سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي مشتاق بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سار جي خوشبو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
مشتاق بخاريءَ جي شاعري جذبن جي شاعري آھي، محبتن ۽ سونھن جي شاعري آھي. مشتاق بخاريءَ جي شاعري ٻار جي معصوم مرڪ مثل آھي. سندس شاعريءَ ۾ مٽيءَ جي مھڪ، سونھن جا جلوا، پيار جي خوشبو ۽ زندگيءَ جو شعور ملي ٿو. ھن مجموعي ۾ مشتاق بخاريءَ جا 101 غزل موجود آھن.
ھي ڪتاب 2004ع ۾ نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
