هڪ اداري جو موت! (تعليمدان ۽ محقق: عطاءُ المومن بُلو)
شروعات سندس ڇپيل ڪتابن سان ڪيون ٿا، جن ۾ تاريخ جي سھيڙ، هاڻي تاريخ بڻجي چڪي آهي. سنڌ جي ضلعن، اتان جي تاريخ، تھذيب، ثقافت ۽ ماضيءَ جي اهڃاڻن کي جنھن خوبصورتيءَ ۽ نفاست سان مؤمن بُلي سھيڙيو آهي، اهو صرف سندس ئي رنگ ٿي سگهي ٿو. سال 2003ع کان هو پنھنجي تاريخي پورهئي جي ڇپائڻ جي شروعات ڪري ٿو. ڪتاب ’چارلس نيپيئر کان محمد ميان سومري تائين‘ (Charles Napier Khhan Muhammad Mian Somray Tain) شايع ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ جي 160 سالن جي انتظامي تاريخ تي ٻڌل آهي ۽ 1843ع کان 2002ع تائين جي رڪارڊ جي سھيڙ آهي. سال 2007ع ۾ وري ڊوٽنگ دي هسٽري وٿ ائنِڪڊوٽس (Dotting the History with Annecdotes) ڪتاب ڇپيو، جنھن ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي مختلف شخصيتن جي باري ۾ لکڻيون شامل آهن. سال 2009ع ۾ نوشھرو فيروز ضلعي جو وارو اچي ٿو ۽ ’نوشھرو فيروز ٿرو دي ايجز‘ (Naushahro Feroze: Through The Ages) تاريخ کي سھيڙي ٿو. سال 2010ع ۾ خيرپور ضلعي تي ’خيرپور: جيول اينڊ ڪرائون آف سنڌ‘ (Khairpur: Jewel & Crown of Sindh)، مٽياري ضلعي تي ’مٽياري: دي ڪلچرل ڪيپيٽل آف سنڌ‘ (Matiari: The Cultural Capital of Sindh)، ڪشمور تي ’ڪشمور: نائو اينڊ دين‘ (Kashmore; Now & Then) ڇپجي سامھون اچن ٿا ۽ تاريخ مرڪي ٿي. سال 2011ع ۾ جيڪب آباد جو وارو اچي ٿو ۽From Upper Scinde Frontier to Jacobabad (فرام اپر سند فرنٽيئر ٽو جيڪب آباد) ڪتاب تاريخي، ثقافتي ۽ علمي حالتن تي لکيل تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. سال 2012ع ۾ خيرپور جي کجين تي تحقيق ’ڊيٽ ڪراپ آف خيرپور‘ (Date Crop of Khairpur) ڪتاب، حيدرآباد جي سونھن ۽ يادگيرين جي سھيڙ جي حوالي سان ’حيدرآباد ري وزيٽڊ‘ (Hyderabad Revisited) ڪتاب، بدين جي تاريخ تي مشتمل ’بدين، هسٽري انفولڊس‘ (Badin, History Unfolds) اسان جي سامھون اچن ٿا. سال 2013ع ۾ ’لائيڊ بئريج آف پاڪستان‘ (Lloyd Barrage of Pakistan) سکر واري پُل جو هڪ تصويري ۽ تحريري دستاويز ثابت ٿئي ٿو.
اهي تہ سڀ هٿن ۾ آيل مستند ڪتاب آهن، تنھن کان سواءِ اُهي ڪتاب، جيڪي تقريباً مڪمل ٿيڻ کان رهجي ويا آهن، انھن جي فھرست بہ ڊگهي آهي. سنڌ جي مختلف شھرن بابت تاريخي دستاويزن جي سھيڙ، نقشن جو ڪٺو ڪرڻ، تاريخي رڪارڊ کي گڏ ڪري سامھون آڻڻ بابت تقريباً 14 ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن.
ورهيہ اڳ اسان جي گهر ۾ ادا خليل مرحوم وٽ سندس آمد و رفت هوندي هئي. مھمان خاني ۾ خدمت منھنجي حوالي هوندي هئي تہ هڪ عجيب ڳالھہ نوٽ ڪندو هئس تہ هُو پٽ تي ويھي لکندو هو. غاليچي تي ويھي ٽيبل تي ڪاغذ پٿاري نوٽ ڪندو ويندو هو. ادا خليل کي تاريخ سان خاص دلچسپي هوندي هئي. سيوهڻ شريف سان واسطو هئڻ ڪري ۽ پنھنجي وڏڙن جي ڊائري لکڻ جي عمل جي ڪري، اسان وٽ فارسيءَ، سنڌي، اردو ۽ سرائڪيءَ جي ڪتابن جو هڪ نادر ذخيرو هوندو هئو ۽ قبلہ بابا سائين جي حڪمت جي پيشي سان وابستگيءَ، نون ڪتابن آڻڻ ۾ سدائين تيزي ڏيکاريندي هئي. جنھن مان ادا خليل وري ذاتي شوق مطابق تاريخ جو مضمون چونڊيو هو. مؤمن، ادا کان نوٽس وٺڻ ايندو هو ۽ سندس ليڪچرز نوٽ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان عمل ۾ ٻہ يا چار ڪلاڪ بہ لڳي ويندا هئا. هو لاڳيتو ان ”بور“ موضوع تي ڪم ڪندا رهندا هئا. اها سال 1990، 1991ع جي ڳالھہ آهي. معني هو ٻاويھن سالن جي عمر جو هوندو، پر سندس تڪڙو ڪم ڪرڻ ۽ ايڏي محنت ڪرڻ حيرت انگيز لڳندا هئا.
سندس ٻي حيرت انگيز ڳالھہ، هن جي ڪچھري هوندي هئي. پاڻ وٽ جيڪو ”ڪچھريءَ جو ڪوڏيو“ سڏبو آهي، اهو مؤمن تي، سؤ سيڪڙو فٽ ايندو هو. کيس ماڻھن سان اندر اورڻ ۽ ماڻھن جي اندر جو اؤر لھڻ ايندو هو. ڪشادي مرڪ، سدائين هٻڪاريندڙ هوندي هئي. هن جنھن حساب سان نڀايو، اهو سندس وڙ هيو. صرف مان اڪيلو اها دعويٰ نہ ٿو ڪري سگهان تہ ڪو هُو منھنجو دوست هو...الاءِ ڪيتري ڊگهي فھرست آهي، جنھن ۾ هرڪو نالو سرخرو آهي. سندس حياتيءَ ۾ سادگي ڪمال هئي. نہ لڳندو هو تہ مؤمن ڪا ايتري ڄاڻ رکي ٿو. ”هان ادا ...“ ”الا...“ ۽ حيرت جا ٻيا اظھار سدائين سندس چپن تي هوندا هيا. سندس علم و فضل جي خبر تہ هاڻي پوندي جڏهن تاريخي تحقيق جي ان نوعيت جو ڪم ”الائي ڪير“ ڪندو. ڇاڪاڻ تہ ايترو ڪم ۽ اهڙو ڪم ڪرڻ ڪو سؤلو ناهي. ايترو ڪجهہ ساڻ رکندي بہ سندس سلوڪ سندس ظرف جي نشاني هيو. هتي ٻن ٽن سٽن لکڻ کانپوءِ، اکين تي چشمو پئجي ويندو آهي ۽ ڪنڌ جي ڪِلي هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ جي اجازت ناهي ڏيندي. اتي، مؤمن بُلي جھڙا ماڻھو ماٺ ميٺ ۾، زندگيءَ کي ڀرپور احساسن ساڻ سامھون آڻيندا آهن.
سر پَي چڙھہ ڪَي بول رهَي هين، پودون جيسَي لوگ،
پَيڙ بنَي خاموش کڙَي هين، ڪيسي ڪيسي لوگ.
پنو عاقل جي ”ڪوٽ بُلا“ جي ميان تاجو قبرستان ۾، اسان جو يار آرامي آهي، جيڪو يارن جو يار چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. جنھن جو گرم ڀاڪر ۽ آسائتي مرڪ، اسان مان گهڻن جو اتساھہ هوندي هئي. دوست تہ دوستن جو ڀرم هوندا آهن، پر اسان جو هي يگانو يار، جسماني جدائيءَ کانپوءِ پنھنجي پورهئي جو ڀاڪر ۽ عمل جي مرڪ ڇڏي ويو آهي. مون وٽ ڪو قصيدو ڪونھي، نہ ڪو ڪائي پينسل آهي. مون وٽ وقت جو قلم آهي، جنھن سان هڪ ڀيرو ئي نوٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ جنھن تي ڪو بہ ”وائيٽو“ اثر ناهي ڪندو. لکڻو آهي...اهو ۽ بنا لاڳ لپٽ جي تہ مؤمن بلو پنھنجي حياتيءَ ۾ هڪ اداري کان مٿي ڪم ڪري ويو. اسان جي ادارن جو حال اوهان جي سامھون آهي، مان ڪو گهڻو پڙهيل لکيل شخص ناهيان، اوهان عالم فاضل آهيو، ڪنھن بہ اداري جي ڪارڪردگي هٿن ۾ کڻو، جيڪي ان علم و عمل سان لاڳاپيل هجن، ۽ هن هڪ شخص جي پورهئي کي بہ سامھون رکو...پوءِ ٻڌائجو تہ ڇا هي ڪنھن اداري کان گهٽ هيو. سندس محنت ڳالھائي ٿي، هڪ هڪ سھيڙ، ڪنڌ اوچو ڪري پنھنجو تعارف ڪرائي ٿي. هر ڪتاب، پنھنجي قد کان واقف آهي.
ڌڻي مٺو جل شانہ، کيس مغفرت عنايت ڪري. آمين.
ڇپيل: آچر 06 ڊسمبر 2015ع