ويلَ نہ وسريام ... (اداري پاران)
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاھہ سُپيريان جي،
تڏهانڪر تِرَ جيترو، ويلَ نہ وسريام،
اندر رُوح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
جيڪي ماڻھو، ’پرينءَ‘ يا ’سُپرينءَ‘ يا وري ’سڄڻ‘ جي صورت اختيار ڪري، روح اندر اچي رهڻ لڳندا آهن، سي ماڻھو، موڪلائي وڃڻ کان پوءِ بہ ماڻھوءَ جي اندر مان ڪڏهن بہ ۽ ڪنھن صورت موڪلائي ڪونھي سگهندا، انھن جا نيَم ساڳيا رهندا آهن. انھن سان اندر جي اوطاق ۾ ڪچھريون ڪڏهن بہ گُل ڪونھي ٿينديون. ياد جي شمع سدائين ٻريل رهندي آهي، جيئن ڪا دُونھين ڪونہ دُکيل هوندي آهي! جيڪا ڦُلھيار جي اندر اندر ڌڳندي رهندي آهي ۽ پئي پنھنجن ٽانڊن کي دُکايل رکندي آهي. ان جيان ئي هيءُ ڪتاب ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جن ۾ اهڙن ئي ماڻھن جي اوطاق تي انھن ساڻ ڪا ’مچ ڪچھري‘ ڄڻ تہ سُمھڻي کان وٺي ڀيڄ ڀنيءَ تائين جاري آهي ۽ هڪڙي آڳ آهي، جيڪا ڦلھيار اندر ڌُڳي رهي آهي، جنھن ۾ الاءِ تہ ڪيترا حال احوال سِڪَ سبيل ٿيا آهن، پڙهندي اکڙيون آليون ٿيو وڃن ٿيون. مَنَ ڀُرڪِي پوَن ٿا ۽ آب اکين تان وهندو، ڳلن تان ڳَڙي وڃي ٿو... جيڪو ڪنھن درد-ڪٿا جي ڪَٿَ ڪري ٿو.
هيءُ ڪتاب ڀاءُ ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انھن پنھنجي پنھنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا.
هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي، جنھن کي پڙهي، اوهان ’خاص الخاص‘ درجو عنايت ڪري سگهو ٿا. پنھنجن هيرن جو قدر اسان کي ڪرڻو آهي، ڪي ٻيا اچي ڪونہ ڪندا. هنن ليکن ۾ ڪٿي ڪٿي قدر سان گڏ بي قدريءَ جون ڳالھيون بہ آهن، جيڪي پڙهڻ مھل اوهان جي اندر کي جِهيرَ بہ ڏيئي سگهن ٿيون... پر بھرحال اهي حقيقتون ئي آهن تہ اسان پنھنجن جو ڪيترو قدر ڪري سگهيا آهيون! هيءُ ڪتاب ڄڻ تہ ’قدرائپ‘ جو هڪڙو اظھار آهي.
ڪتاب اندر، جن ماڻھن تي لکيو ويو آهي، انھن مان چند کي ڇڏي ڪري باقي سمورين شخصيتن سان ليکڪ گڏ گذاريو آهي ۽ انھن شخصيتن جي ويجهو رهڻ جي ڪري، انھن جي اُٿڻي ويھڻي، انھن جي گفتگو، انھن جا ويچار، انھن جا گُڻ، انھن جون دلپسنديون وغيرہ سڀ مستند آهن، جنھن ڪري ڪتاب جي اهميت وڌي وڃي ٿي. اوهان کي ڪتاب مبارڪ... پڙهو ۽ پنھنجي راءِ کان اداري کي آگاھہ ضرور ڪجو تہ جيئن پنھنجين اُڻائين تي نھار وجهي سگهون. آباد سلامت هجو - آمين.
فقير محمد ڍول
اڱارو 12هين جولاءِ 2022ع
امرتا ڇاپ گهر
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور
باسم چيمبرز، حيدر چوڪ حيدرآباد