مختلف موضوع

آئون، آواز ۽ ريڊيو

امين ارباب وٽ رڳو احساسن جي ئي نہ، پر آوازن جي پڻ ھڪ الڳ دنيا آباد آھي. اھڙا آواز جيڪي اکين جي حيراني بہ آھن تہ امرتا جو شوق بہ آھن، اھي آواز فنا جو سناٽو بہ آھن تہ جياپي جو سھارو پڻ آھن. ھن جي محبوب سنڌ ڌرتي آھي، جنھن کي ھو پيار، امن ۽ خوشحال سنڌ ڏسڻ جي تمنا رکي ٿو جيڪا سندس آواز ۾ موجود آھي. جڏھن بہ ريڊيو حيدرآباد جو اتھاس لکيو ويندو تڏھن امين ارباب جو ذڪر ان جي مھاڳ ۾ ٿيندو. ھن ڪتاب ۾ اھي تحريرون شامل آھن جيڪي ھن پروگرامن جي تعارف طور لکيون ۽ ٻڌندڙن سان ونڊيون. 

  • 4.5/5.0
  • 125
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امين ارباب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Aoun Awaz aen Radio

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ريڊيو ڪمپيئر ۽ شاعر امين ارباب جي ريڊيو اسڪرپٽ/ ريڊيائي گفتگو تي مشتمل  ڪتاب ”آئون، آواز ۽ ريڊيو“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
امين ارباب وٽ رڳو احساسن جي ئي نہ، پر آوازن جي پڻ ھڪ الڳ دنيا آباد آھي. اھڙا آواز جيڪي اکين جي حيراني بہ آھن تہ امرتا جو شوق بہ آھن، اھي آواز فنا جو سناٽو بہ آھن تہ جياپي جو سھارو پڻ آھن. امين ارباب جي ڪمپيئرنگ نئين نسل جي جاکوڙ جو ھڪ ننڍڙو تفصيل آھي. امين جي شاعريءَ ۾ موجودہ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھوءَ جو درد ليئا پائيندو نظر اچي ٿو. ھن جي محبوب سنڌ ڌرتي آھي، جنھن کي ھو پيار، امن ۽ خوشحال سنڌ ڏسڻ جي تمنا رکي ٿو جيڪا سندس آواز ۾ موجود آھي. جڏھن بہ ريڊيو حيدرآباد جو اتھاس لکيو ويندو تڏھن امين ارباب جو ذڪر ان جي مھاڳ ۾ ٿيندو. ھن ڪتاب ۾ اھي تحريرون شامل آھن جيڪي ھن پروگرامن جي تعارف طور لکيون ۽ ٻڌندڙن سان ونڊيون. 
ھي ڪتاب 2021ع ۾ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

 

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.