سوچ ۽ فڪر تي لڳل تالا
اها ڳالھہ ڪنھن کان بہ لڪل ڪونھي تہ هو، مذهب جي پرامن چادر اوڍي آيا ۽ دهشت ۽ خوف جي علامت بڻجي هر جاءِ تي قابض ٿي ويا. ھنن غير محسوس طريقي سان پنھنجو پاڻ کي مضبوط ڪيو آهي، ڪير بہ ھنن کي پسند نٿو ڪري، صحيح نہ ٿو سمجهي پر ٿئي اهو ٿو جيڪو هو چاهين ٿا. هو ”دهشتگرد“ جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. ھنن جو ڪم ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ، بدامنيءَ جي فضا تخليق ڪرڻ، حڪومتن جا بنياد ڪمزور ڪرڻ هو پر خبر نٿي پوي تہ هاڻ هو اسان جي جسم ۾ رت جيان ڪيئن ٿا ڊوڙن. ھنن کي اسان جي جسماني نظام جي هر عضوي جي ڪم ۽ طريقہ ڪار جي ڄاڻ ڪيئن آهي؟ جنھن وقت چاهين ساھہ جو سرشتو روڪي ڇڏين! جنھن وقت چاهين دل جي ڌڙڪن کي بند ڪري ڇڏين! جنھن ويل مرضي پوين گڙدا ناڪاره ڪري ڇڏين! هڪ خطرناڪ بيڪٽريا جيان انساني جسم کي تباھہ ڪندڙ بيماريءَ جو نہ ڪو علاج آهي ۽ نہ ان کي سڃاڻي سگهڻ جي صلاحيت رهي آهي. . . ! هو هر جاءِ تي پھچي چڪا آھن. هر ملڪي اداري ۾ مختلف روين ۾ ھنن جي سوچ گردش ڪري ٿي اسين اهو ڪجهہ ڪريون ٿا جيڪو هو چاهين ٿا اهو ڏسون ٿا جيڪو هو ڏيکارڻ چاهين ٿا. سوچڻ سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيتن تي هو حاوي ٿي چڪا آھن. اسين هيپناٽائيز ٿيل انسانن وانگر کل ڪريون ٿا. پنھنجي مرضيءَ جي خلاف بہ عمل ڪريون ٿا تہ خبر نہ ٿي پوي ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ اهو اسان جي پنھنجي مرضي ۽ اختيار جو فيصلو آهي. طاقت ۽ دهشت جي اداري پنھنجا ننڍا ننڍا تنظيمي ڍانچا ٺاهي ڇڏيا آھن جيڪي هاڻ ڪم ڪري رهيا آھن.
ائين ٿو لڳي تہ هو اسان جي ادارن ۾، حڪومت ۾، سياست ۾، ميڊيا ۾ هر جاءِ تي موجود آھن، جتان هو عوام کي ڪنٽرول ٿا ڪن. سڀ کان پھرين ھنن لاتعداد انسان موت جي حوالي ڪيا، بم ڌماڪا، ٽارگيٽ ڪلنگ، آپگهاتي حملن جي ذريعي هزارين ماڻھو زندگيون وڃائي ويٺا ۽ مرندڙ ماڻھن جي پويان هزارين زندگيون ٻيون بہ برباد ٿيون. ھنن ماڻھو ماريا، ڪُٺا، ٽارچر ڪيا، اغوا ڪيا تہ جيئن انسانن جو مرڻ عام ٿي وڃي ڪا خاص اهميت نہ رکي. ھنن وٽ بم ڌماڪي جي خبر ڪو خاص اثر نٿي رکي، انساني جان جي ڪا بہ قيمت نہ ٿي لڳائي سگهجي پر ھنن پنھنجي دهشت ۽ خوف کي قائم ڪرڻ لاءِ انسانيت کي بي قيمت بڻائي ڇڏيو. دنيا جي 40 ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم جو اڳواڻ 100 سالن کان دنيا جي انتھائي مطلوب ماڻھن جي لسٽ ۾ شامل اسامه بن لادن جو ماءُ جي ھنج ۾ستل سندس ٻار جيان کنڀجڻ، مارجڻ ۽ ٻوڙجڻ ملڪي سياست ۽ سماج ۾ ٿرٿلو مچائي ويو، وري ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ان جي ردعمل ۾ (ڪجهہ ماڻھن جي خيال ۾) ٿيندڙ پي اين ايس مھراڻ تي حملي واري واقعي بہ سماج ۾ افراتفري مچائي ڇڏي. ملڪي ۽ ذاتي تحفظ ۽ امن بابت سوين سوال عوام اٿارڻ لڳو، ڪافي سوال مونجهارا ۽ بحث عوام جي دلين ۾ ميڊيا پاران پيدا ڪيا ويا. عوام، حڪومت ۽ ادارن جي وچ ۾ ميڊيا سگهارو رابطو هجي ٿو. دنيا ۾ ڪٿي بہ ڪو واقعو ٿئي ٿو تہ هر نظر اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏانھن سڀ کان پھرين کڄندي آهي. عوام سچائي جي تلاش ۾ ميڊيا جو ئي رخ ڪندو آهي. هي هر گهر ۾ ڪنھن عزيز دوست ۽ ويجهي مائٽ جيان موجود آهي ۽ ھن وقت رابطي جو اهم ترين ذريعو بڻجي چڪو آهي. حڪومت بہ پنھنجو آواز ميڊيا جي ذريعي عوام تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ عوام جي بہ خواهش هوندي آهي تہ سندن جذبات جي صحيح ترجماني ڪئي وڃي. ھن وقت ڪجهہ ٽي وي چينل اهڙا آھن جن جا اينڪر پرسن ميزباني جي ڪرسيءَ کي اقتدار جي ڪرسي سمجهڻ لڳا آھن. هو ان ڪرسي تي ويھي جيڪو چاهين ٿا بيان ڪن ٿا، هو پنھنجي ذاتي سوچن ۽ تجزين کي عوام مٿان مسلط ڪندا ٿا وڃن انھن جو مقصد صرف ۽ صرف تنقيد براءِ تنقيد هجي ٿو. تعميري سوچ کان وانجهيل ۽ مثبت فڪر کان دور هجن ٿا. ھنن جي مرضي پوي تہ ڪنھن کي بہ هيرو بڻائي عوام اڳيان آڻين يا سڌي سنئين ڳالھہ کي مونجهاري ۾ بند ڪري ڇڏين. ڪنھن اشتھاري مھم جيان ھن وقت مخصوص اينڪر پرسن حڪومت خلاف پروپئگنڊا ۾ مشغول آھن. عوامي مسئلن جو ذڪر تڏھن ڪيو ويندو آهي جڏھن حڪومت جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون بيان ڪرڻيون هونديون آھن. ھن وقت مخصوص اينڪر پرسن جو زور ان ڳالھہ تي آهي تہ اسان جي محافظن جو، عوام مٿان رعب، دٻدٻو برقرار رهي، عوام غيرت جي تصور ۾ گم رهي. هو بہ شايد ڪنھن طاقت جي زير اثر هيپناٽائيز ٿيل آھن ۽ عوام کي بہ دنيا ان ئي زاويي کان ڏيکارڻ چاهين ٿا، جتان ھنن کي ڏيکاري ٿي وڃي. عوام تہ ھن وقت ميڊيا، ادارن ۽ سياست جي وچ ۾ فٽبال جيان ڌڪجي رهيو آهي. سچائي ڄاڻڻ جو ھن وٽ ڪو بہ ذريعو نہ رهيو آهي، ڇو تہ عوامي مفادن جي سياست جو تصور هاڻ واضح نظر نٿو اچي. ھن وقت سماجي مسئلن جي حل جو ڪو بہ پروگرام نٿو ٻڌايو وڃي. اينڪر پرسن جو مقصد صرف عوام جي دل ۽ دماغ سان 30، 40 منٽن اندر کيڏڻ هجي ٿو. هو منفي لاڙا ۽ طئہ ٿيل ڳالھيون عوام جي ذھنن تائين پھچائڻ کانپوءِ ڪنھن فاتح جيان ڪرسي ڇڏين اٿن ٿا ۽ عوام، ميلي ۾ مائٽن کان وڇڙي ويندڙ ٻار جيان، حيران پريشان هجوم ۾ اڪيلو رهجي، گهر ڏانھن ويندڙ گس پڇائيندو رهجي ٿو وڃي.
جان مال جي تحفظ تان تہ اسين ڪڏهوڪو هٿ کڻي چڪاسين پر هاڻ سوچ سمجهہ تي لڳندڙ ڌاڙا قابل قبول نٿا لڳن، سياست جو ميدان تہ آهي ئي عجيب، ان دنيا جا اصول ضابطا پنھنجا ٺاهيل آھن، هر سياسي تبديلي لاءِ عوام کي استعمال ضرور ڪيو ويندو آهي پر حاصلات عوام جي نصيبن کان پري ڀڄنديون آھن. ھن وقت سياست اتحادن جي ور چڙهيل آهي، ڪجهہ پراڻا ٽٽل اتحاد جُڙن پيا ڪجهہ نوان ٺھن پيا، پر انھن جي ٺھڻ ۽ ڊهڻ جا ڪارڻ انھن جا مفاد آھن انھن اتحادن جي پويان سماجي مسئلن جي سياست نہ آهي پر انھن اتحادن جو محور ۽ مرڪز ايوان تائين پھچڻ ٿو لڳي. مسئلن جي ڪُن ۾ گردش ڪندڙ ماڻھو هر سياسي جلسي ۾ پراُميد ٿي شريڪ ٿيندا آھن هو پنھنجي ”وڃايل رهبر“ جي تلاش ۾ هر سياسي جلسي ۾ شريڪ ٿيندا آھن پر بدقسمتيءَ جي انتھا آهي تہ نجات ڏياريندڙ لفظ ڪٿان بہ قوتِ سماعت تائين نٿا پھچن. ڪو سياستدان اُٿي ٿو ۽ ڌرڻن کان ڊيڄاري ٿو، ڊرون حملا بند ڪرائڻ جا آسرا ٿو ڏي، ڪو چوي ٿو ”ڪشڪول“ ٽوڙينداسين، قرض ڪو نہ وٺنداسين. ڪي سياستدان وري پنھنجي پنھنجي مخصوص خطن جي مسئلن جي ڳالھہ ٿا ڪن. اجتماعي سوچ ۽ سڄي ملڪ لاءِ ڪو خاص پروگرام ڪنھن وٽ بہ طئہ ٿيل نظر نٿو اچي. سوچ ۽ فڪر جي دروازن تي پيل تالا ٽوڙڻ جي ڳالھہ ڪير بہ نٿو ڪري. . . جڏھن هڪ لساني پارٽي ٺھي ۽ سنڌ جي شھري علائقن ۾ مشھور ٿي وري ملٽري آپريشن کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جون 1993ع ۾ مختلف نالن ۽ مختلف اڳواڻن سان ڪم ڪرڻ لڳي. پارٽيءَ جي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ دوران سوين ڪارڪن ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. وري ھن وقت جون 2011ع ۾ ٻئي ڌڙا پنھنجا اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي ويا آھن. هڪ اڳواڻ هزارين ماڻھن جي مجمعي ۾، هزارين ماڻھن جي مارجڻ جو اعتراف بہ ڪري ٿو ۽ معافي بہ گهري ۽ ٻيو اڳواڻ ان کي نھايت کليل دل سان معاف ڪري ٿو ڇڏي ان کي سڀ ڏوھہ خون معاف ڪيا ٿا وڃن. حيرت ان ڳالھہ تي ٿئي ٿي تہ ان جاءِ تي اسان جا اينڪر پرسن ڇو خاموش ٿي ويا؟
هو جيڪي ڪجهہ لمحن اندر پروگرامن جو دوڪان سجائي پنھنجي نظرين جو پرچار شروع ڪندا آھن اهي اهو سوال نٿا پڇن تہ ذاتي اختلافن جي بنياد تي بيگناھہ مارجي ويندڙ انسانن جي جان جي قيمت صرف چند لفظ آھن!؟ غازي ڪير آهي؟ شھيد ڪير آهي؟ ڏوهاري ڪير آهي؟ اهو فيصلو ڪير ڪندو؟ بي قيمت انسانن جي اڳيان ھن وقت سوال پنھنجي وجود جي قيمت جو وڃي بچيو آهي هو مارجن، ڪسجن، ٽڪرن ۾ تبديل ٿين پر انسانن جي مفاد جي سياست ڪير بہ نٿو ڪري!
سقراط زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ پنھنجي شاگرد افلاطون کي چيو هو تہ، ”پنھنجن روحن جو خيال رکو انھن کي هم آھنگي، دلاوري، سخاوت ۽ صداقت جو لباس پھرايو، ڪوڙا لفظ پاڻ ۾ رڳو بي جوڙ ناھن هوندا بلڪه اهي روح ۾ بدي پيدا ڪندا آھن. “
شايد اهو انھن ڪوڙن لفطن جو جادو آهي جيڪو اسان جي روح کي وڪوڙي چڪو آهي ۽ اها بدي آهي جيڪا هاڻ سوچ سمجهہ ۽ فڪر تي حاوي ٿي چڪي آهي. اسين سچائيءَ لاءِ واجهايون ضرور ٿا پر سچا ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهيون اندر جي بدي اسان کان پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا ٿي ڪرائي، جيڪي عوامي مفاد ۾ نہ هوندي بہ صحيح محسوس ٿيڻ ٿا لڳن شايد ان ڪري ئي اسان مان ڪنھن وٽ بہ ان ڳالھہ جو جواب ڪونھي تہ هڪ پيءُ ڇو چار ڌيئرن کي ٻوڙي ماري ڇڏيو؟ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي دعوى ڪرڻ لاءِ ڪير اڳيان وڌندو؟ اهو صرف هڪ واقعو نہ آهي اهڙا کوڙ سارا واقعا روز ٿين ٿا، جيڪي انساني زندگيءَ جي قيمت جو سوال اٿارين ٿا؟
ميڊيا هجي يا سياست جو ميدان، انسان ۽ انساني مسئلا صرف استعمال ڪيا ٿا وڃن، حل نٿا ڪيا وڃن. ننڍپڻ ۾ پڙهيل هڪ ڪھاڻي ٿي ياد اچي تہ هڪ شھر ۾ هڪ راڪاس ايندو هو ۽ هو سڄي شھر کي تنگ ڪندو هو، ھن کي روز هڪ انسان کائڻ جي عادت هئي، پنھنجي بچاءَ لاءِ شھر واسين اهو حل ڳولھيو تہ هو روز هڪ انسان ھن کي شھر جي ٻاهران ڏيئي ايندا هئا تہ جيئن هو اندر اچي تباهي نہ مچائي ڏي. هو راڪاس هڪ ماڻھو کائي هليو ويندو هو. هڪ ڏينھن شھر جي هڪ بھادر نوجوان سوچيو تہ اهو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو؟ ھن همت ڪري ھن راڪاس جو مقابلو ڪيو ۽ ان جو خاتمو ڪيائين سو ان ڪھاڻي وانگر اسان کي بہ پنھنجي زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ نہ نظر ايندڙ راڪاس کي ختم ڪرڻ لاءِ جاڳڻو پوندو. پنھنجي جان کي بي قيمت ٿيڻ کان بچائڻو پوندو.
01 جُون 2011ع