شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

اکڙيون ڀرجي آيون... (ڀائٽي: فھميدہ گل محمد مغل)

جولاءِ جي ٻين تاريخ ٿي وئي آهي ۽ مان کيس بئلنس بہ نہ موڪلي سگهيو آهيان.
هٿن ۾ نالن جي فھرست آهي، جنھن ۾ ٻئي نمبر تي سندس نالو ۽ سيل نمبر آهي... سيل نمبر جيڪو هاڻ ماٺڪو آهي ۽ نالو جيڪو هنيانءُ تي اُڪريل تہ اڳي ئي هو، پر هاڻي جھڙو ناسور بڻجي ويو آهي، ويھہ ڏينھن پھرين مون سندس نرڙ تي آخري چمي ڏئي کيس زمين جي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس روح تہ ان تيرهين تاريخ جي صبح جو ئي وڃي چڪو هو، منھنجي نياڻي، مغرب مھل پٿرن جي تھن هيٺ وڃي لڪي هئي.
گهر جي ڀت تي املتاس جا گل سرگوشيون ڪن ٿا... هوءَ ڪٿي آهي!... ڇت تي ٺھيل نڪور ’پلوڙي‘ جي ڀت هن جي ڇھاءُ کي محسوس ڪرڻ گهري ٿي... هوائون شام جو گهوگهٽ ڪن ٿيون تہ سندس فيوريٽ کٽ ۽ ڏاڪا پڇن ٿا ”نيمي ڇا واقعي بہ هلي وئي آهي!...“ ۽ هي ڪراڙو پيءُ، ڪنڌ جهڪائڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهي...! مان چئن ئي طرفن نھارڻ نہ ٿو گهران... مان تہ هاڻي ڄڻ ڪنھن بہ طرف ڏسڻ جي خوشي وڃائي چڪو آهيان...
سندس رخصت ٿيڻ بہ عجيب هو... ڪو ڊرامو، ڪا من گهڙت ڪھاڻي، ڪو جُڙتو قصو... لڳي ٿو، ٻڌائڻ وارن کي ڪا ”شاهڪاري“ عنايت ٿيل رهي... ڪيڏي نہ رسان سان، اطمينان سان ساڳيو ساڳيو، قصو ٿا ورجائين، ”هٿ ٺوڪئي“ داستان کي ٻڌائيندي ڪو ڊڄ ڊاءُ ٿئين ٿو!... پر هاڻي ڇا ڪجي... ڊرامہ بہ تہ حياتيءَ ۾ ٿين ئي ٿا.
صبح جو پنجين وڳي مون کي اٿاريو هئائون تہ نيميءَ کي سھڪو شدت جو آهي، کيس انجيڪشن لڳندي... هوءَ ڄائي ڄم کان سھڪي جي مريضا هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شدت جي دوري ۾ کيس انجيڪشن لڳندي هئي ۽ هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي هئي. ان صبح جو مان ٽپ ڏيئي اٿيو هوس... پنج لڳي ڏهن منٽن تي، اسين اسپتال پھچي چڪا هئاسين، انا، عبيد، مان ۽ نيمي... هوءَ اسان سان هلي رهي هئي، ساھہ ۾ تڪليف برابر هئس، پر پنڌ پاڻ ڪري رهي هئي... اندر وياسين تہ بئنچ تي ڊسپينسر ستل هيو، هڪ سڏ سان جاڳي پيو... ٻڌايومانس تہ نياڻيءَ کي تڪليف آهي... ڏسندي ئي چيائين ”سائين نيبيولائيزر لڳندو...“ قدرت خدا جي اهو بہ وٽس ئي پيل هو... تڪڙو کنيائين ۽ چيائين تہ ”سامھين ڪمري ۾ هلي ويھو...“ اتي نيمي ڪرسي تي ويٺي، انا سندس ساڄي طرف هئي، مان کاٻو هٿ جهليو بيٺو هئس...نيبيولائزر لڳو، ڊسپينسر عبيد کي چيو تہ ”هي جهليو... هوءَ ساھہ کڻي وٺي، مان ڊاڪٽر کي وٺي اچان...“ هو ويو مَس... عبيد ماسڪ جهليو، نيميءَ پھرئين ساھہ تي منھنجو هٿ هلڪو دٻايو... ٻئي ساھہ تي شديد ترين زور ڏنائين ۽ ٽئين ساھہ ۾ سندس هٿ ڍرو ٿي ويو... مون سمجهيو هوءَ دوا کي ڳھي پئي ٿي، ان مھل ئي ڊاڪٽر مقيم بہ اچي ويو، مون کي سڃاتائين، پر هڪدم ڍري ٿيل نيميءَ ڏي نھاريائين، ”هن کي ڇا ٿيو؟...“ نبض جهليائين. چيم ”دوا کي شايد اِنھيل پئي ڪري...“ چيائين ”ڇڏ ادا...هيءَ تہ وفات ڪري وئي.. شي از ڊيڊ...“ انا لله وَ انااليہ راجعون. ان کان پوءِ سڀ داستان ساڳيو ئي آهي... مون کي صرف اها خبر آهي تہ اسان پنج لڳي ايڪھين منٽن تي سندس چھرو سندس پوتيءَ سان ڍڪي ڇڏيو هو. ڪجهہ منٽن ۾ ئي هو سرد ٿي وئي هئي.
هن قصي ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي... ها گهٽاءُ ٿي سگهي ٿو... سڀ...تقريباً ٻارنھن منٽن ۾ کيل ختم... الوداع... هٿن جو مقدر بس لڏندو رهڻ ئي رهجي ويو.
پنھنجي اولاد بابت، هر مائٽ حساس هوندو آهي، ڄاڻ نہ اٿم تہ مان ڪنھن خاني ۾ فِٽ ٿيان ٿو، پر ايترو ضرور سم جھان ٿو، تہ منھنجا ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون، منھنجي واتان ڪڏهن ان رشتي جي حيثيت سان نہ نڪتا آهن... ادا وارن جي هوندي، توڙي سندن رخصتين کان پوءِ، مون سدائين کين پنھنجو ”پٽ ۽ ڌيءَ“ سڏيو آهي...مون کي پٽن جو ڪو شوق ناهي... مان ڪشف ۾ ئي الحمد لله خوش آهيان، پر بھرحال، هي سڀ منھنجو اولاد آهن. نياڻيون سڀ پنھنجن گهرن ۾ آهن...هڪ جي ڳالھہ طئي ٿيل آهي، هڪ ننڍڙي آهي ۽ خالي نيمي ئي هئي، جيڪا منھنجي لاءِ وڏي نياڻي هئي، جنھن کي، مون کي هن گهران تزڪ و احترام سان، ٻين ڀينرن جيان رخصت ڪرڻو هو. الاءِ ڇو، هن سال، اهو سڀ ڪرڻ جي خواهش شديد ترين هئي، مون سوچيو هيو، هوءَ وڏڙي ٿئي پئي، هن سال سندس شادي ٿيڻ گهرجي... ائين اندازو ڪو نہ هو تہ اجل سندس هٿ جهلڻ ايندو ۽ مان کائنس ائين موڪلائيندس.
سڀ عجيب نموني سان نھارين ٿا... ڪيترن کي تہ سمجهہ ۾ ئي نہ ٿو اچي تہ هڪ ”ڀائٽيءَ“ لاءِ مان ايترو پريشان ڇو آهيان...! چوڻ وارن تہ اهو بہ چيو تہ اسان الاءِ ڇا سمجهيو هو...بابا... ڇا سمجهندو؟...ڀائٽيون ڇا نياڻيون ڪو نہ ٿينديون آهن...! ڀاڻيجون...ٻيو اولاد... ڇا روح کي روح جي سَٽ ناهي ايندي... ڇا ڌيئر، صرف پنھنجي گهرواريءَ مان هونديون آهن...!
گذريل ويھن ڏينھن کان مان بلڪل ماٺڪو آهيان، قلم جو ڪاغذ سان رابطو ٽٽل آهي، لکڻ لاءِ دل ئي نہ ٿي پوي... خالي ”لکڻ“ ڇا...ڪنھن بہ ڪم تي دل جو ”وراڪو“ ناهي... مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ، کيس ڳوليندو رهان ٿو...ماٺ ڪيو، هڪ ڪرسيءَ تي ويٺي، الاءِ ڪيترا ڪلاڪ، ڪيترا پھر، لاغرضيءَ سان گذاري ٿو ڇڏيان... مان...جنھن جو پَل پل ڪم سان جڙيل هوندو هو... لمحو لمحو مون وٽ ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور هوندو هو... ننڊ مان جاڳ کان هڪدم پوءِ کان وٺي بستري تي وري ڪِرڻ تائين، مون وٽ هڪڙو حساب ڪتاب هوندو هو. هاڻي، الاءِ ڇو پنھنجو پاڻ سان بہ ڳالھائڻ نہ ٿو گهران... دنيا جي اها ئي رونق آهي، دل جي اڪيلائي وڌي وئي آهي.
عجيب ٽيھہ سال گذريا هن ساڻ....مُٺِ ۾ صرف سندس ياد جي واريءَ جي سرگوشي آهي... پنھنجي ماءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ، هن ڪيئن نہ پنھنجو گهر وارو حصو سنڀاليو هو... نوڪري، ٽيوشنز، گهر...مَستي...زندگي...ساٿ... ڇا نہ هن نڀايو هو.. ٻيو تہ سڀ خير، پر کيس منھنجي اڪيلائيءَ جي خبر هئي تہ ڪيئن نہ ڀائرن، امڙ، ڀائٽئي ۽ ڀاڄائيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، وڌندڙ اڇن وارن سان، هي ڪمزور وجود، هوائن جي گهيري ۾ آهي... ڪيئن نہ هوءَ خبر رکندي هئي... رت ۾ کنڊ گهٽ هجڻ تي، فڪرمند هوندي هئي، ڪيئن سندس ڪلھي تي رکيل مٿي ۾ صدا هوندي هئي، ”ادا، پنھنجو خيال رکندا ڪيو...“ سندس وڏيون اکيون، منھنجي حال تي درد ۽ محبت سان ڀرجي اينديون هيون، ۽ منھنجو دلاسو، کيس مٿاڇرو لڳندو هو. هوءَ مون تي اعتبار نہ ڪندي هئي، کيس پَڪ هوندي هئي تہ مان لاغرض آهيان، دوا ڪو نہ کائيندس، ۽ سندس حجت، پوري وجود کي ويڙهي وٺندي هئي.
الاءِ ڪيئن سڀ سلسلا جُڙندا ويا. مون سڀني نياڻين کي هر مھيني جي پھرينءَ تي، موبائيلن ۾ بئلنس موڪلڻ شروع ڪيو، کيس پھچندو مَس هئو ٺڪ سان هوءَ ”جزا ڪ ﷲ پاپا“ لکي موڪليندي هئي. موٽ ٻين وٽان بہ ملندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن دير ٿي ويندي هئن، هن وٽ تہ ڄڻ دير جو لمحو ئي ڪو نہ هوندو هو... فھميدہ دير ڪري، ان جو مون کي ڪو گمان نہ هوندو هو... بئلنس وڃڻ کان هڪدم پوءِ، نياپي تي جڏهن منھنجي فون وڄندي هئي تہ مون کي ڏسڻ بنان ئي پَڪَ ٿي ويندي هئي تہ اها نيمي ئي ٿي سگهي ٿي.
خواب نگر ۾ لوڊشيڊنگ جي ڪالم تي، هن مون ڏانھن تعريفي نياپو موڪليو، منھنجي سيل فون ۾ الاءِ ڪھڙي خرابي اچي وئي هئي، مون سندس نياپو جواب ڏئي ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو، پر هر واري، هر نئين نياپي سان سندس نالو اڀري پيو اچي ... اوهان جي پاران نياپن جي ڌُم هئي ۽ سم جھان ٿو تہ ڪو ٽيھارو کن دفعا سندس نالو بار بار اسڪرين تي آيو، شايد اهو اشارو هو تہ هن جيترا نياپا مون کي ڪرڻ پئي گهريا، ان لاءِ وقت محدود ٿي چڪو هو. اٺن ڏينھن ۾ کيس وڃڻو هو.
ڪنھن جي وڃڻ سان ڪو وڃي ڪو نہ ٿو عزيزانِ مَن... حياتي آهي تہ سلسلا تہ آهن نہ... ماڻھو اڌ مئو ٿي وري جياپي لاءِ جاکوڙي ٿو... حياتيءَ جي صورت ۾، مان بہ وقت تہ هن کان سواءِ ئي گذاريندس... ۽ يقيناً ٻيا بہ ڪم ڪندس. پر اهو سڀ دل کي سمجهائڻ ايڏو سَولو ٿورئي ٿو هُجي... جو هُجي ها تہ دادوءَ جي ننڍڙي نياڻيءَ لاءِ لکي وٺان ها. جنھن کي ويڪسين نہ ملي... اها بہ تہ منھنجي ئي نياڻي هئي... جي سولائي ملي ها تہ ٻيا بہ انيڪ موضوع هيا... منھنجي آسانيءَ لاءِ دعا فرمائجو.
مان وري دڪان تي وڃڻ گهران ٿو... وي سڀني جي فھرست ۽ نمبر ٻڌائيندو، بئلنس موڪليندو ويندس، پنھنجي ننڍڙي امڙ، پنھنجي نيميءَ جو نمبر مان هاڻي اوهان کي بہ ڏيان پيو...چاهيان ٿو تہ اوهان بہ عنايت ڪيو ۽ سندس مغفرت لاءِ ڌڻيءَ در ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور موڪليو... هيءَ هڪ غريب پيءُ جي صدا آهي.
املتاس جا ڇڳا، نيميءَ مٿان رکندو آهيان تہ پيلاڻ مَن ۾ لھي ايندي آهي... خزان اچي وئي آهي... اڃان تہ اونھارو بہ مڪمل نہ ٿيو آهي، رخصتيءَ مھل، الاءِ ڇو، اسين سڀ ان گهٽيءَ مان گذرياسين، جنھن ۾ وٽس ٽيوشنز پڙهندڙ ٻارڙا، قطار ڪيو بيٺا هئا، ۽ ستن اٺن سالن جا پتڪڙا ”باءِ مس... باءِ مس...“ چئي هٿ لوڏي رهيا هئا... هوءَ روز ٻارن کي گوڙ شور سان پڙهائيندي هئي، ان ڏينھن ماٺ ڪيو ليٽيل هئي...منھنجي دل چيو هو، مان سڀ کان ننڍڙي ٻار کي جهلي چوان... ”مون کي ڀاڪر پائيندين...منھنجا ڀاڪر سرد ٿي ويا آهن“، بي ترتيب ٿڌن لفظن لاءِ، مان اوهان کان معافي طلبيان ٿو.
قمر شھباز فرمائين ٿا:
توکي ياد ڪندي او مٺڙا، اکڙيون ڀرجي آيون
يادون منھنجو يادون ناهن، تو جيان ٿيون پرايون
پل پل ڀٽڪن منھنجي مَنَ ۾، ماضيءَ جون پرڇايون
صدين جو آ ساٿ مٺا، سو پَل ۾ ڪيئن ڀلايون.
اکڙيون ڀرجي آيون.

ڇپيل: آچر 3 جولاءِ 2011ع