شخصيتون ۽ خاڪا

جتي سنڌي اُتي سنڌ

ھي ڪتاب ھندستان ۾ رھندڙ 22 سنڌي شاعرن، محققن، چترڪارن، اديبن، بزنس مين، فنڪارن، نقادن، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي جيئندان ڏيندڙ شخصيتن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي. انھن مان ڪيترن جي علمي، ادبي، ثقافتي جدوجھد اڻ مَٽ نہ وسرندڙ آھي. انھن شخصيتن جي جيون خاڪن ۽ عالم آشڪار ڪامرانين جو ڏس ڏيندڙ  ھيءُ ڪتاب سنڌيت جي سڃاڻپ کي رڳ رڳ ۾ رچائي مقام ماڻيندڙ سنڌي ڪردارن جي ڪھاڻين/ڪردارن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Jity Sindhi uty Sindh

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور ليکڪ ذوالفقار ھاليپوٽي جي ھند واسي سنڌي اديبن ۽ چترڪارن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”جتي سنڌي اُتي سنڌ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. 
ھي ڪتاب ھندستان ۾ رھندڙ 22 سنڌي شاعرن، محققن، چترڪارن، اديبن، بزنس مين، فنڪارن، نقادن، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي جيئندان ڏيندڙ شخصيتن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي. انھن مان ڪيترن جي علمي، ادبي، ثقافتي جدوجھد اڻ مَٽ نہ وسرندڙ آھي. انھن شخصيتن جي جيون خاڪن ۽ عالم آشڪار ڪامرانين جو ڏس ڏيندڙ  ھيءُ ڪتاب سنڌيت جي سڃاڻپ کي رڳ رڳ ۾ رچائي مقام ماڻيندڙ سنڌي ڪردارن جي ڪھاڻين/ڪردارن تان پردو کڻي ٿو.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.