ڪالم / مضمون

ڪالھہ، اڄ ۽ سڀاڻي

ھن ڪتاب ۾ مھتاب اڪبر راشديءَ جا 2014ع ۽ 2015ع ۾ روزاني جاڳو، عوامي آواز ۽ عبرت سميت ٻين اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم ۽ مضمون شامل آھن. فني حوالي سان ڪجهہ ڪالم تحقيقي آھن تہ گهڻا عوام جي روز جي مسئلن ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اقتصادي موضوعن تي آھن. ھي ڪالم رڳو ڪالم نہ پر سنڌ جي درد ڪٿا ۽ سنڌ جي سچي پچي تاريخ آھن. مھتاب اڪبر راشديءَ ھر ڪالم کي بيباڪيءَ ۽ دليريءَ سان لکيو آھي. سندس قلم جي رواني ۽ ٻولي ٻئي وڻندڙ آھن.

Title Cover of book Kal'h Aj aen Subhany

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، ڪمپيئر ۽ سماج سڌارڪ مھتاب اڪبر راشديءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو ”ڪالھ، اڄ ۽ سڀاڻي“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ مھتاب اڪبر راشديءَ جا 2014ع ۽ 2015ع ۾ روزاني جاڳو، عوامي آواز ۽ عبرت سميت ٻين اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم ۽ مضمون شامل آھن. فني حوالي کان ڪجه ڪالم تحقيقي آھن تہ گهڻا عوام جي روز جي مسئلن ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اقتصادي موضوعن تي آھن. ھي ڪالم رڳو ڪالم نہ پر سنڌ جي درد ڪٿا ۽ سنڌ جي سچي پچي تاريخ آھن. مھتاب اڪبر راشديءَ ھر ڪالم کي بيباڪيءَ ۽ دليريءَ سان لکيو آھي. سندس قلم جي رواني ۽ ٻولي ٻئي وڻندڙ آھن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي