شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

بيقدرا، قدر نہ ڪيَڙئي ڪو (براڊڪاسٽر: سيد صالح محمد شاھہ)

سندس اکين جو ”گهام“ عجيب هوندو هو. ٻارڙن جھڙي معصوم مُک سان، خوش دليءَ سان کلندي جڏهن بہ ڪنھن سان مليو هوندو تہ اها کل ٻئي جي ذهن جي مٿاڇري تي سدائين لاءِ فريز ٿي ويندي هئي. سندس نگاھہ ۾ هڪ عجيب جوت جرڪندي هئي ۽ اهم ترين ڳالھہ اها هئي تہ کيس پنھنجي ”قد ڪاٺ“ جي خبر هئي ۽ ان مطابق هلڻ چلڻ جو هو عادي ٿي چڪو هو.
اسان وٽ اهو بہ هڪڙو وڏو الميو آهي عزيزانِ من تہ پنھنجو قد ڪاٺ ئي سمجهہ ۾ نٿو اچي. آئينہ ڏسڻ اسان سالن کان ڇڏي ڏنا آهن. شيشن ۾ پنھنجو پاڻ ڏسون ٿا تہ ڇرڪ ورائي ٿا وڃن. خبر ئي نٿي پوي تہ دل جي سرحد ڪٿان کان شروع ٿي ڪٿي ختم ٿئي ٿي ۽ دماغ جو ڪھڙو حڪم جائز ۽ ڪھڙو ناجائز آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو پنھنجو پاڻ اسان جي هٿان نڪري ٿو وڃي.... نہ ڪجهہ ٻڌڻ جو رهي ٿو، نہ آکڻ جو.... ڪنھن سان ڳالھائجي ۽ ڇا ڳالھائجي؟ دل جي دري بند ٿئي ٿي ۽ اهڙي ٿي بند ٿئي جو سندس ڪنڊن ڪڙن کي بہ زنگ ورائي وڃي ٿو، مک معصوميت وڃائي ٿو، مُرڪ جي سرخوشي الائي ڪٿي ٿي وڃي لڪي.... هاڻي جڏهن اهڙو ڪجهہ اسان ساڻ هجي ۽ اندر جي ”فرعونيت“ پنھنجي پوري ڪروفد سان ظاهر ٿي پوي تہ قد ڪاٺ جي خبر ڌوڙ پوندي.... پر انھن سڀني ڳالھين کان مالڪ مٺي جل شانہ، سيد صالح محمد شاھہ کي گهڻو پري رکيو هو، تڏهن ئي تہ آخري پساھہ تائين سندس مرڪ جادوگري ڪندي رهي ۽ سندس ڀاڪر، ڪمال ڪندو رهيو. 1987ع جو هڪ ٻرندڙ ڏينھن هيو، اسان جو لڏو تنھن زماني ۾ مٿي ماريءَ ۾ پورو هوندو هو. شبنم گل، بخشڻ مھراڻوي، رميش ڪمار ۽ مان نئين ”لاٽ“ ۾ شامل هئاسين. اها بئنچ 1984ع واري ”سنئين طرز نشريات“ جي حساب ڪتاب ۾ هڪدم اڀري آئي هئي. محترم نصير مرزا ۽ محمد انور هڪڙو صاحب سان گڏ علي نواز خاصخيلي صاحب ۽ ٻيا صاحبِ نظر، اسان جي ”تراش خراش“ ۾ مصروف هوندا هئا. سکڻ جو جذبو شديد ترين هوندو هيو ۽ وڏن جو ڊپ اُن کان وڌيڪ.... دڙڪا بہ خوب کائيندا هئاسين ۽ محبتن جو گراف مڙئي ڪجهہ مناسب هوندو هيو. شايد نامہ برن کي خبر هوندي هئي تہ خط جي ”متن“ ۾ ڇاهي، تنھن ڪري ئي نگاھہ ڪرڙي هوندي هئي ۽ تعريف لاءِ انگ اکر ڪجهہ گهٽ هوندا هئا....
تتل ڏينھن جي ان تڙڪي ۾، مان ۽ رميش براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي عمارت جي حدن ۾ داخل ٿيڻ وارا هئاسين. ٻاهريون پئسيج لتاڙيوسين تہ بلڪل سامھون در مان ”ڏاڏو سائين“ ٻاهر نڪتو. ڏاڍي خواهش هوندي هئي تہ ڪير ٻہ اکر تعريف جا چوي.... ”جيڪڏهن اها تعريف شاھہ صاحب جي واتان نڪري تہ ڇا نہ ڪمال ٿي پوي....“ پر هاڻي چوي ڪير ۽ ڪيئن چوي ۽ ڇا چوي.... اتي ئي هنن پنھنجي مخصوص انداز ۾ سلام ورايو.... ياد اچي ٿو تہ رميش ڪنھن سان ملڻ ۾ مصروف هو.... مان هڪدم وڏي سائينءَ سان مڙئي نيازمندين سان مليس.... حالانڪ هي وقت سندن ريڊئي اچڻ جو نہ هو، پر شايد ڪنھن چيڪ وغيرہ جي سلسلي ۾ اڪائونٽس کان ٻاهر نڪتا هئا. ڀاڪر ۾ ڀريندي فرمايائون.... ”توهان سٺو ڪم ڪيو پيا. مالڪ مھربان ڪندو تہ الاهي پريان ويندؤ....“
هاڻي سائين ڪمال ٿي ويو.... هڪڙي خواب جي اها ساڀيان هئي تہ ڪو وڏو ماڻھو بہ اها ”مھر جي مھر“ عنايت ڪري ۽ اها عنايت ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ اڃان فني سفر ۾ بنھہ ”پتڪڙا“ هئاسين.... قد تہ پوءِ بہ وڌي نہ سگهيو، پر بھرحال هڪ ”قد آور ترين“ شخصيت کان اها پھرين تعريف ڄڻ ڪرت جي ڪتاب جو ڪو نئون باب لکي وئي.... تنھن زماني ۾ ڪو سڃاڻندو بہ ڪونہ هو ۽ سيد صالح محمد شاھہ پاران پاڻ اسان کي سڃاڻي ملڻ ڪنھن وڏي مھربانيءَ کان گهٽ ڪونہ هو ۽ محترم خواتين وحضرات، هتي اهو لکڻ بنھہ ضروري آهي تہ مھرباني ننڍي هجي يا وڏي، ”مھرباني“ ئي هوندي آهي. ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن....“ سائين سڳوري کي اهي وڙ ڪرڻ ايندا هئا. اها سندس ئي ٻين تي ٿورن جي نسبت هئي جو مالڪ مٺي، کيس بہ ڪنھن جو محتاج نہ ڪيو ۽ کن پل ۾ گهرائي ورتائينس....
ڪيئن نہ ڀريل ”ويڙهي“ مان هو هڪدم اٿي هليو ويو.... سڀ حيران آهن، ششدر آهن تہ هي ڇا ٿي ويو، پر اهو سڀ تہ ايئن ئي ٿيڻو هو، هي هڪڙو عجيب نڪتو اٿوَ عزيزانِ من.... هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪيان تہ ان کي صرف اهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا، جيڪي انھيءَ حالت مان لنگهيا هوندا.... جن جي ويڙهن مان هڪدم ڪو اٿي، ڪنھن اڻڄاتل ڌنڌ ۾ ويڙهيل راھہ تي روانو ٿي ويو هوندو. ڪيڏو نہ عجيب هوندو آهي اهو سڀ، جڏهن خاندان مستقل وڌندو رهندو آهي، پوئين نسل کان هاڻوڪو نسل جاءِ وٺندو آهي، ڀائر ڀيڻيون جوان ٿيندا آهن، پرڻبا آهن.... ٻارن ٻچن وارا ٿيندا آهن ۽ انھن سڀني کي اهو احساس بہ نہ هوندو آهي تہ انھن مان ڪير پھرين ”رخصت“ وٺندو؟ ۽ اوچتو ڏٺو ويو آهي تہ جيڪو بہ پھرين وڃي ٿو، سو گهڻو ڪري ”عجلت“ ۾، تڪڙ ۾ روانو ٿئي ٿو.... نہ گهڻي بيماري.... نہ اعتبار نہ انداز.... شاھہ صاحب بہ ايئن ئي جاءِ خالي ڪري ويو.... پر هاڻي اها جاءِ ڀرڻي ڪا ايڏي سولي ڳالھہ ناهي.... ڌڻيءَ جي دنيا هڪ کان هڪ ذهين، ٽئلينٽيڊ ۽ باڪمال وجود سان ڀريل آهي. الاءِ ڪيترا خال ڀرجندا رهيا آهن، پر سنڌ جي شام، ڪجهہ اهڙي ويران ٿي آهي جو في الوقت تہ ڪجهہ سمجهہ ۾ نٿو اچي.... اسين، جيئن ممتاز مرزا صاحب جي جاءِ نہ ڀري سگهياسين، ايئن ڏاڏي سائين جي جڳھہ جي ڀراءُ بہ گهٽ ۾ گهٽ سمجهہ ۾ نٿو اچي.... پنجاھہ کن ورهين جو اهو ورثو، الاءِ ڪير قبولڻ جي دعويٰ ڪري، پر اهو سڀ ايترو سولو ناهي صاحبانِ زمانہ.
ڏک جي هن لھر ۾ هرڪو سندس ڪٿ جو ذڪر ٿو ڪري.... جن سندس رفاقت جو شرف ماڻيو، سي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا تہ سندس ڪٿ، اسان کان نہ پھرين ٿي سگهي هئي ۽ نہ هاڻي ٿيندي.... براڊ ڪاسٽنگ جي جھان ۾، آواز جي سفر ۾ مان ذاتي طور تي پنجويھن سالن کان مٿي جي عرصي جو مسافر آهيان.... نٿو لڳيم تہ 1984ع کان وٺي هيلتائين مون ڪڏهن ڪو ”مسلسل“ ناغو ڪيو هجي.... ڪڏهن ڪڏهن پروگرام مس ٿي ويندا آهن، پر بھرحال ڌڻيءَ مٺي جي مھر سان اهو سلسلو جاري رهيو آهي. مان، انھيءَ سڄي عرصي تي جيڪڏهن نگاھہ و جھان ۽ پنھنجي رب جل شانہ کان ڊڄندي حق جي ڳالھہ چوان تہ اُها اِها ٿيندي تہ هن سڄي عرصي ۾ اسان سيد صالح محمد شاھہ جھڙو براڊ ڪاسٽر، پرفارمر، آواز ۽ لھجو نہ پيدا ڪري سگهيا آهيون. هلو کڻي هن جي ڪير ڪاپي ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪري ڏسي، پر ڀٽ ڌڻيءَ شاھہ سائين کي نٿو لڳي تہ سيد صالح محمد شاھہ کان سواءِ ڪو ٻيو آواز پنھنجي ڪلام لاءِ پسند اچي. ڌڻيءَ هن تي ڪمال ڪيو ۽ واھہ جو ڪيو.
ٽيليويزن تي هڪ واري سندن هڪڙو انٽرويو ٽيليڪاسٽ ٿيو هو. پري چھرہ وجود، هڪ مخصوص ”گُهور“ سان مرڪندي سوال ڪيو هو ”شاھہ صاحب.... توهان سنڌيءَ ۾ پرفارمر آهيو، هڪڙو مخصوص طبقو اوهان کي ٻڌي ٿو.... توهان کي ڪڏهن اهو احساس نہ ٿيو آهي تہ هن ننڍي اسڪيل تي هوندي اوهان سان انصاف نہ ٿي سگهيو آهي، توهان جي ناقدري ٿي آهي. توهان ڪڏهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪيو ها تہ ڪمال حيثيت ماڻيو ها؟“
سوال ڪندڙ جون ڪمانيون تاڻيل هيون.... سامھون پاش پاش جگر هو، جنھن کي سيني تي تير سھڻ جو فن آيو پئي.... اها مرڪ گھِري ٿي، اهو گاھہ گهاٽو ٿيو ۽ صالح محمد شاھہ صاحب مرڪندي فرمايو، ”اوهان ناقدري نہ ڪيو، باقي جڳ ڪيئي تہ مڙئي خير آهي....“ کل کل ۾ ڳالھہ هلي وئي هئي، پر اسڪرين تي سائينءَ جي چھري جا ساروپا ڏسندي، روح کي ڌڪ لڳي ويو هو. ان سچوئيشن تي ”ناٽڪ رنگ“ لاءِ مون ٽُٽل وجود جو ميلاپ لکيو، جيڪو سميع بلوچ پيش ڪيو ۽ پي ٽي ويءَ جي آرڪائيوز ان کي ڪمال جو ڊرامو سڏيندي الاءِ ڪيترا ڀيرا ٽيليڪاسٽ ڪيو آهي. هر واري جڏهن اها سلائيڊ هلندي آهي تہ سچ تہ اهو آهي تہ اهو مون کي پنھنجي تحرير جو ڪمال ناهي لڳندو، نہ ئي وري منھنجي ٽيم جي ڪنھن ميمبر جي ڪا ڪارڪردگي لڳندي آهي. مون کي اهو سڀ سيد صالح محمد شاھہ جو اهو درد لڳندو آهي، جيڪو ان هڪڙي جملي مان ڇلڪي پيو هو ۽ مانائتا مھربان، اهو درد کڻي ئي هو سڄي عمر، فن جا فاصلا لتاڙيندو رهيو. حياتيءَ جي هر وڌندڙ ڏاڪي، هر مٿاهين درجي سندس ڪارڪردگيءَ ۽ ڪاميابيءَ ۾ ڪمال رنگ ڀرڻ شروع ڪيا، پر سندس دل سائين ”بليڪ اينڊ وائيٽ“ رهي. اها گھري مرڪ سدائين اداس رهي ۽ اکين جي اها چلولاهٽ سدائين سوڳواريءَ کي وڌيڪ ظاهر ڪندي رهي.
درياءَ بيگ مغل ۾، سائين زمين جي هڪ ٽڪر تي لڳل ٽينٽ ۾، هڪ مھربان ڳالھائي رهيو هو، ”شاھہ صاحب هيو خوش قسمت.... سندس قدر سندس جيئري ئي خوب ٿيو.... صدارتي ايوارڊ ماڻيائين.... رسم تاجپوشي ٿيس.... انعام اڪرام.... شامون.... ميڙاڪا.... کيس سڀ ڪجهہ نصيب ٿيو.“ ۽ ڪنھن ڪنڊ ۾ اهو سڀ ڪنائيندي مون سوچيو تہ گذريل الاءِ ڪيترن سالن کان اسان ”صبح مھراڻ“ جي ”سائن ٽيون“ ۾ سندس آواز ۾ چيل شاھہ ڀٽائي جي سٽن کي گم ڪري چڪا آهيون. هاڻي اهو بيت مشھور گلوڪار ذوالفقار عليءَ جي جهونگار ۾ نشر ٿئي ٿو، ان کان پھرين ايئن هوندو هو تہ ”سائِن ٽيون“ شروع ٿيڻ سان ئي سيد صالح محمد شاھہ جي آواز ۾ ”سائينم سدائين....“ گونجندو هو.... جنھن ۾ ذوالفقار جي ڪلاسيڪل آلاپ ۾ اهي سٽون مڪس ٿينديون هيون.... پوءِ ناقدريءَ جي مھر سان اها ٽئپ اهڙو ٽٽي جو اسپلائيس (Splice) ٿي نہ سگهي.... يعني جُڙي نہ سگهي ۽ سيد صالح محمد شاھہ جي آواز کي الوداع چيو ويو.... جيڪڏهن گشو نہ هڻان تہ شايد ٻن سالن کان مٿي جو اهو جھان آهي.... هاڻي جيڪي وجود، اهو هڪڙو بيت نہ سنڀالي سگهيا آهن، اهي اڳيان جي ڪھڙي دعويٰ ڪري سگهن ٿا؟
گناهگارن ۾ تہ مان بہ شامل آهيان، مان بہ تہ هڪڙو خود غرض، پنھنجي مڳيءَ وارو، پنھنجي ڌُن ۾ گم وجود آهيان، جنھن ڪڏهن بہ اهو اعتراض نہ ڪيو تہ، ”بابا سائين.... سائين شاھہ صاحب جو آواز ڪاڏي ويو؟“ هاڻي ڪھڙي مُنھن سان اهو قصو کڻان پيو، اها خبر نہ ٿي پويم.... بس دل کولي پنھنجي ناقدريءَ تي روئجي. ٺلھن جملن ڳالھائڻ يا لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي، جڏهن اسان جا ئي ڪجهہ ڪُليگز، الاءِ ڪيترا ڀيرا ”صبح مھراڻ“ ۾ سيد صالح محمد شاھہ جي آواز ۾ هڪ منٽ ويھہ سيڪنڊن وارو شاھہ جي ڪلام جو ”تحت اللفظ“ ئي هلائڻ ئي پسند ناهن ڪندا.... چَي.... روز تہ هلي ٿو.... اڄ نہ هليو تہ ڇا ٿيو؟ رڳو زيب سنڌي صاحب ۽ مان هر حال ۾ اهو هلائيندا آهيون.... هاڻي ان سڄي صورتحال ۾ ڇا عرض ڪجي....
”سائِن ٽيون“ کان وٺي، ڏاڏا سائينءَ جي ڪچھريءَ تائين، سڀ ڪجهہ اداسيءَ جي ڪاغذ ۾ ويڙهيل آهي، جنھن مٿان گهري اداسيءَ جي پيڪنگ پيپر تي، دريا بيگ مغل جي زمين ۾ ليٽڻ لاءِ ويندي سيد صالح محمد شاھہ مرحوم لکي ويو آهي، ”اوهان ناقدري نہ ڪيو، باقي جَڳَ ڪئي تہ مڙئي خير آهي.“

ڇپيل: آچر 9 سيپٽمبر 2007ع