اَدِي (سياستدان: شھيد محترمہ بينظير ڀٽو)
ڳڙهي خدابخش جي نرم مٽيءَ جي تھن ۾، گلابن سان ڍڪيل آخري مرقد ۾، بابا جو ڀاڪر ڪيئن لڳي ٿو؟...اهو عظيم الشان پيءُ، جنھن کي اڻٽيھہ سال اڳ، جدائيءَ جي گهڙيءَ ۾ تون ڇھي بہ ڪو نہ سگهي هئينءَ. هنن گهڙين ۾ هن توکي ڪيئن نہ ديوانن وانگر ڇاتيءَ سان لڳايو آهي. اهو عالمي مرتبت، قائد، جيڪو سياسي بصيرت تہ کڻي ڪمال رکندڙ هو، پر گڏو گڏ هڪ والد بہ تہ ڀرپور هئو، تنھن لاءِ توکي ڇڏڻ ۽ وري واپس ورائڻ جو تجربو ڪيڏو نہ ڪمال هوندو.
ادي!
تو جھڙي عالمي وجود کي ”تون“ چئي مخاطب ٿيڻ اڻ سونھون لڳي ٿو، جتي سڀ ”محترمہ“ کان گهٽ نہ ٿا ڳالھائين، ۽ توهان چوندي بہ سندن همٿون هر هر ميڙاڪا ڪن ٿيون، اتي هي پاڳل، چريو، نادان ننڍو ڀاءُ ڪيئن هجت مان ”تون“ ٿو چوي...پر خالي هي اڪيلو ناهي، اهڙا هزارين ڀائر اها هُجت ساڻ کڻي هلن ٿا...ڇاڪاڻ تہ هنن کي محبتن جو اهو معراج تو ڏنو آهي ۽ ائين، ان انداز ۾ موڪلائي تہ تو اڃان بہ سڀني کي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو آهي.
اڃان وڌيڪ ڳالھين ڪرڻ کان پھرين، اهو چوڻ بنھہ اهم آهي تہ، ”انا وانااليہ راجعون...“ ڌڻي جل شانہ جي فيصلي کي قبول ڪرڻو آهي. تون رخصت ٿي چُڪي آهين ۽ ٻين کي يقينن پنھنجي پنھنجي واري تي هي جھان ڇڏڻو آهي...مٽيءَ جي هر پنوڙي کي آخر بہ تہ مٽيءَ سان ملڻو ئي آهي. دنيا، خساري جي جاءِ آهي ڀيڻ...هي تہ بس پوک ئي پوکڻي آهي. لڻڻ جو جھان تہ ٻيو آهي. اها ڳالھہ تمام گهٽ ماڻھن کي سمجهہ ۾ اچي ٿي ۽ وري جن کي سمجهہ ۾ اچي ٿي، انھن کي اهو سڀ سمجهندي سمجهندي ورهيہ لڳي وڃن ٿا. تنھنجو والد محترم، ”قائد عوام“ هڪ ذهين ترين وجود هو، ان راز کان هو واقف هو ۽ هاڻي سمجهہ اچي ٿي تہ پنھنجي مختصر ساٿ ۾ هن توکي بہ خوب سمجهاڻيون ڏنيون. تڏهن تہ اوهان ٻئي، سدائين رهندڙ واري ”دارالبقا“ لاءِ ايتري تياري ڪئي، ايترو ڪجهہ پوکيو، اهو سڄو ثمر ڪٺو ڪيو، جيڪو اوهان کي ٻئي جھان ۾ ڀرپور نموني ڪم اچي...
اسان جھڙا، الاءِ ڪيترا وجود ڀيڻ، انھن سڀني مرحلن کان ناآشنا هوندا آهن، جن کي ”سياست“ چئبو آهي. ذاتي طور تي هنن سٽن ۾ اهو اقرار ڪرڻ گهران ٿو تہ سياست، جو ”سين“ سمجهڻ بہ بي انتھا ڏکيو ٿو لڳي، نہ ڪڏهن ڪو جلسو جلوس ڏٺو آهي، نہ ڪو ميلو ٺيلو، سچ اهو ئي آهي ۽ جيڪو بہ پڙهندو سو کلندو ضرور...پر ڳالھہ تہ آهي نہ...هاڻي جنھن ماڻھوءَ، ڪڏهن ڪو سياسي پليٽ فارم نہ ڏٺو هجي، جنھن کي ڪنھن نعري وغيرہ جي سُڌ نہ هجي، تنھن کي اها حسرت هجي تہ ڪيئن بہ ڪري ”شھيد ڀٽي“ جي تصوير ضرور هٿ ڪجي...اها تصوير، جيڪا ساھہ سان سانڍي رکجي...جيڪڏهن لائبريري هجي تہ اتي ڪنھن روشن جاري ۾، ڪتابن جيان، دنيا جھان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف ڪندڙ ”ڀُٽو“ ضرور موجود هجي...ڀٽو، جيڪو هن ملڪ جي اڻ پڙهيل عوام لاءِ هڪ کليل ڪتاب هو. اهو نوجوان نسل، جيڪو تنھنجي آواز جي گونج ۾ وڏو ٿيو آهي، شايد اهو نہ ٿو ڄاڻي تہ ڪتابي طور تي اڻ پڙهيلن، ننڍي حيثيت وارن ماڻھن ۽ عام عوام وٽ سمجهہ جو جيڪو درياءُ هاڻي بند آهي، اهو ”ڪُوزو“ کين ذوالفقار علي ڀٽو ڏئي ويو هو...اهو ئي ڀٽو، جنھن پنھنجي پٺيان توکي، ان راھہ جي اڙانگي سفر لاءِ چونڊيو هو.
اڻٽيھہ سال پھرين ڏانھن ورون ٿا ادي، سکئي ستابي ٺاهيندڙ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم کي، جڏهن رات وگهي جھان مان رخصت ڪيو ويو هو ۽ گهٽين ماٺ جي چادر پھري هئي تہ سڏڪا، سينن ۾ جڪڙجي ويا هئا. هاڻي، جڏهن ڪنڊ ڪڙڇ ڍڪرون ٿي ڏئي تہ لڳي ٿو تہ اهو غم بہ تازو ٿي نڪتو آهي. وسايل چلھين جا ٽانڊا، ڄڻ وچ واري عرصي ۾ ٻريا ئي ڪونھن. انھن مٿان وقت جي اڇلايل پاڻيءَ، رڳو درد جا دونھان ڪڍيا آهن. انھن دونھن وري، اکين جي آلاڻ کي جاڳايو آهي، اڻٽيھن سالن ۾ نيڻ کِليا گهٽ آهن، رت گهڻو رُنا آهن...
هنن ساعتن ۾، توسان گفتگو ڪندي، ادي...قلم بار بار بيھجي ٿو وڃي...دماغ خالي ٿو لڳي، بي ربط شيون، ڄڻ تال ڪڍنديون هجن...سڀ سمجهہ ۾ اچي ٿو...اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ مئي سان مرندو ڪو بہ ناهي...اها ”بک“ جيڪا ڪجهہ دير لاءِ جهيڻي ٿي آهي وري لڳي ويندي...ڪار جھان وري شروع ٿي ويندو. هل هنگاما، نعرا شارا، شاديون مراديون، سڀ وري ٿي ويندا، نہ هوندينءَ تہ تون...۽ اها بہ ڄاڻ اٿم تہ تنھنجيءَ غير حاضري ۾ يقينن ڪنھن نہ ڪنھن تي اها سڄي ذميواري بہ اچي ويندي، هاڻي اهو اها نڀائي سگهي يا نہ، اها ٻي ڳالھہ آهي...پر اها پڪ تہ هرڪو رکي ٿو تہ اهو بينظير ٿي نہ سگهندو...
حياتيءَ ۾ هڪڙي ڳالھہ ڏاڍي عجيب آهي ادي....ڪنھن وڏي، گهاٽي وڻ جي ڇانءَ، هيٺان ننڍا ٻوٽا نسري ناهن سگهندا...هاڻي انھن لاءِ سبب کڻي ڪھڙو بہ هجي، اهو سڀ ائين ئي ٿئي ٿو، پر هڪ وڏي پيءُ جي ڇانءَ هيٺان، تنھنجي وجود جي ٻوٽي پاڻ ڪمال جو سنڀاليو...ايتري حد تائين جو ان قدآور وڻ جي ڪپجڻ کان پوءِ تو وري پاڙون مضبوط ڪيون ۽ پنھنجو قد اونچو ڪيو...جيڪڏهن تنھنجي وجود جو وڻ قبلہ والد جي وڻ کان مٿي ٿي نہ سگهيو تہ بہ، ان جي لڳ ڀڳ تہ پڳو آهي ادي...هاڻي اهو سڀ تہ سياسي تجزيه نگار ئي سمجهي سگهن ٿا، هيءَ تہ هڪ عام ماڻھوءَ جي سوچ آهي.
شھادت کان ڪجهہ ڏينھن پھرين، ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي ڪي ٽي اين سان ڳالھائيندي تو چيو هو، ”مون کي وڏي خوشي آهي تہ اڄ مان پنھنجي ڌرتيءَ تي لٿي آهيان...“ تہ اهو سڀ ٻڌندي، تنھنجي ٻھڪندڙ مُکَ ساڻ، ٻيا بہ هزارين چھرا، مھڪي اٿيا هئا...تو مرڪيو پئي تہ عوام ٽڙيو پئي...ڪنھن کي بہ اهو اندازو ڪو نہ هو تہ گلابي مک کي، ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ گلابن جي ڍير هيٺان آرامي ٿيڻو آهي. پنھنجي والد جي لاڏلي ”پنڪي“ ائين خوشبو بڻجي ويندي...پر ڇاڪاڻ تہ ازل ابد جي ڪتاب ۾ سڀ اڳ ۾ ئي لکيل هوندو آهي. اهو سڀ ائين ٿيڻو هو...هڪ عاشق پيءُ، ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڪيترو انتظار ڪري ها...
لاهور جي عدالت ۾، پنھنجي آخري تاريخي بيان جي آخر ۾، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو شھيد، هڪ سٽ چئي هئي...جيڪا هر هر ڪنن ۾ گونجي ٿي...ڀٽي صاحب، عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو هو، ”دردان دي ماري، دلڙي عليل اي..“ اڄ، وقت کي مخاطب ٿيندي اها ئي سٽ سمجهہ ۾ اچي ٿي.
اسان جھڙن مجھولن کان ناراض نہ ٿجانءِ ادي...اسين بيوقوف، سڪو رائج الوقت نہ ٿا ڄاڻون...اهي ڦنڌ ڦير اسان کي نہ ٿا اچن ڀيڻ...اسان جو نہ ڪنھن سان مخالفت جو حساب آهي، نہ موافقت جو تعلق....اسان کي تہ بس اها خبر آهي تہ جيئن سڳين ڀينرن جو ڏک سينو جڪڙيندو آهي، ائين ئي تنھنجي جدائيءَ جو غم بہ وڪوڙي ويو آهي. اڄ دل چوي ٿي تہ ادي، ادڙي، جيجل، امڙ، آئي، دادا ۽ اهي سڀ خطاب جيڪي گهرن ۾ ڀينرن کي ڏنا ويندا آهن، تنھنجي نانءُ ڪجن ۽ جيئن ڀينرن جي رخصت ٿيڻ تي، سندن هٿ وٺندڙن کي وينتي ڪبي آهي تہ، ”سائين....ڏاڍي لاڏ سان پاليل آهي اسان جي نياڻي...ان جي پارت اٿوَ...ائين ئي ڌڻيءَ مٺي کي عرض ڪجي تہ رب پاڪ، کيس بھتر کان بھتر جاءِ ڏجانءِ...سندس پورهيو قبول ڪجانءِ ۽ کيس جنت الفردوس جي عاليشان باغن ۾ رکجانءِ...هوءَ گلابي آهي ۽ گلابن ۾ ئي سندس جاءِ سونھين ٿي...منھنجا رب تون مالڪ آهين ۽ اهو سڀ تہ تون بھتر ڄاڻين ٿو. اسان جو عرض قبول ڪجانءِ. آمين.
ڇپيل: آچر 30 ڊسمبر 2007ع