تون ياد وري آئين (موسيقار: استاد ظفر علي قريشي)
آچر، 19 ڊسمبر 2010ع تي، پرک جي رڪارڊنگ هئي. ان ڏينھن اسان حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي عرس جي نسبت سان، خاص رڪارڊنگ پئي ڪئي ۽ اسان جو هڪڙو سر موڙ راڳي، انتظار ڪرائڻ باوجود رڪارڊنگ تي ڪونہ پھتو هو. مھمان ڪافي هئا ۽ انتظار عجيب...بھر حال رڪارڊنگ جي خاتمي مھل، محترم پروڊيوسر اقبال سعيد انصاريءَ هميشہ جيان، پنھنجو اهم ڪارڊ ڪتب آندو...سائينءَ جو ڪلام ضروري هو ۽ مرڪندڙ مھڪندڙ، اسان جي پروگرام جو ڪمپوزر، استاد ظفر علي خان، بس رڳو وارن ۾ ڦڻي ڏئي، هلڪي پفنگ ڪرائي اسٽيج تي اچي ويو......آواز جو ڪمال تہ کيس نصيب ٿيل ئي هو، هن کن پل ۾”پرچن شال پنھوار“ ڪافي رڪارڊ ڪرائي....اڏامندڙ گهڙين ۾ اهو سڀ آخري ڀيرو سامھون ٿي رهيو هو، اها ڪا سمڪ نہ هئي. رڪارڊنگ کانپوءِ، اهو ئي ڪاريڊور ۾ هم قدم هلندي، منھنجو شڪوو هو تہ اوهان انٽرويوءَ لاءِ وقت جي عنايت نٿا ڪيو، اها ئي سندس مرڪندڙ، عذر جي مھڪ هئي تہ NAPA ۾ ڪلاسيڪل هنر جا ڪلاس پيو وٺان، واندو ٿيان تہ ضرور ايندس....هڪ وڏي گائيڪ جو وڏو ڪمپوزر پٽ هيو....وقت جي کوٽ تہ وٽس ٿيڻي ئي هئي....پر سندس حياتي، ائين اوچتو کُٽي ويندي، اهو ڪڏهن ڪنھن بہ ڪونہ سوچيو هو.
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان جيڪو پھريون ڪلاسيڪل پروگرام نشر ٿيو هو، تنھن ۾ اهم ترين جاءِ گواليار گهراڻي جي استاد قدرت ﷲ خان کي نصيب ٿي هئي، جيڪو خان صاحب مبارڪ علي خان جو فرزند هو. 1911ع ۾ استاد قدرت ﷲ خان ڄائو هو، جنھن 1921ع ۾ شڪارپور مان لڏي، ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ اتي علمِ موسيقيءَ جي ونڊ ورڇ ۾ مشغُل ٿي ويو هو. کين اولاد جي صورت ۾ قدرت چار پٽ ۽ چار نياڻيون عنايت ڪيا. پھريون ظفر علي، جنھن علمِ موسيقيءَ ۾ پنھنجي والد جي پر ورتي، ٻيون محمد علي، جيڪو ڊاڪٽر ٿيو، ٽيون محمود علي جيڪو راڳي بڻيو. ۽ چوٿون نوشاد علي، جيڪو ويلڊنگ جو ڪم ڪندو هو. ظفر عليءَ جو ڄم، پھرين مارچ 1946ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. پاڻ ڇاڪاڻ تہ پھريون اولاد هئو، ان ڪري سندس وڏو لاڏ کنيو ويو. شروعاتي سالن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس جهونا مارڪيٽ ۾ ”کتري محلہ اسڪول“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن چوٿين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ کارادر جي ”اوکائي ميمڻ اسڪول“ ۾ پڙهندي هن 1963ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي....جنھن کانپوءِ، ”سنڌ مسلم ڪاليج“ مان 1968ع ۾ بي اي پاس ڪري گرئيجوئيٽ بڻيو. فنِ موسيقيءَ جي پڙ ۾، هن پنھنجي ڏاڏي خان صاحب مبارڪ علي خان جو هٿ جهلي ورتو ۽ شروعاتي سبق کائنس ورتا. سفر طئي ڪندي هن پنھنجي والد، استاد قدرت ﷲ خان کان بہ فيض پرايو ۽ آهستي آهستي هن سان گڏ محفلن ۾ حاضري ڏيڻ شروع ڪئي. 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي اسٽيشن ڊائريڪٽر، ظفر حسين، پروگرام آرگنائيزر جميل زبيريءَ معرفت کيس ٻڌو. ظفر عليءَ ان موقعي لاءِ فيض احمد فيض جي سٽن جي چونڊ ڪئي هئي” يادِ غزال چشمہ، ذڪر سُمن عذارا....“ ڪمپوزيشن عنايت شاھہ صاحب جي هئي ۽ انھيءَ ظفر عليءَ جي آواز کي جھان شھرت ۾ باقائدي عنايتن سان نوازڻ شروع ڪيو. انھيءَ زماني ۾ ئي، هڪ راڳي بڻجڻ کان پوءِ، ظفر عليءَ کي اهو شوق ٿيو تہ هو هڪ موسيقار بڻجي. تنھن زماني ۾ هو گرئيجوئيشن جي آخري مرحلي ۾ هو، جڏهن کيس موسيقار بڻجڻ جي آڇ ملي.استاد قدرت ﷲ خان، مزاج جو ڏاڍو سخت هيو. ظفر عليءَ کي اها قطعي اجازت ڪا نہ هئي تہ هو ڪو تعليم کان سواءِ ڪنھن ٻئي طرف اضافي ڌيان ڏئي. دل جي هٿان مجبور ٿي ظفر عليءَ فلم ”لڄ رک“ جي موسيقي ڏئي ڇڏي. اها ٻي ڳالھہ هئي جو فلم جي اسڪرول ۽ رڪارڊن تي سندس نالو ”ظفر علي قريشي“ ڇپيو. فلمي دنيا ۾، هن جيڪو پھريون گيت ڪمپوز ڪيو هو، تنھن لاءِ هن آوازن جي چونڊ ڪئي هئي نشي ۽ اقبال عليءَ جي ۽ ٻول هئا موسا ڪليم جا ”ساھہ ۾ تون، اکڙين ۾ تون ۽ دل ۾ تون ئي رهين ٿو“ انھيءَ فلم جي هڪ ٻي ڪمپوزيشن نگهت سيما ۽ تاج ملتانيءَ جي آوازن ۾، ان دور ۾ هر چپ تي شاھہ سائينءَ جو ڪلام هيو ”منھنجو لالڻ آيو پيھي.... ويڙا سور سڀيئي...“ ”لڄ رک“ کانپوءِ تہ وٽس ڄڻ فلمي دنيا جي قطار لڳي وئي، پر هن پنھنجي ڪم جي چونڊ تمام سليقي سان ڪئي. پروڊيوسر فرزند علي قلفي والا جي فلم ”ڌرتي دل وارن جي“ جنھن کي غلام حيدر صديقي صاحب جي هدايتڪاري نصيب ٿي هئي، ظفر عليءَ جي فن کي وڌيڪ نکاري ڇڏيو. تنھن کان سواءِ. محمود لاسيءَ جي فلمن ”دوستن جو پيار“ ۽ ”پيار ڪي جيت“ لاءِ بہ هن موسيقي ترتيب ڏني. مشھور پيشڪار، رابرٽ ملڪ جي فلم ”بواءِ فرينڊ“ (جنھن جو نالو پوءِ ”ڇيل ڇبيلا“ رکيو ويو هو)، جي ظفر عليءَ موسيقي تہ ترتيب ڏني پر اها فلم ڪڏهن بہ رليز نہ ٿي سگهي. پشتو فلم ”شيرين فرهاد“ بہ استاد ظفر عليءَ جي ڪريڊٽ تي ئي آهي....تنھن کانسواءِ هزارين گيتن، غزلن، ڪافين، دورِ جديد جي انگن، سنڌي، اردو، ۽ بلوچيءَ ۾ سوين ڪيسٽن ۾، ظفر عليءَ جي ڪمالِ فن کي منتقل ڪيو آهي.
استادَ، سڄي عمر ڪا نوڪري نہ ڪئي، هن صرف موسيقيءَ سان نباھہ ڪيو، حياتيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو هو ملڪ کان ٻاهر ويو هو ۽ بمبئي ۾ پرفارم ڪيو هئائين. کيس ٻہ ڀيرا پي ٽي وي ايوارڊ ملي چڪو هو...1971ع ۾ سندس شادي ٿي هئي، ۽ سادي سودي ظفر عليءَ کي گلاب جي خوشبوءِ، اڇو رنگ، سادو کاڌو، وچٿرو موسم ۽ ڪراچيءَ جو شھر بيحد پسند هئا. هڪڙي نياڻي حنا ۽ ٽن پٽن منور علي، ڪاشف علي ۽ رجب عليءَ جي والد، هن گُڻي وجود کي رجب عليءَ ۾ پنھنجو عڪس نظر ايندو هو. ظفر عليءَ جي ڪمپوزيشن ۾ عجيب ڪشش هوندي هئي. توهان، سندس ڪيل پورهئي جو توازن ڏسندئو تہ حيرت ٿئي ٿي. هن سائل آزاد جي نعت ”تمنا آهي مدت کان اها سائل جي سيني ۾“ پاڻ ڪمپوز ڪري ڳائي....نذر حسين جي موسيقي ۾ صهبا اختر جو قومي گيت ”يا رب ميري وطن کا پرچم بلند رکنا“ هن بھترين ڳايو. مٿان وري جوڳ ڪانڙا ۾، امداد حسينيءَ جون سٽون ڪمپوز ڪري رڪارڊ ڪرايائين ”تنھنجا سپنا، ننڊ اچي تہ ڏسان.....“ فلم ”دوستن جو پيار“ ۾ رونا ليلا جو ڳايل ”پيار ڪيو سينگار الا“....مھناز جي آواز ۾ ”چاندي بدن منھنجو“، خديجه زليخا جي آوازن ۾ ”مان ڏاڍي خوش ٿي“ جي بلوچي طرز، ”سوڍا پٽ سنڌ جا“ ۾ محمد يوسف ۽ ساٿين جي آوازن ۾، مشتاق جسڪاڻيءَ جي شاعري ”پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونھاري“ ، ۽ رونا ليلا جي آواز ۾ ”رت مستاني منھنجا جاني ٿي ستائي“ تہ پبلڪ کي عجيب موھہ ۾ جڪڙي ڇڏيو....رونا ليلا جو ڳايل ”جيت منھنجي ٿيندي ۽ تنھنجي ٿيندي هار ڙي“ ۽ سڀ کان وڌيڪ تہ مهجبين قزلباش جي آواز ۾، شمشير الحيدريءَ جون سٽون ”تون ياد وري آئين“ ڄڻ سندس روح ۾ رچيل هيون.
پرک جي بيڪ ڊراپ ۾، هو سازيندڙن جي هجوم ۾ ويھي، ڇيڙ خاني ڪندي اوچتو ”تون ياد وري آئين“ جي ڌن وڄرائي ڇڏيندو هو. اسٽيج تان مان ڏانهس نھاريندو هئس تہ اها ئي شرارتي مرڪ، پان کائيندڙ چپن کي جڪڙي وٺندي هئي. پرور دگار، ان مرڪندڙ، مھڪندڙ، اسانجي استاد ظفر عليءَ تي ڪرم جي عنايت جو عرض آهي...تون بخشڻھار آهين. توکانسواءِ ڪير بخشي سگهي ٿو.
ڇپيل: اڱارو 4 جنوري 2011ع