سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور ليکڪ ۽ ڪالم نگار اعجاز منگيءَ جي چونڊ ڪالمن جو مجموعو ”انا الحق (اعجاز منگيءَ جا ڪالم – ڀاڱو پھريون)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
اعجاز منگيءَ پنهنجي انصاف جي قلم سان ظالم ۽ جابر کي ايئن چِٿيو آهي جيئن ٽارچر سيلن مان چچريل لاش ملندا آهن. اعجاز منگي ھڪ دور تائين نوجوان دلين جو ترجمان ڪالم نگار رھيو آھي. ھو لفظن جو هي جادوگر آهي ۽ لفظن کي رقص ڪرائيندو آھي. اعجاز جا ڪالم توڙي جو اخباري ھوندا آھن، پر ادبيت ۽ تخليقيت جو رنگ انھن کي منفرد بڻائي ڇڏيندو آھي. ھو پنھنجي اڪثر ڪالمن ۾ ڳالھہ کي اهڙي طريقي سان بيان ڪندو آھي، ڄڻ اسان ڪو نظم پڙهي رهيا آهيون. ھو پنھنجي ڪالمن ۾ عظيم ليکڪن، شاعرن ۽ ڪتابن جي عظيم ڪردارن جا حوالا ڏيندو آھي. ڪتاب ۾ شامل 47 چونڊ ڪالم گهڻو ڪري 1992ع ۾ ڇپيل آھن.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ مايا پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.