ ڇو نہ ٿئي، توهان اسان جھڙن اٻالن، اڪيلن ۽ معاشي حوالي سان ”مناسب“ ماڻھن سان جيڪو ”وي آءِ پي“ سلوڪ ڪيو، ان جي موٽ اوهان کي ڌڻيءَ وٽان تہ ملڻي ئي هئي. خواب نگر جي صفحن ۾، سر حمزہ، اوهان لاءِ مون نيازمنديون عرض رکيون هيون. ان ڪالم جي ڇپجڻ جي ڪجهہ ڪلاڪن ۾ ئي، سالن کان پوءِ اوهان جا ديدار ٿي ويا هئا. مان ۽ فاطمہ اوهان جي گهر تي حاضر ٿيا هئاسين ۽ شفقتون ميڙيون هيوسين. اهو سڀ ڪيڏو نہ جلدي خواب ٿي ويو هو قبلہ سائين.... وقت تہ کن پل بہ نہ ٿو ترسڻ چاهي سائين.... رڳو يادن جا ”ٻورا“ ڀري، حياتين جي ڪلھن کي ”بارگير“ ڪندو، اڳتي روانو ٿي وڃي ٿو. ڪيڏا نہ بي فڪرا پل هوندا هئا سر.... ٻاهر، گهٽيءَ ۾ گهمندڙ ”گهورڙئي“ جو سڏ ڪنائيندا هئاسين تہ ڪن ڄڻ اينٽينائون بڻجي ويندا هئا.... هرڪو پيو هڪ ٻئي ڏانھن نھاريندو هو ۽ نيٺ سڀ نگاهون اوهان تي اچي اٽڪنديون هيون. عجيب لمحا هوندا هئا سر.... اوهان جي عجيب عادت هوندي هئي تہ جڏهن نگاهون ”يڪجا“ ٿي اوهان تي اچن تہ اوهان ڳاڙهيٽڙا ٿي ويندا هيؤ. سانوري رنگ ۾ ڳاڙهاڻ گڏبي هئي تہ چھرو عجيب لڳندو هو. اسين سڀ ”تاڙو“ هوندا هئاسين، سمجهي ويندا هئاسين تہ ”سرڪار“ شرمائجي وئي آهي. بس پوءِ ”ننديءَ“ جون بدمعاشيون شروع هونديون هيون.
”سر.... سر“
اهو ڳاڙهو چھرو، پاڻ سنڀاليندو هوِ ”ڇاهي ڇورا؟“
”سر هو.... پشم وارو آيو آهي.“
”روز پيو ايندو آهي.... تون پڙهائي ڪر....“ اکيون ملائڻ کان منڪر، اسان جو استاد، ٻئي ڪنھن جي ڪاپي ويٺو جاچيندو هو.
”نہ پر سر.... روز ٿورئي وٺندا آهيون....“
”تہ اڄ ڪھڙو پيا وٺون....“ لھجو سخت ٿي ويندو هو.
”سر.... اڄ تہ وٺون پيا....“ ڪٿان ڪو ٻيو سرٻاٽ ڪندو هو.... رُخ جي ڪئمرا مڙي ويندي هئي.
”ڪھڙي خوشيءَ ۾ سرڪار....؟“
”سرڪار“ تڪيہ ڪلام هوندو هو.... ۽ اسان بہ چونڊي ئي اوهان تي رکيو هو.
”سر.... اڄ منھنجي سالگرھہ آهي.“
بس سائين.... ڳالھہ ختم.... اشاري ملڻ سان دٻڪيءَ هيٺان پئسا کنيا ويندا هئا. سڀني لاءِ حساب آهر پشم ايندي هئي.... پوءِ اهو سلسلو 0ڌڙيءَ، ڦوٽن ۽ پڪل گجرن جي موسمن سان مٽبو رهيو هو. پر هر سال هر موقعي تي ڪنھن نہ ڪنھن جي سالگرھہ ضرور نڪرندي هئي. پئسن ڏيڻ واري کي بہ بھانو وڻندو هو، تڏهن تہ ڪڏهن ڪونہ پڇيائين تہ ”بابا روز روز سالگرھہ ڪٿان ٿي اچي وڃي؟“ اسان جي ئي پئسن مان، جيڪي توهان کي ”ٽيوشن فيس“ طور ملندا هئا، اسان جو ئي عيش ٿيندو هو. هر ڪو خوش هوندو هو، سر.... ڪجهہ ماڻھن جو خيال هو تہ هو توهان کي بيوقوف ٺاهي ويندا هئا، پر توهان کي ياد آهي.... اوهان، هڪ ڀيري مون کي فرمايو هو، ”خوش ٿيڻ ڏي ابا.... ڀلا خوش ئي تہ ٿين ٿا نہ.... ڀلا جي منھنجي بيوقوفي ۽ سادگي، ڪنھن کي خوش ڪري سگهي ٿي تہ مان ايئن ئي ٺيڪ آهيان. هل ڀلا.... هنن جا ڏنل پئسا آهن، هنن تي ئي خرچ ٿا ٿين تہ ڇا ٿيو. جنھن کي جيڪو رزق ملڻو آهي، ملندو. ڀلا جي مالڪ مٺو، حمزي جي معرفت ڏياري تہ ير لک کٽيوسين.“
جيئن اڳ ۾ لکيو هئو سر.... اوهان ڪڏهن بہ اسان کان ٽيوشن جا پئسا، ڳڻي نہ ورتا، بس هڪ ٽٻڻي پئي هوندي هئي ۽ هر ڪو پيو ان ۾ پئسا رکندو هو. مزي جي ڳالھہ تہ توهان وٽ ڪجهہ فڪر ئي ڪونہ هوندو هو. ڪيترا ڏيڻا آهن، اهو پڇي بہ نہ سگهبو هو ۽ توهان ٻڌائيندا بہ ڪونہ هيؤ. ”نہ بابا.... جيترو توکي مناسب لڳي يا توکان پڄي، ان ۾ رکي ڇڏجانءِ.“ ٽٻنيءَ ڏانھن اشارو ڪندا هيؤ.... ۽ پنجن سالن جي رفاقت ۾ سر، مون ڪڏهن بہ اهو ڪونہ ڏٺو تہ توهان ان ٽٻڻيءَ ڏانھن ڪنھن کي اشارو ڪيو هجي، يا ڪنھن کي ”ليٽ في“ يا فيءَ جي نہ هجڻ لاءِ ڪجهہ چيو هجي. سڀني کي ڄڻ لڳندو هو تہ سڀ ڪجهہ خيراتي هو. هاڻي خيرات بہ نہ چوڻ گهرندا هئاسين. مالي حالتون سڀني جون تقريبًا ساڳيون هونديون هيون. هاڻي وري بہ ڪير ٿو ايئن تسليم ڪرڻ گهري، سڀئي نواب ٿي پيا گهمندا هئاسين. تنھن زماني ۾ سر، زندگي اچي ختم ٿي هئي ٻن هنرن تي، يا تہ ماڻھو ڊاڪٽر ٿئي يا انجنيئر.... هي ٻيا سڀ ”پيشا“ تہ پوءِ نڪتا آهن. ڪيمسٽري ۽ فزڪس، مٿان وري مئٿميٽڪس لاھہ ڪڍي ڇڏينديون هيون. قدرت خدا جي، اوهان کي ڪمال دسترس حاصل ڪئي انھن مضمونن تي. سڄيءَ حيدرآباد ۾ اوهان جي هاڪ هئي. جتي ڪيترا ئي ٻيا استاد پنھنجا ”سينٽر“ پيا هلائيندا هئا، اتي اوهان، اسان جھڙن سان، ان غربت ۾ ڪمال خوشي محسوس ڪندا هيؤ. ”ٺيڪ آهي، ٻچا پئسا ڏين ٿا.“ توهان هڪ واري مرڪيو هو. ”پر يار محمود.... اهو ڊپ ڊاءَ لاءِ آهي، نہ تہ هرڪو پيو پنھنجي مرضي هلائيندو. ٿوري گهڻي ئي سھي، ٽيوشن في هوندي نہ.... تہ پڙهڻ واري کي احساس ٿيندو، قدر ٿيندس پنھنجي پئسن جو. ايندو بہ ضرور ۽ لڄئون لڄئون پڙهندو بہ لازمي، نہ تہ جي ايئن ڇوٽ ڏينداسين تہ سڀ ڪجهہ تباھہ ٿي ويندو، سرڪار....“ هاڻي، اها نالي ماتر في، جيڪا بہ اسان مان گهڻا افورڊ ڪري نہ سگهندا هئا، هوندي ضرور هئي. ان جي پڇا ڀلي نہ ٿئي، پر اهو احساس ضرور هوندو هو تہ ڪيترن مھينن جي في ڊيو (Due) ٿي وئي آهي. پوءِ هرڪو پيو پنھنجا کنڌا جاچيندو هو، پيو حساب ڪندو، ”چڪتو“ ڪندو هو.
پر هاڻي.... عمر عزيز جي هن دور ۾ سر، اسين، اوهان جا سيکاريل، اوهان جا پڙهايل، اوهان جي ڪھڙي حساب جي ادائگي ڪيون سر.... اسان تہ في ڪلاڪ ليڪچر جي حساب سان رقم وٺون ٿا. ان ۾ بہ پنجاھہ منٽن جي ليڪچر ۾، ڏھہ منٽ حاضري وٺڻ جي ۽ پنن ورائڻ جي نذر ٿين ٿا. باقي وڃي ڪو اڌ ڪلاڪ کن ڪلاس ٿئي ٿو. توهان جي علم ۽ علم جي ڏور اسان کان ڇڏائجي وئي آهي سر.... الاءِ اهو سڀ ائين ڇو ٿي ويو آهي ۽ ڪيئن ٿي ويو آهي.
اسين، اوهان جا سڀ شاگرد ڪمال نڪتاسين سر.... جيڪو جتي ملي ٿو، اتي ڌڻيءَ جي مھربانيءَ ۽ اوهان جي محنت جي طفيل ڪنھن نہ ڪنھن ٽاپ بريڪيٽ ۾ موجود آهي. اسان جو سڄو گروپ تہ خاص طور تي، وڏي ڄاڻ وارو لائق ۽ ”الاءِ ڇا ڇا“ طور مشھور آهي. اسان جھڙن بيوقوفن ۽ نالائقن کي جي دنيا ايئن ياد ڪري ٿي تہ اهو سڀ اوهان جي محبتن جو اعجاز آهي سر.... پنھنجي شاگردن ۾ علم سان ۽ علم جي ونڊ وکير سان اوهان جي محبت، اسان کي رنگ لائي ڇڏيا سر....
اڄ، محبتن جي عالمي ڏينھن تي سر.... اسين سڀ ”مُفت خورا“ جن ايڏي ڄاڻ، لائقي ۽ پنھنجن پنھنجن مضمونن ۾ ڪمال، اوهان جي محنتن سان حاصل ڪيو، اوهان جي نئين سفر تي، دعائن جو هديو پيش ڪرڻ ٿا گهرون. ڌڻي مٺو، اوهان کي بھتر کان بھتر جاءِ ڏئي، اوهان تي مھر ڪري، ٻاجهہ ڪري، اوهان کي بخش ڪري، بلڪل ايئن، جيئن اوهان پنھنجن شاگردن سان، ان پيغمبري پيشي ۾ سلوڪ ڪندا هيؤ، سندن ڪوتاهين کي درگذر ڪندا هيؤ ۽ گهڻو ڪري في سبيل ﷲ کين معاف ڪندا هيؤ. ڏاتار، توهان سان بہ اهو ئي سلوڪ ڪري، آمين. پنھنجي رهندي ساھہ تائين سائين، محبتن جي هن عالمي ڏينھن تي، جڏهن دنيا گلاب ورهائيندي آهي تہ هي خاڪستہ وجود، پنھنجي نيازمنديءَ جي ڪلي، پيش ڪندو رهندو. حق نہ اڳ ۾ ادا ڪري سگهيو هئس سر، نہ هاڻي ٿي سگهي ٿو. ٿورا لاهي نہ ٿا سگهجن، ڳائبا ضرور.... توهان جھڙو هڪڙو استاد بہ هاڻي هُجي نہ سر.... تہ الاءِ ڪيترا محمود جنم وٺي سگهن ٿا. مولاءِ ڪل جل شانہ اوهان جي مرقد کي آسودو ڪري، آمين.

آچر 18 فيبروري 2007ع