سنڌ جي غلاميءَ جا تاريخي ڪارڻ ۽ اڄ جي سنڌ
جڏھن انگريزن سڀ کان پھرين ننڍي کنڊ ۾ قدم رکيو تہ ان وقت ڪنھن کي بہ خبر نہ هئي تہ مغل درٻار ۾ ايندڙ هڪ ڊاڪٽر جيڪو ڪنھن پردہ نشين جي علاج لاءِ گهرايو ويو هو، اهو ننڍي کنڊ جي تقدير ليلائڻ جو باعث بڻجي ويندو.
انگريزن جڏھن مغلن کان 1717ع Export trade permit حاصل ڪيو تہ ان جي ذريعي هو ايشيا ۾ پکڙجي ويا. اهو ڪو اتفاق يا حادثو نہ هو. ملڪن ۽ قومن تي قبضو ڪرڻ لاءِ صدين جي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي آهي. ھنن بہ ائين ئي ڪيو. ايشيا جي خوشحالي ۽ ماڻھن جي سادگي انھن کي هتي پنھنجا پير کوڙڻ لاءِ آساني ڪري ڏني. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنھنجو واپار وڌايو. ان وقت جا حڪمران اندروني طرح ڪمزور هئا. هڪ ٻئي کي پوئتي ڪرڻ، اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڀاءُ ڀاءُ جي خلاف سازشن ۾ مصروف هئا. اخلاقيءَ طرح سان بہ ھنن ۾ ڪيتريون ئي خاميون هيون. جهاندار شاھہ ۽ محمد شاھہ رنگيلي جھڙن عياش بادشاھن جي ڪري مغل سلطنت جو زوال شروع ٿي چڪو هو. انگريزن اها صورتحال پنھنجي لاءِ سازگار محسوس ڪئي ۽ مڪاري چالبازين جي ذريعي مغل حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آخري بادشاھہ بھادر شاھہ ظفر گرفتار ٿي ويو.
جنھن وقت انگريزن بنگال تي قبضو ڪرڻ لاءِ سراج الدولہ سان جنگ ڪئي اهو وقت فرانس ۾ انقلاب جو دؤر هو. دنيا هڪ بھتر سوچ ڏانھن وڌي رهي هئي. انسان پنھنجو شعور ۽ سمجهہ استعمال ڪري پنھنجا حق حاصل ڪري رهيو هو ۽ ايشيا پنھنجي آزادي وڃائي پنھنجي شعور جا دروازا بند ڪري رهيو هو. فرانس ان وقت سراج الدولہ جو ساٿ ڏنو هو. سراج الدولہ جڏھن جون 1756ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي قائم هيڊ ڪوارٽر فورٽ وليم تي قبضو ڪيو تنھن رابرٽ ڪلائيو يورپي فوج جي اڳواڻي ڪندي سراج الدولہ کي جنوري 1757ع ۾ ڪلڪتي مان ڪڍي ڇڏيو.
سراج الدولہ کي سندس ناني علي وردي خان جي وفات کان پوءِ 23 سالن جي عمر ۾ هڪ مضبوط حڪومت، تربيت يافتہ فوج ۽ دولت ملي وئي . ان ڪري سندس مخالفت سندس گهر کان شروع ٿي وئي . سراج الدولہ عوام ۾ ايترو مقبول نہ هو. سندس پڦي ۽ سپھہ سالار مير جعفر سندس حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ سازشن ۾ پيش پيش رهيا. ذاتي اختلاف وڌندي وڌندي ملڪي سطح تي اچي ويا. ھنن انگريزن سان ڳجها واسطا رکيا. اقتدار جي لالچ ۾ سراج الدولہ جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ رٿائون ڪرڻ لڳا.
سراج الدولہ جي فوج تمام گهڻي هئي ۽ ڳرا هٿيار هلائڻ لاءِ فرانس بہ ان کي سپاهي فراهم ڪيا هئا. پر اندروني سازشن ھن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. جنگ ٿي تہ مير جعفر پنھنجن فوجي دستن سميت جنگ ۾ حصو ڪونہ ورتو. سراج الدولہ اڪيلو وڙھندو رهيو ۽ آخرڪار جنگ هارائي ويٺو. بنگال جي بي پناھہ دولت مان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڪاروبار وڌائڻ جو موقعو ملي ويو.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ۾ لکي ٿو تہ: ”انگريزن سورهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ساڻ واپاري تعلقات قائم ڪيا، مگر، واپار ڪامياب ٿي نہ سگهيو، انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نالي واپاري ڪوٺي ٺٽي ۾ قائم ڪئي، جنھن کي سرفراز ڪلھوڙي جي سختيءَ سبب بند ڪيو ويو. “
انگريز جيئن تہ سازشي دماغ رکندڙ ۽ پري تائين نگاھہ رکڻ واري قوم هئا. سنڌ ۾ پير ڄمائڻ لاءِ بہ ھنن ساڳي پاليسي ۽ حڪمت عمليءَ تي عمل ڪيو. ھنن سڀ کان پھرين فرينچن ۽ مينور جي حاڪم فتح علي ٽيپو کي سنڌ جي درٻار کان پري رکڻ جون ڪوششون ڪيون، ڇو تہ ان وقت فرانس ۾ وڏو انقلاب اچي چڪو هو ۽ انقلابين جو سپھہ سالار نپولين بونا پارٽ مصر فتح ڪري ھندستان تي حملي جي تيارين ۾ هو. مسٽر سمٿ، جڏھن ميرن سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيو تہ ان ۾ اهم شرط فرينچن کان پري رهڻ هو.
محمد دائود بلوچ پنھنجي مضمون ”مياڻيءَ جي جنگ“ ڇپيل ”نئين زندگي 1969ع“ ۾ لکي ٿو تہ:
”انگريزن جي سرپرستيءَ ۾ ان وقت جيڪي بہ تاريخون ۽ ڪتاب لکيا ويا آھن، تن ۾ جنگ جو سبب ميرن جي انگريزن سان بہ عمدي ڏيکاريو ويو آهي. حالانڪہ انگريز سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو خواب ڪيتري عرصي کان ڏسي رهيا هئا. ۽ ان ڏس ۾ رٿيل سازش تي عملدرآمد شروع ڪري چڪا هئا. “
واپار جي بھاني انگريزن جو اچڻ وڃڻ سنڌ ۾ وڌڻ لڳو. عام ماڻھو ان کي سٺو ڪونہ سمجهندا هئا. پر ان وقت جي حڪمرانن پنھنجو مفاد ۽ ذاتي فائدا نظر ۾ رکيا. انگريز جڏھن بہ ايندا هئا تہ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي غور ڪندا هئا. ھنن ماڻھن جي نفسيات جو بہ مطالعو ڪيو ۽ حڪمرانن جي ڪمزورين کي بہ نظر ۾ رکيو.
1828ع ۾ ڊاڪٽر برنس سنڌ ۾ آيو. ھن برطانيہ سرڪار کي خط لکيو تہ، ”سنڌ دولت سان ڀرپور آهي ۽ نھايت زرخيز علائقو آهي، جنھن تي جاهلن جو راڄ آهي. انھيءَ ملڪ جي وڌيڪ جانچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان ۾ پنھنجا پير کوڙڻ نھايت ڪارآمد ٿيندو. ميجر آٽو ٽرام پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو تہ، ”مون حيدرآباد، ان جي پسگردائيءَ ۾ قلعي جو فوجي نقطہ نظر کان چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو ۽ ضرورت پوڻ تي قلعي تي حملي جو خاڪو تيار ڪبو. “
ميجر جيمس آٽوٽرام، وليم نيپئر جي ڪتاب ”فتح سنڌ“ تي ڪيل تبصري ۾ لکيو آهي تہ: ”ميرن ۾ عام نااتفاقي هئي، ان ڪري هو اسان لاءِ ڪنھن بہ طرح خطري جو باعث نہ هئا، ھنن جي خلاف سازشن جا لڳايل الزام بي بنياد بي معنيٰ آھن. تاريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ۽ حوالا موجود آھن، جن مان ثابت ٿئي ٿو تہ انگريزن چالاڪي، حڪمت عملي ۽ سازشن وسيلي ايشيا تي قبضو ڪيو. هو سڀ کان پھرين حڪمرانن جي ڪمزورين تي غور ڪري پوءِ ان مان فائدو حاصل ڪندا ويا. ھنن ميرن جي خاص خاص ماڻھن کي بہ خريد ڪيو. اقتدار جي لالچ بہ ڏنائون پر ماڻھن جي دلين ۾ انگريزن لاءِ نفرت هئي. ميجر آٽوٽرام جو هڪ خط جيڪو ھن چارلس نيپئر ڏانھن لکيو هو ان ۾ آهي تہ:
”ڪالھہ درٻار ۾ ۽ اتان موٽندي، مون ماڻھن جي جذبات جي جيڪا حالت ڏٺي، ان مان ظاهر آهي تہ حڪمران ميرن جي بزدلاڻي نموني ۾ اسان جي اڳيان پيش پوڻ واري روش تي عام بلوچ سخت لعنت ملامت وجهي رهيا آھن. ڇاڪاڻ جو هو مير حاڪمن جي انھيءَ روش کي ڌاڙيلن اڳيان پيش پوڻ جي برابر سمجهن ٿا. سنڌ ۾ منھنجي مقرريءَ بعد پھريون دفعو، گذريل رات درٻار مان نڪرڻ تي مون کي ماڻھن جو غير معمولي انبوھہ ڏسڻ ۾ آيو. اهي ماڻھو نعرا هڻي رهيا هئا، جن ۾ انگريزن خلاف نفرت ۽ حقار جي جذبن جو اظھار ڪيو پئي ويو. “
ان وقت انگريز وڙهڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا. عوام وڙهڻ لاءِ تيار هو. حڪمران ڊڄي رهيا هئا ۽ صلح ۽ معاهدن ڪرڻ لاءِ تيار هئا. چيو ويندو آهي تہ انگريزن جو لشڪر 2800 هو، پر مرزا قليچ بيگ ”تاريخِ سنڌ“ ۾ لکي ٿو تہ نيپئر وٽ پنج هزار فوج هئي. ان وقت ماڻھن ۾ ايتري قدر جوش ۽ جذبو هو جو هو بندوقن، تلوارن، ڪي ڪھاڙين ۽ لٺين سان مسلح هئا تہ ڪي خالي هٿين بہ وڙهڻ لاءِ تيار هئا. اهي سڀ انگريزن جي پيش قدميءَ کي روڪڻ لاءِ مياڻيءَ جي ميدان وٽ اچي گڏ ٿيا. انھن سرفروشن ۾ هوش محمد قمبراڻيءَ جو نالو اهم آهي. سنڌ کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ ماڻھن آخري دم تائين دشمنن جي وڏن هٿيارن رائيفلن ۽ توپن اڳيان شھيد ٿيندا رهيا.
اهي جنگيون، اهي مھاڏا اهي قربانيون ڇا صرف هڪ زمين جي ٽڪري لاءِ ڏنيون وينديون آھن؟ هر قوم جي فطرت ۾ پنھنجي خطي لاءِ محبت انسيت هوندي آهي. قوميت جو احساس هر جذبي ۽ احساس کان مضبوط هوندو آهي تہ ڇا اهو صرف هڪ بي جان پٿر جي ٽڪري لاءِ هوندو آهي؟
هر ذي شعور ان جو جواب ”نہ“ ۾ ئي ڏيندو. ڇو تہ جڏھن بہ ڌاريا ڪنھن ڌرتيءَ تي حاوي ٿيندا آھن تہ هو نہ صرف زمين تي قابض ٿيندا آھن، پر هو ڌرتيءَ واسين جي سوچ، فڪر، شخصي آزاديءَ تي بہ قابض ٿي ويندا آھن. ڌارين سان گڏ انھن جي ثقافت، ڪلچر، سوچ، مذهب، هر شيءِ ان خطي مٿان مڙهجي ويندي آهي. انسان جا بنيادي حق سلب ٿي ويندا آھن. انسان جي هر جنگ اٽي، لٽي ۽ اجهي کان علاوہ امن لاءِ ۽ پنھنجي بچاءَ لاءِ بہ هوندي آهي.
امن ۽ حفاظت انسان جا بنيادي حق آھن. هر قوم جو پھريون خواب پنھنجي ڌرتيءَ تي امن سان زندگي گذارڻ هوندو آهي.
سماج ۾ مروج قاعدا، قانون، مذهب، ملڪي سرحدون، اهي سڀ انسان، پنھنجي امن جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ ٺاهيا هئا. مذهب ۽ سماجي قانون اهي سڀ انسان جا مددگار هوندا آھن، جن جي ذريعي انسان سماجي ڪاروھنوار هلائيندو آهي.
انسان ۽ قومن جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جن قومن مٿان ڌاريا نظريا ۽ قانون مڙهيا ٿا وڃن، اهي پنھنجي سڃاڻپ جي بچاءَ لاءِ جدوجھد ڪن ٿيون. جيڪڏھن انسان جا بنيادي حق سلب ڪيا وڃن ٿا تہ پوءِ سماج ۾ انتشار ۽ بي ترتيبي پکڙجي وڃي ٿي. دنيا جي هر مذهب جو پيغام امن ۽ سلامتي جو آهي. مذهب انسان ۽ سماج کي مثبت لاڙا ۽ فڪر ڏي ٿو پر جيڪڏھن ان امن جي پيغام کي انسانن جو رت وهائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي تہ ان جو سماجي ڪارج ختم ٿي ٿو وڃي.
انتھاپسنديءَ جا لاڙا قوم کي پستيءَ ڏانھن وٺي ويندا آھن. سماج ۾ مذهبي انتھاپسنديءَ جي موجودہ لھر سماج کي انتشار، خوف ڏانھن ڌڪي رهي آهي. مذهب خوف ۽ خون جي علامت بڻجي ويو آهي. مذهب جا اصل پرچارڪ اهي هئا جن جي آخري آرامگاھن تي اڄ بہ ميلا لڳن ٿا. اڄ بہ انسان مذهبي مت ڀيد کان الڳ ٿي انھن جي آستانن تي حاضري ڏين ٿا. امن ۽ اتحاد جا مثال اسان کي اتي نظر اچن ٿا. ”ٽوڙيو ۽ حڪومت ڪريو“ واري نظريي تحت ڪم ڪندڙ طاقتن، سرحدون ٽوڙائڻ لاءِ سازشون ڪيون پر گڏوگڏ انسانن جي سوچ ۽ فڪر کي انتشار ڏيڻ لاءِ بہ منصوبا رٿيا ويا.
انتھاپسنديءَ جي تاريخ گهڻي پراڻي ناهي پر ان تمام تيزيءَ سان سماجي روين تي اثر وڌا آھن. ڪنھن اڏوهيءَ جيان سماج کي کائي رهيا آھن. جيڪي جايون هر انسان لاءِ مقدس هيون ۽ حفاظت ۽ امن جون علامتون هيون، اهي اڄ ڪوس گهرن ۾ تبديل ٿي ويون آھن.
اهو سڀ ان ڪري پيو ٿئي تہ مذهب جي امن ۽ انسانيت جي پيغام کي نظرانداز ڪري، اقتدار جي حصول لاءِ، مذهب کي استعمال ڪيو ٿو وڃي. جڏھن تہ مذهب جو سماجي ڪارج اقتدار جو حصول نہ پر انسان ذات جي ڀلائي ۽ امن جو قيام آهي. مذهب جون عبادتگاهون مقدس هونديون آھن ۽ عبادتگاھن ۾ انسانن جو قتل عام ڪنھن بہ ملڪ، قوم، سماج ۾ ساراھہ جوڳو نہ سمجهيو ويندو آهي.
انتھاپسند گروپ شايد سماج ۾ پنھنجي طاقت جي اظھار لاءِ انسانن جو رت وهائِن ٿا. ڪڏھن بم ڌماڪن جي صورت ۾ ڪڏھن ڦٽڪن جي صورت ۾ ڪڏھن گولين جي وسڪارن جي صورت ۾ ۽ انتظاميا جي بيوسي ضرور انھن کي خوش ڪندي هوندي پر عوامي ردعمل انھن جي ذھنن ۾، سندن لاءِ موجود ڌڪار جي جذبن کي ضرور واضح ڪندو هوندو.
سنڌ جي فضائن ۾ قمبراڻيءَ جي رڙ اڃا تائين گونجي رهي آهي، جيڪا هر ڌارئين فوج توڙي نظريي کي اڄ بہ للڪاري ٿي، امن ۽ محبت جي ڌرتيءَ جا رهواسي ڌرتيءَ سان گڏ پنھنجن نظرين سوچن ۽ فڪرن جي حفاظت ڪرڻ بہ ڄاڻن ٿا.
12 جُون 2010ع