مائرون ڪمال ڄاڻنديون آهن (قبلا والدہ صاحبہ)
ڏهن ۾ ڪجهہ منٽ گهٽ هئا. هڪ آفاقي عشق جي پڄاڻيءَ جا لمحا هئا. عشق جي پڄاڻيءَ جا لمحا نہ هئا. هجر جي شروعات هئي، هڪ جسم موڪلايو پئي. روح جا رشتا تہ موڪلائڻ کان باري واريندا آهن. مون هن جو هٿ جهليو هو هٿ جيڪو ڪرائيءَ تي ڄڻ اٽڪيل هو. ڪنھن ڄڻ ڪنھن ڪاٺيءَ تي ڪو چمڙو چاڙهيو هجي. هن جي زندگيءَ موڪلايو پئي. ڊاڪٽر مٿان بيٺل هئا، اديءَ ياسين شريف پڙهي پئي.... اکين ۾ روشني نہ هئي ۽ نبض ۾ ڌَڪُ نہ... دل بيٺل هئي ۽ ساھہ جو هلڪو کرڙو هو. مون سڏ ڪيو هو ”امان....“ ۽ لاالہ الاﷲ ان مالڪ کي گواھہ ٺاهي مان چوان ٿو تہ ان حالت ۾ بہ چچريل لفظن ۾ هن چيو هو ”ها.... محمود آهين....“ اهو عشق جو اعجاز هو. مون هن جي ڪن ۾ سرگوشي ڪئي هئي. ”امان.... وقت اچي ويو آهي توهان هلو... اسان پويان اچون پيا....“ ۽ سدائين منھنجو چيو مڃيندڙ، منھنجي ازلي محبوبا، منھنجي عشق جي آوي، منھنجي ماءُ پلڪون بند ڪري ڇڏيون هيون، هن جي اک ڇا بند ٿي، ڪائنات ۾ ڄڻ مرڪ جو دروازو ئي بند ٿي ويو.
طب جي دنيا ۾ اهو هڪڙو ڪمال آهي تہ هڪڙو ماڻھو جنھنجي نبض بيٺل هجي.... دل بند.... بلڊ پريشر نٿو لڀي، ۽ Pupil.... ڪوبہ رد عمل نہ ڏيکاري، اهو ماڻھو اوهان کي جواب ڏئي... پر مون کي اهو ڪمال نٿو لڳي.... هوءَ ماءُ هئي ۽ مائرون اهڙو ڪمال ڄاڻنديون آهن.
عجيب عاشقي هئي، اسان جي.... ڇھن سالن جي عمر ۾ بابا گذاري ويو تہ هن ئي ماءُ ۽ پيءُ بڻجي خدمت شروع ڪئي. وڏا ڀائر بہ بيحد ڀائيندا هئا، پر امان جو تہ سڀاءُ ئي ڄڻ ٻيو هو. محمود، اهو ڇيڳرو.... فرمائش ڪري ۽ پوري نہ ٿئي!
هوءَ بي انتھا پڙهيل ڳڙهيل هئي. شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽي جي لاڏلي شاگردياڻي هئي. ٽلٽيءَ جھڙي ڳوٺ سان سندس تعلق هو ۽ 1939ع ۾ شاديءَ کان پھرين هوءَ سن جي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. ان زماني جي ايتري تجربي رکڻ واري امان بنھہ سادي، سٻاجهي ۽ محبت ڪندڙ هئي. لان جو چولو، اڇو رئو ۽ اڇي شلوار، پيرن ۾ باٽا جي سندڪ يا باٽا جي ئي ڪا جتي... مٿي تي ٻاهر نڪرڻ مھل اڇو برقعو... پر گهر ۾ بہ اهو مٿو اگهاڙو نہ هوندو هو. انھن اڇين تارن جي بھار ڪڏهن ڪڏهن ئي نظر ايندي هئي.
مون هن سان شديد عشق ڪيو... ڪيو نہ بلڪہ ڪيان پيو.... منھنجي سامھون شيراپووا (Sherapova) کان وٺي اسٽيفي گراف تائين ۽ ماڌوريءَ کان وٺي مڌو بالا تائين عورتون انھن پٿرين کان بہ گهٽ آهن، جيڪي مان سندس جتيءَ جي کانچن مان ڪڍي گڏ ڪندو هوس....
”توکي خبر ناهي تون ڇا ٿيندين...“
ڪڇ ۾ ليٽندوهوس تہ وار سنواريندي چوندي هئي. ”هي جو مون توکي فوج ۾ وڃڻ کان روڪيو.... يا وري ڪمشنر ڪو نہ ٿيڻ ڏنو مانءِ نہ.... تہ ڏسجانءِ.... اهڙا سوين تنھنجا سلامي ھوندا. انھن کي ڪير سڃاڻندو بہ ڪونہ..... پر منھنجي محمود جا سئو سلامي هوندا....“
سندس لفظن تي کل ايندي هئي.
”يار مائڙي..... اهڙو ڪجهہ چئہ....جيڪو سمجهہ ۾ بہ اچي...“
۽ هوءَ بجو ڏيندي هئي، يار چوڻ تي، ۽ ٽھڪ ٻري پوندا هئا. اهڙو کلڻ تہ هاڻي سالن کان ٻڌڻ ۾ نہ پيو اچي.
”ڇڏين ها نہ مون کي تہ مان بہ وڃي ڪنھن محمود جو سلامي ٿيان ها.“
”پوءِ منھنجو ساھہ ڪيئن نڪرندو...! تون جي هليو وڃي ابا.... تہ مان تہ دم بہ ڏئي نہ سگهان...“
۽ ائين ئي ٿيو هو هن جو دم منھنجي هٿن ۾ پرواز ٿيو هو.
اسين ناقدار هوندا آهيون شيءِ هٿن ۾ هجي تہ شايد اسان وٽ ان جو قدر نہ ٿيندو آهي. جون ايليا چون ٿا:
هم ني ديکا تو هم ني يہ ديکا، جو نھين هي وہ خوبصورت هي
تہ بس مائٽ جو بہ ڪو اهڙو ئي سلسلو آهي، هجي ٿو تہ شايد اسين قدر نٿا ڪيون، پر ڪٿي ڪٿي تہ قدر بہ ٿيندو هوندو نہ.... يا.... وڃڻ کان پوءِ ٿئي ٿو؟
هن کي سينگاري ٻن پھرن جو ورانڊي ۾ رکيو هيائون. رمضان جو روزو هو ٻارنھون.... ۽ فيبروري هئي يارنھن سال هو، 95ع.... ان ٺھيل گرم ۾ پردہ دار خواتين جي ڪري مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هيائون.... پر مان وري بہ هڪ عاشق جيان هتان هتان جهاتيون پائڻ ۾ پورو هوس. ان کٽ جو پائو ئي نظر اچي وڃي جنھن تي هوءَ ليٽيل آهي. اڃا ڳڻپ جا ڪلاڪ مون وٽ آهن. ان جي هڪ هڪ گهڙي مان ڇو وڃايان ۽ شام جو ساڍي ڇھين وڳي کڻڻ مھل، مون سندس نرڙ چميو هو. ۽ هڪ دفعو وري جي قسم کڻان تہ مولا پاڪ مشڪل ڪشا ٿو ڄاڻي ان مھل هوءَ ڪنھن اسڪول ويندڙ ٻارڙيءَ جيان لڳي رهي هئي. ۽ ان ڏينھن کان وٺي هن گهڙيءَ تائين مان هر ٻارڙيءَ ۾ هن کي ڏسندو آهيان.
رمضان جي هن هفتي ۾ ڪو ڪم ناهي ٿي سگهندو. عشق جا بخيا اڍڙندا آهن. اهي گهڙيون ياد اينديون آهن. جڏهن چھرو گلاب هوندو هو ۽ ساهن ۾ اجائي خوشبو هوندي هئي.
”تون ڪو نہ نڀائي سگهندين، ان ڇوڪريءَ سان... هٿَ ڪَڍُ....“ هر نئين عشق جو آڳر کلندو هو تہ هوءَ مرڪندي هئي.
”توسان نڀايان پيو نہ.... اها وڏي ڳالھہ ناهي....“
”مون جھڙو ڪوتوکي برداشت بہ تہ ڪري نہ...“
۽ اهو سچ هو ۽ آهي.... تو جھڙو امان ڪير برداشت ڪري ها، هيڏا انگل آرا.... اهي ناز نخرا.... توکان سواءِ ڪنھن کي کڻڻ جي جرئت هئي. هر ڪا محبوبہ ناز کڻائيندي هئي پر منھنجا ناز تہ توکي ئي کڻڻ آيا پئي.
منظور سان ۽ ڪاوش سٿ سا، منھنجي هاڻي ڪمٽمنٽ آهي... اها توکي بہ خبر آهي ۽ ان ڪمٽمنٽ کي پوري ڪرڻ مان هر هفتي بلڪہ هر پل انيڪ موضوع سوچيندو رهندو آهيان. خير هن واري مون ٻہ ڪالم لکي بہ ورتا آهن پر الاءِ ڇو اهو خيال هڪدم سامھو اچي ويو، تہ جنھن جي پيرن کي چمي جنھن جي جتيءَ کي چٽي تون هن مقام تي پھتو آهين. ان جي وصال جي هفتي تي لفظن جي مالھا بہ نٿو پارائي سگهين ڇا؟
امان.... تون سچي هئينءَ.... جيڪو مقام تو مون لاءِ سوچيو هو، ڏٺو هو ان جي سوچ مون لاءِ اهڙي قطعي نہ هئي، اڄ جڏهن ماڻھن جو بي پناھہ پيار منھنجي پلئہ پئي ٿو. تڏهن غور ڪندو آهيان تہ هر چھرو تنھنجو چھرو هوندو آهي مان تہ آئيني کان ڇرڪندڙ ماڻھو آهيان. ڊپ ٿيندو اٿم، سوچ ايندي اٿم تہ هي ماڻھو ان لائق آهي جيڪي ڪجهہ هن کي ملي ٿو تہ هڪدم پٺي تي تنھنجو هٿ محسوس ٿيندو آهي، ۽ ڪنن ۾ گونجندو آهي اهو جملو ”توکي ناهي خبر تون ڇا ٿيندين....“ ۽ اها خبر امان ڪنھن بہ اولاد کي نہ هوندي ٿئي تہ هو ڇا ٿيندو!
واقعي مائٽ وڌيڪ ڄاڻي ٿو پيءُ بہ ڄاڻي پر ماءُ تہ ڪمال ڪري سگهي ٿي.
هنن ساعتن ۾ جڏهن توکي رخصت ٿئي. اسلامي لحاظ کان ڏھہ سال ٿيا آهن تہ خوشي امان ڄڻ توسان گڏ ئي دفن ٿي وئي آهي، ﷲ جو شڪر آهي... سڀ ڪجهہ آهي، پر تون ناهين، پھرين گاڏيءَ جو پھريون در تو نہ کوليو... پھريون پي ٽي وي ايوارڊ، ريڊيو ايڪسيلنس ايوارڊ وٺندي تو ڪونہ ڏٺو، آٽو گراف ببڪ تي پھرين سائن توکي نہ ٻڌائي سگهيس.... پر يقين ڄاڻ... دل جو هر درد اڄ بہ توسان ئي شيئر ڪندو آهيان، گذريل هفتي ڏک جي لھر اندر ۾ ڊوڙي تہ اهو ڪالم بہ مون توسان ڳالھائيندي ئي لکيو... مان... امان.... توکان سواءِ ائين آهيان جيئن تنھنجي لفظ مان... الف ڪڍي ڇڏجي.... الف جنھن سان ﷲ ٿئي ٿو، اول آخر ٿئي ٿو. تنھنجي نہ هجڻ ساڻ توکي نہ سڏڻ ساڻ، مان ختم ٿي ويندس امان... مون کان اهو الف نہ کسجانءِ... مان ۽ امان... اهو لازم آهي.... امان ناهي تہ مان ڇاهيان! محبوبہ.... منھنجي ڄاڻ منھنجو علم، منھنجي ڏاهپ شھرت ۽ عزت ۽ مليل هر خوشي تنھنجي جتيءَ جي هيٺان آهي. پنھنجي وصال جي ڏينھن تي ان جتيءَ جي تريءَ تي منھنجا چپ قبول ڪر. خدا توکي ائين ئي گلن سان ڍڪيل رکي ۽ تون ائين ئي مون وانگر سڄي جڳ لاءِ دعاگو رهين.
اوهان جي مائرن وارا آهيو تہ منھنجي پاران هر امڙ لاءِ پيرن تي هٿ قبول ڪيو.
امان، هن نالائق لاءِ دعا ڪندي رهجانءِ ڇاڪاڻ تہ تنھنجي دعا کان سواءِ هي ڪجهہ بہ ناهي. مون کي واقعي خبر نہ هئي تہ مان ڇا ٿيندس، پر ايتري خبر ضرور اٿم تہ جيڪي ڪجهہ بہ ٿيان، تنھنجي دعا کان سواءِ نہ ٿي سگهندس. تون ڪمال جو ڄاڻين ٿي.
(ڇپيل:آچر 24 آڪٽوبر 2004ع)