مذهب

سيرت مصطفيٰ

ھي ڪتاب سنڌي زبان ۾ سيرت النبي ﷺ تي هڪ منفرد، مستند، جامع ۽ قابلِ قدر تصنيف آهي. هي ڪتاب رسول پاڪ ﷺ جي زندگيءَ، تعليمات، ۽ اخلاقيات کي عام پڙهندڙن لاءِ سولي ۽ آسان زبان ۾ پيش ڪري ٿو. ”شيدا“ جو مقصد صرف تاريخي واقعن کي بيان ڪرڻ نہ آهي، بلڪہ قرآن ۽ حديث ذريعي رسول پاڪ ﷺ جي شخصيت مان سبق وٺي ماڻھن کي پنھنجي زندگين کي سنوارڻ ۽ بھتر اخلاق اپنائڻ جو درس ڏيڻ آهي.

Title Cover of book Seerat e Mustafa

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، استاد، اديب ۽ مفسر مولوي محمد عظيم شيدا جو لکيل اھم ڪتاب ”سيرت مصطفيٰ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب سنڌي زبان ۾ سيرت النبي ﷺ تي هڪ منفرد، مستند، جامع ۽ قابلِ قدر تصنيف آهي. هي ڪتاب رسول پاڪ ﷺ جي زندگيءَ، تعليمات، ۽ اخلاقيات کي عام پڙهندڙن لاءِ سولي ۽ آسان زبان ۾ پيش ڪري ٿو. ”شيدا“ جو مقصد صرف تاريخي واقعن کي بيان ڪرڻ نہ آهي، بلڪہ قرآن ۽ حديث ذريعي رسول پاڪ ﷺ جي شخصيت مان سبق وٺي ماڻھن کي پنھنجي زندگين کي سنوارڻ ۽ بھتر اخلاق اپنائڻ جو درس ڏيڻ آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1976ع ۾چوٿون ڇاپو 2018ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.