شخصيتون ۽ خاڪا

خواب نگر [تعزيت ناما]

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي ’تعزيت نامن‘ تي مشتمل آهي، جيڪي هُن دل جي حُضور سان انھن 57 مانائتين شخصيتن جي ياد ۾ لکيا، جن جي فنونِ لطيفہ يا حياتيءَ جي ٻئي ڪنھن ڪارونھوار ۾ املھہ حيثيت رهي آهي ۽ انهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ مثبت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انھن مڙني شخصيتن کي هيءَ هڪڙي مڃتا آهي، جنھن خراجِ عقيدت جا اُهي حقدار هئا. هنن تعزيت نامن ۾، پڙهندڙن کي نشانبر شخصيتن جي حياتين جي ڪَٿ بہ ملندي تہ انھن سان محبتن جي پالوٽ بہ پلئہ پوندي، هيءَ پالوٽ بي لوث آهي ۽ ’خراجِ عقيدت‘ طور هڪڙو ’خاص‘ نذرانو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 170
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Khwaa’b Nagar [Taziyatnama: The Obituary Columns]

فيض ٻُگهئي جو وڇوڙو (پيشڪار: فيض محمد ٻُگهيو)

سائين فيض ٻگهيو بہ هن جھان بي فيض مان رخصت ٿيو
انا للهِ وانااليہ راجعون. رابطن جو جھان بہ عجيب هجي ٿو. ماڻھو ملڻ چاهي تہ ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان حاضر ٿي ويندو آهي ۽ جي نہ ملڻ چاهي تہ بہ هزارين تاويلون، عُذر ۽ بھانا هٿ ۾ کڻي گهمندو آهي. سال 2006ع ۾ سندن رٽائرمنٽ کان پوءِ، دل جا دليل عجيب رهيا، ملاقات جا خيال کڻي روح، دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ رلندو رهيو، رابطي جي لاءِ سيل نمبر نہ ملي سگهيو تہ وقت جي وٿيءَ وري وڌيڪ ڪمال ڪري ڇڏيو. اوچتو عيد جي صبح جو، فجر جي نماز کانپوءِ، موبائيل کولڻ تي پھريون ئي هڪ اجنبي نمبر هيو، جيڪو دراصل سندن فرزند اختر جو هو.... جنھن نياپو ڪيو هو تہ ”منھنجو محبوب والد فيض محمد ٻگهيو. اڄ صبح جو 3.25 تي، جھان مان رخصت ٿي ويو...“ عيد جي صبح جي هر رنگ ۾ سوڳواريءَ ساھہ کي ويڙهي ڇڏيو. تقريباً ڇويھن سالن جي ساٿ جي هوا، سياري جي سرديءَ ۾وڌيڪ اضافو ڪرڻ لڳي...
سنڌي ٽيلي ناٽڪ جي حوالي سان، پاڪستان ٽيلي ويزن تي، ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ٻن پيشڪارن بنا ڪنھن شڪ شبھي جي راڄ ڪيو، دادوءَ جي ليجنڊري محمد بخش سميجو صاحب کانپوءِ، ٽيلي ناٽڪ جي هدايتڪاريءَ ۾ اهم نالو لاڙڪاڻي جو فيض ٻگهيو ٿي اڀريو. هي ٻئي همعصر، پنھنجي ڪم کي ڄاڻندا هئا، ۽ انھيءَ ڪم جو معرفت ڪابہ ”مصالحت“ ڪابہ ”ڊيل“ يا ڪوبہ ”ڪمپرومائيز“ سندن ڪتاب ۾ لکيل نہ هو... پاڪستان ٽيلي ويزن، جا وڏين سيريلز تي ناز ڪري ٿو، انھن مان ڪجهہ اهم ڪم، فيض صاحب ڪيا....باک، ملڪيت، پاتال، رشتا ناتا ۽ تقريباً اسي کان مٿي، انفرادي ڊرامہ، فيض ٻگهي جي شناخت بڻجي ويا. اها شناخت خالي هن جي ئي ڪانہ رهي، اسان جو جڳ مشھور اداڪار، صلاح الدين تنيو، بہ اڃان تائين ”باک“ جي ”مولوءَ“ کي نہ وساري سگهيو آهي. صلاح بلاشڪ شھرتون ماڻيون آهن، پر فيض صاحب جي هدايتڪاريءَ ۾ مولوءَ جو ڪردار کيس لازوال اداڪار بڻائي ويو. اهو ئي زمانو هو، جڏنھن شوڪت شوري ۽ فيض ٻگهئي جي جوڙي اُڀري هئي. ادا شوڪت حسين شورو ۽ ادا فيض ٻگهيو، اسان لاءِ سدائين وڏن ڀائرن وانگر رهيا ۽ يقيناً فن جي اسڪرين تي، سندن نالن جو ساٿ، اسان مان الاءِ ڪيترن لاءِ اتساھہ جو سبب بڻبو هو. هتي اهو لکندي ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿو محسوس ٿئي. تہ ”باک“ جي ”مولوءَ“ جي اپيئرنس لاءِ بہ ماڻھو ايترو ئي انتظار ڪندا هئا، جيترو ”وارث“ جي ”چوڌري حشمت“ لاءِ ڪيو ويندو هو.... اهي ٻئي ڪردار، ٽيليويزن جي ڪرت کي مڪمل پذيرائي ڏئي ويا. شوڪت شورو، فيض ٻگهيو ۽ صلاح الدين تنيو، هڪ اهم ٽڪنڊو بڻجي چڪو هو.
ادا فيض جي ڪئريئر ۾ رڳو اهو هڪڙو ڪم نہ رهيو. جيئن عرض ڪيم نہ تہ پنھنجي ڪم جي حوالي سان هو مڪمل پروفيشنل ماڻھو هوندو هو.... سيٽ جي سئيءَ سڳي کان وٺي، بيڪ ڊراپ تائين.... کيس هر شئي جي ڄاڻ هوندي هئي. ادا فيض پنھنجي هوم ورڪ ۾ سختيءَ سان يقين رکندڙ هوندو هو. سندس ڪاغذ منظم هوندا هئا، هر شئي ٿانئيڪي هوندي هئي. هڪڙو طويل عرصو اسان گڏجي پروگرام ”پرک“ ڪيوسين. ۽ ڪڏهن بہ ڪا اهڙي گهڙي نہ آئي جو هن وٽ ذاتي حوالي سان ڪم ڪندي، مون ڪٿي ڪا بدنظمي ڏٺي هجي....
هڪ پيشڪار ۽ هدايتڪار جي حوالي سان، سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب تي سندس نظر گهري هوندي هئي. هو پاڻ بہ هڪ ڪھاڻي ڪار هو ۽ اهو ئي اهم سبب هو جو ڳوٺاڻي طرزِ حيات تي، سندس ڪيل ڪم، جهرجهنگ ۾ جاءِ والاريندو هو. ستر ۽ اسيءَ جو ڏهاڪوسنڌي ٽيلي ناٽڪ لاءِ ان ڪري بہ اهم ترين هو جو، جتي محمد بخش سميجو صاحب، شھري موضوعات، رومانس، آرٽ، ۽ ٻين نسبتن سان ڪم ڪندو هو، اتي ڳوٺ، رشتا، تضادات ۽ انھن جي جوڙ جڪ، فيض ٻگهئي صاحب جو خاص ”فليور“ رهي... اهو سڄو زمانو، جنھن ۾، هنن ٻنھي پيشڪارن جو تخليقون سرجنديون رهيون، سدائين اسڪرين کي ڀري ڇڏيندو هو. مٿان وري هنن تي عبدالڪريم بلوچ صاحب مرحوم، ۽ هارون رند مرحوم جي نظرداري هوندي هئي. زينہ بہ زينہ هنن پنھنجي هنر جا رنگ فن جي ڪئنواس تي ڇٽيا ۽ ڇا تہ عڪس اُڻي ويا.
اٺين اپريل 1946ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخي شھر ڏوڪريءَ ويجهو هڪ ڳوٺ ”ڪاراڻي“ ۾ سندس جنم، سائين عبدالواحد ٻگهئي جي گهر ۾ ٿيو هو. پاڻ ٽي ڀائر هئا. فيض محمد، محمد خان ۽ مير محمد ٻگهيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ، اٺين درجي کان مٿي هن بورڊنگ هائوس ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اتان انٽر پاس ڪئي. فيض محمد ٻگهئي، اسلامڪ هسٽري ۽ انٽرنيشنل رليشنس ۾ ڊبل ايم اي ڪئي ۽ 1974ع کان پاڪستان ٽيلي ويزن کي اسسٽنٽ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ جوائن ڪيو. پنھنجي حياتيءَ جا ٺيڪ ٽيھہ سال، هن، هن اداري کي ارپيا، ۽ دل چوي ٿي تہ لکجي تہ اٺاويھن سالن جي ڄمار ۽ پي ٽي ويءَ تي ايندڙ، فيض ٻگهئي جي سٺ سالن ۾ رٽارئرمنٽ مھل بہ اکين جي جوت ۽ شهپرن هيٺان خوبصورت مرڪ، سدائين جوان رهي. بورڊنگ هائوس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري، سندس لباس ٺاهوڪو ۽ وجود سنواريل هوندو هو.... پنھنجي ڪئريئر جي آخري سالن ۾ 2001ع ڪئنسر ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ بہ هن، ڪڏنھن بہ حوصلو نہ هاريو. گڏ هوندا هئاسين تہ هن ڪڏهن ”لکا“ نہ ڏني، تہ سندس اندر ۾ ڪھڙي جنگ جاري آهي. اسان جون ملاقاتون مسلسل هونديون هيون ۽ هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان، مان کيس جيڪي مشورا عرض ڪندو هئس سي هو دل سان قبوليندو هو..... پر ڌڻي مٺڙو شاهد آهي تہ مون ڪڏهن بہ سندس ڪنھن حوصلي ۾ ڪا کوٽ نہ ڏٺي.
تقريباً ايڪيھن سالن جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ سندس شادي ٿي هئي ۽ هن پنھنجي ٽنھين پُٽن انور، منور ۽ اختر ۽ ٽنھين نياڻين ۾ پنھنجو ساھہ اوتي ڇڏيو..... پنھنجي گهريلو حياتيءَ سان سندس ڪمٽمينٽ، روشنين جي هن جھان ۾ کيس ڪڏهن بہ ڀٽڪائي نہ سگهي..... ڇويھن سالن جي سفر ۾، مون هن سان ڪنھن بہ نازڪ نالي کي جُڙيل نہ ڏٺو.... هو هڪ حد تائين فرينڪ ٿيندو هو ۽ بس..... مٿان وري سندس ”جُسو“ اهڙو هوندو هو جو چڱي ڀلي کي ”حجت“ ڪرڻ کان پھرين لک ڀيرا سوچڻو پوندو هو.... ادا فيض جھڙي ڪردار جي مضبوطي، ڪئمرائن جي جهڙپن واري ماحول ۾ گهٽ نظر اچي ٿي.
خميس، 17 نومبر جي رات، اسٽيل مل جي ”هنڊريڊ بيڊز هاسپٽل“ ۾ هن پرھہ ڦٽڻ کان پھرين پنھنجي نيئن سفر جي ”باک“ ڏسي ورتي ۽ جھان رنگ وبُو کان موڪلائي ويو. عيد ڏهاڙي ظهر جي نماز کانپوءِ کيس اسٽيل مل جي فلٽر پلانٽ واري قبرستان ۾ آسودہ خاڪ ڪيو ويو.....چوهٺ سالن جي حياتيءَ کي اتي جي زمين جي ڀاڪر ۾ ڀرجڻو هو. هاڻي جڏهن بلوچ صاحب ۽ هارون صاحب ڪوٽڙيءَ جي شھر خموشان ۾ آرامي آهن. جڏهن سميجو صاحب دادوءَ جي جادو واري زمين ۾ وڃي پلاٽ ورتو آهي ۽ جڏهن ان زنجير جي آخري ڪڙيءَ، فيض ٻگهئي اسٽيل ٽائون ۾ ٿاڪ ٺاهيو آهي. تہ ڄڻ هڪ وڏو حصو خالي ٿي ويو آهي. اهي سينئر، جن جي فن کان سکي، اڄ جي هر چئنل تي ڪونہ ڪو، روشن استعارو موجود آهي. دادوءَ کان وٺي، ڪراچيءَ تائين، زمين جي تھن ۾ لھندي، فن جي تھن جي آبياري ڪئي ۽ هڪ سدا بھار جوت ٻاري ويا......اسين، جيڪي سندن ڀائرن جيان، شاگردن جيان ۽ پونئينرن جيان آهيون، ڄاڻون ٿا تہ ”فيض ٻگهئي جو قد ڪاٺ ڪيترو هو..... ها، اسين ان کي نہ مڃڻ گهرون تہ اها ٻي ڳالھہ آهي. هي فقير، اوهان کي دعا لاءِ عرض ڪري ٿو تہ جيئن، توهان جي دعا سندس ”ملڪيت“ بڻجي ۽ مٿس ڇوٽڪاري جا در، وڌيڪ وسيع ٿين. آمين.

ڇپيل: ڇنڇر 20 نومبر 2010ع