ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياھي سرشتي جو ماحولياتي، سياسي ۽ سماجي جائزو پيش ڪيو ويو آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي ماڻھن جي سکيي ستابي زندگيءَ جو ضامن آھي. سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙا ھجن، تڪراري ڪالاباغ ڊئم ھجي يا اکوڙِ ڊئم، پاڻيءَ جي غير ذميواراڻا ورڇ ھجي يا مُنڊا ۽ ڀاشا ڊئم، ايل بي او ڊي ھجي آر بي او ڊي جي تباھي ھجي، ٿل ڪئنال ھجي يا منڇر جو زھريلو پاڻي، يا وري عالمي پاڻي ڪيس ۽ پاڻي جا اڀياس ھجن ذوالفقار ھاليپوٽي سدائين ان بابت مدلل ڪالم لکي سنڌوءَ جو ڪيس مظبوط نموني پيش ڪيو آھي.
ڪالم / مضمون
سونَ وَرن سِنڌو (سنڌوءَ جو پاڻي ڪيس)
- 5.0/5.0
- 4
- 1
- 21 ڪلاڪ اڳ
- 0

سنڌ سلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور ليکڪ ذوالفقار ھاليپوٽي جي سنڌ جي پاڻي ڪيس جي حوالي سان لکيل چونڊ مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو ”سونَ وَرن سِنڌو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياھي سرشتي جو ماحولياتي، سياسي ۽ سماجي جائزو پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو پاڻي ڪيس جي حوالي سان لکيل چونڊ مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي ماڻھن جي سکيي ستابي زندگيءَ جو ضامن آھي. سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙا ھجن، تڪراري ڪالاباغ ڊئم ھجي يا اکوڙِ ڊئم، پاڻيءَ جي غير ذميواراڻا ورڇ ھجي يا مُنڊا ۽ ڀاشا ڊئم، ايل بي او ڊي ھجي آر بي او ڊي جي تباھي ھجي، ٿل ڪئنال ھجي يا منڇر جو زھريلو پاڻي، يا وري عالمي پاڻي ڪيس ۽ پاڻي جا اڀياس ھجن ذوالفقار ھاليپوٽي سدائين ان بابت مدلل ڪالم لکي سنڌوءَ جو ڪيس مظبوط نموني پيش ڪيو آھي. ذوالفقار پنھنجي ڪالمن ۾ عالمي مالياتي ادارن جي ڪردار ۽ ڪم جو پڻ تنقيدي جائزو پيش ڪيو ڪندي تجيزون ۽ بھتر صلاحون ڏنيون آھن.
ھي ڪتاب 2020ع ۾سينٽر فار سوشل چينج پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ذوالفقار هاليپوٽو
- ڇپيو ويو 2020
- ڇپائيندڙ سينٽر فار سوشل چينج
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 27/Sep/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا