سميجو سُمھي رهيو آهي (پيشڪار: محمد بخش سميجو)
سيپٽمبر 2004 جي تيرهين رات
هنن ساعتن ۾ رستي جي اونداھہ کي چيريندي ۽ آسماني روشنيءَ ۾ ڏيئو جرڪائيندي ايمبولينس، سائين سميجو صاحب جي مڙھہ کي کنيو دادوءَ نگاھہ رکيو، جلد کان جلد پھچڻ چاهي ٿي. ويٺلن جي جسمن ۾ ڪا چرپر هجي تہ هجي، پر سائين بلڪل ماٺ آهي. شايد نہ بلڪہ يقينن هڪ طويل سفر کان پوءِ ايندڙ ننڊ کي گاڏيءَ جا لوڏا ڪجهہ بہ نٿا ڪري سگهن، هو جيڪو ازل جي اوجاڳن جو ماريل هو، هاڻي هڪ گھري ننڊ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسين سڀ صرف اهو ئي چئي سگهون ٿا تہ، ”انا لله وانا اليہ راجعون.“
عجيب حالت آهي دل جي، تقريبن چوويھن سالن جو طويل سات، هڪ لمحي ۾ وڇوڙو بڻجي ويو، اڄ ئي (وفات واري ڏينھن) منجهند جو 2 وڳي فون ڪئي هئي. محمد علي ٻڌايو هو تہ حالت بھتر نہ آهي گذريل اربع تي اٺين تاريخ تي ٻن پھرن جو هڪ وڳي هن جي وجود جي ڪومايل گل کي ڏسي، هڪ ڊاڪٽر هئڻ ڪري مان گهڻو ڪجهہ سمجهي ويو هئس، مٿان وري منھنجي جونيئر، سڄو احوال سربستو ڪيو هو، جنھن ٻڌايو پئي تہ حالت ابتر ٿيندي پئي وڃي.
ماڻھن تہ هونئن بہ ايتري ڏانھن ئي وڃي پيو نہ ڪجهہ بہ تہ هٿن ۾ ناهي ۽ گهڻو ڪجهہ هٿن ۾ آيل سمجهون ٿا هڪ ڊوڙ آهي، جيڪا ڄڻ کٽڻي ئي ناهي، ساھہ کٽي ٿو وڃي ڊوڙ نٿي کٽي.
اسان جي ملاقات بہ عجيب هئي. 1981ع ۾ هن منھنجو ناٽڪ پروڊيوس ڪيو. ”بخشش“ ۽ بس، ٻنھي جي عجيب نٽنگ ٿي وئي. ”جذبا سچا موتين جھڙا، ”آس نراس جي وچ ۾“ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“ ”ڄاتل اڻڄاتل“ جھڙا ڊرامہ هن ڪمال خوبيءَ سان پيش ڪيا، جنھن تي ٽيلويزن جي هدايتڪاريءَ ۾ سنڌي ڊرامو ناز ڪري ٿو. تنھن کان سواءِ روش، نوري ڄام تماچي، سمجهوتہ، دل اسي چاهتا هي ۽ ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ، گڏ ڪياسين ۽ مون هميشہ سندس ڪم کي مٿانھون ڏٺو. ۽ جي مالڪ الملڪ ذوالجلال والاڪرام حوصلو ڏئي تہ اهو لکڻ ۾ ڪوبہ باڪ ڪونھي تہ سميجو صاحب سدائين پنھنجي ڪم کي سڀني تي فوقيت ڏيندو هو. ”بھادر علي“ کان وٺي ”انتھا“ تائين هن خوبصورتيءَ جي هڪ نئين جھت کي جنم ڏنو ۽ سندس دشمنن بہ سندس ڪم کي ساراهيو. اهو ماڻھو جنھن ساندھہ ساڍا پنج ورهيہ هر روز هڪ نئين سنڌي ٽيلي ناٽڪ ڏنو هجي. ان جي لاءِ دشمنن وٽ ڪھڙا لفظ ٿي سگهن ٿا. انگريزي ادب جو عاشق ۽ رومانس کي پنھنجي رڳ رڳ ۾ شامل ۽ محو رکندڙ سميجو صاحٻ گلن، پوپٽن ۽ چھرن سان پيار ڪندڙ هو. کيس روحن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ نہ هوندي هئي، تڏهن تہ هر واٽ تي هر هنڌ کيس ڏنگ ئي سھڻا پيا پيا. حد تہ اها هئي جو هڪ جاءِ تي سندس نامينيشن هڪ بنھہ ٻاراڻي سان ڪئي وئي. سائين وري بہ شريڪ ٿيو ۽ ايوارڊ ٻار کي ڏئي وڏي جي توهين ڪئي ڪئي. پر اهو محمد بخش سميجو ئي هو جنھن جو آواز ڪنائي اوهان پھريون جملو ئي اهو ٻڌندا هئا تہ ”سميجو پيو عرض ڪيان“ جيڪي عرض ڪندا آهن، اهي حڪم ڏيڻ جي فن کان اڻواقف هوندا آهن.
اٺين وڳي منظور ميراڻيءَ فون ڪري هيءَ خبر ٻڌائي، مون فون ڪيو منظور سميجو صاحب ٻڌايو تہ ڪراچي جو ٽول ڪراس ڪري، رستي تي آهن. مان نائين وڳي کان گل جهليو رستي تي بيٺو هئم. سو! ڪلاڪ کان پوءِ خيال آيو تہ ڪٿي موري واري رستي کان تہ ڪونہ هليا ويا. روڊ ڇڏي پي سي او تي فون ڪرڻ ويم ۽ هن ٻڌايو تہ، ”هاڻي هاڻي ڦاٽڪ ڪراس ڪيو اٿائون. اوهان چئو تہ اوهان جو انتظار ڪيون. ”مون چيو، ”نہ... توهان ڀلي هلو“ ۽ هنن کي روڪي مان ڪيان بہ ڇا ها؟ بس اهوئي خيال هو تہ ايمبولينس جي جهلڪ ڏسي، متان پير ڇھي وٺان، منھن تہ مان هونئن بہ ڏسڻ جي همٿ نہ پيو رکان.
سميجو صاحب، شديد محنت ۽ اعتبار رکندڙ هو ۽ اهائي ڳالھہ هئي جو هن جي محنت جو شيڊول کانئس اوجاڳا ڪرائيندو هو. سنڌي ٽيلي ناٽڪن سان عشق ڪندڙ سميجي ”ڪاڪ محل“ جي سڀني رنگن کي ڏسي ورتو هو. کيس فن جي ”ناتر“ جي چالن جي خبر هئي، پر تہ بہ هو اهڙو راڻو هو، جنھن ڪکجڻ وڌيڪ پسند ڪيو پئي.
ڪرن آرڪيڊ جي فليٽسکي هڪڙي خوبصورت ننڍڙي گهر ۾ تبديل ڪرڻ ۽ علي، مصطفيٰ ۽ ڪائنات کي پنھنجي ساھہ سان سانڍيدڙ سميجو صاحب هميشہ جاڳ کي ننڊ تي ترجيح ڏني. پنھنجي پروفيشنل زندگي ۾ مون گهٽ اهڙا هدايتڪار ڏٺا آهن، جيڪي هن وانگر وقت جا Punctual هجن.
پنھنجي ٽيويھن چوويھن سالن جي رفاقت ۾ ڪڏهن بہ کيس ڪنھن تي بہ ناراض نہ ڏٺو دوستن جا لڳايل خنجر بہ هو کلي سيني مان ڪڍي پنھنجي زخم جي پاڻ ئي مرهم پٽي ڪندو هو. سڀني کي خبر آهي تہ هو عام اداڪار کان وٺي هڪ سپر اسٽار تائين هڪ ئي ميٺ محبت ۽ سلوڪ جو رودار هو. سندس ڪمرو هميشہ ڀريل رهندو هو. ڊرامو هجي نہ هجي ماڻھن جا ميڙا لڳل هوندا هئا.
ارڙهين آگسٽ تي پرک جي رڪارڊنگ لاءِ ويس تہ آخري ڀاڪر نصيب ٿيو. ميڻ جيان ڳرندڙ سميجي جي لاٽ ۾ ڄڻ کوٽ هئي. پڇيم تہ چيائين شايد ننڊ پوري نہ ٿي آهي. طبيعت خراب هوندي بہ شايد هن ڪم ڪيو پئي ۽ شايد، شايد ۽ شايد.....
اهوئي تہ عذاب آهي، اوهان کي ڪا خبر ناهي تہ ڪھڙي نگاھہ، نگاھہ ناز جو آخري در آهي، ڪنھن مھل، اوهان آخري ڀاڪر پايو ٿا، ڪھڙي پل کان پوءِ اهو سڄو منظر نصيب نہ ٿيندو. ان ڏينھن جمعي تي جڏهن هو هڪ ميٽنگ لاءِ گهران نڪري ٽي وي تي آيو هو تہ ڇا کيس خبر هئي تہ هاڻي هو ڪڏهن بہ گهر واپس نہ ورندو، ان ئي آفيس ۾ کيس دل دغا ڏيندي ۽ هو ارڙهن ڏينھن جي مقابلي کان پوءِ بازي هارائي ويندو.
عجيب انومان هوندا هئا هن لاءِ ڪاليکز ۽ دوستن جا ”رڳو ٿو ڪم ڪري ٽڪي ٽڪي تي ٿو ڪم ڪري پنھنجو پاڻ کي وڃائي ويٺو آهي“ جھڙا جملا هان ڏاريندڙ هوندا هئا، اهي سڀ جيڪي هن وانگر محنت نہ ڪري سگهندا هئا. رڳو رڙين ۾ پورا هوندا هئا ۽ انھيءَ جو احساس سائين کي بہ هو. ”ڇڏيو سائين“ چوڻ جو هڪ مخصوص انداز هٿ کي ڏئي، تري مھٽڻ ۽ رولنگ ڪرسي کي زور سان پويان ٽيڪ لگائي چانھن پيئڻ اهو سندس ٽارڻ جو مخصوص انداز هو، کيس شايد اهو بہ احساس هو تہ وقت گهٽ کان گهٽ آهي ۽ گولر وڌ کان وڌ... تہ بس جيڪي ٿي سگهي سو ڪري وٺجي ۽ هن ڪري ورتو.
سميجو صاحب کي ڊائريڪٽر جي ڪرسي بيحد وڻندي هئي. ها پنھنجي لاءِ ڪا خاص ڪرسي تہ ڪو نہ ٺھرائي هئي. پر هو انھيءَ تي ويھڻ لاءِ وڌ کان وڌ پڙهڻ ۽ ڏسڻ جو شوقين هو. هر نئين فلم جو ڪرافٽ، مھارت ۽ انداز کيس موهيندا هئا ۽ هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ فريمز تي بحث ڪري سگهندو هو. اها بہ ڪمال جھڙي ئي ڳالھہ آهي تہ شعور جي دنيا مان بي شعوري ڏانھن آخري سفر بہ هاڻي هن ان ڪرسي تان ئي ڪيو. هڪ ڀيري هڪ لانگ اسپيل ڪرڻ کان پوءِ اسين آفيس ۾ موجود هئاسين. مون ڪجهہ لکيو پئي ۽ هو ڪرسيءَ تي آهليل هو. شديد ٿڪاوٽ جي باوجود هن مون کي ڪمپني ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪئي. وري جهوٽو اچي پيو وڃي ۽ مان سوچيان پيو تہ سائين جي سمھي ٿو رهي تہ پوءِ ڳالھائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. انھن ساعتن کان پوءِ اهو احساس ٿيو هو تہ هو دراصل زندگيءَ جي حرارت گهري پيو. جي ماٺ ٿي وڃون ها تہ شايد موت کي Indicate ڪيون ها ۽ هونئن بہ اکيون بند ڪرڻ کان پوءِ لفظ ڪھڙي ڪم جا هوندا آهن.
هاڻي اسٽوڊيو جي سامھون واري آفيس ۾ ڪا بہ رابعہ، شگفتہ يا فرح نہ ويھنديون ڪوبہ حق نواز ، آغا، رفيق يا محمود مغل، ان ڪمري ۾ ليئو ڪونہ پائي سگهندو. سڀني کي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي. ڇوجو هنن جي اچڻ کان پھرين اهو ڪمرو هاڻي بند ٿي چڪو آهي ۽ اسٽيل جي پليٽ سميجو جي نالي سميت وڃي چڪي آهي. هاڻي هنن سڀني کي ڪوبہ ڀاڪر، ڪا چانھن جي پيالي ڪو نرم لھجو ۽ متحرڪ سڀاءُ نہ ملي سگهندو. ڇاڪاڻ تہ سميجو وڃي چڪو آهي.
اوهان فون تي هاڻي صرف حڪم جي اميد رکو، ڇاڪاڻ تہ سميجو صاحب پنھنجا سڀ عرض کپائي، حڪمن جون جهجيون ڪمائيون کڻي روانو ٿيو آهي، هاڻي اوهان وٽ ۽ اوهان جي لاءِ بچيلن وٽ صرف حڪم آهي.
مون بوگن جا گل هاءِ وي تي هاريا آهن ان يقين سان تہ خوشبوئن ۽ سونھن سان پيار ڪندڙ سميجو صاحب اها خوشبو محسوس ڪري وٺندو ۽ کيس خوشبوئن جي سفر ۾ اهوئي تحفو پيش ڪري سگهجي ٿو. لفظ رات جي اوندھہ کي چيري نٿا سگهن. لفظ ملن ئي ڪونہ پيا. الاءِ ڇا پيو لکجي. سميجو بہ سمھي پيو آهي تہ وڌيڪ لفظن جي ڪھڙي ضرورت آهي.
(ڇپيل: اربع 15 سيپٽمبر 2004ع)