شخصيتون ۽ خاڪا

سڄڻ ساڃاھہ وند

ھن ڪتاب ۾ مھتاب اڪبر راشديءَ سنڌ جي مختلف عالمن، اڪابرن، ساڃاھہ وندن ۽ اديبن تي مضمون، خاڪا ۽ تاثر لکيا آھن. ھنن خاڪن مان گهڻا سندس تقريرن تي آڌاريل آھن. ھونئن بہ مھتاب اڪبر راشدي آواز ذريعي ڪردار کي مڪمل سڃاڻپ ڏيندي آھي. ھي مضمون، خاڪا، پروفائيل يا تاثراتي ليک مھتاب جي فطري ڏات، بصيرت، دانائيءَ ۽ انسان شناس نظر جو نتيجو ۽ انتخاب آھن. ڪتاب ۾ 29 شخصيتن بابت 37 مضمون ۽ خاڪا شامل آھن.

Title Cover of book Sajan Sanjhah wand

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، ڪمپيئر ۽ سماج سڌارڪ مھتاب اڪبر راشديءَ جي مختلف شخصيتن بابت لکيل خاڪن ۽ تاثراتن تي مشتمل ڪتاب ”سڄڻ ساڃاھہ وند“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ مھتاب اڪبر راشديءَ سنڌ جي مختلف عالمن، اڪابرن، ساڃاھہ وندن ۽ اديبن تي مضمون، خاڪا ۽ تاثر لکيا آھن. ھنن خاڪن مان گهڻا سندس تقريرن تي آڌاريل آھن. ھونئن بہ مھتاب اڪبر راشدي آواز ذريعي ڪردار کي مڪمل سڃاڻپ ڏيندي آھي. ھي مضمون، خاڪا، پروفائيل يا تاثراتي ليک مھتاب جي فطري ڏات، بصيرت، دانائيءَ ۽ انسان شناس نظر جو نتيجو ۽ انتخاب آھن. ڪتاب ۾ 29 شخصيتن بابت 37 مضمون ۽ خاڪا شامل آھن.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.