سفرناما

سگهارو ھماليا ھيڻا ماڻھو

ھن ڪتاب ۾ نيپال جي سير سفر جو ذڪر شامل آهي. فقير محمد لاشاريءَ لکيو آهي تہ، ”نيپال ۾ مون جيڪو ڪجهہ ڏٺو، تنھن سان منھنجو اهو ويساهہ پختو ٿيو آهي تہ مظلوم انسانيت جو سچو اتحاد ٿيڻ، تاريخ جو اڻٽر فيصلو آهي. هن دنيا ۾ ظالم ۽ مظلوم فقط ٻہ ڌريون آهن“. فقير محمد ھرھنڌ نيپال جي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي حالتن کي سنڌ سان ڀيٽيو آھي.

Title Cover of book Sagharo Hamalya Heena Manh'un

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري صحافي ۽ ايڊيٽر فقير محمد لاشاريءَ جو لکيل نيپال جو سفرنامو ”سگهارو ھماليا ھيڻا ماڻھو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ نيپال جي سير سفر جو ذڪر شامل آهي. فقير محمد لاشاريءَ لکيو آهي تہ، ”نيپال ۾ مون جيڪو ڪجهہ ڏٺو، تنھن سان منھنجو اهو ويساهہ پختو ٿيو آهي تہ مظلوم انسانيت جو سچو اتحاد ٿيڻ، تاريخ جو اڻٽر فيصلو آهي. هن دنيا ۾ ظالم ۽ مظلوم فقط ٻہ ڌريون آهن“. فقير محمد ھرھنڌ نيپال جي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي حالتن کي سنڌ سان ڀيٽيو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، اپريل  1985ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو ’انڊس پبلشرز‘ ڪراچيءَ پاران 2004ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.