شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

بيڪ ٽو بيڪ (استادِ محترم: آصف علي سھاڳ ۽ الھہ وسايو راڄڙ)

ٻن ڏينھن اندر سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻہ وڏا استاد دُنيا مان رخصت ٿيا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪنامڪس شعبي جي حوالي سان محترم الھہ وسايو راڄڙ، هاڻي عمر ڪوٽ جي ڀرسان ڳوٺ حاجي مولا بخش راڄڙ جي قبرستان ۾ آرامي آهي. پاڻ 13 آگسٽ تي وفات ڪيائين ۽ انگريزي شعبي جو هڪ سدا بھار استاد سائين آصف علي سھاڳ وڏا ٽالپر ويجهو خيرپور هاڻي آرامي آهي. پاڻ 14 آگسٽ تي جھان ڇڏيو هُئائين. اکين ۾ ٽانڊاڻا چمڪن ٿا. پنھنجي شعبي جي حوالي سان ٻئي استاد ڪمال هئا ۽ پنھنجي سڀاءُ، ميل ميلاپ ۽ اُٿڻي ويھڻيءَ ۾ بہ سندن مختلف اندازَ سڄي يونيورسٽيءَ کي معلوم هئا. آرٽس فيڪلٽي انھن ٻنھين کي ڪٿي وساري سگهي ٿي.
سنڌ يونيورسٽي تہ اها ئي سنڌ يونيورسٽي آهي، پر الاءِ ڇو، هاڻي هتي اهي نقرئي ٽھڪ، اهي سدابھار کِلون، اهو سڪَ محبت جو رنگ، اُهو نہ ٿو نظر اچي، جيڪو پھرين نظر ايندو هو. هڪ عجيب گهما گهمي هوندي هُئي، جيڪا ڪنھن تيز خوشبوءَ جي هالي جيان اوهان کي پنھنجي گهيري ۾ وٺي ويندي هئي. هڪ کان هڪ ”ٽيچر“ پنھنجي مسند تي موجود هوندو هو، رڳو فئڪلٽيءَ جي ڊين کان ئي ساھہ پيو نڪرندو هو، پي وي سي تہ پري وڃي رهيو. ۽ استاد بہ ڪھڙا هوندا هُئا...بلائون...اَجگرَ...جنھن بہ شعبي ۾ وڃ تہ هڪ کان هڪ ذهانتن جو پنڊار موجود...جنھن سان اک ملائي ڳالھائڻ تہ محال، سامھون ايندي بہ ڀئو ٿيندو هو. انھيءَ جو مطلب ڪو اهو نہ آهي تہ ڪو اُتي ڪجهہ هيبت ناڪ وجود ويٺا هوندا هئا...هُئا ماڻھن جھڙا ماڻھو هئا، پر استادَ هئا، ٽيچر هئا، سکيا ڏيندڙ هئا.
ادا وسائي جي مُرڪ ڏاڍي ڪُشادي هوندي هئي ۽ سندس ٽھڪ لچڪدار...هُو ڪاريڊورز ۾ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو هو ۽ پنھنجي سياسي طور مخالفن کي زچ ڪندو هو. تنھن زماني ۾ يونيورسٽيءَ جي استادن جي سياست ۾ ٻہ گروپ هوندا هئا، هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو عجيب هوندو هو. مخالفت سياسي هوندي هئي، چھري تي نہ ايندي هئي ۽ ان جو وڏو ۾ وڏو مثال ادا وسايو راڄڙ هو. پنھنجي ڪلاس ۾ سندس ڪم بہ ندرت خيز هو. شاگردن جو هڪ وڏو انگ سندس مداح هوندو هو، ڇاڪاڻ تہ وٽس تعليم ڏيڻ جو هُنر صرف ڪتابي نہ هو...هو عام رواجي استادن جيان، رڳو پڙهائڻ ڪو نہ ايندو هو...وٽس شاگرد ايندا هئا تہ دل جو درد کڻي. حال ڀائي ٿيندو هو، مددگار ٿيندو هو. سندس دل بيحد ڪشادي هئي ۽ اها ڄاڻ، سندس ويجهڙائپ توڙي عام رواجي تعلق رکندڙ هر شاگرد کي خبر هئي.
مُنھنجي ٻنھين وڏن ڀائرن، مرحوم ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل ۽ ادا خليل الرحمان مغل سان، سندس تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي...ادا وارا وفات ڪري ويا تہ هُو جڏهن بہ ملندو هو تہ انھن جو ذڪر، بيحد آبديده ٿي ڪندو هو. مون کي نہ ٿو لڳي تہ ڪڏهن هن ذڪر ڪيو هجي ۽ سندس اکيون ڀريون نہ هجن ۽ اها ئي سڪَ محبت هئي، جو نظرياتي حوالي سان، سندس مخالف گروپ ۾ شامل هوندي بہ هُو سدائين ڀاڪر ڪشادو رکندو هو. ”خليل جو ڀاءُ آهين...مُنھنجو ننڍڙو ڀاءُ آهين...مون تنھنجي گهر جي ماني کاڌي آهي...امڙ جيجل، مون کي پنھنجي هٿن سان ماني ٺاهي موڪلي هئي...چيو هئائين...الھہ وسايا...تون مون لاءِ خليل جيئن آهين.“ مُنھنجو ڪنڌ ادب احترام ۾ ائين ئي جُهڪيل هوندو هو...۽ سندس لھجو سدائين هڪ جھڙو هوندي، ڪڏهن ڪڏهن انگل بہ ڪندو هو. ”سامھون واري ساٿ ۾ بيٺل آهين...چئي ڪجهہ ڪو نہ ٿو سگهانءِ...ننڍڙو ڀائيڙو آهين نہ...الھہ خوش رکئي...“مان پروردگار کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو...اهڙا آغوش...اهڙا سينا، هاڻي ڪٿي ٿا لڀن، هارائيندو هو تہ ڪڏهن مُنھن تي ورائي نہ ڏيندو هو تہ پنھنجو هُئين...گڏ ڇو ڪو نہ بيٺو هُئين...! بس هڪ وڏي آسودي مُرڪ ڄڻ ٻانھن کان جهلي وٺندي هئي.
سائين آصف سھاڳ بہ هڪ يگانو وجود هو. پنھنجي مضمون تي جيڪا دسترس کيس ربَ عنايت ڪئي هُئي، سا بہ ڄڻ هڪ عظيم تحفو هو. انگريزي ادب ۾ خاص طور تي شاعريءَ کي سمجهائڻ ۾ کيس ڄَڻ ملڪو حاصل هوندو هو. الاءِ ڪيترا ڀيرا، ڪيتريون ڏُکيون شيون کڻي حاضر ٿيو هوندو مانِ، سانوري، اداس چھري تي هڪ فراخ، وسيع مُرڪ منتظر هوندي هئي. شاگرد جي حيثيت سان جيڪو بہ سوال عرض ڪندو هُئس تہ جواب جي چاشني لاجواب هوندي هئي. هُو هڪ ماٺيڻو، ڪنڊائتو انسان هو. مون کي لڳندو هو تہ ادا الھہ وسايو، جيڏو شوخ، تيز، گوڙ ڪندڙ ۽ گجگوڙي هوندو هو...سائين آصف اهڙو ئي ماٺيڻو، نرم خُو، سيم تن وجود هو. هُو شاگردن سان بہ ڏاڍو پيار سان ڳالھائيندو هو. سندس سمجهاڻي، واھہ جي هئي. سندس مُرڪندڙ اکيون ۽ چمڪندڙ چھرو الاءِ ڪيترا مشڪل موضوع ڏاڍو پاٻوھہ ۽ پيار سان بيان ڪري ويندو هو. ٻين سڀني سرهائين سان گڏ قدرت کين اها بہ سرهائي نصيب ڪئي تہ هُنن ٻنھين، بلند قامت استادن، محبتين جو هڪ وڏو انگ ڇڏيو آهي. اهي شاگرد هجن، ڪُلِيگز هجن، يونيورسٽيءَ جا آفيسر هُجن، يا وري شاگردن جا مائٽ...هُنن ٻنھين اساتذہ اڪرام جي سلوڪ جي ڏور ڏاڍي مضبوط هئي. جيتوڻيڪ هُو يونيورسٽي سروس مان رٽائرڊ هئا، پر بھرحال، هُنن جي ڪڏهن ڪڏهن جي آمد، بھارجي جهوٽي جيان هوندي هئي.
هڪ اُستاد، بھرحال سڄي ڄمار اُستاد ئي رهي ٿو. چيو ويندو آهي تہ ٽيچر ڪڏهن بہ رٽائر ناهي ٿيندو. هِنن ٻنھي بہ نوڪرين جو مدو پورو ڪيو هو، رٽائرڊ ٿيا هئا، اسان جي دلين ۽ پنھنجي ڪرت تان رٽائرڊ نہ ٿيا هُئا. نوڪري بھرحال پوري ڪرڻي آهي، دل جي دُنيا تي حاڪميت ڪا پوري ٿوري ڪرڻي آهي. حياتيءَ جي مُدي تان بہ هُنن ٻن ڏينھن جي اندر رٽائر ڪيو ۽ چوويھن ڪلاڪن جي اندر وڃي آسودہ خاڪ ٿيا. ڳالھہ وري بہ اها ساڳي آهي. رٽائر حياتيءَ تان ٿيا آهن، اسان جي دلين تان ڪو ٿورئي ٿي سگهن ٿا.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، هاڻي سينيئر ٿيندڙ اُستادن جي لاٽ اُداس آهي، کين خبر آهي تہ ڪير رُخصت ٿيو آهي. جونيئرز شايد هُنن ٻنھين کي سُڃاڻندا نہ هُجن. اها ئي حياتي آهي، اهو ئي حياتيءَ جو ڪاروهنوار آهي. اهو تہ ٿيندو آهي نہ تہ نئين نسل کي، پُراڻي نسل بابت ڪڏهن ڪڏهن گهٽ ڄاڻ هوندي آهي. ڇا ائين نہ ٿو ٿي سگهي تہ پنھنجن نسلن کي باخبر رکڻ لاءِ، اُنھن ٻنھين جي نالن تي ڪنھن تدريسي جاءِ جو ڪو نالو رکيو وڃي. ڪا سيمينار لائبريري، ڪو هال...مرده پرستي سھي...هلو وري بہ پنھنجي روايت کي ورجايون ٿا، پر جي اها ورجائجي جي بہ وئي تہ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪو نئين نسل وارو پُڇي وٺندو...هڪ ٻئي جي پويان، بيڪ ٽو بيڪ جھان ڇڏيندڙ، اُهي استاد ڪير هئا. پروردگار سندن پورهيو قبول ڪري ۽ کين بھتر جاءِ عنايت ڪري .(آمين)

(محترم آصف علي سھاڳ جو اسڪيچ ڊاڪٽر فراز ٻُگهيو جو ٺاهيل آهي، جنھن کي فيسبُڪ تان ’امرتا‘ تائين ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري پھچايو.)

آچر 16 آگسٽ 2015ع