ذوالفقار هاليپوٽو

نامياري اديب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ذوالفقار هاليپوٽي جو جنم 27 سيپٽمبر 1970 تي ڳوٺ عمر هاليپوٽو، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ٿيو. ذوالفقار هاليپوٽي پنھنجي ابتدائي تعليم ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گول بلڊنگ، حيدرآباد مان حاصل ڪئي؛ انٽرميڊيٽ ماڊرن ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي، پراڻي ڪيمپس مان؛ ۽ 1995 ۾ قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد مان تاريخ ۾ ماسٽرس آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن 2010ع  ۾ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر (SDSC) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽر آف فلاسافي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.
هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي جن ۾ سفرناما، سوانحي خاڪا ۽ پاڻي ۽ ماحوليات شامل آهن. هن گذريل ٽن ڏھاڪن کان انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ سياسي ، ادبي ، علمي ۽ سماجي موضوعن تي مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هند، بنگلاديش ۽ آمريڪا جا سفرناما پڻ شامل آهن. هن بينظير ڀٽو تي چار ڪتاب (سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾) ترتيب ڏنا ۽ سماجي ترقي ۽ پاڻي جي تڪرارن تي انگريزيءَ ۾ ٽي ڪتاب لکيا، جن ۾ "سنڌ: سياست، ماڻھو ۽ ترقي" ۽ "پاڻي: هڪ غير رواجي انساني تحفظ جو تصور" شامل آهن. هن برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سڄي صحافتي ڪم کي ترتيب ڏنو. اھو ڪتاب ثقافت کاتي، سنڌ حڪومت پاران شايع ڪيو ويو آهي. هن پنجابي زبان جي ماهر ڊاڪٽر منظور اعجاز (واشنگٽن، ڊي. سي. آمريڪا ۾ رهندڙ) جي چونڊ انگريزي مضمونن ۽ ڪالمن کي پڻ ترتيب ڏنو. سندس هڪ ٻيو ڪتاب سنڌ جي هڪ صحافي أي جي چانڊيو بابت آهي، سندس ڇپيل ھڪ ٻيو ڪتاب سنڌي/اردو ۾ لکيل25 خطن جو مجموعو آهي. سندس ھڪ سفرنامو ”دھلي درشن“ جي نالي سان ڇپيل آھي، جيڪو هندستان جي مختلف شھرن جو سفرنامو آهي. ذوالفقار ھاليپوٽي  پنھنجي ھن ڪتاب ۾ دورن، ڪانفرنسن ۽ مختلف شخصيتن، فورمز، گروپن، اين جي اوز، ٿنڪ ٽينڪز، هندوستاني ليکڪن، سنڌي نزاد ماڻھن، ۽ هندستان ۾ مقيم صحافين ۽ خاندانن سان ملاقاتن کي شامل ڪيو آهي. هو سنڌ جي معروف چينلن سنڌ ٽي وي ۽ مھران ٽي وي تي سياسي بحث مباحثي جي شوز جي ميزباني پڻ ڪندو رھيو آھي. ھو ڪجهہ عرصو سياسي طور  پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو ۽ ان جي سنڌي ميڊيا مانيٽرنگ آفيس جو انچارج رھيو. ڪجهہ عرصو ھو پي ٽي آءِ جو صوبائي ڊپٽي انفرميشن سيڪريٽري پڻ رھيو.
ھو فقرائي سٿ جي پليٽفارم تان سماجي خدمتن ۾ پڻ اڳرو رھي ٿو، خاص ڪري مھا ٻوڏن ۾ دربدر ٿيل ماڻھن يا ڪووڊ جي وقت ۾ ھن تمام گهڻو ڪم ڪيو.
 

  • جنم: 1970-09-27
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image