سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور قانوندان، مترجم، محقق ۽ اديب نورالدين سرڪيءَ کي ھند جي اديبن پاران لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ”ڪي وسرن نہ مور (ڪجهہ خط)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب مختلف ڀارتي اديبن پاران مختلف وقتن تي لکيل خطن جي سھيڙ تي مشتمل آھي، جيڪي ھنن پنھنجي ھم عمر، ھم عصر، دوست نورالدين سرڪيءَ کي لکيا آھن. انھن اديبن مان ڪي نامور اديب آھن جيئن اي جي اتم، گوبند مالھي، گوبند پنجابي، جيوت چاولا، موتي پرڪاش، وينا شرنگي، ڪلا پرڪاش، وشنو ڀاٽيا، نند جويري ۽ ٻيا شامل آھن. ھنن خطن ۾ پڙھندڙ کي انھن اديبن جي پنھنجي ڌرتي، سنڌ ۽ دوستن لاءِ بيحد خلوص جي خوشبو ملندي. خطن سان گڏ خط لکندڙ اديبن جو مختصر تعارف ۽ ادبي خدمتن جو وچور پڻ ڏنو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2001ع ۾سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
