هڪڙو هيو انور سولنگي! (اداڪار: انور سولنگي )
انا ﷲ و انااليہ راجعون...
هڪ دفعو ٻيھر، اخبارن ۾ سرخي جو هڪڙو جھان آباد ٿيندو... سندن وفات کي ”ناقابل تلافي“ نقصان ڄاڻايو ويندو، اهو بہ ٻڌايو ويندو تہ هنن جي جاءِ ڀرڻ هڪڙو ڏکيو عمل آهي... ڪجهہ ڏينھن قصا ڪھاڻيون هلندا ۽ نيٺ وري ڪارِ جھان دراز ٿي ويندو... وقت جي لَٽَ هن قضئي کي بہ ڍڪي ڇڏيندي...
ائين ئي ٿيندو عزيزانِ من ۽ ائين ئي تہ ٿيڻو آهي... ان ۾ ڪھڙي فارسي آهي...؟ انسان آهي، ان کي دنيا جي گولي تان بہ گُم ٿيڻو آهي ۽ دل جي ڦرهي تان بہ مٽجڻو آهي... ان ۾ ڪو سنئون فسانو تہ ڪونھي... پر سولنگي صاحب جھڙا ماڻھو ايڏي سولائيءَ سان وقت جي ”رٻڙ“ هٿان نہ ٿا ڊهن...
گذريل ڏهن سالن دوران، مون چار دفعا هنن کي ”پرک“ ۾ رڪارڊ ڪيو، پھريون دفعو هو بنان ”اسٽڪ“ جي آيا هئا، تڏهن اڃان اهو رڪشا وارو حادثو سندن حياتيءَ ۾ ڪو نہ ٿيو هو... ۽ پويان ٽئي موقعا، سھاري سان هلندي، هن سلڇڻي اداڪار سان ”آن ڪئيمرا“ طويل ملاقاتون رهيون... هر واري سندس ذات جو ڪو نہ ڪو سنئون عڪس ضرور کلندو هيو پر هڪڙي ڳالھہ جيڪا سدائين اندر ۾ هُرندي رهي تہ انور صاحب گهڻو ڪري، گهڻن ماڻھن کان ناراض رهندو هيو. سندس ذاتي چواڻي تہ ”مان ڪمپرو مائيز نہ ٿو ڪري سگهان... ڪم جي وٺڻ لاءِ ڪم جي هلڻ لاءِ ٺاھہ ڪرڻ منھنجي طبيعت ۾ ناهي. ﷲ سڀني کي خوش رکي... جي ڪم ڏين ٿا تہ سندن مھرباني... ڀلا جي نہ ٿا ڏين تہ ڀائو... در تہ مان بہ وڃي ڪو نہ جهليندو مان...“
هاڻي هن دنيا ۾ جنھن ۾ تيز ”ڪوڙيون“ روشنيون، چھري تي لڳل ”پفنگ“ جي مدد سان، حسين و جميل عڪس چٽين ٿيون، اهي ناراضگيون، اهو خود دار رويو ۽ اها ائپروچ گهڻن کان ڪٿي ٿي برداشت ٿئي؟...
محترم محمد بخش سميجي جي وڃڻ کانپوءِ تہ ”راڪاس“ اڃان بہ وڌيڪ وراڪا ڏيڻ لڳو هو... ائين ڪو ناهي تہ پروڊيوسر رڳو خوشامدون پسند ٿا ڪن، يا منٿ ميڙ ۽ اعتقاد ۽ اعتماد ٿا رکن... الاءِ ڪيترا مھربان اهڙا بہ آهن، جيڪي ڪا بہ ”ڪاسٽنگ“ ميرٽ کان سواءِ نہ ڪري سگهندا آهن... ۽ هونئن بہ هر اها ”پراڊڪٽ“ جيڪا عوام تائين پھچي ٿي. ان ۾ جي ميرٽ جو خيال نہ رکيو ويندو تہ لازمن پنھنجو نالو بہ ٻين نالن سان گڏ ٻڌندو... پر اهو سڀ هوندي بہ ڪٿي ڪٿي ”ڪن لاٽار“ ٿي بہ ويندي آهي... ۽ هونئن بہ هر ڊرامي ۾ هر ماڻھو ڪاسٽ ٿيڻ تہ تقريباً نا ممڪن بہ هوندو آهي.
انور سولنگي صاحب کي ٻي وڏي شڪايت پنھنجي اعزاز و احترام کان بہ هوندي هئي. ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ملڻ کانپوءِ ڇا ڪاڻ تہ هڪدم سندن ڪيٽيگري ”پي پي“ ٿي وئي هئي تہ کين ڪم ملڻ گهٽجي ويو هو... پروڊيوسرن جو خيال هو تہ بڪنگ ۾ ڇاڪاڻ تہ هڪڙو وڏو امائونٽ، مرڪزي اداڪار جو حيثيت ۽ پي پي ڪيٽيگيريءَ واري کي ڏيڻو پوندو تہ لازمن ”بجيٽ“ جو ڪجهہ ڪرڻو پوندو... ۽ شايد اهو ئي اهم سبب هيو جو انور سولنگي صاحب ڪرسيءَ تي ويٺي، پنھنجي مخصوص انداز سان اسٽڪ لوڏيندي اظھارِ خيال ڪندو هو... ”اعزاز بہ ڪمال آهي هتي سائين... تنھن کان تہ ڏين نہ تہ چڱو... شل نہ ڪيٽيگري وڌي... ڪم ملڻ جهڪو ٿي ويندو... ماڳين ڪٿي ڪٿي بند بہ ٿي ويندو... هاڻي هنن کي ڪير سمجهائي تہ بابا... رڌڻو اهو ئي ساڳيو آهي... گهر جون ضرورتون وڌن ٿيون، گهٽجن ڪو نہ ٿيون... اسان جھڙن جو آسرو بہ بس ڪم تي ئي آهي. ڪجهہ ملندو تہ چلھو بہ ٻرندو... پر سائين... هاڻي ڪنھن ڪنھن کي سمجهايون ۽ ڪيترو سمجهايون...؟“
هو بيحد خود دار انسان هيو... الاءِ ڪيتريون ڳالھيون ”پي“ وڃڻ تہ ڄڻ سندس فطرت ۾ شامل هوندو هيو، پر وري بہ جي ڀڙڪو آيو تہ سولنگي صاحب کي ليکا چوکا ڪرڻ ايندا هئا. ...
سندس جونيئر جي حيثيت سان هن سان ملاقاتن جو سلسلو، تقريباً ٽي ڏهاڪا هليو... ٽي وي تي ”سميجو ڪئمپ“ ۾ جتي ٻيا سڀ موجود هوندا هئا، اتي اسين بہ ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ پاسي کان موجود هوندا هئاسين... منھنجي ڪجهہ سولو ڊرامن ۾ تہ هنن ڪم ڪيو ۽ صلاح سنئين سڌي سميجو صاحب کان ورتي، پر جڏهن منھنجي سيريل ”نوري ڄام تماچيءَ“ ۾ هنن نوريءَ جي والد جي ڪردار ۾ انگ ڀرڻ لاءِ حامي ڀري تہ وڌ کان وڌ سوال هنن مون کان ئي ڪيا... ڪردار، ڪردار جو گيٽ اپ... سندس لب و لھجو... اٿڻي ويھڻي... انھن سڀني جي نسبتن سان، الاءِ ڪيتريون ڳالھيون سندن هنئين ۾ هرنديون هيون... ياد اچيم ٿو تہ ڪردار جي مٿي تي پائڻ واري ٽوپيءَ، ڪپڙي لٽي، بوڇڻ وغيرہ جا الاءِ ڪيترا سئمپل، هن پائي ڏيکاريا... گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ اهو پھريون تجربو هيو تہ ڪو بہ اداڪار، پنھنجي ڪردار لاءِ ايتري مٿا ڪُٽ ڪري... ۽ ياد جي دري کلي ٿي تہ هڪڙو لمحو اهو بہ ياد اچي ٿو، جڏهن هڪ جڳ مشھور اردو چئنل لاءِ هن خادم جي تحرير ڪيل سيريل ”عشق آتش“ ۾ سندس ڪجهہ رڪارڊنگس ڏسڻ مان بہ ويو هئس. اسان جي هڪ ”وڏي اداڪارہ“ ان سيريل جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر هئي... سيٽ تي ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو هيو ۽ پريان ورانڊي ۾ هڪ صوفا تي ويٺي، سولنگي صاحب پنھنجي اندر جو درد اوتي رهيو هيو ”هي ڪم آهي... هان... هي ڪم جو ڪئليبر آهي؟... جي مجبوري نہ هجي تہ مان تہ هتان ئي هٿ ڪڍان... نہ ڊي آر آهي نہ سي آر... بس وٺ وٺان آهي... هڪڙي سين جي موڊ مان اڃان نڪرون ئي ڪو نہ ٿا تہ ٽي ٻيا سينز منتظر آهن... لائنون ڪنھن کي ياد ناهن... لوازمات لاءِ ڪير سوچي نہ ٿو... توهان ڊائريڪٽر کي سمجهايو... توهان رائٽر آهيو... ائين ڪم ٿيندو آهي ڇا؟...“ مٿان وري ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر صاحبہ جا پنھنجا مسئلا هئا... مون هن سان خد بحث نہ ڪيو پر بھرحال جنھن جا پئسا هوندا آهن، شايد ان وٽ ”اثر رسوخ“ بہ وڏو هوندو آهي... ان مھل، انھن گهڙين ۾ مان اتان روانو ٿي ويو هئس ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ جڏهن سولنگي صاحب سان ملاقات ٿي هئي تہ سندن نگاھہ شڪايتن سان ڀريل هئي پر سندن چپن شايد هاڻي ”اظھار نہ ڪرڻ“ جي قوت سمجهي ڇڏي هئي.
پنھنجي اسٽائل ۾ هڪڙو ڪمال هوندا هئا سولنگي صاحب... ڌيمو لھجو... جيڪو پائدار ٿيڻ ۾ دير نہ ڪندو هو... منھن تي ايڪسپريشنز جا اظھار جا هزارين شيڊز موجود هوندا هئا... هو واقعي ورسٽائل فنڪار هيو، جنھن کي ڪاميڊي ۽ ٽرئجڊي ٻنھين اسلوبن تي ڪمال دسترس حاصل هوندي هئي... ”بلوچ صاحب ۽ پوءِ هارون صاحب نہ... مون کي ۽ مشتاق جسڪاڻيءَ کي، مزاح جي ٽائمنگ سمجهائي...“ هڪ واري هنن انٽرويو ۾ چيو هو... ”اسان جي جوڙي پوءِ ڪمال ٿي نڪتي... مکڻ خان، ڍولڻ خان جي ڪردار ۽ راڻيءَ جي ڪھاڻي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽيليويزن جي تاريخ ۾ اسان لاءِ تمام وڏو بريڪ هو... مشتاق مون کي چڱيءَ طرح سمجهندو هو... گهڻي عرصي کان ٻئي گڏ هئاسين ۽ ان کانپوءِ تہ اسان کي الاءِ ڪيترا موقعا گڏ پرفارم ڪرڻ جا مليا.. دنيا ۾ اسان سان وري نور محمد لاشاري بہ گڏ هيو... بس پوءِ تہ مزو اچي ويو...“
سنڌي ناٽڪ جي جھان مان، هاڻي اهو مزو آهستي آهستي ختم ٿيندو ٿو وڃي... نور محمد لاشاري، مشتاق جسڪاڻي ۽ انور سولنگي جو ٽڪنڊو، هاڻي ”مرحومي“ جي صف ۾ وڃي بيٺو آهي... اها ڪيڏي نہ عجيب ڳالھہ آهي تہ جنھن زماني ۾ سڄي عالم ۾ سنڌي ڪم جي پھچ نہ هوندي هئي، مطلب... اسين صرف وطن عزيز تائين محدود هوندا هئاسين تہ الاءِ ڪيترا ۽ ڪھڙا ڪھڙا اعليٰ ماڻڪ اسان وٽ موجود هوندا هئا... ڪم هوندو هو جيڪو چڙهي ٻوليندو هيو... ۽ ان کان پوءِ دورِ جديد ۾، جتي ڪي ٽي اين جي آمد کانپوءِ هاڻي سنڌي چئنلز انگن ۾ وڌي رهيا آهن تہ اسان جا پرفارمر هاڻي ان ڪلاس جا نہ پيا اڀرن، جھڙي اسان کي ضرورت آهي... ان جو مطلب اهو ناهي تہ ڪو سڄو جھان خالي ٿي ويو آهي، پر جي سچ ڄاڻجي تہ لاشاري صاحب، جسڪاڻي صاحب ۽ سولنگي صاحب جا ”ڪشر ڪشير“ بہ اسان وٽ هن وقت تہ موجود ناهن. ايندڙ وقت لاءِ ڌڻيءَ کي پارت آهي. شهدادپور مان کنيل مٽي، ڪراچيءَ ۾ ملي وئي آهي... هڪ سدا بھار، مڪمل پرفارمر، پنھنجي زندگيءَ جي مڙني ڪاميابين ۽ ناڪامين کي ساڻ ڪري رخصت ٿي چڪو آهي... هاڻي تہ بس سڀ جملا، رسمي جملا ئي لڳن ٿا... ”وٿيون، وه گاڏڙيون“ ۽ مختلف تحريرن سان گڏ، سولنگي صاحب، پنھنجي آتم ڪٿا مان بہ ڪيترا حوالا اتي ڪو نہ ڪيا آهن... سندس تحرير ۾ اها ئي تلخي آهي، جيڪا هڪ خود دار انسان ۾ هئڻ گهرجي... ذهانتن سان ٿيل هن پرفارمر جي لھجي ۾ هڪڙي جملي جو اضافو ڪرڻ بيحد ضروري آهي. آخري ڀيرو انٽرويو ڏيندي هن چيو هو... ”وقت جي خبر ڪانھي... ڏسو ٿا نہ سڀ هليا ويا. هارون صاحب... سميجو صاحب... ساقي صاحب... اسان جو بہ وارو اڄ يا سڀاڻي تہ آهي ئي آهي... بس رڳو اها خواهش آهي تہ اهو ياد رهي تہ ڪو انور سولنگي بہ هوندو هو... دنيا دم گذر آهي سائين ڪير ٿو ڪنھن کي ياد رکي...“
هن بي مھر جھان ۾ سولنگي صاحب بہ هاڻي هڪ ياد ٿي رهجي ويندو... جيڪا بہ شايد ڪنھن وٽ باقي بچي، باقي فن جي دنيا ۾ هڪڙو ڪتبو لڳي چڪو آهي... ”هتي انور سولنگي رهي ٿو... جنھن کي ڪم ڪرڻ يقيناً ايندو هو...“
ڇپيل: آچر 6 اپريل 2008ع