ڳليان پريم نگر ديان! (راڳي: سھراب فقير)
”سُنگ جي آسمان تي ستارن جيان مرڪندا هئا، سندس ساٿي...“ صبح مھراڻ ۾ جڳ مشھور براڊ ڪاسٽر، ميزبان، ليکڪ ۽ استاد محترم نصير مرزا ڳالھائي ٿو ” ۽ بلاشڪ تہ انھن ستارن ۾ سڀ کان روشن ستارو اهو پنھنجو سھراب فقير هيو...آواز جي سڀ کان وڏي گونج ۽ خاص طور تي آخري حد تائين، آواز جي هڪجهڙائي ننڍي کنڊ ۾ تمام گهٽ ماڻھن کي نصيب ٿي آهي ۽ فقير سائين انھن مان هڪ هيو، سندس نالو بہ ڪمال هيو....”سھراب“ جنھن نالي ۾ خود وڏي طاقت آهي. مان کيس سدائين چوندو هئس تہ توهان جي نالي ۾ جيڪي دم آهي سو ئي توهان ۾ بہ آهي....“ عالمي شھرت جو حامل فنڪار هيو سھراب سائين....ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ پرڏيھي دوست جڏهن پاڪستان آيو ۽ مون سان ملڻ لاءِ ڄامشوري ڪھي آيو تہ حيرت جي ڳالھہ اها هئي تہ هن پيرس مان مون لاءِ جيڪو تحفو آندو هو، سا ”سھراب فقير جي سي ڊي“ هئي. فرانس جي ڪنھن آواز جي سرموڙ اداري کيس رڪارڊ ڪيو هو ۽ منھنجي مھمان کي ان کان وڌيڪ ڪو تحفو سمجهہ ۾ نہ آيو هو...”حيرت انگيز آهي هن جو آواز...سوهراب...حيرت آهي....اهڙو آواز ڪٿي نہ ٿو ملي...توهان جي آوازن جي دنيا ڪيڏي نہ امير آهي جو اهڙا آواز منجهس موجود آهن....“ ۽ خالي اهو منھنجو پرڏيھي مھمان ئي نہ هئو، جنھن جي اها سوچ هئي، سھراب فقير جي لاڏاڻي تي سائين حميد آخوند ڪي ٽي اين تي چيو پئي ”جرمنيءَ ۾ سندس پرفارمنس حيرت انگيز هئي، اتي هڪ خاتون جيڪا ”الرچ“ ۾ عالمي ميلو منعقد ڪرائيندي آهي، سندس آواز لاءِ چيو تہ سھراب جو آواز اوهان کي جنت جو دروازو کولي ڏئي ٿو.“ اها ڳالھہ مڃڻ جي آهي ۽ فيڪٽ آهي تہ سھراب فقير، ننڍي کنڊ جو ۽ عالمي حيثيت جو هڪ وڏو ڳائڻو هو...سڄي دنيا ۾ سندس فني حيثيت تسليم ڪئي ويندي هئي. مان نٿو ڄاڻان تہ سھراب فقير، پنھنجي حياتيءَ جي ڪھڙي ورهيہ ۾ لطيف سائين رحمتہ ﷲ جي درگاھہ تي پھريون سلام ڪيو هوندو....سندس شعور جي ڪھڙي ڪيفيت هوندي ۽ سندس اندر ۾ درد جو درياءُ ڪيتري موج ۾ هوندو، پر جمعي ڏهاڙي پنھنجي حاضريءَ کي هن يقينن آخري حاضري سمجهيو هوندو. الاءِ ڇو دل چوي ٿي تہ لکجي تہ کيس اهي ”سنئوڻ“ پئجي ويا هئا تہ هاڻي هن جاءِ تي وري نہ اچبو...هاڻي هي در و ديوار ڌنڌ جي پار هليا ويندا. مستقل هفتي کان جو هن پنھنجي ڳوٺ موٽڻ لاءِ ”ٻاراڻو ضد“ پئي ڪيو سو اجايو نہ هيو....موڪلائڻ جي مامَ سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي، جيڪڏهن اچي وڃي تہ الاءِ ڪيترا دروازا کلي ويندا آهن، ”پريم نگر جون ڳليون“ ڪڏهن ڪڏهن سامھون نظر اينديون آهن....نظر اينديون آهن تڏهن تہ سھراب سائين زور لاتو هو تہ بس گهر موٽي هلو. هڪ وڏي سفر کان پوءِ فقيري رنگ جو هي نماڻو سر موڙ آرام لاءِ موٽيو آهي، سندس گهر، سندس لانڍي، سندس اوطاق، سڀني جو ڪنڌ جهڪيل آهي.
”ڪمال ماڻھو هو سائين سھراب فقير...عجيب...عجيب و غريب.“ پاڪستان ٽيليوزن جي هڪ ڪئمرامين ٻڌايو اسين هڪ واري سندس رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ هن جي ڳوٺ وياسين...سائين....مھمان نوازيءَ جي تہ هن حد ڪري ڇڏي....اهو سڀ تہ ٺھيو، پاڻ پنھنجي هٿن سان هڪ هڪ ماڻھوءَ کي مانيءَ جا گرھہ ٺاهي پيو کارائي....اسين چئونس پيا توهان بہ کائو نہ...چئي نہ...اوهان سڀ پھرين...آئون سڀ کان آخر ۾...“ ۽ اهو ئي ذڪر عرفانہ ملاح سان پنھنجي ڳالھہ ٻولھہ ۾ هن بار بار پئي ڪيو...فالج جي ڪري ڳالھہ جي واضح نہ پئي ٿئي تہ سندس فرزند رجب فقير جملا چٽا ڪري پيو ڏئي...”اسان کي مرشد کارائي...هڪ هڪ کي....پھرين اسين، آخر ۾ پاڻ....بابَو....واھہ....ڀلا ڀلا....پھرين ٻيا پوءِ پاڻ....اهو ئي سکيوسين....اهو ئي سيکاريوسين....“ پنجھتر سالن جي هن پير مرد تقريبن اٺھٺ سال هن فن کي ارپيا، اهو بہ عجيب سلسلو ٿيو جو شھرتن جي ديوي حياتيءَ جي ڏاڪي ۾ مٿس ان وقت مھربان ٿي هئي، جڏهن هو تقريبن اڌ صدي پرفام ڪري چڪو هو، پوءِ بہ ارڙهن سالن جي هن سفر ۾ هن سچل ايوارڊ، شاھہ لطيف ايوارڊ، شھباز قلندر ايوارڊ، تمغہءِ حسنِ ڪارڪردگي يعني صدارتي ايوارڊ ۽ عالمي ميوزڪ ايوارڊ حاصل ڪيا هئا. نہ صرف حاصل ڪيا هئا، بلڪہ حاصلات جي دنيا کي انيڪ دفعا ورجايو بہ هو. عالمي حيثيت جي قد ڪاٺ سان هن سورنھن ملڪن ۾ ڀرپور پرفارمنس ڏني هئي. برلن، بون، الرچ، پيرس ۽ ٻيا ڪيترائي شھر سندس آواز جي ”سونھن-ڌاڳي“ ۾ اهڙا جڪڙيا جو ڄڻ اتي سھراب فقير جو ڄار اڻجي ويو هو.
اداس مک وارو اداس فقير، هاڻي جوڳ وٺي چڪو آهي. جناح اسپتال جي ايوانن ۾ سندس گهمندڙ اسٽريچر الاءِ ڪيترا چڪر ڪاٽيا هوندا، الاءِ ڪنھن ڪنھن لاءِ هن نھاريو هوندو ۽ الاءِ ڪيترا ڀيرا سندس دل کائنس سوين سوال ڪيا هوندا، جن جا جواب، سندس ڀرپور مرڪ، ڀرپور اداسيءَ سان ڏنا هوندا. رڳو راڳي نہ هو سھراب فقير مرحوم....هو هڪڙو زيرڪ وجود بہ هيو، جنھن کي زماني جي لاهن چاڙهن جي ڄاڻ بہ هئي، کيس ڀليءَ ڀت اها پروڙ هئي تہ ڏکن لمحن ۾ دوستن کي لڄي نہ ڪبو آهي، فقير تہ ڀرم رکڻ ڄاڻندا آهن...کيس ڄاڻ هئي تہ هي جھان ستت ڇڏڻو آهي ۽ کيس اها بہ خبر هئي تہ اها خبر، هر ڪنھن کي پئجي چڪي آهي تہ ”اڄڪلھہ“ جي مھماني باقي بچي آهي جو ڪنھن وفا ڪئي تہ سندس لک ٿورا....۽ جيڪڏهن هن جي پاران بي وفائي پلئہ پئي تہ بہ فقير دعا ڏئي رخصت ٿيندو...ايڏي وڏي ماڻھوءَ جي مک تي شڪايت ڪا سونھين ٿي؟ سھراب فقير ماٺ ميٺ ۾ رخصت ٿيو آهي، پر جناح اسپتال جي ڀتين جي شڪايت کٽي ئي ڪا نہ ٿي...هو ڪاريڊورز ۾، وارڊ ۾، دروازي وٽ هڪٻئي سان سرٻاٽ ڪنديون رهن ٿيون. اهو هو سھراب فقير...ايڏو وڏو فنڪار...ايڏو وڏو نالو...جنھن سان اهڙي حالت ٿي هئي!! مٿان وري واپس آيل ايمبولينس، جنھن ڪالھہ کيس سندس گهر تائين پھچايو هو، ڀتين تي نگاھہ وجهندي چئي ٿي ”پريم نگر جي ڳلين جو پريمي، اهو وڻجارو هتان وڃڻ مھل ڏاڍو نا آسودہ هيو، پر جيئن ئي پنھنجي گهر تي هن جي نظر پئي هئي ۽ کيس لطيف سرڪار جي در تان رخصتيءَ واري نگاھہ ياد آئي تہ سندس نيڻن جا ڏيئا شدتن سان ٻري پيا هئا. بي مھر جھان مان پريم نگر ڏي، هو ڏاڍو پريم سان ويو آهي...“
ڇپيل: آچر 25 آڪٽوبر 2009ع