سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد وشنو ڀاٽيا جو لکيل سماجڪ ناول ”پيار جو آئينو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
وشنو ڀاٽيا ھڪ ترقي پسند ليکڪ آھي، سندس نظر سماج جي براين تي ھوندي آھي. ھن پنھنجي لکڻين ۾ حق جي ڳالھہ ڪئي آھي. سندس لکڻين ۾ بيباڪي ۽ بولڊ نيس نظر ايندي آھي، جنھن سبب ھو تنقيد نگارن جي نظر ۾ رھندو آيو آھي. ھن ناول ۾ سماج جي مختلف براين، مسئلن ۽ ناتن رشتن جي اپٽار ڪيل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، فيبروري 1981ع ۾ھندستان ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1991ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.