شخصيتون ۽ خاڪا

سڄڻ ماکيءَ منڌ

  سرمد کوسي جو هي پنجون ڪتاب نامور ادبي، علمي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ننڍا وڏا ڪُل 42 خاڪا شامل آهن. سرمد کوسي جي ٻولي سليس ۽ سادي آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل استادن تي لکيل خاڪا يا سندس امڙ ۽ بابا تي لکيل تاثر پڻ وڻندڙ آهن. سرمد گهڻو ڪري انھن شخصيتن تي لکيو آهي جن کيس متاثر ڪيو يا سندس زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏيا.

  • 4.5/5.0
  • 74
  • 23
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Sajjan Makhi'a Mandh

حق ۽ واسطا

ڪتاب: سڄڻ ماکيءَ منڌ
موضوع: خاڪا
ليکڪ: سرمد کوسو
ٽائيٽل لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇاپو: پھريون
مھينو، سال: ڊسمبر 2024ع
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع

Published By: Murk Publication Karachi
Office: Room No 319/320 3rd Floor Sabir manzil 98
Behind Gul Plaza Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
021-32772494
03005182494


ملھہ: 500 رپيا

ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:
مرڪ ڪتاب گهر ڪراچي، ٿامس ڪتاب گهر ڪراچي،
ڪنول ڪتاب گهر حيدرآباد، سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد
سڦلتا ڪتاب گهر حيدرآباد، پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد
رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مدني بوڪ اسٽور دادو
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر، فتح نيوز ايجنسي سکر
سليمان ڪتاب گهر نواب شاھہ، تھذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس سليمان ڪتاب گهر نواب شاھہ،

ارپنا

هي پيار جو پورهيو
انھن سمورن پيارن ماڻھن جي نالي،
جن تي هن ڪتاب ۾ ليک شامل آهن
۽ اُهي پيارا ماڻھو،
مونکي بيحد پيارا آهن.

هُنَ تاري، هُنَ هَنڌ، هُت منھنجا سُپرين،
سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿين نہ ڪڏَهِين.

(شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سائين،
سُر کنڀات،
داستان پھريون)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان ليکڪ سرمد کوسي جو نامور شخصيتن تي لکيل خاڪن جو ڪتاب ”سڄڻ ماکيءَ منڌ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
سرمد کوسي جو هي پنجون ڪتاب نامور ادبي، علمي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ننڍا وڏا ڪُل 42 خاڪا شامل آهن. سرمد کوسي جي ٻولي سليس ۽ سادي آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو. سرمد کوسو لکي ٿو تہ ”هي شخصي خاڪا ۽ تاثر مختلف وقتن تي لکيا ويا آهن. جن مان گهڻا ڪجهہ سال اڳ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل پڻ آهن. اُن ڪري اُنھن ماڻھن جي علمي ادبي ۽ ذاتي زندگي ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن“. هن ڪتاب ۾ شامل استادن تي لکيل خاڪا يا سندس امڙ ۽ بابا تي لکيل تاثر پڻ وڻندڙ آهن. سرمد گهڻو ڪري انھن شخصيتن تي لکيو آهي جن کيس متاثر ڪيو يا سندس زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏيا.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2024ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سرمد کوسي ۽ مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سرمد کوسو سنڌي ادب ۾ سيڀتو نالو ٿي اڀريو آهي. سينيئر توڙي جونيئر اديب سندس لکڻيون شوق سان پڙهن ٿا، خاص طور تي نوجوانن ۾ وڌيڪ مقبول اٿس، اهڙن ليکڪن کي نئين نسل جي اميد بہ چئي سگهجي ٿو.
سرمد کوسو خاص طور تي مضمون نگار طور سڃاتو وڃي ٿو، سندس موضوع تعليم رهيو آهي. ان کان اڳ سندس چار ڪتاب شايع ٿي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، سندس پذيرائي ايتري جو ڪجهہ ڪتاب تہ هاڻ مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ ٿي چڪاآهن.
”سڄڻ ماکيءَ منڌ“ نامور ادبي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل ننڍا وڏا 42 خاڪا آهن. سندس ٻولي سليس ۽ سليڪي واري آهي، هن شخصيتن کي مانُ ڏيندي نہ رڳو خاڪا نويسي ڪئي آهي پر هن سندن اهڙا اسڪيچ جوڙيا آهن، جن ۾ انھن مانوارين شخصيتن جو خوبصورت عڪس نظر اچي ٿو.
سرمد کوسي ڪنھن بہ شخصيت جي هروڀرو واکاڻ ڪرڻ بدران سندس ڪم ۽ سرگريون ايان ڪيون آهن. هن فرسودہ دور ۾ جيتوڻيڪ ڪنھن جي ڪم تي قلم کڻڻ ڏکيو آهي، گروپ بندين ۾ واھہ واھہ تہ وري مخالف گروپن ۾ ٽنگون ڇڪڻ وارو ڪم عام آهي، اُتي سرمد جهڙن نوجوان ليکڪن وٽ هر ڪم واري شخص جو احترام ۽ مانُ ڏيندڙ رويو هجي تہ اهو معجزو ئي آهي.
مرڪ پبليڪيشن طرفان سرمد کوسي جو هي چوٿون ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن تائين رسيو آهي، اسان لاءِ اها بہ خوشيءَ جي ڳالھہ آهي، تہ اهڙن ليکڪن جو مواد پنھنجي پڙهندڙن تائين پھچائڻ جو موقعو ملي ٿو، ليکڪن جو اداري تي اعتماد ئي اسان لاءِ اعزاز آهي، يقينن ليکڪ توڙي اداري جو هي پيار جو پورهيو پڙهندڙن وٽ صاب پوندو .

پنھنجي پاران

اڄ پنھنجي پنجين ڪتاب لاءِ ٻہ اکر لکندي خوشي جو احساس ٿي رهيو آهي. هِن ڪتاب بابت ڪجهہ لکڻ کان پھرين پنھنجي شايع ٿيل چئن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. انھن چئني ڪتابن کي ساراهڻ وارا، اسانجا مانائتا پڙهندڙ آهن. جن جي پيار سبب وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساھہ ملي ٿو. ڪتابن کي قدر جي نگاھہ سان ڏٺو ويو. منھنجي ڪچاين ڦڪاين کي بہ پڙهندڙن مان ڏنو. اصلاح ڪندڙ دوستن بہ پنھنجائپ ۽ خلوص مان بھتري لاءِ صلاحون ڏنيون. مون بہ جڏهن ڪنھن سينئر يا ڪنھن بہ علمي ادبي دوست کان ڪا رهنمائي ورتي تہ انھي دوست پيار مان منھنجي رهنمائي ڪئي آهي. ڪتابن جا مھاڳ هجن يا وري بئڪ ٽائيٽل نوٽ هجن، اُنھن لاءِ جنھن بہ دوست کي گذارش ڪيم، اُن دل سان لکي ڏنو. سندن بہ ٿورا. انھي دوران ڪجهہ مھربانن کان اِهي ڳالھيون بہ ٻُڌڻ لاءِ مليون تہ ڪتاب هاڻي ڪير ٿو پڙهي؟! اوهان تہ آهيو واندا پوءِ وتو ڪتاب پڙهندا ۽ لکندا!
ڪن مھربانن کي اسانجون لکڻيون فضول لڳيون. ڪن دوستن کي رڳو پروف جون غلطيون ئي نظر آيون ٻيو ڪجهہ بہ نہ. ڪنھن کي ٽائيٽل نہ وڻيو. ڪنھن کي ڪتاب جو نالو نہ وڻيو. انھن جي بہ مھرباني. اِهي سڀ ڳالھيون بہ اکين تي. انھن لاءِ هڪ جواب خاموشي ئي آهي ۽ ٻيو منھنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم، سو ڪندو رهندس.
اڄڪلھہ ڪتاب ڇپائڻ ۽ ان کي پڙهندڙن تائين پھچائڻ وڏو ڪم آهي. مون شايع ٿيل پنھنجي سمورن ڪتابن لاءِ ڪنھن بہ مائٽ، دوست ۽ واسطيدار کي ڪنھن بہ حوالي سان ڪا بہ تڪليف ناهي ڏني. دل چيو هوندو، ان دوست کي پنڌ ڪري وڃي بہ ڪتاب ڏنو هوندو ۽ خبر هوندي تہ هن ماڻھو وٽ ڪتاب جو قدر ناهي، ان کي ڪتاب گُهرڻ تي بہ نہ ڏنو هوندو. زوري زبردستي پنھنجو ڪتاب يا وري پنھنجي ڪا لکڻي ڪنھن جي بہ ڪنڌ ۾ نہ وڌي هوندي. ڪنھن کان بہ اِها فرمائش نہ ڪئي هوندي تہ منھنجي ڪتاب تي تبصرا لکجو. جيڪڏهن ڪنھن پنھنجي دل سان لکيو تہ ان جي تمام گهڻي مھرباني. جنھن ڪتاب خريد ڪري پڙهيو، ان جا تہ لک احسان. سوشل ميڊيا تي اهڙن مھربانن جا پنھنجي ڪتابن تي تبصرا ۽ رايا پڙهڻ لاءِ ملندا هئا، جن سان منھنجي ڪا بہ ڏيٺ ويٺ نہ هوندي هئي. اُهي رايا پڙهي، اهو احساس ٿيندو هو تہ ماڻھو ڪتاب پڙهن بہ ٿا ۽ انھن تي ٻہ اکر لکن بہ ٿا.
مون پنھنجا شايع ٿيل ڪتاب محترم محمد سليمان وساڻ صاحب جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي آن لائن لائبرري تي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ بہ رکرايا آهن تہ جيئن جيڪي دوست اِن فارميٽ ۾ پڙهڻ چاهين ٿا، سي آساني سان پڙهي سگهن. منھنجي خيال ۾ هڪ ليکڪ لاءِ وڏي ڪاميابي بہ اِها ئي آهي تہ سندس لکڻيون ۽ ڪتاب گهڻن پڙهندڙن تائين پُهچن. پوءِ فارميٽ چاهي ڪھڙو بہ هجي.
انھي سفر ۾ ڪڏهن ڪڏهن رَوَين جي اُس، ڪاڙهي، لُڪ جهولي ۽ طوفان سبب ماڻھو مايوس ۽ دلشڪستو بہ ٿيندو آهي. پر وري بہ ڪجهہ مھربان پُٺي ٺپري چوندا آهن تہ ڇو ماٺ ڪئي اٿئي؟ ڪٿي گُم آهين؟ تنھنجي پڙهندڙن کي تنھنجي لکڻين جو انتظار هوندو. وري حوصلو ملي پوندو آهي ۽ پاڻ صندرو ٻڌي وري شروع ٿي ويندا آهيون.
اڪثر اِهو سوچيندو آهيان ته؛ هر ماڻھو پنھنجي خوبين ۽ خامين سميت مختلف ۽ منفرد آهي. اِها ئي اُن شخص جي حُسناڪي آهي، اِهو ئي سندس شخصيت جو هڳاءُ آهي. اهڙن ئي ماڻھن لاءِ اسانجي ڀٽائيءَ سائين چيو آهي:
”ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهہ اچي بوءِ بھار جي“
يا وري
”ڪي ڏور بہ اوڏا سپرين.“
اهڙا ئي ماڻھو اسانجي زندگي تي وڏو اثر ڇڏين ٿا. اسان سندن ڇانوَ ۾ زندگيءَ جي اُس کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. هن ڪتاب ذريعي مون بہ هڪ بيحد ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، انھن پيارن کي پيار مان سارڻ جي! جن کان آئون ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان متاثر آهيان. جن جا مون تي احسان ۽ ٿورا آهن، جيڪي لاهي تہ نٿو سگهان پر ڳائڻ جي ڪوشش ضرور ڪريان ٿو.
هي شخصي خاڪا ۽ تاثر مختلف وقتن تي لکيا ويا آهن. جن مان گهڻا ڪجهہ سال اڳ لکيل آهن. اُن ڪري اُنھن ماڻھن جي علمي ادبي ۽ ذاتي زندگي ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. مون هر ليک جي آخر ۾ تاريخ بہ ڏني آهي، جنھن تي اُهو تاثر لکيو ويو هو تہ جيئن پڙهندڙ اُن حوالي سان پڙهي. هر شخص ۾ بَشري ڪمزوريون هونديون آهن، انھن سان ڪجهہ ڳالھين تي اختلاف بہ هوندو آهي پر انھن کي پاسي تي رکي، مون سندن خوبين جو ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو تہ منھنجي نظر ۾ سندن خوبين وارو پاسو وڌيڪ مضبوط ۽ وڻندڙ آهي.
هي شخصي تاثر منھنجي اَمڙ، اَبي، ڀائرن، مائٽن، استادن، شاگردن، ذاتي ۽ علمي ادبي دوستن تي لکيل آهن. انھن مان گهڻن جو شعبو تعليم آهي. مطلب اڪثر پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل آهن. منھنجو شعبو بہ ساڳيو آهي. ان ڪري منھنجي لکڻين جا اڪثر موضوع تعليمي ئي هوندا آهن. هي بس پيار مان پنھنجي پيارن کي ننڍڙيون ڀيٽائون آهن. اميد اٿم تہ قبول پونديون.

سرمد کوسو
ڳوٺ ڊاڪٽر سومار کوسو
4 ڊسمبر، 2024ع جي ٿڌڙي رات
وقت رات جا 3:30

منفرد عالم ۽ استاد سائين حيدر علي لغاري

آگسٽ جو مھينو تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف واقعن جي ڪري مشھور هوندو آهي پر سنڌ ۾ آگسٽ جي مھيني ۾ ئي هڪ اهڙو منفرد عالم ۽ استاد پيدا ٿيو، جنھن پنھنجي سڀاء ۽ علم سان ڪيترن ئي علم جي اڃارن جي اُڃ لاٿي ۽ انھن کي سڦلائتو ماڻھو ٺاهيو. اُهو استاد ۽ عالم محترم سائين حيدر علي لغاري صاحب آهي. جيڪو اسان کان جسماني طور وڇڙيو بہ آگسٽ جي ئي مھيني ۾!
هڪ اهڙو سماج جنھن ۾ وقت گذرڻ سان گڏ اِها ڳالھہ شدت اختيار ڪندي وڃي ۽ هن طرح جا اصطلاح عام ٻُڌڻ لاءِ ملندا رهن تہ ماڻھو استاد ٿي ڇا ڪندو؟ استاد جي ڪھڙي عزت آهي؟ استاد کي تہ ڪير ليکي ۾ ئي نٿو آڻي...! هاڻي تہ علم ڪتابن ۾ پيو آهي، انٽرنيٽ تي پيو آهي، هر ڪو اُتان پڙهي سگهي ٿو ۽ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. سو، هروڀرو استاد پويان هلڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟! هاڻي اهڙن ماڻھن کي ڪير سمجهائي تہ حقيقي استاد ۽ نام نھاد استاد ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ معلومات ۽ ڄاڻ ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ عقل، فھم، فضيلت ۽ ڏاهپ ڇا کي چئبو آهي؟ ماڻھو استاد ٿي ڇا ٿيندو؟ هونئن بہ جيڪو ٻيو ڪجهہ نٿو ٿي سگهي تہ پوءِ استاد ٿئي ٿو. سو انھن ۽ اهڙن ٻين انيڪ سوالن جو جواب سائين حيدر علي لغاري صاحب جن آدرشي استادن جو فڪر آهي. ’استاد‘ لفظ کي تہ ڪارين رڍن لڄايو آهي. استاد ٿيڻ ڪا معمولي ڳالھہ ناهي. جنھن ماڻھو جي نالي ۾ عزت ۽ احترام مان ’سائين‘ لکڻ لازمي ٿي پوي، سو ماڻھو واقعي تہ باڪمال هوندو نہ! جيئن اسان جي ايم سيد صاحب کي سائين جي ايم سيد چئون ۽ لکون ٿا يا وري ابراهيم جويي صاحب کي سائين ابراهيم جويو صاحب چئون ۽ لکون ٿا، اهڙي طرح سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب، تيئن ئي حيدر علي لغاري صاحب کي بہ سائين حيدر علي لغاري چئون ۽ لکون ٿا.
اهڙن آدرشي استادن ۽ حساس ماڻھن ايڏو اعلي مقام ايئن تہ حاصل ناهي ڪيو نہ؟! انھي لاءِ هنن کي وڏين آزمائشن ۽ تپسيائن مان گذرڻو پيو هوندو. ڪنھن بہ عظيم انسان جي شخصيت جي خوبصورتي اِها هوندي آهي جو جيئن وقت گذرندو آهي، تيئن ئي سندن شخصيت جا نوان رنگ، نوان پاسا دريافت ۽ نروار ٿيندا رهندا آهن. سائين حيدر علي لغاري گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هُو استاد هجڻ سان گڏ نقاد ۽ لطيف جو پارکو بہ هو. سندس ڳالھين، لکڻين ۽ فڪر ۾ تعليم ۽ تاريخ سان گڏ فلسفو بہ آهي. سندس هر هڪ ڳالھہ ۾ وڏي گهرائي ۽ وڏو فڪر آهي. سندن هر جملو گهڻو ڪجهہ سوچڻ ۽ سمجهڻ تي مجبور ڪري ٿو. سندس شاعريءَ وارو پاسو ۽ شاعراڻي نثر وارو پاسو بہ هڪ وسيع موضوع آهي.
اڄ هن مختصر ليک ۾ سائين حيدر علي لغاري صاحب کي پيار ۽ احترام مان ساريندي، اسان سندن شخصيت جي رڳو هڪ پاسي جو ذڪر ڪريون ٿا، سو پاسو آهي، استاد هجڻ وارو.
استادن بابت حيدر علي لغاري صاحب پنھنجي هڪ ليک ۾ ڪيڏي نہ اهم ڳالھہ ڪئي آهي تہ ”پڙهڻ، لکڻ، سوچڻ ۽ لوچڻ جيڪي هڪ استاد جون ذميواريون آهن، گهڻو تڻو اڄڪلھہ جو استاد پنھنجي ان منصبي فرض کان وانجهيل ۽ غافل آهي، جنھن ڪري هُن جو نقطءِ نظر بنھہ محدود ۽ فڪر جمود جو شڪار آهي. هن وٽ ڪائنات، سماج ۽ انساني مزاج متعلق پنھنجي ڪا بہ سنجيدہ مُستند علمي راءِ ڪانھي_ ڏاڍي عبرتناڪ صورتحال آهي.“
سائين حيدر علي لغاري صاحب شاگردن بابت ڪجهہ هن طرح فرمائي ٿو تہ ”شاگردن جو حال تھائين ڏکوئيندڙ آهي، ڏاڍي سطحيت ۽ ويراني آهي. افراتفري ۽ ذهني انتشار ويرون وير وڌ آهي. وقت، وسيلا، قوتون ۽ قابليتون بي درديءَ سان ضايع ٿينديون رهن ٿيون. مگر جوڳي تربيت ۽ تنبيھہ جو ڪو سلسلو ۽ نظام موجود نہ آهي. ڏاڍي هاڃيڪار هيئت آهي، ادارن ۽ انھن جي ’اجاريدارن‘ جي!“
استادن ۽ شاگردن بابت سائين وڌيڪ لکي ٿو تہ ”اسان استادن ۽ شاگردن مان ڪيترا آهن جيڪي ديانتداري سان پڙهن ۽ پروڙين ٿا. اهو تہ ڇڏيو، اهو چوندي مون کي لڄ ٿي ٿئي تہ اسان استادن مان ڪيترن کي ۽ اسان جي شاگردن جي چڱي موچاري اڪثريت کي رڳو تعليمي ماحول ۽ تعليمي اداري جي آداب جو ڀرم رکڻ نٿو اچي.
جڏهن درسگاھہ ۾ ڪلاس هلندي شاگردن کي ڪلاسن جي بلڪل ڀرسان، دروازن وٽ ٻي قابو ٿي، قادر قلندر مست جا نعرا هڻندي ٿو ڏسجي، بلڪل جهنگلين وانگر واڪا ڪري هڪٻئي کي سڏيندي ٿو ٻُڌجي ۽ اهڙي طرح تميز ۽ تھذيب کان آزاد ٻين بہ ڪيترن ئي حرڪتن جو مشاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿو ٿجي تہ سخت ڪوفت ٿئي ٿي. اسان پاڻ ئي پھرين پنھنجي علمي ادارن جي تقدس کي پامال ٿا ڪريون، جنھن جاءِ ۽ احاطي اندر، دراصل وڏي احتياط سان پٻن تي هلڻ گهرجي، جيئن بوٽ جي کڙين جو غير ضروري آواز ڪلاسن ۾ ڪم ڪندڙ استادن ۽ شاگردن جي فھم ۾ رخنہ انداز نہ ٿئي، اتي اسان ڊوڙن ٿا پايون، عجيب غريب اداڪاري ۽ صداڪاري جي نمائش ٿا ڪيون.“
هاڻي هن طرح جو مشاهدو هڪ حساس ذهن ئي ڪري سگهي ٿو. گهڻن جي تہ نوٽيس ۾ ئي اها ڳالھہ نہ ايندي هوندي. انھن لاءِ اِهي رخنو وجهندڙ آواز ڪا ڳالھہ ناهن. اجايو شور ڪرڻ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ هنن لاءِ زندہ دلي ۽ خوش مزاجي آهي. جڏهن تہ هڪ استاد ئي اهو سمجهي سگهي ٿو تہ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ هڪ پُرسڪون ماحول جو هجڻ تمام ضروري آهي. غير ضروري آواز ۽ شور ذهن ۽ سوچ جي سفر ۾ انيڪ رنڊڪون پيدا ڪن ٿا.
استادن ۽ شاگردن بابت مٿيون اظھار سائين حيدر علي لغاري صاحب ڪافي سال اڳ ڪيو هوندو، مطلب تہ سائين ويھين صديءَ جي استاد ۽ شاگرد جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو بالڪل ڏکوئيندڙ آهي پر جيڪڏهن اسان پنھنجي چوڌاري ايڪيھين صديءَ جي استاد ۽ شاگرد جي حالت ڏسون ٿا، سا ويتر مايوس ڪندڙ آهي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي تہ ٺڙڪ ٺڳي ڪندڙ، لٻاڙ هڻندڙ، علم کان عاري، تنگ نظر ۽ انتھا پسند، استاد بڻيو ويٺو آهي ۽ ادارن ۾ نوجوان ذهنن سان ظلم جاري رکيو اچي. چند استادن کي ڇڏي اڪثر استادن جا ٻيا سڀ موضوع هوندا آهن پر تعليم ۽ فضيلت سندن موضوع ناهي هوندو. توهان ڪڏهن بہ کين علمي، ادبي ۽ فڪري بحث يا گفتگو ڪندي نہ ڏسندا ۽ نہ ئي وري ٻُڌندا. سندن موضوع ڇسا، بي بنياد، سطحي ۽ واحيات قسم جا هوندا آهن. ظاهر آهي تہ اهڙا استاد، شاگرد بہ پاڻ جھڙا ئي پيدا ڪندا نہ! اُهي بہ سنجيدہ ٿيڻ بدران ڇڇورپائي کي ترجيح ڏين ٿا. وڌيڪ ڏک تہ تڏهن ٿو ٿئي جو اسانجي هن مدي خارج سماج ۾ ڪاميابي ۽ ترقي جي پيمانا بہ سطحي ۽ ڇسا ٿي پيا آهن. فضول مٿاڪٽ ڪندڙ، وقت جو وڃاڻ ڪندڙ، علمي ۽ ادبي طور صفا هيٺين درجي جا ماڻھو ڪامياب ۽ چالاڪ سمجهيا ٿا وڃن. جڏهن تہ علم ۽ فضيلت وارو ماڻھو هن سماج ۾ ناڪام ۽ فضول ماڻھو آهي. ”پلئہ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!“
سائين حيدر علي لغاري تہ روايتي تعليمي نظام جي بہ سخت خلاف هو. هُو تہ اهڙي تعليم جي ڳالھہ ڪندو هو، جيڪا انسان جي ذهن جون دريون کولي ۽ شعوري ۽ فڪري طور کيس هڪ روشن خيال ۽ خوددار انسان بڻائي. پاڻ هڪ هنڌ لکي تہ ”شاگردن جو تعليمي گهرجن جو پورائو فقط مدرسن ۽ مڪتبن جي نصابي ۽ ڪتابي سلسلي سان ڪونہ ٿيندو، ان لاءِ مختلف موضوعن تي باضابطہ ۽ لڳاتار مطالعي جي ضرورت آهي، جنھن کان اسان جو شاگرد اڄڪلھہ بنھہ لاپرواھ ۽ بي خبر آهي.“
هاڻي ڏسجي ته؛ اسان وٽ نصابي ۽ ڪتابي سلسلو ڪھڙي طرح جو هلي رهيو آهي؟ ان ۾ ڪيتري جدت آهي، ڪيتري روشن خيالي آهي؟ ڪيترو ٻولي ۽ ثقافت جو خيال رکيل آهي؟ ڪيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي شامل آهي؟ ڪيترو فھم ۽ فضيلت شامل آهي؟ منھنجي خيال ۾ اڄ ايڪيھين صديءَ ۾ بہ اسان پنھنجي شاگردن کي مدي خارج شيون پڙهائي ۽ رٽائي رهيا آهيون. انھن ڳالھين جي اڄوڪي دنيا ۾ ڪا بہ اهميت ناهي. جيستائين مطالعي جي ڳالھہ آهي تہ شاگردن سان گڏ استادن جي بہ حالت خراب آهي. گهڻو تعداد اهڙن استادن جو هوندو جيڪي سال ۾ نصابي ڪتاب کانسواءِ ٻئي ڪنھن بہ ڪتاب کي نٿا پڙهن. مون تہ گهڻن کي اهو چوندي بہ ٻُڌو آهي تہ اسان وٽ وقت ناهي، ڪير ڪتاب پڙهي؟ اوهان تہ آهيو واندا، ڪم ڪار اٿئو ڪونه، سو پيا ڪتاب پڙهو ۽ لکو....! هاڻي جتي تعليم ڏيندڙ فردن جي اڪثريت جي سوچ اِها هجي تہ پوءِ ڪھڙي چڱائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي.
اهڙن ماڻھن لاءِ ئي سائين حيدر علي لغاري لکي ٿو تہ ”حيرت آهي تہ ماڻھو نہ سوچين ٿا ۽ نہ ئي وري ڪو ڪم ئي ٿا ڪن، رڳو پيا وقت وڃائين ۽ قوتون ضايع ڪن! هنن کي ايڏي وڏي زيان جو احساس ڪڏهن ٿيندو؟“ سائين صحيح ٿو چوي تہ اهڙن ماڻھن کي رڳو کائڻ، ننڊون ڪرڻ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ کانسواءِ ڪو ڪم نٿو اچي. مجموعي طور اسانجو ماڻھو بيڪمو، بي چيو ۽ بيڪار ٿي پيو آهي.
سائين حيدر علي لغاري نئين نسل تي ضابطن جي نالي ۾ لڳندڙ غير انساني پابندين جي بہ خلاف هو. سائين چوندو هو تہ اهڙيون پابنديون ذهني اپاهجن کي پيدا ڪنديون. ”جي حضوري“ جو غير اخلاقي مرض وڌي ويندو ۽ نوجوان شعوري ۽ عقلي طور تباھہ ٿي ويندا. هاڻي ڏسجي تہ اها ڳالھہ بلڪل درست آهي. استاد ۽ والدين هميشہ اهو چاهيندا آهن تہ سندن اولاد ۽ شاگرد سندن طابع هجي، مطلب جيئن اسان چئون، تيئن ڪري....! پنھنجي ڪابہ راءِ نہ رکي. ڪو بہ سوال نہ ڪري. ڪو بہ اختلاف نہ ڪري. اسان انھي کي فرمانبرداري سڏيندا آهيون پر اهو ناهيون سوچيندا تہ اسان جا اهي رويا اڳيان هلي ڪھڙا ذهن پيدا ڪندا؟ اُهي نوجوان اسانجي دل سان عزت نہ ڪندا پر ڊپ مان عزت ڪندا ۽ ڊپ مان عزت ٿي سگهي ئي نٿي. عزت ۽ احترام جو واسطو پيار سان آهي. پيار جو واسطو آزادي سان آهي. ۽ اسان جڏهن پنھنجي نئين نسل جي درست رهنمائي ڪندي کين ذهني ۽ فڪري طور آزادي ڏينداسين تہ پوءِ هو هن سماج جا سجاڳ ذهن پيدا ڪري سگهنداسين. باقي نہ تہ سائين پاڻ لکي ٿو تہ ”ورنہ اسان جا هاڻوڪا توڙي مستقبل جا نسل رڍن ٻڪرين يا سوئرن ۽ بگهڙن جا ڌڻ بڻجي اسرندا، بلڪہ هو انسان ٿي پنھنجي بشريت جي لذت ۽ خيريت ڪونہ ماڻي سگهندا!“
ھي سڀ ڳالھيون اسانجو سماجي آئينو آهن. منھنجي خيال ۾ هي ڪا مايوسي پکيڙڻ ناهي پر حقيقت پسند ٿيڻ آهي. سو جيڪڏهن اسانجي حقيقت ڏکوئيندڙ آهي تہ اُها تسليم ڪرڻي پوندي. اسانکي انڌي تقليد کان بچڻو پوندو. سماج ۾ تحقيق ۽ تنقيد کي جڳھہ ڏيڻي پوندي ۽ تنقيدي شعور کي هٿي وٺائڻي پوندي.
سائين حيدر علي لغاري صاحب جهڙن عالمن اسانکي اهي روشن راهون ۽ پنڌ ڏسيا آهن. جن تي هلي اسان پنھنجي سماج کي سنواري سگهون ٿا. اڄ اسان سائين حيدر علي لغاري صاحب کي پيار مان ياد ڪندي نوجوانن کي اِها صلاح بہ ڏيون ٿا تہ هُو سائين حيدر علي لغاري صاحب جا ٻہ شاندار فڪري ڪتاب ”اندر مُلھہ اَمُلھہ“ ۽ ”ڪُڇان ڪُڄاڙو“ ضرور پڙهن تہ جيئن سندن ذهن ۽ ضمير روشن ٿي سگهن.

(28 نومبر 2023ع)

هر دلعزيز شخصيت شيخ عزيز

حيدرآباد ۾ ڊسمبر جي ٿڌن ڏينھن ۾ جنم وٺندڙ عبدالعزيز شيخ،
ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ شيخ عزيز جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. شيخ عزيز صاحب اُهو شخص هو، جيڪو خاموشي سان ڪم ڪندو رهيو. ڪڏهن بہ پاڻ پڏائڻ ۽ پنھنجي پاڻ جي اشتھار بازي ڪرڻ کان ڪوهين ڏور هو. ان ڪري ئي تمام وڏي شخصيت هوندي بہ کيس عام پڙهيو لکيو ماڻھو نٿو سڃاڻي. جيڪا ڳالھہ مونکي ڏکي لڳندي آهي. مون جڏهن سندس ڪم کي دلچسپي سان ڏٺو ۽ ڪجهہ ماڻھن سان ذڪر ڪيو تہ هنن سائين کي نٿي سڃاتو. ان ڪري مون اِهو محسوس ڪيو تہ سائين تي ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور لکجي تہ جيئن پڙهندڙ سندس تمام وڏي شخصيت کان واقف ٿي سگهن.
شيخ عزيز صاحب اُهو شخص آهي، جنھن مشھور سفر نامہ ليکڪ الطاف شيخ صاحب کي لکڻ لاءِ اتساهيو. نہ رڳو اتساهيو پر ان وقت سندس خطن کي سفر نامي واري انداز ۾ عبرت اخبار ۾ شايع ڪيو ۽ ان کانپوءِ الطاف شيخ صاحب مسلسل لکندو رهيو ۽ اسانکي سوين شاندار ڪتاب ڏئي چڪو آهي. اهڙي طرح مشھور آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ جو ليکڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بہ اِهو ڪتاب نہ لکي سگهي ها جيڪڏهن شيخ عزيز نہ همٿائي ها. ايئن سمجهو تہ رئيس من موجي طبيعت جو مالڪ هو، سو اُهو ويھي ايڏو وڏو پورهيو نہ ڪري سگهي ها، جيڪڏهن شيخ عزيز صاحب کائنس اهو سڀڪجهہ نہ لکرائي ها تہ. ظاهر آهي انھي ڪٿا کي سينگاريو ۽ سنواريو شيخ عزيز صاحب ئي آهي. افسوس جو ان حوالي سان سندس ذڪر ٿيندي اسان نہ ٻُڌو آهي. منھنجي خيال ۾ سندن خدمتن کي ماڻھن آڏو آڻڻ جي ضرورت آهي. جيئن اهي سندس شخصيت مان اتساھہ وٺي سگهن.
اڄ جڏهن معياري ايڊيٽرشپ جو ڏڪار آهي تہ اسانکي شيخ عزيز صاحب تمام گهڻو ياد ٿو اچي. اڄوڪي اخبار ۽ رسالن جي حالت ڏسي کيس ڏک ضرور ٿئي ها. هاڻي تہ اهڙي سکيا ۽ تربيت ڪندڙ شخص بہ نہ رهيا آهن، جيڪي شيخ عزيز صاحب وانگر صحافت ڪن. اسان وٽ جيئن استاد، پروفيسر، سماج سڌارڪ، سول سوسائٽي ۽ ڪامريڊ لفظ پنھنجي معني وڃائي ويٺا آهن، افسوس جو تيئن ئي صحافي لفظ بہ پنھنجي معني وڃائي ويٺو آهي.
شيخ صاحب پنھنجون صحافتي ذميواريون نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان 1948ع ۾ صحافت ۾ گريجوئيشن ڪئي. صحافتي سفر جي شروعات، 1957ع کان روزانہ ”ڪاروان“ حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي.
روزاني عبرت حيدرآباد، سب ايڊيٽر، 1958ع کان1961ع
روزانہ عبرت حيدرآباد، سينيئر سب ايڊيٽر، 1961ع کان 1965ع
روزانہ عبرت حيدرآباد، اسسٽنٽ ايڊيٽر، 1965ع کان 1975ع
روزانہ عبرت حيدرآباد،اسسثنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر،1944ع کان 1974ع
هفتي وار سنڌ آبزرور (انگريزي)، حيدرآباد، ايڊيٽر، 1974ع کان 1980ع
روزانہ سنڌ نيوز، حيدرآباد، ايڊيٽر، 1977ع کان 1980ع
روزانہ جنگ (اردو) ڪراچي، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، 1980ع کان1982ع
روزانہ حريت (اردو) ڪراچي، ميگزين ايڊيٽر،1982ع کان 1987ع
روزانہ حريت (اردو) ڪراچي، نيوز ايڊيٽر، 1987ع کان 1989ع
روزانہ ڊان (انگريزي) ڪراچي، سينيئرسب ايڊيٽر، 1989ع کان 1990ع
روزانہ ڊان (انگريزي) ڪراچي، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر، 1989ع کان2009ع
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، وائس چيئرمين، 2009ع کان 2010ع
سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيا، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو ”عالمي غلاميءَ“ جي عنوان سان سال 2003ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو جيڪو بعد ۾ اقوام متحدہ پنھنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ 1978ع کان 1980ع تائين وزٽنگ پروفيسر رهيو. تحقيق جي حوالي سان شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران 1993ع ۾ ”تحقيق جو طريقہ ڪار“ جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنھن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران 1993ع ۾ ”شاھه لطيف تي تحقيق“ جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو.
وفاقي حڪومت جي 1960ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين.
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل مقالو ”دي ٽريڊيشز گوز آن“ اداري پنھنجي يادگار ڪتاب ۾ شايع ڪرايو جڏهن تہ مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو.
شيخ عزيز صاحب پاڪستان جو پھريون صحافي هو جنھن صحافتي دنيا ۾ ”اوبيچيوري“ (ڪنھن بہ نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پھريون ڀيرو 1972ع ۾ ”سنڊي عبرت“ جي نالي سان شروع ڪيو. هي سنڌ جو مقبول ترين هفتيوار ميگزين هو.
اردو اخبار جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر طور ”مھراڻ رنگ“ جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين جنھن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون. شيخ عزيز صاحب تمام گهڻو ۽ ڪارائتو علمي ادبي ڪم ڪيو. جنھن ۾ سندس لکيل هي ڪتاب شامل آهن، جيڪي سندن زندگي ۾ ئي شايع ٿيا.
اُهي ڪتاب هي آهن:
1. سنڌ جون پراسرار ڪھاڻيون (سچيون ڪھاڻيون) 1960ع
2. الحمرا جا داستان(ترجمو، واشنگٽن ارونگ) 1961ع
3. نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، 1964ع
4 . عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پھريون ڪتاب، 1975ع، 1978ع ۽ 1995ع ۾ واڌاري سان
5 . مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، روس جو سفرنامو، 1976ع
6 . ملھه، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، 1978ع
7. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا) 2008ع
8. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ، ڀاڱو پھريون) 2008ع
9 ۔ دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) 2008ع
10. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ 2008ع
11. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) سنڌ جي تاريخ 2009ع
12. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) سنڌ جي تاريخ 2009ع
13. ميوزيڪل نوٽس ( انگريزي) موسيقيءَ تي مقالا، 2009ع
14. ڀُٽي کان ضياءَ تائين، (سياسي تاريخ، ٻيو حصو) 2010ع
15. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي )2012ع
16. کيرٿر ، انگريزي، ايڊيٽنگ، 2006ع
17. ائن السٽريٽڊ ائٽلس آف سومرا رولس ان سنڌ، (انگريزي) ايم ايڇ پنھور، ايڊيٽنگ، 2004ع
18. ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ، (ايڊيٽنگ)2008ع
19. راڳ ساگر، مھاڳ، 2004ع
20. ڀٽو، يادگيريون، (ترجمو)1993ع
سندن وفات کان پوءِ ھيء ڪتاب شايع ٿيا جن ۾”دارون ۽ ڪارون (آتم ڪھاڻي)“ سال 2019ع ۾ شايع ٿي. جيڪا شاندار ۽ سدابھار آتم ڪھاڻين ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي. مون سندس آتم ڪھاڻي جڏهن پڙهي هئي تہ آئون شيخ عزيز صاحب جي شخصيت مان بيحد متاثر ٿيو هئس. مون سندن آتم ڪھاڻي تي تبصرو بہ لکيو هو، جيڪو ان وقت عبرت اخبار جي ادبي صفحي تخليقڪار ۾ شايع ٿيو هو. جنھن کي پوءِ شيخ عزيز صاحب جي فرزند، اسانجي سائين طارق عزيز صاحب شيخ عزيز جي شخصيت تي لکيل ڪتاب ۾ بہ شامل ڪيو هو. مون بہ اُن ئي ليک کي پنھنجي ڪتاب ”سِٽون پڙھہ ساڃاھہ جُون“ ۾ شامل ڪيو هو. مون ڪجهہ دوستن کي هي ڪتاب پبلشر کان گهرائي بہ ڏنو هو.
شيخ عزيز صاحب موسيقيءَ جي تمام گهڻي ڄاڻ رکندو هو. ان حوالي سان سنڌ جي قديم ساز چنگ تي سندس ڪتاب ”چنگ“ سال 2021ع ۾ شايع ٿيو.
جڏهن تہ شيخ عزيز صاحب جي اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ھڪڙو اردوءَ ۾ ۽ ٻيو انگريزيءَ ۾ لکيل آھن. شيخ عزيز صاحب جو لائق فرزند طارق عزيز شيخ پنھنجي بابا جي قيمتي ورثي کي سنڀاليندو بہ اچي پيو ۽ دنيا تائين بہ پھچائيندو رهي ٿو. مون جڏهن کين پيار مان اِها گذارش ڪئي تہ مان سائين تي ڪجهہ لکڻ ٿو چاهيان تہ پاڻ خوشي مان سائين بابت مونکي بنيادي معلومات بہ ٻُڌايائين. سندس لک قرب.
پاڻ هي جھان 7 آڪٽوبر 2018ع تي ڇڏيائون ۽ سندن آخري آرامگاھه، پھلوان ڳوٺ قبرستان ڪراچي ۾ آهي

(09نومبر 2024ع)

پِرهَہ جا پيغام پُھچائيندڙ شاعر استاد بخاري

ڪنھن ٿي ڄاتو تہ دادوءَ ۾ سائين حاجن شاھہ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍڙو ’پُنھل شاھہ‘، ’احمد شاھہ‘، ’آسي‘ ۽ ’دردِي ‘ ٿيندي، ”اُستاد بخاري“ بڻجي ويندو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي وٽ وڏي مقبوليت ماڻيندو! استاد بخاريءَ جو نانءٌ ذهن ۾ ايندي ئي خوبصورت سنڌ جو تصوّر تصوّر ۾ ترِي اچي ٿو، جيڪا هر قِسم جي بيمارين، بُراين، بُڇڙاين، ڏاڍائين ۽ ناجائزين کان پاڪ سنڌ آهي... سرسبز ۽ شاداب آهي... جنھن ۾ هر طرف خوشحالي آهي. هر طرف حُسن آهي... سونھن آهي... پيار ئي پيار آهي.... تڏهن تہ پاڻ چوي ٿو:
ڇا قوم تي لکان مان! ڇا حُسن تي لکان مان!
افسوس...! زندگي هڪَ... پُورو نٿو پوان مان...

استاد بخاريءَ کي اسان کان جسماني طور وڇڙئي 29 سال تہ ٿي ويا آهن، پر استاد پنھنجي ڪمال جي شاعريءَ ذريعي اسان جي دلين ۾ موجود آهي. منھنجي خيال ۾ استاد بخاري ڪنھن روايتي تعارف جو محتاج ناهي، جو ويھي سندس پيدائش جي تاريخ يا ملازمت جي ريڪارڊ بابت لکجي، پر استاد ان تعارف کان گهڻو مٿانھون آهي. استاد کي اڃا فڪري طرح دريافت ڪرڻ جي ضرورت آهي. استاد کي رڳو عوامي ۽ رومانوي شاعريءَ تائين بہ محدود نٿو ڪري سگهجي. عوامي ۽ رومانوي رنگ سندس وسيع ۽ گهڻ رخي شاعريءَ جو فقط هڪ پاسو آهي، جڏهن تہ استاد هڪ مفڪّر ڪوي آهي. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي تہ ماڻھو استاد کي ”عوامي شاعر“ چئي بس رڳو سندس ان شاعريءَ جا ڪجهہ محدُود حوالا ڏيندا آهن، جيڪا مختلف فنڪارن ڳائي آهي. جڏهن تہ استاد بخاري سنڌي سماج جو صحيح معنيٰ ۾ سچو رهبر آهي. جيڪو اتساهي بہ ٿو، دشمن کي للڪاري بہ ٿو... پنھنجن دردن تي ڪُوڪارَي بہ ٿو... کِلائي بہ ٿو، روئاري بہ ٿو، تہ سمجهائي بہ ٿو.
استاد بخاريءَ جي شاعري، گهڻ پڙهيو توڙي گهٽ پڙهيو ٻئي شوق سان پڙهن بہ ٿا، تہ آسانيءَ سان بہ سمجهن ٿا. اِهو استاد جي ڪلام جو ڪمال آهي، جو پاڻ وڏي ۾ وڏي ۽ گَهِري ڳالھہ ۽ فڪر کي بہ آسان ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائي ٿو ڇڏي. انھيءَ ڪري ئي سندس ڪلام کي تمام گهڻن فنڪارن ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي سادگي ئي انھيءَ جي سُونھن آهي. هر ٻچو ٻُڍو پيو کيس جُهونگاريندو آهي. مان نہ ئي شاعر آهيان ۽ نہ ئي شاعريءَ جي اصولن ۽ قاعدن جي ڄاڻ اٿم، پر پوءِ بہ هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون اِهو محسوس ڪيو آهي تہ، استاد بخاريءَ جي ترجيح، شاعريءَ جي اصولن ۽ قافيي ــ رديف ۾ پاڻ کي الجهائڻ بجاءِ پنھنجي پيغام کي اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائڻ آهي.
اسان وٽ هِن وقت وڏو مسئلو اهو آهي، تہ هر شخص بھتريءَ لاءِ پنھنجي وڙان ڪا ڪوشش ڪرڻ بجاءِ رڳو روئڻ پِٽڻ يا ٻين کي ڏوراپا ۽ مھڻا ڏيڻ ۽ شڪايتون ڪرڻ ۾ پورو آهي. استاد بخاري اهڙي منظر کي شاعراڻي پيرائي ۾ ڪجهہ هِن طرح چِٽيو آهي:
نہ روئڻ پِٽڻ ۾ اسان جو علاج
نہ سَٿرون ڪُٽڻ ۾ اسان جو علاج
ڌيئون پُٽ سڀيئي تہ - ڌرتيءَ ڄڻيا،
اُٿي پئو! اُٿڻ ۾ اسان جو علاج!

عام طرح بہ، هر استاد جو ڪم رهنمائي توڙي نصيحت ڪرڻ ۽ سنئون گس ڏَسڻ هوندو آهي. هيءَ شاعري نصيحت ۽ رهنمائي ناهي تہ ٻيو ڇاهي! اسانجي هر ٻئي ماڻھوءَ وٽ هر مسئلي جو جواب بہ اهو ئي بيوسي وارو هوندو آهي تہ ”ڇا ڪجي!“، پر استاد اهڙن مايُوس ماڻھن کي چوي ٿو:
”ڇا ڪجي!“ کي ڇڏ بخاري! اُٿ، اُٿون!
ڪر تِکي تڪڙي تياري ــ اُٿ، اُٿون!
سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون!
ظلم آهي ڀُونءِ ٻاري، اُٿ اُٿون!

پنھنجيءَ قوم ۽ ديس سان ايڏو پيار ۽ اُنسيت تمام گهٽ ماڻھن کي هوندي آهي. استاد کي هر خوبصورتيءَ سان عشق آهي. هُو شعور ۽ اندر اُجارڻ واريءَ تعليم جو حامي آهي. کيس خبر آهي تہ سماج جي اونداهين جو سبب جھالت ئي آهي ۽ جيستائين انھيءَ اوندھہ مان جان نہ ڇٽندي، تيسين اسان جو معاشرو ايئن ئي سُورن ۾ هوندو. تعليم جي اهميت بابت پاڻ ڪجهہ هيئن ٿو چوي ٿو:
جِهِلَ جي اُونداھہ کي تيلي هڻو!
علم جُون ڏياٽيُون کڻو... ڏياٽيوُن کڻو!
خود اوهين استاد آهيو سوجهرو
سنڌ کي ٺاهي وٺو... ٺاهي وٺو...

استاد بخاريءَ پنھنجن خيالن ۽ احساسن کي قوم جي امانت سمجهندي، اها ڪوشش ڪئي، تہ سندس شاعري گهڻن ماڻھن تائين ڪتابن جي صورت ۾ توڙي گيتن جي صورت ۾ پُهچي. انھيءَ ڪري ئي استاد جي شاعريءَ جا جهجها ڪتاب شايع ٿيا بلڪہ اڄ تائين ٿيندا رهن ٿا. سندس ڪافي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ايڊيشن بہ شايع ٿيا. اها مقبوليت تمام گهٽ شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. استاد جي شاعريءَ کي ڳايو بہ تمام گهڻن فنڪارن آهي ۽ هر هڪ فنڪار پنھنجي پنھنجي رنگ ۽ انداز ۾ کيس ڳايو آهي. پوءِ اُهو فنڪار ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، هلڪي ڦلڪي موسيقي ڳائيندڙ يا وري ”ڪيسيٽي فنڪار“ ڇو نہ هجي! هر فنڪار استاد سان سُرن وسيلي پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو آهي. 80ع ۽ 90ع واري ڏهاڪي کان ويندي هن وقت تائين ريڊيي جي لڳ ڀڳ هر ٻئي پروگرام ۾ استاد جو ڪلام ضرور نشر ٿيندو رهي ٿو. نوَن فنڪارن بہ اڳ ڳايل گيتن جا سُٺا ”رِي ميڪ“ (ڪَوَر) ٺاهيا آهن، جڏهن تہ ڪيسيٽن واري زماني ۾ تہ هر بس، ويگن، ڪوچ، ٽريڪٽر ۾ استاد جي شاعري گونجندي رهندي هُئي.
ڪھڙي انساني ڪيفيت آهي، جنھن تي استاد ناهي لکيو..... ڏُک هُجي، سُک هجي، پيار جو اظھار هجي! يا وري ديس جو درد... استاد هر ميدان ۾ پاڻ ملھايو آهي. استاد هر فرد جو آواز آهي، سندس مزاج ۽ ڪيفيت جھڙي بہ هُجي، هُو ان ڪيفيت جي اظھار لاءِ استاد جي لفظن جو ئي سھارو وٺي ٿو.
استاد بخاري ان حوالي سان بہ عظيم آهي، جو پاڻ پنھنجي طبيعت جي ناچاقيءَ باوجود سرڪار کي امداد ۽ وظيفن جي اپيل ڪرڻ بجاءِ واضح لفظن ۾ اهو چيو تہ: ”مونکي سرڪاري امداد ۽ وظيفن جي ضرورت ناهي!“ نہ تہ اڪثر سرنديءَ وارا فنڪار ۽ اديب بہ هلڪي ڦلڪي بيماريءَ جي صورت ۾ بہ پيا سرڪار کي اپيلون ڪندا آهن.
شاعرن توڙي فنونِ لطيفہ سان واڳيل ڪنھن بہ فنڪار جي ٻين فنڪارن سان ڀيٽ ڪرڻ هڪ ناڪاري عمل آهي، تہ فلاڻو، فلاڻي کان وڏو شاعر آهي، يا فلاڻو، فلاڻي کان پُختو شاعر آهي. شاعر، شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو پنھنجن خيالن جو اظھار پنھنجي انداز ۾ ڪري ٿو. اُهو انداز ڪيترو مقبول ۽ ديرپا آهي، ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو. جيئن جيئن وقت گذرندو، تيئن تيئن استاد بخاريءَ جي شاعري نون رنگن سان اسان جي سامھون ايندي ويندي. استاد رڳو ٻين کي نصيحت ۽ ميارون نٿو ڏي، پر پنھنجو پاڻ کي بہ چوي ٿو تہ:
مان ٻين وانگر اکيون ٻوٽي سُمھان،
رات جي تارن کي تڙپائيندو ڪير!
مان جي مدہوش ٿي ليٽي پوان،
پرھہ جا پيغامَ پُھچائيندو ڪير!


(09 نومبر 2023ع)

سي سَڄڻ هون نہ ڌار، جي هنئين ۾ حل ٿيا! سائين هيرو مل

تمام ٿورا ماڻھو اهڙا هوندا آهن، جيڪي هر وقت اسانکي پاڻ سان گڏ محسوس ٿيندا آهن. سندن وجود جو احساس، جيئڻ جو حوصلو ڏيندو آهي. محترم سائين هيرو مل صاحب بہ اهڙن ماڻھن ۾ شامل آهي، جيڪي رڳو محبتون ڏيڻ ئي ڄاڻين ٿا. محبتن کانسواءِ هنن وٽ ڪجهہ بہ ناهي هوندو. اهڙن ماڻھن سان ويھندي ڏکندو ڏور ٿيندو آهي.
منھنجي سائين سان گذريل ڏهن سالن کان نيازمندي آهي. انھن سالن ۾ سائين جي شخصيت مان مونکي گهڻو ڪجهہ سکڻ لاءِ مليو. سائين، پنھنجي شاگردن جو پسنديدہ ۽ اتساهيندڙ استاد رهيو آهي. مون جڏهن بہ سائين سان پنھنجي خوشي توڙي ڏک جو اظھار ڪيو آهي، تڏهن سائين ان کي پنھنجي خوشي ۽ پنھنجو ڏک سمجهيو آهي. خوشي ۾ خوش ٿيو آهي، ۽ ڏک ۾ همٿايو اٿائين.
اسان ڏھہ سال گڏ هڪ اداري ۾ ڪم ڪيو. انھي دوران توڙي اڄ تائين مون پاڻ کي سائين جو شاگرد ئي سمجهيو آهي. ۽ اهڙي استاد جو شاگرد ٿيڻ بہ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ناهي. آئون ڪنھن معاملي تي جذباتي ٿيندو آهيان تہ پيار مان مونکي سمجهائيندو ۽ چوندو آهي تہ "سائين اها ڳالھہ اوهانکي نٿي سونھي، مھرباني ڪري ايئن نہ ڪجو." ڪجهہ وقت کانپوءِ سوچيندو هئس تہ سائين صحيح پئي چيو، مونکي ايئن نہ ڪرڻ گهرجي.
صبر ۽ درگذر ڪرڻ بہ ڪو سائين کان سکي. ڪيڏو بہ ايذاءُ مليس، پر ڪڏهن بہ ڪنھن جي گلا نہ ڪندو. سندس سامھون جيڪڏھن ڪنھن جي گلا ٿيندي آهي تڏهن بہ سائين بيچين ٿي پوندو آهي ۽ چوندو آهي تہ زندگي ٻن ڏينھن جو کيل آهي. ڇو نفرتون پالجن ۽ دنيا کي آزارجي ۽ ايذائجي.
اڄ جو نوجوان، جنھن مان سھپ ۽ صبر تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي، انھن کي سائين سان ڪچھريون ڪرائجن تہ جيئن کين صبر ۽ سھپ سان شناسائي ٿئي. آئون سمجهان ٿو تہ سائين جهڙن ماڻھن جا رول ماڊل طور مثال ڏجن. ڇو تہ هي ئي اهي انسان آهن، جيڪي جلد ئي سمجهي ٿا وٺن تہ اجايو نماءُ، وٺ پڪڙ، لالچ لوڀ سڀڪجهہ بيڪار ۽ وقت جو ذيان آهي.
سائين، پنھنجي زندگي ۾ سادگي پسند رهيو آهي. ڪنھن سواري بدران پنڌ هلڻ ۽ چانھن بدران پاڻي پيئڻ کي ترجيح ڏيڻ وارو ماڻھو آهي.
مون زندگي ۾ سائين سان حجت بہ ڪئي هوندي تہ اُها بہ سائين وڏي احترام سان پوري ڪئي هوندي. سائين مونکي هميشہ پنھنجي اولاد وانگر ڀانئيندو آهي، جيڪا سائين جي عظمت آهي ۽ مون لاءِ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ناهي.
سائين سان گڏ سفر ڪرڻ جو بہ پنھنجو مزو آهي. ڇو تہ انھي سفر دوران نہ ئي ٿڪاوٽ جو احساس ٿيندو آهي ۽ نہ ئي ڪا بيزاري ٿيندي آهي. انھي دوران سائين وٽان گهڻيون ئي ڳالھيون سکڻ جو موقعو ملي ٿو.
هونئن تہ سائين کي مون هميشہ پاڻ سان گڏ ڀانئيو آهي ۽ سائين وٽ بہ ساڳيا ئي احساس هوندا آهن پر گهڻن ڏينھن کانپوءِ سائين سان جڏهن بہ مکا ميلو ٿيندو آهي تہ وري تازا توانا ٿي ويندا آهيون. ايئن محسوس ٿيندو آهي تہ آڪسيجن ملي وئي آهي.
سائين کي هميشہ هڪ گذارش ڪندو رهندو آهيان تہ سائين پنھنجي آتم ڪٿا لکو. هاڻي ڏسون تہ سائين ڪڏهن ٿو لکي!

10 جنوري 2024ع

پروفيسر ڊاڪٽر محمد يار کھاوڙ

اڪثر اِهو ڏٺو ويو آهي تہ، جيڪي ماڻھو پنھنجي ڪم ۽ ڪردار سان حوالي سان جيڏا وڏا ماڻھو هوندا آهن، اُنھن ۾ ايڏي ئي نھٺائي، نِوڙت، عاجزي ۽ سچائي هوندي آهي. هُو ظاهري ڏيٺ ويٺ، دٻدٻي، جارحاڻي انداز ۽ وٺ پڪڙ کان ڪوهين ڏُور هوندا آهن. پروفيسر محمد يار کھاوڙ صاحب کي مون بلڪل ايئن ڏٺو، خاموش طبع، چھري تي سنجيدگي ۽ گهري سوچ نمايان، هر وقت ڪم ۽ سوچن ۾ مگن....!
اسانجي 2005ع ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيميسٽري ۾ داخلا ٿي تہ، اُن وقت انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر پروفيسر محمد يار کھاوڙ صاحب هو. ڊائريڪٽر هوندي بہ هي شخص انتھائي شفيق ۽ سادگي پسند هو. جڏهن تہ اڪثر پروفيسر پنھنجي رويي ۾ رُکا، کارا ۽ بي فيض هئا. سائين کانپوءِ جيڪي ڊائريڪٽر ٿيا، جن کي اسان ڏٺو. سي بہ اجايا سخت مزاج ۽ گهڻن شاگردن لاءِ ڪنھن عذاب کان گهٽ نہ هئا. گهڻا پروفيسر پي ايڇ ڊي ڪيل هئا ۽ اُهي ئي نہ سولو پڙهائيندا هئا ۽ نہ ئي وري شاگردن سان سولو ورتاء رکندا هئا. مدي خارج انداز ۾ پڙهائڻ، شاگردن کي هروڀرو فيل ڪرڻ، من پسند شاگردن کي پوزيشنون ڏيڻ، عھدا ۽ ڪرسيون وٺڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪندا هئا.
کھاوڙ صاحب اڪثر پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڪندڙ شاگردن جا ڪلاس وٺندا هئا پر سندن گهڻو وقت ليبارٽري ۾ تحقيق ڪندي گذرندو هو. سائين اسانکي سڌو سنئون تہ ڪو سبجيڪٽ نہ پڙهايو پر گريجوئيشن جي آخري سال ۾ فائنل ريسرچ پروجيڪٽ ۾ جڏهن شاگردن جا مختلف گروپ ٺاهيا ويا ۽ پوءِ انھن گروپن کي مختلف پروفيسرن جي حوالي ڪيو ويو تہ جيئن سندن نگراني ۾ شاگرد اُهو پروجيڪٽ پورو ڪري سگهن. اسانجي اِها خوشقسمتي هُئي جو اسان رهنمائي لاءِ کھاوڙ صاحب جي حصي ۾ آياسين. اسانجو ڪم هو ڦُليلي ڪئنال جي مختلف هنڌن تان پاڻيءَ جا نمونا وٺي، انھن جي چڪاس ڪرڻ ۽ پوءِ مختلف اسٽينڊرڊس جي بنياد تي ڪا راءِ ڏيڻ.
اسان پاڻيءَ جا سيمپل کنيو پيا ليبارٽري ۾ ڪم ڪندا هئاسين. سائين چوندو هو اوهان ڪنھن بہ ڊپ ۽ وقت جي پابندي کانسواءِ پنھنجو ڪم ڪريو. جيترو بہ ڪم ڪري سگهو، اُهو مونکان چيڪ ڪرايو. انھيءَ دوران ضروري هدايتون بہ ڏيندو هو. انھيءَ ڪجهہ مھينن جي وقت ۾ سائين اسانکي ڪڏهن ڪا ڇڙٻ نہ ڏني، رُکو نہ ڳالھايو پر هميشہ همٿايو. جڏهن تہ ٻين ڪيترن ئي پروفيسرن انھي ڪم ۾ ڪافي شاگردن کي سُور ڏئي ماريو.
کھاوڙ صاحب اڃا بہ پنھنجي تحقيقي ۽ تجرباتي ڪرت کي لڳو پيو آهي، دعا آهي تہ صحتمند ۽ خوش رهي ۽ هِن کي ڏسي من ڪو هِن جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.

(09 اپريل 2022ع)

مٺل حيدري چانڊيو: ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور بہ اوڏا سپرين!

مٺل حيدري جھڙو پيارو ۽ ٻاجهارو ماڻھو مون اڄ تائين ناهي ڏٺو. هي شخص جڏهن ابا پُٽ ۽ منھنجا ٻچا چئي مخاطب ٿيندو آهي تہ اُن وقت ماڻھو جي اندر مان هن لاءِ انيڪ دعائون نڪرنديون آهن. اسان جڏهن بہ سندس اڱڻ تي ويا آهيون تہ، مون اِهو ئي محسوس ڪيو آهي تہ، هن کي عيد کان بہ وڌيڪ خوشي محسوس ٿيندي آهي. سندس اکيون پنھنجي پيارن لاءِ هر وقت آتيون هونديون آهن.
مٺل حيدري جي شخصيت جا ڪيترائي حوالا آهن. سندس هر انداز نرالو ۽ ناياب آهي پر پوءِ بہ مون کي سندس پيار ۽ شفقت وارو ورتاء ڏاڍو وڻندو آهي. هي قدآور مڙس جڏهن پيار مان پنھنجون ٻانھون کولي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو تہ، اُن وقت ائين محسوس ٿيندو آهي تہ، ماڻھو ڄڻ ڪنھن سُڪون واري جڳھہ تي اچي ويو آهي.
ڳالھائڻ جو بيباڪ، سڌي ڳالھہ ڪرڻ وارو هي کرو شخص پيشي جي لحاظ کان استاد رهيو آهي. اِن قسم جي استادن کي ڏسي ماڻھو کي دلي خوشي ٿيندي آهي تہ، حقيقي استاد اهڙا ٿيندا آهن. نوڪري تان رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ننڍڙن ٻارڙن کي پيار مان پڙهائيندو رهي ٿو. نہ تہ عمر جي انھي حصي ۾ اڪثر ماڻھو ورچي ويھي رهندا آهن پر هي اُهو اڻورچ ماڻھو آهي، جيڪو ڪڏهن نہ ورچيو. ڳالھين کي ڳالھين سان ملائڻ ۽ انھن جو انداز بيان بہ ڪو هن شخص کان سِکي. رات کُٽي ويندي پر سندس فھم واريون ڳالھيون نہ کُٽنديون. دل چوندي تہ پيو ٻُڌجيس.
سندس ڪچھري ۾ مختلف ڳالھين دوران حوالي طور ڀٽائي سائين جا بيت بہ شامل هوندا آهن. مون سندس ڪچھرين ۽ لکڻين مان اهو محسوس ڪيو آهي تہ پاڻ ڀٽائي جي شاعري جي انقلابي پاسي کي پروموٽ ڪندو آهي. هر قسم جي انتھاپسندي کان سخت نفرت اٿس. دقيانوسي خيالن ۽ فرسودہ ريتن رسمن کي ائين ننديندو آهي جو وڃي ٿيا ست خير. اڀري سڀري جي مجال ناهي جو سندس تکين ۽ کرين ڳالھين جي سَٽ سھي سگهي.
منھنجون ساڻس رڳو ٻہ ملاقاتون ئي آهن پر محسوس ائين ٿيندو آهي جو اسان جي سالن کان شناسائي هجي. انھي ڳالھہ ۾ بہ ڪو شڪ ناهي تہ هي پيارو ماڻھو مون کي پنھنجي اولاد وانگر ڀائيندو آهي. بابا سان جڏهن بہ فون تي رابطو ڪندو آهي تہ منھنجو ضرور پڇندو آهي.
حيدري سائين ننڍڙن ٻارن سان بہ بي پناھہ پيار ڪندو آهي. مون کي اڄ بہ ياد آهي جڏهن اسان ڏھہ سال اڳ سندس ڳوٺ ويا هُئاسين تہ پاڻ اسان لاءِ کٽون، هنڌ ۽ بسترا کڻائي آيو. رات جو وقت هو ۽ سندس پوٽا اهي سامان کڻي رهيا هئا تہ، انھن کي چئي رهيو هو تہ، منھنجا ٻچا بيھو، تڪڙ نہ ڪريو رات آهي، مان ٽارچ کڻي اوهان سان گڏ ٿو هلان پوءِ اهي شيون کڻي اچو. اوندھہ آهي ڪٿي ڌڪ نہ لَڳيوَ يا وري ڪا بلا وغيرہ نہ چڪ هڻي. سو، پيار مان چيل سندس اُهي لفظ اڄ بہ مون کي ياد آهن. سو، اُن رات اسان سندس ڳوٺ ترسياسين. صبح جو سوير اسان وٽ پھچي ويو، پڇيائين تہ بابا آرام صحيح آيو، ڪا تڪليف تہ نہ ٿي. ايڏو پيار ۽ پنھنجائپ گهٽ ماڻھو ئي ڏئي سگهندا آهن.
حيدري سائين جا ڪافي ڪتاب بہ ڇپيل آهن جن ۾ ڀٽائي سائين تي ڪتاب بہ شامل آهي. سندن آتم ڪٿا بہ ڇپيل آهي، جيڪا ڏاڍي شاندار آهي. جنھن ۾ پنھنجي ڳوٺ سميت، پنھنجي شھرن، شاگردي وارو زمانو ۽ سنڌ جي سياست تي تمام سھڻي نموني ۽ وڏي بيباڪ انداز ۾ لکيو اٿس. منھنجي اِها خوش نصيبي آهي جو پاڻ سندن اهو ڪتاب مون کي پنھنجي هٿن سان ڏنو هئن. مون انھي ڪتاب تي تبصرو اڳ ۾ ئي دوستن سان ونڊ ڪيو هو.
دل ئي دل ۾ سوچيندو آهيان تہ، اسان جي سماج ۾ هن قسم جا اهڙا ڪافي اتساهيندڙ ڪردار موجود آهن، جن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُن سان گڏوگڏ انھن سان ڪچھريون يا انٽرويو ڪري ريڪارڊ ڪري ڊاڪيومينٽريون ٺاهجن تہ، اهو هڪ تمام وڏو ڪم هوندو. حالانڪ اِهو ڪم ثقافت کاتي جو آهي پر افسوس جو ثقافت کاتو تہ سڄو سال ميلن ۾ مصروف هوندو آهي سو اُن ڪري اِهو ڪم نٿو ڪري سگهي.


(هي ليک مٺل حيدري جي حياتي ۾ لکيو ويو هو، افسوس هاڻي هُو هي جھان ڇڏي چڪو آهي)

(14 مارچ 2020ع)

نرالي شخصيت پروفيسر زرار رستماڻي

اسانجي سماج ۾ اهڙن ماڻھن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، جيڪي ڪو بہ ڪم مستقل مزاجي سان ڪن يا ايئن چئجي تہ اسانجي سماج ۾ ڪنھن بہ ڪم ڪرڻ جي مستقل مزاجي ناهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو آهن، جيڪي پنھنجي حصي جو ڪم بلڪہ اُن کان بہ وڌيڪ ڪم خاموشي سان ۽ مستقل مزاجي سان ڪري رهيا آهن. ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي سان تعلق رکندڙ سائين زرار رستماڻي جو شمار بہ انھن ٿورڙن ماڻھن ۾ ئي ٿئي ٿو، جيڪي پنھنجو ڪم شاندار حوالي سان ڪري رهيا آهن.
نفيس مزاج ۽ بيحس حساس دل رکندڙ زرار رستماڻي صاحب گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي وڏي شاعر مولوي حاجي احمد ملاح رح جي شاعري تي تمام وڏو ڪم ڪري رهيو آهي. هِن اِهو ڪم جنون جي حد تائين ڪيو آهي. جنھن ۾ هِن پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، حاجي صاحب جي سموري ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل شاعري کي هڪ هنڌ سھيڙي، ان ۾ ٻوليءَ جون درستيون ڪري ڪليات جي صورت ۾ نھايت ئي شاندار انداز ۾ شايع ڪرايو آهي. جيڪو ٻن واليومن ۾ موجود آهي. جنھن ذريعي مولوي احمد ملاح رح جي شاعري تمام گهڻن ماڻھن تائين پُھتي. نہ رڳو پاڪستان پر هندستان مان بہ سنڌي پڙهندڙن زرار رستماڻي جي انھي ڪم کي ساراهيو. آئون، زرار صاحب جي انھي محنت جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. مون، کيس ڏينھن جا ڏينھن ۽ راتين جون راتيون اهو ڪم ڪندي ڏٺو آهي. ايئن چئجي تہ زرار کي حاجي احمد ملاح رح سان عشق آهي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. زرار رستماڻي صاحب کي حاجي صاحب جي سموري شاعري ياد بہ آهي ۽ زرار جو اندازِ بيان بہ ڪمال جو آهي. بس زرار صاحب انھي موضوع تي ڳالھيندو رهي ۽ اوهان خاموش ٿي کيس ٻُڌندا رهو. روشني پبليڪيشن وارن بہ هاڻي زرار صاحب جو ترتيب ڏنل ”ڪليات احمد“ شايع ڪرايو آهي. جنھن جا بہ ٽي چار ايڊيشن اچي چڪا آهن. هن وقت بہ مارڪيٽ مان اڻلڀ آهي ۽ پڙهندڙ انھي جي گُهر ڪن ٿا. ڪليات احمد، پي ڊي ايف ۾ آن لائن سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي لائبريري ۾ بہ موجود آهي. اُتي بہ پڙهندڙ پڙهي سگهن ٿا.
انھي سان گڏ هي شخص، احمد ملاح رح جي شاعري کي مختلف فنڪارن کان ڳارائي، رڪارڊ بہ ڪندو رهندو آهي. انھن ڪلامن جو ڌنون سائين پاڻ ٺاهيندو آهي. ڇو تہ کيس موسيقي سان بہ تمام گهڻو لڳاءُ آهي. فرصت جي لمحن لتا جا گانا هلائي، انھن مان لطف اندوز ٿيندو رهندو آهي. زرار صاحب پنھنجي فيس بڪ پروفائل تان بہ ملاح صاحب جي شاعري کي مختلف خوبصورت اسڪيچز جي صورت ۾ تيار ڪري، پوءِ اهي عڪس اپلوڊ ڪندو رهندو آهي. جن فنڪارن کان ڪلام ڳارايا اٿس، سي بہ سائين جي يوٽيوب چئنل تي رکيل آهن. ملاح صاحب جي شاعري جا شائق انھن کي ضرور ٻُڌن، کين سُڪون ملندو.
گوشا نشيني کي ترجيح ڏيندڙ زرار صاحب تمام گهٽ ماڻھن سان ملندو آهي. کيس اِهي اسٽيج، پروگرام ۽ وٺ سٺ وارو ماحول ناهي وڻندو. هي صاف سٿرو ماڻھو دوستن سان علمي ادبي بحث ۽ ڪچھرين کي ترجيح ڏيندو آهي. انھن ڪچھرين مان گهڻو ڪجهہ پرائڻ لاءِ ملندو آهي. مون اِهو نوٽ ڪيو آهي تہ زرار صاحب سان ڪنھن بہ موضوع تي ڳالھايو، پاڻ ان موضوع تي ڳالھائيندي، حاجي صاحب جي شاعري تي اچي ويندو. جنھن مان اِها احساس شدت سان ٿيندو آهي تہ کيس مولوي حاجي احمد ملاح رح سان ڪيڏو پيار آهي.

زرار رستماڻي صاحب سان مونکي گڏجي ڪم ڪرڻ جو بہ موقعو مليو آهي، جيڪا منھنجي خوشنصيبي آهي. مون هن شخص کي هميشہ شفيق ۽ انسان دوست طور ڏٺو آهي. سندس سيني ۾ معصوم دل ۾ موجود آهي. جيڪا بيحد حساس آهي. ننڍي ننڍي اڻوڻندڙ ڳالھہ بہ کيس ايذائي وجهندي آهي. ڪچھري دوران اڪثر چوندو آهي تہ ”سائين اسان جهڙن ماڻھن جو دنيا وٽ قدر ناهي...“ سوچيان ٿو، دنيا تہ واقعي بيقدري آهي پر زرار صاحب جو لازوال ڪم دنيا جو ڌيان ضرور ڇڪائيندڙ رهندو. زرار صاحب، مونکي هميشہ پيار ۽ پنھنجائپ ڏني آهي. پنھنجي ننڍن ڀائرن وانگر عزت ڏني آهي. ساڻس گڏ گذاريل وقت مونکي هميشہ ياد رهندو. ڇو تہ اُهو مون لاءِ وڻندڙ، سکيا ۽ تربيت وارو وقت هو.
رنگن سان پيار ڪندڙ رستماڻي صاحب هِن وقت مولوي احمد ملاح رح پاران ڪيل قرآن شريف جي منظوم ترجمي ”نورالقران“ تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اميد تہ ان کي بہ جلد ئي شايع ڪرائيندو. اِهو بہ زرار صاحب جو تمام وڏو ڪم هوندو. اسان دعاگو آهيون تہ زرار صاحب کي ڌڻي سڳورو اِها سگهہ ڏئي تہ هو اِهو نھايت ئي وڏو ڪم مڪمل ڪري سگهي. آمين


(09 نومبر 2024ع)

گهڻ پڙهيو ۽ منفرد ڪھاڻيڪار غلام نبي سومرو

غلام نبي سومري صاحب سان نيازمندي جا مون وٽ ڪيترائي حوالا آهن. بابا جو دوست هئڻ ناتي ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي. غلام نبي صاحب، مونکي پنھنجي اولاد وانگر ڀائيندڙ، پيار ۽ پنھنجائپ ڏيندڙ هڪ ٻاجهارو انسان آهي. اُن ڪري آئون کيس احترام مان چاچا غلام نبي سڏي مخاطب ٿيندو آهيان. ۽ هُو بہ مونکي پيار مان بابا چئي مخاطب ٿيندو آهي. ننڍي هوندي جڏهن اسان سندن ماتلي واري گهر ويندا هئاسين تہ اُهو ڏينھن اڪثر آچر جو ڏينھن هوندو هو ۽ آئون کين انگريزي اخبار ڊان پڙهندي ڏسندو هئس. آئون، ان وقت پرائمري جو شاگرد هئس پر رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ جو ان وقت کان ئي شوق هئم. بابا مون لاءِ ٻاراڻن رسالن گُل ڦُل ۽ ارچڪ مرچڪ جا شمارا وٺي ايندو هو. سو، آئون جڏهن پنھنجي ٻاروتڻ ۾ غلام نبي صاحب کي ڊان اخبار پڙهندي ڏسندو هئس تہ دل ئي دل ۾ سوچيندو هئس تہ آئون بہ ايئن ڊان اخبار پڙهان.
اهڙي طرح مونکي پھريون ادبي ڪتاب تحفي ۾ ڏيندڙ بہ غلام نبي سومرو صاحب آهي. اُن وقت مون اڃا اخبارن ۽ رسالن وغيرہ ۾ لکڻ بہ شروع نہ ڪيو هو. اُهو ڪتاب مشھور ڪھاڻيڪار پرويز جي آتم ڪٿا جو ڪتاب هو. اُن کانپوء مونکي اڪبر سومري صاحب جو ڪتاب ”ڊسٽ بِن“ ڏنائين ۽ اِهو بہ چيائين تہ اهو ڪتاب پڙهي ان تي تبصرو لکجو. هڪ ڏينھن مونکي فون ڪري چيائون تہ هڪ فون نمبر موڪليان ٿو، ان سان ڳالھائجو. جيتوڻيڪ آئون فون ڪال کان لنوائيندو آهيان پر سندس حڪم مڃيندي ان نمبر تي فون ڪيم تہ اُهو نمبر تاج بلوچ صاحب جو هو. تاج صاحب جيئن ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ پيار مان چيائين ”پُٽ وڏي حياتي اٿئي، ڪجهہ وقت اڳ غلام نبي تنھنجو ذڪر ڪيو هو.“ سو جڏهن پڙهڻ لکڻ جي ڳالھہ ٿي تہ تاج صاحب مونکان ايڊريس ورتي ۽ چيائين تہ هاڻي سوجهرو رسالو توکي موڪليندس ۽ پوءِ تاج صاحب سوجهرو موڪليندو رهيو ۽ آئون پنھنجي ڇوڪراڻي وهي ۾ سوجهري ۾ شامل معياري لکڻين، خاص طور تي ڪھاڻين ۽ شاعري کي پڙهندو رهيس ۽ ايئن وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
سو، اهڙي طرح مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ جن شخصيتن اتساهيو ۽ همٿايو، انھن ۾ غلام نبي سومرو بہ شامل آهي. ڪڏهن اخبار يا رسالي ۾ منھنجو ڪچو ڦِڪو ليک پڙهي ها تہ مونکي فون ڪري شاباسون ڏي ها. ڌيمي لھجي ۾ ڳالھائيندڙ هن انتھائي اونھي شخص کي مون ڪنھن جي گِلا ڪندي نہ ڏٺو. ننڍي چڱائي کي بہ ساراهيندڙ ۽ همٿائيندڙ. اهڙا ماڻھو اڄڪلھہ ڳولي نٿا لڀن. غلام نبي سومري صاحب ماهوار همسري رسالي ۾ جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو تہ رسالي ۾ ادبي ٽچ وڌيڪ محسوس ٿيڻ شروع ٿيو. مونکي رسالي ۾ لکڻ لاءِ هميشہ همٿائيندو رهيو. اهڙي طرح ”ڊائري جا ورق“ سلسلي هيٺ مون ٻن سالن تائين مستقل طور تي هر مھيني لکيو. بيحد سنجيدہ ۽ ماٺيڻو غلام نبي سومرو انتھائي گهڻ پڙهيو ماڻھو آهي. هن عالمي ادب جو بہ شاندار مطالعو ڪيو آهي. فلم هُجي، موسيقي هُجي، ادب هُجي، آرٽ هُجي، حُسن هُجي، رومانس هُجي... مطلب ڪو بہ نفيس موضوع هُجي تہ پوءِ بس غلام نبي صاحب ڳالھائي ۽ کيس خاموش ٿي ٻُڌجي.
جنھن سندس ڪھاڻيون ٻانھن کان ٻانھن تائين، فوٽوگراف، چاندني جو بدن، فرار، ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار پڙهيون هونديون، اُن کي اندازو هوندو تہ هي ڪيڏو نہ باڪمال ڪھاڻيڪار آهي. 2017ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن پاران سندس 17 ڪھاڻين جو مجموعو ”ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار“ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو ڪھاڻين سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
جيتوڻيڪ گهڻو وقت ڪنڊائتو رهڻ، خاموشي سان پنھنجو ڪم ڪرڻ باوجود هاڻي هي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ادبي پروگرام ۾ ڪنھن ڪنڊ ۾ ويٺل نظر ايندو آهي. اسٽيجن، تقريرن، صدارتن، اجرڪن، ايوارڊن ۽ انعامن جي ڇڪتاڻ کان پري هن هميشہ سُٺيون ڪھاڻيون لکڻ، سُٺو ادب پڙهڻ، ڪتابن سان پيار ڪرڻ ۽ سُٺيون فلمون ڏسڻ کي ئي ترجيح ڏني آهي. شال سندس اِهي شوق سدائين قائم دائم رهن.

(10آڪٽوبر 2023ع)

پنھنجو پاڻ کي ڳوليندڙ شخص ابوبڪر شيخ

اڄ اُن شخص جو جنم ڏينھن آهي، جنھن کي جڏهن بہ ڏسندو آهيان تہ، پنھنجي اِها خواهش پوري ٿيندي محسوس ٿيندي آهي تہ، پين، ڪتاب، نوٽ بوڪ ۽ ڪيئمرا کڻي ڪنھن اڻ ڏٺل ماڳ ڏانھن نڪري وڃجي. ڇو تہ هن شخص جي ڪرت ئي اِها آهي تہ، ڪيئمرا ذريعي سنڌ جي تاريخ کي نہ رڳو تصويرن جي صورت ۾ محفوظ ڪري ٿو پر انھي تصويرن تي خوبصورت تاريخي ۽ تحقيقي ليک بہ لکندو رهي ٿو. مون کي ائين بہ لڳندو آهي تہ، هي انھي سموري سفر دوران پنھنجو پاڻ کي ڳوليندو رهي ٿو ۽ اِهو سفر ”ڳوليان ڳوليان مَ لھان...“ وانگر ئي آهي. ڪيئمرا تہ اڄڪلھہ هر ڪنھن وٽ آهي پر هر ڪنھن وٽ اِها اک ناهي، جنھن ذريعي هُو انھي منظر ۾ موجود درد، خوشي، اداسي، مايوسي، تڙپ سميت هر احساس کي محسوس ڪري سگهي پر اسان جو هي دوست محترم ابوبڪر شيخ صاحب اِهي سڀئي احساس رکي ٿو.
ابوبڪر شيخ صاحب مون کي هنن ڳالھين جي ڪري بہ وڻندو آهي تہ هي پنھنجي مزاج ۾ سنجيدہ ۽ خاموش رهندڙ، ڪتابن، آرٽ فلمن ۽ موسيقي جو عاشق آهي. جڏهن بہ ساڻس ملاقات ٿيندي آهي تہ پيار ۽ پنھنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. هونئن بہ ڪتابن جو عاشق پيار ئي آڇي سگهي ٿو. هي اُنھن سڀني ادب جي نالي ۾ ٿيندڙ پروگرامن کان بلڪل پري هوندو آهي، جن ۾ هر ڀيري اسٽيج تي ساڳيا ماڻھو ويٺل هوندا آهن ۽ هر موضوع تي سندن حوال بہ ساڳيا ئي هوندا آهن. هي انھي سڀني ڳالھين ۾ وقت وڃائڻ بدران خاموشي سان پنھنجو ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
ابوبڪر شيخ صاحب تاريخ ۽ ماحوليات تي مستقل طور لکندو رهندو آهي. سندس ليک ڊان جي ويب سائيٽ تي اردو ۾ تصويرن سان اپلوڊ ٿيندا رهندا آهن. انھي سان گڏ سنڌي ۾ بہ افيئر مئگزين سميت ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهندا آهن. ”نگري نگري پھرا مسافر“ سميت سائين جا چار ڪتاب بہ شايع ٿيل آهن. اميد تہ اڳتي سندن ٻيا بہ ڪتاب شايع ٿيندا رهندا ۽ پاڻ ائين ئي علم ۽ ادب جي خدمت ڪندا رهندا.

(13جون 2020ع)

وڙائتو انسان - غفار کوسو

غفار کوسو اُهو وڙائتو انسان آهي، جنھن جي شخصيت تي اسان کي ضرور لکڻ گهُرجي. مون کي صحيح طرح تہ ياد ناهي پر منھنجي خيال ۾ منھنجي غفار صاحب سان پھرين ملاقات سندن اوطاق تي ٿي هُئي، جتي پاڻ هر آچر تي نوجوانن سان هڪ گڏجاڻي جو بندوبست ڪندا هُئا. جنھن ۾ نوجوانن جون ڳالھيون بہ ٻُڌندا هُئا ۽ سندن تربيت بہ ڪندا هُئا پر مون کي انھن گڏجاڻين ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ سُٺي ڳالھہ لڳي هُئي، سا اِها هُئي تہ، هر هفتي هر نوجوان کي ڪو نہ ڪو پنھنجي پسند جو ڪتاب يا ان جو ڪجهہ حصو پڙهي اچڻو هوندو هو ۽ اُن تي اُن نوجوان کي پنج ڇھہ منٽ ڳالھائڻو هوندو هو تہ، هن انھي ڪتاب مان ڇا حاصل ڪيو؟ سو، اهڙي طرح منھنجي غفار صاحب سان نيازمندي ٿي. انھي کان پوءِ ساڻن ڪچھري ڪرڻ لاءِ سندن آفيس بہ هليو ويندو هُئس. هونئن تہ عام طور تي مون ۾ ماڻھن سان ملڻ، ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪچھريون ڪرڻ جي عادت ناهي يا دل نٿي چوي. بھرحال غفار صاحب ڏانھن دل ئي وٺي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن گهڻا ڏينھن ٿي ويندا آهن تہ پاڻ بہ فون ڪري چوندو آهي تہ، سرمد گهڻا ڏينھن ٿي ويا آهن، ڪچھري ٿيڻ گهرجي.
غفار صاحب سان ڪچھري مون کي اُن ڪري بہ وڻندي آهي جو اُن ۾ ڪتابن ۽ پڙهڻ لکڻ جو ذڪر ئي هوندو آهي. پاڻ نوڪري جي لحاظ کان آفيسر آهي پر مون هن شخص ۾ آفيسري واري آڪڙ ڪڏهن بہ ناهي ڏٺي. نہ تہ وڏن عھدن تي ويھڻ وارا عھدي کان اڳ ٻين کي وڏا انسانيت ۽ انقلاب جا درس ڏيندا آهن پر جڏهن ڪنھن ڪُرسي تي ويھندا آهن تہ سندن هاضمو خراب ٿي پوندو آهي ۽ دنيا کي پنھنجي اصليت ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن. پر غفار صاحب انھن سمورين ڳالھين کان پري آهي، اُن ڪري تہ هن جي آفيس ۾ وڃڻ، ويھڻ ۽ ساڻن گڏجي چانھہ پيئڻ تي دل چوندي آهي.
غفار صاحب جنھن شعبي ۾ نوڪري ڪري ٿو، اُن جو واسطو اين جي اوز وارن سان بہ هوندو آهي. پر سائين اُنھن کي سُٺي نموني ڊيل ڪري ويندو آهي. باقي نہ تہ اين جي اوز جتي هن سماج کي تباھہ ڪيو آهي، اُتي هن سماج جي ڪجهہ چڱن ماڻھن کي بہ ڪم جو ناهي ڇڏيو. پر مون غفار صاحب کي انھن اين جي اوز وارن جون هوائي ڳالھيون ۽ رڳو پروجيڪٽ وٺڻ واري لوڙ کي بہ وڏي صبر سان ٻُڌندي ۽ برداشت ڪندي ڏٺو آهي.
غفار صاحب مون کي اُن ڪري بہ وڻندو آهي جو پاڻ مستقل مطالعو ڪرڻ وارو ماڻھو آهي. لکڻ جو انداز بہ ڏاڍو ڀلو اٿس. ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪو ليک اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ بہ ملندو آهي. سياست بہ سندن دلچسپ موضوع آهي. جڏهن سماجيات ۽ سياست تي ڳالھيندا آهن تہ اسان پارن کي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملندو آهي. سو، آئون بہ سندن حاضري ڀرڻ ايتري لاءِ ئي ويندو آهيان جو ڪجهہ نہ ڪجهہ سِکي پنھنجي تربيت پاڻ ڪري سگهان.
غفار صاحب جي شخصيت جو هڪ شاندار پاسو هي بہ آهي تہ پاڻ سامھون واري کي ڳالھائڻ جو ڀرپور موقعو ڏيندا آهن ۽ انھي جي ڳالھہ کي وڏي ڌيان سان ٻُڌندا آهن. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اها ڳالھہ تمام ٿورن ماڻھن ۾ ڏٺي آهي. نہ تہ اسان وٽ عام طور تي هر ماڻھو پاڻ کي عقل ڪل سمجهندو آهي ۽ هر ڪم جو ڪريڊٽ پاڻ کڻندو آهي. اڪثر ماڻھن جو انھي ڳالھہ تي بہ زور هوندو آهي تہ ماڻھو رڳو سندن ڳالھہ ٻُڌن. سو، مون کي اِها ون وي ٽريفڪ بہ ناهي وڻندي. ڪوشش هوندي اٿم تہ، اهڙن کان پاسو ڪريان ۽ ساڻن ڪو بہ بحث نہ ڪريان. خير بحث تہ ڇا پر ڳالھيان بہ نہ.
غفار صاحب پنھنجيون يادگيريون بہ لکندو رهندو آهي. منھنجي دل چوندي آهي تہ ان قسم جي دوستن کي پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ گهرجي، جيڪا ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساھہ جو سبب هوندي. ڇو تہ هي ئي اُهي ماڻھو آهن، جن پنھنجي ننڍپڻ ۾ غريباڻي حال تي محنتون ۽ مزدوريون ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ آفيسر بہ ٿي ويا.

(14 مارچ 2020ع)

مُحبتون ورهائيندڙ هڪ بيمثال شخص انور ابڙو!

هر روز ڪيترائي ماڻھو جنم وٺن ٿا، اُنھن سڀني ماڻھن جي پنھنجي پنھنجي خوشبوءِ آهي. پر ڪي ماڻھو اهڙا هوندا آهن، جن لاءِ ڀٽائيءَ سائين چيو آهي تہ، ”ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ اچي بُوءِ بھار جي.“ انھن بھار جهڙن ماڻھن ۾ اسان جي مان واري سائين انور ابڙي صاحب جو بہ شمار ٿئي ٿو، جِن جو اڄ جنم ڏينھن آهي. اڄ منھنجي دل چيو تہ، روايتي طور تي ”جنم ڏينھن جون واڌايون سائين“ لکڻ بدران سائين کي دل مان نڪرندڙ لفظن جي ڀيٽا ڏجي.
انور ابڙو صاحب تہ ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي پر منھنجي سائين سان جيڪا نيازمندي آهي، اُن بابت ڪجهہ لکان ٿو. اِها 14 فيبروري 2010ع جي ڳالھہ آهي، مون ڪاوش مئگزين جو محبتن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان خاص شمارو پئي پڙهيو. اُن شماري ۾ ”نوران“ نالي هڪ ڪھاڻي ڇپيل هُئي، مون جڏهن اِها ڪھاڻي پڙهي تہ، اُن ڪھاڻي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ مان اُن ڪھاڻي ۾ گُم ٿي وِيس. اُن ڪھاڻي جو ڪھاڻيڪار هو انور ابڙو. اُن ڏينھن کان، مان انور ابڙي جا مختلف ليک پڙهندو رهيس. جڏهن تہ اِها خبر نہ هُئي تہ انور ابڙو ڪير آهي، پر سائين جي لکڻين کان متاثر ٿي، انور ابڙي صاحب لاءِ دل ۾ عزت ۽ احترام پيدا ٿيو.
وري سَتن سالن کان پوءِ 2017ع ۾، مان حيدرآباد پريس ڪلب واري بڪ اسٽال تي مختلف ڪتاب ڏسي رهيو هُئس. اوچتو منھنجي نظر هڪ ڪتاب تي پئي، جنھن جو نالو هو ”پھرين جنوري.“ مون ڪتاب هٿ ۾ کڻي ڪجهہ پنا اٿلائي، وري رکي ڇڏيو ۽ اڳتي ٻين ڪتابن ڏانھن هليو ويس. ڪجهہ ڪتاب خريد ڪري هاڻي واپس وڃڻ وارو هُئس تہ، دل ڇِڪي کاڌي، وري واپس وڃي ”پھرين جنوري“ کنيم ۽ خريد ڪيم. جيڪو ڪھاڻين جو خوبصورت مجموعو هو، جنھن جو ڪھاڻيڪار هو انور ابڙو. حقيقت اها بہ آهي تہ، هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون ۾ ٻيا ڪھاڻين جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
ساڳي سال مون انور ابڙي صاحب جو ناول ”هڪ مھمان ڇوڪري“ بہ پڙهيو، جيڪو هڪ بھترين رومانٽڪ ناول آهي. اُن ناول پڙهڻ کان پوءِ سائين سان فيس بڪ تي دوستي ٿي، اُتي مون ناول جي حوالي سان بہ سائين کي پنھنجي راءِ ڏني هُئي.
اُن کانپوءِ فيس بڪ تي سائين جا مختلف ليک پڙهي، سندن ٻولي، لَھجو ۽ شخصيت جو سڀاءُ، دل ۾ گهر ڪري ويو. انھي سالن دوران مون سائين جي ڪالمن ۽ مضمونن جو شاندار ڪتاب ”اڌ صدي جو اوجاڳو“ بہ پڙهيو. اُن ڪتاب کي 2016ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سماجيات جي موضوع تي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ بہ مليو.
اُن کان پوءِ مون انور صاحب جو ڪتاب ”قلم جا وارث“ پڙهيو، جنھن ۾ سائين 50 مختلف علمي ادبي شخصيتن تي ڏاڍا شاندار مضمون لکيا آهن.
انور صاحب اُنھن تمام ٿورن ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي ٻارن لاءِ بہ شاندار ڪھاڻيون، مضمون ۽ ناول لکن ٿا. مون جڏهن ناول ”ننڍڙو چنڊ“ پڙهيو تہ، اُن مان اِهو محسوس ڪيم تہ، انور صاحب ٻارن سان ڪيڏو پيار ڪري ٿو ۽ پنھنجي مزاج ۾ ڪيڏو نہ حساس ۽ نفيس آهي. سائين جا ٻارن لاءِ لکيل ٻيا بہ ڪافي ڪتاب آهن پر اُنھن مان، مون. ڪتاب ”عني ۽ مائو جون ڪھاڻيون“ ۽ ”چوڌاري چمڪاٽ“ پڙهيا آهن. انور صاحب جو ڪتاب ”ايڪيھين صدي جو ادب“ بہ شايع ٿيو آهي، جنھن ۾ مختلف ڪتابن تي لکيل تبصرا، نوٽ ۽ ڪتابن تي لکيل مھاڳ شامل آهن. مون سائين جي ذڪر ڪيل سمورن ڪتابن تي
تبصرا بہ لکيا آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا.
مون جڏهن پنھنجي ڪتاب آڻڻ جو سوچيو تہ، ڪتاب جي مھاڳ لکڻ لاءِ منھنجي ذهن ۾ سڀني کان پھرين جيڪو نالو آيو، سو هو انور ابڙو. جڏهن سائين سان اِهو ذڪر ڪيم تہ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ منھنجي همٿ افزائي بہ ڪيائون. پوءِ سائين منھنجي ڪتاب ”تِنين کي تعليم جي“ تي ڏاڍو شاندار مھاڳ لکي ڏنو.
سائين سان منھنجي روبرو ڪا بہ ملاقات ناهي، فون تي ٻہ ٽي ڀيرا ڳالھايو آهي، يا وري فيس بڪ تي جڏهن بہ رابطو ٿيو آهي، اُن مان بہ سائين ڏاڍو پيار ۽ خلوص ڏيندڙ ٻاجهارو انسان ئي محسوس ٿيو. انور ابڙي جھڙا پيارا ماڻھو، قومن جو وڏو سرمايو آهن.
انور ابڙو صاحب اُها شخصيت آهي، جنھن کي ڏسي ماڻھو پنھنجي تربيت پاڻ ڪندو رهي ٿو. اهڙيون ئي شخصيتون زندگي جي مختلف حالتن ۾ پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري، اسان جهڙن ماڻھن کي گهڻو ڪجهہ سيکاري وينديون آهن.

(01 جنوري 2020ع)

بيحد پيارو ماڻھو محترم سائين هريش ڪمار

اسان جي سماج ۾ پڙهائڻ جي پيشي سان لاڳاپيل تہ انيڪ ماڻھو آهن پر اُنھن ۾ حقيقي استاد تمام ٿورڙا آهن. جيڪي نصابي سرگرمين سان گڏ پنھنجي شاگردن لاءِ مسلسل تربيت، اتساھہ، حوصلي ۽ شفقت جو سبب هجن. انسان جي زندگيءَ ۾ هر رشتي جي وڏي اهميت هوندي آهي. جيڪڏهن انھن سمورن رشتن ۾ اوهان کي پنھنجائپ ۽ پاٻوھہ وارا انسان ملن ٿا تہ، اِهو انسان جو ڀاڳ آهي!
وري اُنھن سمورن رشتن ۾ جيڪڏهن انسان کي سُٺا استاد نصيب ٿين ٿا تہ، اِها ڳالھہ وڏي اهميت واري آهي. بلڪل اهڙو ئي هڪ شفيق، پيارو ۽ شاندار استاد سائين محترم هريش ڪمار صاحب ڪيترن ئي ٻين شاگردن سان گڏ منھنجي بہ نصيب ۾ آيو. سال2001ع ۾ اسان جي ڏهين ڪلاس ۾، گورنمينٽ هاء اسڪول راڄوخاناڻي ۾ سائين اسان جو استاد رهيو. سائين اسان کي رياضي جو مضمون پڙهائيندو هو. جيتوڻيڪ مون کي رياضي گهٽ سمجهہ ۾ ايندي هُئي. اُن ڪري رياضي جا استاد بہ نہ وڻندا هُئم ۽ سخت مزاج بہ لڳندا هئا پر سائين هريش ڪمار اُهو واحد ۽ پھريون استاد آهي، جيڪو رياضي پڙهائي ٿو ۽ مون کي وڻي ٿو ۽ سخت مزاج بہ ناهي. سائين، اسان کي انتھائي پيار سان پڙهائيندو هو. سائين اِهو بخوبي ڄاڻيندو هو تہ، نصابي معلومات شاگردن تائين سُهڻي ۽ پُر اثر انداز ۾ ڪيئن پُھچائجي. اڄ جڏهن آئون پاڻ شاگردن کي پڙهايان ٿو تہ، ڪوشش ڪريان تہ، آئون بہ سائين وانگر پنھنجي شاگردن جو هر دلعزيز ۽ شفيق استاد ثابت ٿي سگهان.
سائين، اڄ بہ ساڳي جذبي سان ڪلاس وٺي ٿو، پنھنجي شاگردن جي رهنمائي ڪري ٿو، پنھنجي اسڪول کي پنھنجو سمجهي ٿو، انھيءَ ڪري اسڪول جي ۽ شاگردن جي هر ممڪن ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ٿو. سائين مون کي هميشہ پنھنجي ننڍي ڀاءُ ۽ اولاد وانگر پيار ۽ عزت ڏيندو آهي ۽ آئون بہ سائين جي پنھنجي والدين ۽ وڏڙن وانگر تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن سائين وٽ ويٺو هُئس ۽ ڪچھري کانپوءِ وڃڻ جي اجازت ورتم تہ، سائين اِهو ئي چيو تہ، يار ويھو ڪچھري ڪريون. ماني گڏجي کائون. هر روز تہ نٿا ملون. اِتي اِهو بہ محسوس ڪيم تہ، واقعي وقت محدود آهي. اسان جا ڪيترائي رشتا، ناتا، دوستيون ۽ وابستگيون آهن، جيڪي رڳو ڪجهہ وقت ئي تہ گُهرن ٿيون پر افسوس اسان اِهو وقت ناهيون ڏئي سگهندا. اِهي ئي ساعتون هونديون آهن، جن ۾ اسان جھڙا فقير پوري زندگيءَ گذاري وٺندا آهن.

(07 سيپٽمبر 2020ع)

سنڌ جو اُتساهيندڙ ڪردار سانئڻ زاهدہ ابڙو

”هڪ ادبي پروگرام ۾ شامل مھمانن کي مون همسري رسالي جي تازي شماري جون ڪجهہ ڪاپيون پڙهڻ لاءِ ڏنيون. جڏهن پروگرام ختم ٿيو تہ، مون ڏٺو ڪجهہ مھمان رسالي جون ڪاپيون اُتي ئي رکي ويا يا وري وساري ويا آهن. مون کي ڏاڍو ڏک بہ ٿيو ۽ مون اُهي ڪاپيون واپس کنيون، ڪاپيون واپس کڻندي اهو عزم ڪيم تہ، هڪ ڏينھن توهان انھي رسالي کي مارڪيٽ مان ضرور خريد ڪندا. “ هڪ ٽي وي انٽرويو دوران اِهي لفظ هئا، محترمہ زاهدہ ابڙو صاحبہ جا، جن جو اڄ جنم ڏينھن آهي.
سندن اِهو جملو وڏو معني خيز ۽ اتساهيندڙ آهي. ميڊم زاهدہ ابڙو پنھنجي مسلسل محنت ۽ جذبي سان انھي جملي کي سچ ثابت ڪري ڏسيو آهي. سندس ئي ڪاوشن جي ڪري گذريل ڪجهہ سالن کان همسري رسالي جو سنڌي جي تمام سُٺن رسالن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. همسري هن وقت اُهو رسالو بڻجي چُڪو آهي، جنھن جو پڙهندڙ بي صبري سان انتظار ڪندا آهن. يقينن اڄ جي دور ۾ پابندي سان رسالو ڪڍڻ، اُن کي معياري بڻائڻ ۽ اُن جا پڙهندڙ پيدا ڪرڻ تمام وڏي ڳالھہ آهي.
رسالي کي پڙهڻ سان مون کي تہ رسالي آڻڻ جا هي objectives لڳن ٿا. جن کي هن وقت همسري حاصل ڪري رهيو آهي.
* هڪ اهڙو رسالو جيڪو پڙهندڙن جو آواز ۽ انھن جي دل جي ڳالھہ محسوس ٿئي.
* پنھنجي ٻولي، قوم ۽ وطن سان پيار، جنھن جو عملي ثبوت همسري آهي.
* نوان لکندڙ ۽ پڙهندڙ پيدا ڪندڙ رسالو.
* گهڻ پاسائون رسالو، جنھن ۾ ڪرنٽ افيئرس کان ويندي شاعري ۽ ناول بہ شامل هُجن.
* رسالي کي وقت سر آڻڻ.
* نوجوانن کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ اتساهڻ، ان سان گڏ کين مڃتا ڏيڻ.
انھي کان سواءِ بہ ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا پر مون کي همسري ۾ اِهي سموريون ڳالھيون نراليون لڳيون آهن.
هر مھيني جي شروع وارين پنجن تاريخن جي اندر پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچندو آهي. رسالي ۾ سياست، ادب، سفرنامو، ناول، ڪھاڻيون، شاعري، انٽرويو، ڪتابن تي تبصرا، پروفائل، آرٽ ۽ سماجي ۽ تعليمي سرگرمين جون رپورٽس بہ شامل هونديون آهن. اُهي ڪري هي رسالو گهڻن پڙهندڙن ۽ هر ذوق جي پڙهندڙ کي پنھنجي طرف ڇِڪي ٿو. انھن سڀني ڳالھين جو ڪريڊٽ ميڊم زاهدہ ڏانھن وڃي ٿو.
همسري ۾ مون بہ ڪافي مضمون لکيا آهن. اُهي بہ ميڊم جي اتساھہ ڏيارڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ جي ڪري ئي لکي سگهيس. مون کان ڪڏهن لکڻ ۾ سُستي ٿيندي آهي تہ، ميڊم جو ميسيج ايندو آهي تہ، سرمد توهان لکو ڇو نہ پيا؟ آئون، وري جواب ۾ کين اِهو ئي چوندو آهيان تہ، ميڊم هاڻي لکبو. ۽ پوءِ واقعي بہ لکي ويندو آهيان. جيڪڏهن ميڊم attention نہ ڏياري تہ شايد اِهو بہ نہ لکي سگهان.
مون پنھنجي زندگي ۾ تمام ٿورا اهڙا ماڻھو ڏٺا آهن، جيڪي نوجوانن کي همٿائين، انھن جي ننڍين ڪوششن تي کين ساراهين، سندن قابليت کي کُلي دل سان قبول ڪن ۽ نہ رڳو قبول ڪن پر اُن کي acknowledge بہ ڪن. پر ميڊم انھن سڀني ڳالھين ۾ اڳيان هوندي آهي.
همسري ۾ سندس پاران مختلف اشوز تي لکيل ايڊيٽوريل ۽ مختلف شخصيتن جا انٽرويوز تہ تاريخي ۽ ڪمال جا آهن. خاص طور تي يونيورسٽي جي وائس چانسلرز جا انٽرويو تہ شاندار هئا. جن کي
پڙهڻ سان نوجوانن کي رهنمائي ملي ٿي.
ميڊم، پنھنجي سڀاءُ ۾ graceful، عزت ۽ پيار ڏيندڙ هستي، جيڪا پنھنجي شخصيت سان ٻين ماڻھن جي تربيت ڪرڻ جو هنر تمام سهُڻي نموني ڄاڻي ٿي.
ميڊم پاران پنھنجي ٻولي لاءِ ڪيل هي ڪاوشون ڏسي، اِهو يقين ٿيندو اٿم تہ، ماڻھو وٽ جيڪڏهن مسلسل محنت ڪرڻ جو جذبو آهي تہ پوءِ اُهو ماڻھو ڪو بہ ڏکيو ڪم، آساني سان ڪري سگهي ٿو.

(02 جنوري 2020ع)

دلبر دوست - ياسر قاضي

ڪجهہ سال اڳ، هڪ ڏينھن فيس بڪ تي ياسر، سندس ٻارن لاءِ شاعري واري ڪتاب ”اُٺ ماما گُوگڙو“ بابت تصوير سان گڏ لکيو تہ، اِهو ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي. ٻين دوستن وانگر مون بہ کيس مبارڪون ڏنيون. مان، ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جو شوق رکان ٿو ۽ مون هن وقت تائين ڪنھن بہ دوست کي اِهو ناهي چيو تہ، مون کي پنھنجو ڪتاب تحفي طور موڪلي ڏيو، پر اُن ڏينھن خبر ناهي ڇو ياسر سان اها حجت ڪيم تہ، ادا ڪتاب پڙهائجو. ياسر بہ اُن ڪمينٽ جي جواب ۾ لکيو تہ، ضرور ادا!
اِن ڳالھہ کي ڪجهہ ڏينھن ٿي ويا، منھنجي ذهن تان بہ ڳالھہ لھي وئي. هڪ ڏينھن ياسر ميسيج ڪيو تہ، ادا، ايڊريس موڪليو تہ جيئن توهان کي ڪتاب موڪليان. مون کيس ايڊريس موڪلي. اُن کانپوءِ اسان جي وچ ۾ هڪ اِهڙي رشتي جنم ورتو، جو اسان ڀائر بہ آهيون تہ هم خيال دوست بہ آهيون. جڏهن بہ ساڻس رابطو ٿيو، جواب ۾ پيار ئي مليو آهي. ڪڏهن ڪڏهن منھنجي ڪنھن لکڻي تي اصلاحي تنقيد ڪندو آهي تہ، مون کي رهنمائي بہ ملندي آهي تہ بيحد خوشي بہ ٿيندي آهي.
سندس ادبي ڪم بہ گهڻ پاسائون آهي پر مون کي سندس ٻاراڻي ادب تي ڪيل ڪم ۽ مختلف شاهڪار لکڻين ۽ شاعري جي ترجمي وارو ڪم وڌيڪ اهم ۽ شاندار لڳندو آهي. اُن جو ثبوت ٻارن لاءِ شاعري جا سندس ٽي ڪتاب ۽ فيس بڪ تي رکيل مختلف ترجما آهن.
ياسر جو آواز، مون پھريون ڀيرو ايف ايم ريڊيو جي مشھور پروگرام ”گيت غزل ٽائيم“ ۾ ٻُڌو هو ۽ ڪي ٽي اين جي شروع واري ڏينھن ۾ کيس مختلف پروگرام ڪندي پھريون ڀيرو ڏٺو هئم. اُنھن پروگرامن ۾ ”پروڙ“ نالي پروگرام مون کي ڏاڍو وڻندو هو. جنھن ۾ مختلف مھمان ڳجهارت واري انداز ۾ قلندر شاھہ لڪياري صاحب، نواز علي شوق صاحب ۽ مقصود گل صاحب کان سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪان، اديب، شاعر وغيرہ جي باري ۾ سوال پُڇندا هئا ۽ اُن کان پوءِ ”اِٽس آر شو“ پروگرام، جنھن ۾ جمعي جي ڏينھن تي سلسلو هوندو هو شاعري اسپيشل. اُن جي ميزباني بہ ياسر ڪمال جي ڪندو هو. اُن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن پي ٽي وي تي ڪنھن ڊاڪيومينٽري ۾ کيس ڏسبو هو يا وري ٻُڌبو هو. ڪي ٽي اين نيوز تي ويجهڙائي ۾ سندس پروگرام ”اسپاٽ لائيٽ“ بہ ڏاڍو شاندار پروگرام هو. جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شخصيتن کان انٽرويو ورتل آهن.
ياسر، هاٽ ايف ايم 105 تي بہ يادگار پروگرام ڏِنا، جنھن ۾ مون کي سڀني کان وڌيڪ ”مڌر يادين“ پروگرام وڻندو هو. جنھن ۾ ميسيجز جي ذريعي، اسان جي ڪچھري بہ ٿيندي رهندي هئي. خاص طور تي ڪشور ڪمار جي گانن جي ڪيل سندس چونڊ ڪمال جي هوندي هُئي. ڪشور ڪمار منھنجي بہ پسند جو آرٽسٽ آهي. سو، ياسر جيڪي گانا هلائيندو هو، اُن مان اِها پڪ ٿيندي هئي تہ، ياسر، ڪشور جو عاشق آهي. اُن کان سواءِ سندس مختلف ٽرينگز، ورڪشاپس، پريزنٽيشنز ۽ پروگرامن جي ڪمپيئرنگ وارو پاسو بہ وسيع آهي. جيتوڻيڪ ياسر جو تعلق سنڌ جي اُن عظيم گهراڻي سان آهي، جنھن جو ڪم ئي علم، ادب ۽ آرٽ جو ڦھلاءُ آهي، پر پوءِ بہ ياسر پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. جيڪو يقينن سندس بيشمار صلاحيتن جي ڪري آهي.
ياسر منھنجو دلبر دوست ۽ وڏو ڀاءُ تہ آهي پر آئون کيس پنھنجو استاد سمجهندو آهيان. ڇو تہ هِن هميشہ منھنجي رهنمائي ڪئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ تي سختي ڪندو آهي تہ مونکي اُن ۾ بہ سندس پيار ئي نظر ايندو آهي. هن، منھنجي ٻئي ڪتاب ”سڙيا مٿي سچ“ جو نہ رڳو مھاڳ پيار سان لکي ڏنو پر ڪتاب ۾ موجود هر ليک کي پيار سان پڙهي، اُن ۾ ممڪن سڌارا بہ ڪيا. اڄ جي دؤر ۾ پنھنجي مصروف وقت مان، وقت ڪڍي ڪنھن لاءِ ڪو پورهيو ڪرڻ ئي عظمت
جي نشاني آهي.
مونکي عوامي آواز سميت ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ لاءِ بہ هميشہ اتساهيندو رهندو آهي. منھنجي لکڻين جي ڪچاين ۽ سُٺاين کان بہ آگاھہ ڪندو رهندو آهي.

(22 آڪٽوبر 2020ع)

مٺل سائين جنم ڏينھن جون واڌايون!

15 جنوري جو ڏينھن، محترم سائين مٺل جسڪاڻي جو جنم ڏينھن آهي. اِها خبر فيس بڪ تي مختلف دوستن جي پوسٽن مان پئي پر فيس بڪ خود نہ ٻُڌايو، اُن ڪري جو سائين سندس ڄمڻ جي تاريخ اُتي ناهي لکي يا وري ٻين کان لِڪائي رکي آهي. ٻين دوستن کي ڪيئن خبر پئي سان کين خبر....!
اِهو گهڻي وقت کان ٻُڌندا اچون تہ، ماڻھو جي شخصيت تي سندس نالي جو اثر ٿيندو آهي. ڪجهہ مثالن ۾ تہ قصو ئي اُبتو آهي پر مٺل جھڙن ماڻھن کي ڏسي، اِها ڳالھہ ڪنھن حد تائين درست بہ لڳي ٿي. سو جھڙو نالو اٿس، اِهڙو ئي مٺل آهي. مون کي هن وقت تائين ٻہ مٺل مليا آهن. هڪ مٺل حيدري ۽ ٻيو مٺل جسڪاڻي، ٻنھي جون شخصيتون هڪٻئي کان بلڪل مختلف، نراليون ۽ منفرد آهن. سو اِهي ٻئي مٺل اسان کي مِٺا آهن.
اڄ ڳالھہ پيا ڪريون مٺل جسڪاڻي جي، سو مٺل حيدري بابت وري ٻئي ڀيري لکبو. مٺل جسڪاڻي صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات فيس بڪ تي ئي ٿي، ڪڏهن ٿي سا خبر ناهي. اُن کان پوءِ اسان جون روبرو ٽي ملاقاتون ٿيون آهن. اِهي ملاقاتون مختصر هيون پر پوءِ بہ سائين جي شخصيت پياري لڳي. انھن ملاقاتن دوران سائين وڏي پيار ۽ پنھنجائپ سان مليو. سائين جي ڪجهہ نيازمندن سان منھنجي بہ واقفيت آهي، سو اُنھن پاران بہ سائين جو ذڪر خير ٻُڌو آهي.
سائين جي علمي ادبي ڪم تي نظر وجهبي تہ، اُهو بہ منفرد آهي. مون کي تہ سائين جو فيس بڪ تي رکيل روز جو مواد ۽ تصويرون تہ، ڊائري بہ لڳنديون آهن، آتم ڪٿا جو حصو بہ لڳنديون آهن تہ سفرناما بہ لڳنديون آهن. سائين پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد/ يونيورسٽي جو پروفيسر آهي پر هن شخص ۾ ڪا بہ وڏائي ناهي. نہ تہ اڪثر پروفيسر اِهڙا آهن جو توبھہ زاري! روايتي پروفيسرن بجاءِ مٺل جسڪاڻي صاحب هر ڪنھن سان اُن جھڙو آهي. ٻار سان ٻار، وڏن سان وڏو، ڪٿي ٻارن لاءِ وڏو، ڪٿي وڏن لاءِ ننڍو، هاري سان هاري، آبادگار سان آبادگار، اديب سان اديب ۽ عام ماڻھو سان عام ماڻھو! سائين جي شخصيت جي هي بہ حُسناڪي آهي جو پاڻ ڪڏهن بہ پنھنجو پاڻ کي پڏايو نہ اٿن. نہ تہ گهڻا اديب تہ انھيءَ بيماري ۾ ورتل آهن. مون اِهو بہ نوٽ ڪيو آهي تہ، سائين ڪوشش ڪري هر ڪنھن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندو آهي. اڪثر اديب ۽ پروفيسر تہ اسٽيجن جا بُکيا آهن پر سائين انھيءَ بيماري کان بہ بچيل آهي. دعا آهي تہ، سدائين اهڙي قسم جي سمورين بيمارين کان بچيل هُجي.
اسان وٽ اتساھہ ڏيڻ، ساراهڻ، همٿائڻ، حوصلو ڏيڻ جھڙيون روايتون بہ اڻلڀ ٿينديون وڃن پر مٺل جسڪاڻي انھن روايتن کي جيئرو رکيو اچي. اسان جھڙن کي پيو همٿائيندو آهي، جيڪا سندس وڏائي آهي. اِن قسم جا ماڻھو ٻين لاءِ هڪ ڏڍ هوندا آهن، جن مان رڳو محبتون ئي ملن ٿيون. مون ڪجهہ ماڻھن مان اِهو بہ سِکيو آهي تہ، ڏُکن کي سيني ۾ لِڪائي ڪيئن مُسڪرائجي. اُنھن ماڻھن ۾ سائين مٺل جسڪاڻي صاحب بہ آهي. اهڙا بھادر، زندہ دل ۽ زندگي سان ڀرپور ماڻھو تمام ٿورا آهن. آئون فيس بڪ تي ڪڏهن ڪا اُداسي واري ڳالھہ لکندو آهيان تہ، سائين جو اُن تي ڪمينٽ اتساھہ ڏيندڙ ۽ اداسي ختم ڪندڙ هوندو آهي. پوءِ آئون سوچيندو آهيان تہ، سائين صحيح ٿو چوي. سو، سائين جھڙا ماڻھو اسان جھڙن گهڻن ماڻھن جا استاد آهن.
مون سائين جي شخصيت ۾ اِها ڳالھہ بہ نوٽ ڪئي آهي تہ، سائين پنھنجي خاندان جي سمورن ننڍن توڙي وڏن سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو. نہ رڳو پيار ڪري ٿو پر کين مان بہ ڏئي ٿو. اُن جو مثال پنھنجي نوجوانن جي تعليمي ترقي تي سُٺا سُٺا نوٽ لکي کين اتساهيندو ۽ ساراهيندو آهي. اِن طرح سائين جي شخصيت جو اِهو بہ نرالو پاسو آهي.
ڪجهہ مھينا اڳ سائين جو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ ڇپيو هو، سو سائين پيار مان موڪلي ڏنو هو. مون اُن تي رايو لکندي هڪ هنڌ اِهو لکيو هو تہ، اڄ مٺل جي ڪتاب تي ٿا لکون، مٺل جي شخصيت وري ڪنھن ٻئي ڀيري! سو اڄ سائين جي جنم ڏينھن ذريعي اِهو موقعو ملي ويو. انھن لفظن ۽ پُر خلوص جذبن سان سائين مٺل جسڪاڻي صاحب کي جنم ڏينھن جون واڌايون.

(19 جنوري 2021ع)

ناميارو ليکڪ، استاد ۽ ڪھاڻيڪار زيب سنڌي

مونکي ننڍپُڻ کان ريڊيو ٻُڌڻ جو شوق رهيو آهي. 90 واري ڏهاڪي ۾ پنھنجي اسڪولي پڙهائي وارن ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سڳنڌ پروگرام (جيڪو اڃا بہ نشر ٿئي ٿو) نشر ٿيندو هو. اُن وقت اُن ۾ هر هفتي ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي نانءُ سان هڪ سلسلو هلندو هو. جنھن ۾ ڪيترائي ليکڪ پنھنجون لکڻيون موڪليندا هئا. انھن ۾ وڏو تعداد نوَن لکندڙن جو هو. انھيءَ پروگرام جو ميزبان سائين زيب سنڌي هو. اُن وقت سڳنڌ پروگرام جو عروج هو. هر ڏينھن باقاعدہ الڳ ڪو نہ ڪو سلسلو هوندو هو. انھن سڀني سلسلن ۾ مونکي ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ سڀ کان وڌيڪ وڻندو هو. انھيءَ جو وڏو سبب زيب سنڌي صاحب جو خوبصورت آواز، سنجيدہ گفتگو، بھترين موسيقيءَ جي چونڊ ۽ خاص طور تي نوجوان ليکڪن جي لکڻين کي سنواري سڌاري پروگرام ۾ شامل ڪرڻ هئو.
انھيءَ پروگرام ۾ آءٌ مستقل ٻُڌندڙ هُئس پر مون ڪڏهن بہ ڪو خط نہ لکيو ۽ نہ ئي ڪو مواد سلسلي لاءِ موڪليو! ڪافي سال اِهو پروگرام ٻُڌندو رهيس. انھيءَ کانپوءِ مونکي ياد آهي تہ، 2006ع ۾ مون پھريون موبائيل فون خريد ڪيو هو ۽ اُن وقت زيب سنڌي صاحب رات جو ڏهين وڳي هڪ پروگرام ڪندو هو. جنھن ۾ هر هفتي ڪو نہ ڪو موضوع ڏنو ويندو هو ۽ ٻُڌندڙ انھيءَ موضوع بابت پنھنجا مختصر خيال موبائيل نمبر تي ميسيج ڪري موڪليندا هئا. ايئن ئي هڪ ڏينھن ڊسمبر جي سرد رات ۾ هر طرف خاموشي هُئي. آءٌ ريڊيو ٻُڌندي، سائين پاران پروگرام ۾ ٻُڌايل فون نمبر نوٽ ڪريان ٿو ۽ انھيءَ هفتي لاءِ مليل موضوع ”محبوب“ لاءِ پنھنجا خيال پنج ڇھہ لفظن جي صورت ۾ انھيءَ فون نمبر تي موڪليان ٿو. پروگرام ٻُڌندو رهيس پر منھنجو نالو نہ آيو. سوچيم تہ ميسيج نہ پُھتو هوندو. وري ٻئي هفتي موڪليندس. رات جو سمھي پيس، ٻئي ڏينھن صبح جو انھيءَ نمبر تان جواب آيل هو تہ ”توهان جو ميسيج دير سان پُھتو، اڳ پھتل نالا تمام گهڻا هئا، ان ڪري اوهان جو ميسيج نہ شامل ڪري سگهيس. ايندڙ هفتي نئين موضوع تي ميسيج موڪلجو، ضرور شامل ڪندس!“ اُهو ميسيج پڙهي خوشي ٿي تہ، سائين جواب ڏنو. پوءِ ٻئي هفتي مون ميسيج موڪليو، اُهو شامل ٿيو. اهڙي طرح پوءِ سائين جو فون نمبر مون وٽ محفوظ ٿي ويو. انھن ڏينھن ۾ مون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. سائين منھنجون لکڻيون پڙهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ميسيج ڪري ساراهيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن لکڻ جي حوالي سان ڪا ڪارائتي صلاح بہ ڏنو هو. آءٌ، سائين کي فون ڪري سندن ٿورا مڃيندو هُئس.
انھيءَ کانپوءِ اسان وٽ 2008ع کانپوءِ فيس بوڪ آيو هو ۽ انھيءَ وقت ڪجهہ ماڻھن جا ئي اڪائونٽ هئا. هڪ ڏينھن سائين مونکي ميسيج ڪيو هو تہ، فيس بوڪ تي اڪائونٽ ٺاهيو. مون سميت ٻين ليکڪن جا اڪائونٽ بہ فيس بوڪ تي آهن. اُتي اوهان کي سِکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملندو. پوءِ 2010ع ۾ فيس بوڪ تي آيس ۽ سائين سميت ٻين ڪيترن سُٺن دوستن سان شناسي اُتي ٿي. جيڪا هونئن شايد ممڪن نہ هُجي ها! فيس بوڪ تي رابطي ماڻھن کي وڌيڪ ويجهو آندو ۽ هڪٻئي جي مزاج کي سمجهڻ ۾ بہ مدد ملي. فيس بوڪ تي جڏهن بہ پنھنجو ڪو ليک اپلوڊ ڪندو هُئس تہ، زيب سنڌي صاحب اُن تي ضرور ڪمينٽ ڪري، ساراهيندو هو. ڪنھن غلطي جي نشاندہي بہ ڏاڍي پيار سان ڪندو هو.
2015ع ۾ سائين سان سندن لائبريري ۾ سُٺي ڪچھري ٿي هئي ۽ اِها اسان جي روبرو پھرين ۽ اڄ تائين واحد ملاقات آهي. اِها ملاقات بہ ڪجهہ هِن طرح ٿي جو اِن سال پھريون اياز ميلو لڳو هو. انھيءَ ميلي جي آخري ڏينھن تي آءٌ بہ ويو هئس ۽ سوچيو هئم تہ سائين سميت ٻين دوستن سان ملاقات ٿيندي. ڪجهہ ٻيا دوست مليا ۽ اسان گڏجي تصويرون بہ ڪڍرايون پر سائين سان ملاقات نہ ٿي سگهي. ٻئي ڏينھن صبح جو سوچيم تہ، سائين کي فون ڪري اڄ ملاقات ڪريان ٿو، ڪلھہ نہ ملي سگهيس. سو، سائين کي فون ڪيم، تہ سائين دعا سلام کانپوءِ چيو تہ، اوهان مياري آهيو ڪلھہ پروگرام ۾ هُئا بہ سھي ۽ ملاقات بہ نہ ڪَيَوَ. مون چيو تہ سائين اڄ وقت هُجي تہ بندو حاضر ٿئي. سائين چيو: ضرور، هليا اچو. پوءِ سائين سان سندن خوبصورت لائيبرري ۾ ڪچھري ٿي. سائين ڏاڍي پيار ۽ شفقت سان آڌر ڀاءُ ڪيو. موڪلائڻ مھل سائين پنھنجو ڪتاب ”سنڌ جي ڳالھہ“ بہ مون کي ڏنو. جيڪو مختلف ڪالمن جو مجموعو آهي.
گذريل سال پنھنجي ٻئي ڪتاب ”سڙيا مٿي سچ“ تي ڪجهہ لکي ڏيڻ لاءِ سائين کي گذارش ڪيم تہ سائين پيار مان هائوڪار ڪئي ۽ ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو، جيڪو هلندڙ سال اپريل مھيني ۾ شايع ٿيل منھنجي انھيءَ ڪتاب ۾ شامل آهي.
سائين، ڪيترائي سال ڪھاڻين سان گڏ ڪالم ۽ مضمون لکندو رهيو. ڪاوش اخبار ۾ هر هفتي گذريل ڪيترن ئي سالن تائين ”دل جي ڳالھہ“ جي عنوان سان سائين جي ڪالمن جو سلسلو بہ هلندو رهيو هو. جنھن ۾ هلندڙ وقت جي مختلف واقعن ۽ حالتن تي سائين جا ليک شامل هوندا هئا. هن وقت سائين ڪھاڻيون ۽ ناول ئي لکي رهيو آهي.
2018ع ۾ سائين جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”آخري ماڻھو“ شايع ٿيو هو. جنھن تمام گهڻي مشھوري ماڻي آهي. منھنجي خوشنصيبي آهي جو مون انھيءَ ڪتاب تي ڪاوش دنيا مئگزين ۾ ٻہ اکر لکيا هئا. جيڪي اُن وقت شايع ٿيا هئا.
سائين، گذريل سال تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان بہ پروگرام ڪندو رهيو. جنھن کي فيس بوڪ لائيو ذريعي فيس بوڪ تي بہ محفوظ ڪندو ويو. سائين جا ڪيترائي پروگرام فيس بوڪ لائيو ذريعي فيس بوڪ تي محفوظ آهن. جيڪي ٻُڌڻ جھڙا آهن.
سائين پيشي جي لحاظ کان استاد رهيو آهي ۽ مختلف ڪاليجن ۾ سنڌي جي ليڪچرر ۽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. منھنجي جڏهن بہ سائين جي ڪنھن شاگرد سان ملاقات ٿي آهي تہ، اُن هميشہ سائين جو ذڪر پيار ۽ احترام سان ڪيو آهي. انھيءَ مان ظاهر آهي تہ، سائين پنھنجي وقت جو سُٺو استاد بہ رهيو آهي. جنھن ڪيترائي سُٺا شاگرد پيدا ڪيا آهن.
انھيءَ کانسواءِ ٽيليويزن تي مختلف ڊرامن لکڻ وارو ڪم بہ سائين جي ڪريڊٽ تي آهي. انھن ڊرامن ۾ ناليواري اداڪارن ڪم ڪيو آهي.
سائين جي شاعريءَ بہ ڪمال جي آهي. مون ڪافي سال اڳ سندن شاعريءَ امرتا مئگزين ۾ پڙهي هُئي، جيڪا دل چوي ٿي تہ هتي ونڊ ڪريان. سائين هي نظم 1991ع ۾ لکيو هو. جيڪو بيحد مقبول ٿيو هو.

”او سانئڻ...!

جي تون چاهين بيشڪ سانئڻ
آف ڪري ڇڏ سَيل فون کي
فڪسڊ فون جي تارَ ڪڍي ڇڏ
ٽي ويءَ کي ڀي بند ڪري ڇڏ
منھنجي گيتن جي سِي ڊيءَ کي
ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏ
مل نہ ڪڏهن فيس بڪ تي
اِي ميل بہ تبديل ڪري ڇڏ
بُڪ شيلف مان منھنجا سارا
بُڪس کڻي تون
رديءَ واري کي ڏيئي ڇڏ
هاڪر کي اخبارن کان ۽
سڀني رسالن لاءِ جهلي ڇڏ
منھنجا خط پراڻا ڦاڙي
قئنچيءَ سان تصويرون ڪاٽي
پنھنجون سڀئي ڊائريون، جن تي
خوابن جھڙيون رنگ برنگي
جاڳن ٿيون منھنجون ڪوَتائون
ساڙي سڀ ڪجهہ رَکَ ڪري ڇڏ
پنھنجين سڀني سرتين کي تون
منھنجي نانوَ سان چيڙائڻ کان
سختيءَ سان روڪي ڇڏ
اچ نہ ڪنھن بہ فنڪشن ۾ ۽
پنھنجي گذرڻ جا سارا تون
رستا ڀي تبديل ڪري ڇڏ
۽ تون پنھنجا گهر – دروازا
بند ڪري ڇڏ مون تي سارا...
پر ڇا سانئڻ!
روز صبح جو گُم سُم ويھي
ٽيبل تي ڪافي ٺاريندي
پنھنجي دل جي ڪويل کي تون
منھنجي ياد ۾ ڪُوڪڻ کان ڀي
روڪي سگهندينءَ؟
روز شام جو لان ۾ گهرَ جي
بيچينيءَ مان ڪجهہ سوچيندي
ڇڻيل پتن مٿان گُهمندي
پنھنجي سوچ جي طوفانن کي
منھنجي تصور ڏانھن وڌڻ کان
روڪي سگهندينءَ؟
روز رات جو پيھي آيل
پلڪن جي دروازي مان تون
پنھنجي خوابن جي سرحد کان
دور ڌڪي ڪيئن سگهندينءَ مون کي؟
خوابن مان تون ڇرڪي ويھي
پنھنجي چھري جي پاسن کان
ڪارا – ناسي وارَ هٽائي
تن کي پويان ويڙهي سيڙهي
دل جھڙو هڪ جُوڙو ٺاهي
هٿ رکي کاڏيءَ جي هيٺان
پنھنجي ڪمري جي کڙڪيءَ مان
پنھنجين نيرين اکڙين کي تون
چنڊ تَڪڻ کان روڪي سگهندينءَ؟
پنھنجين پنبڻين جي موتين کي
ٽشو پيپر سان ميڙي سگهندينءَ؟
مون کي ڪيئن وساري سگهندينءَ!
مون کي ڪيئن وساري سگهندينءَ!؟“

(07 سيپٽمبر 2020ع)

مٽي جو ڪلاڪار نقاش علواڻي

نقاش علواڻي جي سڃاڻپ جو وڏو حوالو شاعري آهي. اڪثر ماڻھو کيس شاعر طور ئي سڃاڻن. انھي ۾ تہ ڪو شڪ ناهي، تہ واقعي نقاش سُٺو شاعر آهي پر منھنجي خيال ۾ سندس شخصيت جا ٻيا بہ شاندار ۽ وزنائتا پاسا آهن، جيڪي بہ سامھون اچڻ گهرجن. هر ماڻھو، هن شخص کي پنھنجي نگاھہ سان ڏٺو هوندو پر هتي آئون اُن ڳالھين جو ذڪر ڪندس، جيئن مون نقاش کي ڏٺو.
نقاش ماڻھن ۾ شاعر طور تہ مشھور آهي پر آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان تہ نقاش استاد بہ ڪمال جو آهي، نقاش موسيقي ۾ بہ وڏي ڄاڻ رکي ٿو، نقاش ڪيريئر ڪائونسلنگ جو بہ هنر خوب ڄاڻي ٿو، نوجوانن کي اتساهيندڙ ۽ همٿائيندڙ شخصيت بہ آهي، پنھنجي ڪٽنب ۽ ٻارن لاءِ شفيق والد بہ آهي، سُٺو مقرر ۽ ڪمپيئر بہ آهي، سُٺو نقاد بہ آهي. اِهي سڀئي ڳالھيون سندس شاعري واري شناخت ۾ گم ٿي ٿيون وڃن.
مون کي تہ سندس فلسفي گيٽ ايپ بہ وڻندو آهي. جڏهن هو پنھنجي وڏن اڇن وارن کي پويان ورائي، پائيپ ۾ سگريٽ لڳائي، اُن جا ڪش وٺي، آڱرين مان سگريٽ جا ڦُلا ڇاڻيندي ڪنھن بحث ۾ محو هوندو آهي، تڏهن بہ ڏاڍو graceful لڳندو آهي.
منھنجيون ساڻس شام ويلي ڪنھن هوٽل تي چانھہ جي ڪوپ تي طويل ڪچھريون بہ مون کي ڪڏهن نہ وسرنديون. سندس ڪچھرين مان هميشہ ڪو نئون سبق ۽ اتساھہ ملندو آهي ۽ ماڻھو وري چارج ٿي ويندو آهي.
اڄ جا اڪثر اديب جيڏو فيس بڪ پڙهن ٿا ايڏو ٻيو ڪو ڪتاب نٿا پڙهن پر نقاش هڪ گهڻ پڙهيو اديب آهي. جيڪو پڙهي وڌيڪ ۽ لکي گهٽ ٿو پر جڏهن بہ لکي ٿو تہ ڪمال جو ئي لکي ٿو.
نقاش جڏهن سعيد پور ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو، تڏهن اسان ڪڏهن ڪڏهن بائيڪ تي گڏ سفر ڪندي تلھار کان بدين ويندا هئاسين. سفر دوران بہ پنھنجي مشاهدن ۽ تجربن جي ونڊ ڪندو هلندو هو، جيڪي ٻُڌي مون کي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملي پوندو هو.
منھنجو مزاج بہ الڳ رنگ ڍنگ جو آهي، گهٽ ماڻھن سان لڳندي اٿم. ڪڏهن ڪنھن هوٽل تي ڪنھن سان چانھہ پيئڻ کان بہ لنوائيندو آهيان پر تمام ٿورا ماڻھو آهن، جن سان چانھہ جي ڪوپ تي بہ ڪلاڪن جي ڪچھري ڪندي دل ناهي ڀربي، نقاش بہ انھن ماڻھن ۾ شامل آهي.
نقاش جي شاعري جو تہ هڪ ڪتاب ”خيال خانا بدوش“ جي نالي سان ڇپيل آهي پر منھنجي دلي خواهش آهي تہ نقاش ڪجهہ سالن کان بليڪ بيڪ گرائونڊ سان فيس بڪ تي جيڪا شاعري اپلوڊ ڪندو اچي سا بہ ڪتابي شڪل ۾ اچڻ گهرجي ۽ اُن کان سواءِ کيس پنھنجيون يادگيريون بہ لکڻ گهرجن ۽ موسيقي جي علم تي بہ لکڻ گهرجي. نقاش جيڏي موسيقي جي ڄاڻ رکندڙ هن وقت سنڌ ۾ ڪو وڙلي ماڻھو هوندو. سو، نقاش جي شخصيت جا اهي پاسا بہ نروار ٿيڻ گهرجن. اڄ سندس جنم ڏينھن آهي، انھي ننڍڙي محبتن جي ڀيٽا سان کيس واڌايون ڏيان ٿو ۽ هن ليک جي آخر ۾ موسيقي تي ئي لکيل سندس هڪ مختصر تحرير دوستن سان هتي ونڊ ڪريان ٿو. جنھن مان هو پاڻ اندازو لڳائين تہ کيس موسيقي سان ڪيڏو عشق آهي.
”ڇا موسيقيءَ تي نہ ڳالھائجي!؟
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
رئڻ ۽ ڳائڻ تہ ھر ڪنھن کي ايندو آھي . پر موسيقي ڪنھن ٻئي وَٿَ جو نالو آھي . موسيقي آوازن جي تنظيم ۽ لئہ جي رفتار جي گهاٽي ـــ واڌيءَ سان تاثر پيدا ڪرڻ جو نالو آھي. موسيقي ڪائناتي روين جي سائنس آھي، جيڪا اسان کي محسوسات جي گوناگون ڇُھائن ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن کي سمجهڻ ۾ مددڪري ٿي .
ھر قوم ۽ قبيلي جي روايت ۾ موسيقي کي اوليت حاصل آھي جيڪا موروثي روايت ۽ احساساتي قدرن ۽ مزاج کي منعڪسReflect ڪري ٿي اھڙي موسيقي کي نسلي سنگيت جي سائنس Ethnomusicology چئجي ٿو .ان جو پاڙون پنھنجي اباڻي ڌرتيءَ ۾ کتل ھونديون آھن .
سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ بہ ايتري ئي پراڻي آھي جيتري سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي تاريخ . پر خبر ناھي ڇو اڄ تائين ان جي اونھائي کي ماپڻ ان جي پکيڙ ۽ سماجي ڪارج تي ڪو ڪم نہ ٿيو آھي .
ھن وقت اسان وٽ موسيقيءَ جي مقبوليت شاعريءَ معرفت آھي وري ڪو فنڪار مشھور آھي تہ رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي ڪري مثال طور :
استاد عاشق علي خان جي جادو لائي ويم جيءَ ۾
استاد اميد علي خان جي ڪيچي قول ڪري ويا
استاد جمن جي يار ڏاڍي عشق آتش
محمد يوسف جي جلون ۾ تنھنجي سڳي قيامت رھي نہ آ
استاد مھدي حسن جي گلون ۾ رنگ ڀري .. سميت سنڌي، اردو، سرائيڪي ،پنجابي ۽ ھندستاني گلوڪارن جا ڳايل گيت غزل فلمي غير فلمي گانا ۽ فنڪار شاعريءَ جي ڪري مشھور آھن مٿي ذڪر ڪيل ۽ ان کان سواءِ ھزارين خوبصورت ۽ ڪمال جون ڌنون/ڪمپوزيشنز شاعريءَ جي ڪري پسند ۽ مقبول آھن اھي موسيقيءَ جي ڪھڙي صنف ۾ ڳايل آھن ! ان جو موسيقيءَ جي ڪھڙي صنف سان تعلق آھي ! ان جون فني باريڪيون ۽انفراديت ڪھڙي آھي ! ان جو قدر ۽ قيمت ڇا آھي انھيءَ بابت مون نہ ٻڌو نہ پڙھيو آھي !!!
ھاڻي تہ صورتحال ھيءَ آھي جو سنڌ ۾ شاعرن جا مختلف گروھ ۽ جماعتون آھن جن وٽ شاعريءَ جا معيار بہ پنھنجا پنھنجا آھن تہ شاعريءُ کي ڳائڻ وارا فنڪار بہ پنھنجا پنھنجا آھن اھي فنڪار استاد ۽ خانصاحب جي لقب القاب سان بہ نوازيل آھن ادبي ثقافتي ميلن ويھڪن گڏجاڻين توڙي سالگرھ يا ورسيءَ جي پروگرامن ۾ بہ موسيقي جي محفل ضرور رکيل ھوندي آھي جتي کين وڏي چاھه سان ٻڌو ويندو آھي ...اھا چڱي ڳالھه آھي
جهڙيءَ ريت مادري ٻولي ۽ ڪجهه ٻيون ٻوليون ڳالھائي سگهندڙ لسانيات جو ماھر نہ ٿو ٿي سگهي ھڪ سٺو مقرر ضروري ناھي تہ عالم ھجي ... قافيا ملائڻ واري کي سنڌ ۾ سگهڙ چئبو آھي شاعري ڪنھن ٻئي شيءَ جو نالو آھي !
پر موسيقي جي دنيا ڪنھن ٻئي فن جي ڀيٽ ۾ نرالي آھي جيڪا آواز جي لھرن جي دنيا آھي عام طور تي خبر ئي نہ پوندي آھي تہ ھڪڙي لھر ڪٿي ختم ٿي ان مان ٻئي لھر ڪيئن ڪر موڙي جاڳي پوي ٿي ... ھڪ لمحي جي ڳالھه آھي ھٿ ۾ آئي يا وئي ! ۽ اھو لمحو فن جي معراج ٿي ويندو آھي . اھي ٿيون مٿاھين سطح جون ڳالھيون ..
پر اسان جي فنڪار کي گهٽ ۾ گهٽ سُر لڳائڻ سازن کي ھم آھنگ ڪرڻ جي بنيادي خبر ھئڻ گهرجي لئہ جي رفتار ۽ تال جي دائري ڪار ان جي ماترن جي ونڊ ورڇ خالي ڀريي جي سُڌ سميت جهول ۽ چال جي بنيادي ڄاڻ ھجڻ ضروري آھي .
اڄڪلھه سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ سنڌي موسيقي ءَ کي موسيقي چئي سگهجي ٿو مون کي ناھي خبر البت اھو ڳائڻ ضرور آھي جيڪو فن جي بنيادي گهرجن کان ڪوھين ڏور آھي اھڙي موسيقي اھڙو تاثر پيدا نہ ٿي ڪري سگهي جيڪا چرندڙ پرندڙ کي پنڊ پھڻ ۽ پھڻ کي پرزا ڪري ڇڏي . !! انسٽرومينٽل ميوزڪ تہ ھاڻي ناياب آھي بھترين آواز اڄ بہ موجود آھن پر انھن مان ڪم ڪيئن وٺجي ان جي خبر خيرڪي آھي ڪنھن کي لئہ جي خبر ڪونھي تہ ڪن وٽ آواز لڳائي ان مان جادوئي تاثر پيدا ڪري ڪيفيتون طاري ڪرڻ جو ھنر ڪونھي اھڙي ڏات بنا ڏانءَ جي سنگم جي خود پنھنجي استحصال جو سبب بڻجندي ضايع ٿي ويندي آھي اھڙي تنزل پذير سنڌي موسيقي ھمعصر موسيقي جي دنيا ۾ پنھنجو ڪھڙو تعارف ٿي رکي ڪھڙي جاءِ ٿي والاري ڪھڙي مقام تي آھي اھو بحث وري ڪنھن ٻئي ڀيري!
في الحال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل موسيقيءَ جو شعبو، ثقافت کاتي پاران قائم ڪيل Sindh Institute of Music and Performing Arts (SIMPA) ڀٽ شاھ ۾ صوفي يونيورسٽ سميت خانگي طور تي قائم ٿيل موسيقيءَ جي سکيا جا ادارا ڪيترو ڪم ڪري سگهيا آھن ۽ ڪيترا Productive ثابت ٿيا آھن اھي بنيادي سوال آھن !!!!“

(04 فيبروري 2020ع)

مسلسل لکندڙ ليکڪ محمد علي پٺاڻ

سائين محمد علي پٺاڻ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ پنھنجي لکڻين ۾ نوان تجربا بہ ڪندو رهي ٿو. منھنجي خيال ۾ هر صنف تي پاڻ طبع آزمائي ڪئي اٿن. سائين نہ رڳو پاڻ لکندو رهي ٿو پر ٻين کي بہ لکڻ لاءِ همٿائي ٿو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کان ويندي بدر ابڙي صاحب تائين ڪيترن ئي وڏي ناليواري ليکڪن توڙي نون ليکڪن کي لکڻ لاءِ همٿائڻ واري محمد علي پٺاڻ هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪجهہ هي آهن.

1: اکيون آلاچنڊ (نثري نظم) 1988ع
2: عاشورا آهن (شاعري) 1995ع
3: اَگهيا اوجاڳا (وايون) 2000ع
4: ڀڳو آرس اکڙين (شاعري) 2001ع
5: Fluttering Feelings (poetry) 2011
Translated by: Jam Jamali
6: مسافتون ياد جون (ڪَوِتا ناول) 2013ع
7: مسافتين ياد ڪي (اردو) ترجمو: ننگر چنا 2015ع
8: اڇي رات ڪارو چنڊ (ٽي وي ڊراما سيريز) 2016ع
9: مونکي آھہَ اٿاريو (غزل) 2016ع
10: ميندي لھڻ کان اڳ ۾ (ڪھاڻيون) 2016ع
11: وقت بيھي نٿو (طويل نظم) 2018ع
12: سئو لفظ سئو ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) 2018ع
13: سامين سمر سور (ٽي وي ڊراما سيريل) 2018ع
14: دنيا کان اڳتي (ڪھاڻيون) 2019ع
15: جان جيئان تان پاڙيان (نظمَ) 2019ع
16: طوفان ۾ ڪَکائون گهَرُ (ڪھاڻيون) 2020ع
انھن ڪتابن مان، مون سائين جا پنج ڪتاب پڙهيا آهن. جن ۾ وقت بيھي نٿو، سئو لفظ سئو ڪھاڻيون، سامين سمر سور، دنيا کان اڳتي ۽ جان جيئان تان پاڙيان شامل آهن. مون انھن ڪتابن تي پنھنجا رايا بہ لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع بہ ٿيا.
جڏهن تہ مختلف ٽي وي چئنلز تان سائين جا لکيل ڊراما بہ ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن. انھن ڊرامن ۾ هيٺيان ڊراما شامل آهن.
انصاف (سنڌ ٽي وي) 2004ع،
اڇي رات ڪارو چنڊ (ڪي ٽي اين) 2005ع
ٽيليڪاسٽ ٿيل انفرادي ڊراما: وهڪرو (ڊائلاگن کانسواءِ)، قومي شاعر، بک بڇڙو ٽول، پاڻيءَ جا شھيد، جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، همٿ، پنجوڙ (مرڪزي خيال رزاق مھر جي اسٽيج ڊرامي “ايف آءِ آر” تان ورتل،
ڪاري ڪٿي آهي (ڪھاڻي: امرجليل
ساڳيو ئي سوال (ڪھاڻي: ايشور چندر)،
انڌو خواب (ڪھاڻي: اخلاق انصاري)
ڪھاڻيون، ناول ۽ ڊرامن لکڻ سان گڏ، سائين محمد علي پٺاڻ شاعري بہ مسلسل ڪندو رهيو آهي. سندس شاعري کي مختلف فنڪارن پنھنجي آوازن ۾ ڳائي هميشہ لاءِ امر ڪري ڇڏيو. سندس شاعري هيٺين فنڪارن پنھنجي آوازن ۾ ڳائي آهي.
رحمان مغل (سرمد سنڌي)، عاشق نظاماڻي، رحمت ميرالي، شبانہ ڪوثر، نظير سمون، شفيق منگي، محمد بچل عباسي، هادي بخش عباسي، پروان علي(مشتاق شيخ)، ممتاز شيخ (سھڻو شيخ) نديم سومرو.
سائين محمد علي نہ رڳو پاڻ مسلسل لکندو رهي ٿو پر هو ٻين ليکڪن کي بہ لکڻ لاءِ اتساهيندو رهي ٿو. منھنجي جڏهن بہ ڪا لکڻي ڇپبي آهي تہ، سائين ان تي پنھنجو رايو بہ ڏيندو آهي ۽ وڌيڪ لکڻ لاءِ بہ چوندو آهي. سائين سان جڏهن بہ ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي آهي تہ، سائين انتھائي پيار ۽ پنھنجائپ سان پيش ايندو آهي. سائين جو جڏهن ڪو نئون ڪتاب ڇپبو آهي تہ، سائين محبتن مان اهو ڪتاب مون کي موڪلي ڏيندو آهي. گذريل سال جڏهن منھنجو ڪتاب شايع ٿيو تہ، اُن جون بہ سائين فون ڪري واڌايون ڏنيون ۽ جام خوشي جو اظھار ڪيائين.
انور پيرزادي سان بہ سائين جو عشق هو، جنھن جو ذڪر اڪثر سائين پنھنجي لکڻين ذريعي ڪندو رهندو آهي. 2018ع ۾ انور پيرزادي جي ڪھاڻين جو ڪتاب شايع ٿيو هو. ان ڪتاب جو مھاڳ بہ سائين محمد علي شاندار انداز ۾ لکيو هو.
منھنجي ٽئين ڪتاب ”سِٽون پڙھہ ساڃاھہ“ جو مھاڳ بہ سائين محمد علي پٺاڻ صاحب پيار مان لکي ڏنو، ان لاءِ بہ مان سائين جو بيحد ٿورائتو آهيان.

(هي ليک ڪجهہ سال اڳ جو لکيل آهي، ان ڪري هاڻي سائين محمد علي پٺاڻ صاحب جي ڪتابن جو تعداد وڌيو آهي)

(04 فيبروري 2020ع)

پاڻي، ٻارڙن ۽ وڻن سان پيار ڪندڙ شخص غلام رسول ٽالپر

هي ڪافي سال اڳي (شايد 2003) جي ڳالھہ آهي، هڪ ڏينھن بابا مون کي چيو تہ، اڄ توکي پنھنجي هڪ دوست سان ملڻ لاءِ وٺي ٿو هلان، جنھن نوڪري مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. بابا اڪثر سندن دوستن سان اسان جي ملاقات ڪرائيندو رهندو آهي ۽ سندن ڪافي دوست اسان کي بہ پنھنجي اولاد وانگر پيار ۽ عزت ڏيندا آهن. سو، اُن ڏينھن بابا سان گڏجي اُن دوست سان ملاقات لاءِ نڪتاسين. بدين شھر جي بلاول پارڪ جي ڀرسان سندن اهو دڪان هو، جنھن تي اَن، اَٽو ۽ شايد ڪجهہ ٻج وغيرہ بہ پيل هئا. اسان جيئن ئي اُتي پھتاسين تہ بابا سندن تعارف ڪرايو تہ، سائين اسان جو پيارو دوست محترم غلام رسول ٽالپر صاحب آهي ۽ سائين سان منھنجو تعارف بہ ڪرايائون تہ، هي منھنجو وڏو پُٽ سرمد آهي.
اسان ويٺاسين تہ بابا وارا پاڻ ۾ ڪچھري ڪرڻ لڳا. سندن موضوع خبر ناهي ڪھڙا هئا پر مون ان دوران آيل چانھہ جا ڍُڪ ڀريندي، غلام رسول صاحب کي ڳالھائيندو ڏسي سندن شخصيت بابت ذهن ۾ جيڪو پھرين خاڪو ٺاهيو هو، سو اِهو هو تہ، هي شخص دڪان تہ کولي ويٺو آهي پر مزاجن ڪاروباري ذهن جو ماڻھو نٿو لڳي. ٻيو ٽالپر هوندي ”مير“ وغيرہ هجڻ جي خوشفھمي بہ سندن ڳالھين مان نہ پئي لڳي. ٽيون تہ وقت کان اڳي سرڪاري نوڪري ڇڏي آزادي ورتي اٿس تہ معني هي ڪو روايتي ماڻھو ناهي. پوءِ ٿيو بہ ائين ئي، جو پاڻ ٿوري ئي وقت ۾ اُن دڪان کي بند ڪيائون. خير، اِها تہ هُئي پھرين ملاقات.
ٻي ملاقات بہ پھرين ملاقات جي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ٿي. جيڪا پريس ڪلب بدين ۾ ٿي. جتي سندن ڪتاب ”سھڻا تون نہ وڃجان لاڙ“ جي مھورتي تقريب هئي. سندن اهو ڪتاب ايل بي او ڊي جي ڪيس اسٽڊي تي مشتمل هو. اُن ملاقات ۾ بہ پاڻ ڏاڍو پيار سان مليا ۽ پنھنجو ڪتاب بہ ڏنائون.
انھن ٻنھي ملاقاتن کان پوءِ وري ڪيترائي سال، سائين غلام رسول صاحب سان ملاقات جو موقعو تہ نہ مليو پر بابا سان ڪچھرين ۾ سندن ذڪر اڪثر ٿيندو رهندو هو. وري جو فيس بڪ وارو دور آيو تہ اسان فيس بڪ تي بہ هڪٻئي جا دوست ٿي وياسين. فيس بڪ تي غلام رسول صاحب جڏهن پنھنجي شاعري ۽ تحريرون اپلوڊ ڪرڻ شروع ڪيون تہ، سندن هڪ نئون تعارف منھنجي سامھون آيو. سندن شاعري ۾ مزاح ۽ معني خيز گهرائي سان اسان جون سماجي حالتون ڏاڍي ڀرپور نموني بيان ڪيل هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن تہ، سندن شاعري کي پڙهندي آئون ٽھڪ ڏئي کِلي پوندو هُئس. انھي شاعري ۽ تحريرن ذريعي پاڻ وڏي بيباڪي سان سماج جون تلخ حقيقتون بيان ڪري ويندا هُئا. ڪجهہ وقت کانپوءِ انھي شاعري ۽ تحريرن کي ڪتابي شڪل ڏئي ٻہ ڪتاب شايع ڪرايائون. هڪ ڪتاب جو نالو آهي، ”ٽڪي جا ٽوٽڪا“ ۽ ٻيو ”ڳالھين جي ڳنڍ.“ سندن اِهي ٻئي ڪتاب منفرد انداز جا ڪتاب آهن. جيڪي ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ضرور پڙهڻ گهرجن.
پاڻ فيس بڪ تي ننڍڙن ٻارن سان بہ تصويرون رکندا رهندا آهن. جنھن مان سندن معصوم ۽ ٻاجهاري شخصيت خوب نظر ايندي آهي. نہ تہ اڄڪلھہ جي ماڻھن وٽ ٻارن لاءِ وقت ناهي هوندو. سندن شخصيت جي اِها ڳالھہ بہ مون کي دل سان لڳي جو نوڪري مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڀرپور طريقي سان لکندا رهيا آهن. نہ تہ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اڪثر ماڻھو پٽڙي تان لھي ويندا آهن ۽ عجيب ڌنڌا ڪرڻ شروع ڪندا آهن.
اُن کانپوءِ گذريل ٻن ٽن سالن دوران پاڻي جي معاملي تي بہ سندن وڏو ڪردار سامھون آيو آهي. جنھن ۾ پاڻ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ چوري بابت وڏي دليري سان اِهو ڪيس سائنسي انداز ۾ دليلن، ثبوتن، انگن ۽ اکرن سان وڙهي، پورهيت طبقي جو ساٿ ڏئي هڪ حقيقي عظيم انسان جو رتبو حاصل ڪيو آهي ۽ مظلوم ماڻھن جي دلين ۾ پنھنجي جڳھہ ٺاهي آهي. نہ تہ هي سُکيو سھنجو ماڻھو آهي. روايتي ميرن پيرن وانگر ذاتي فائدا وٺي چپ ڪري ويھي بہ سگهيو پئي. پر نہ جيئن مون شروع ۾ ئي لکيو تہ، هي روايتي ماڻھو ناهي. هي انھي پيري ميري، آفيسري ۽ وڏيرڪي ذهنيت کان ڪوهين ڏور بيٺل هڪ يگانو ماڻھو آهي.
سندن ٻہ ٻيا ڪتاب ”سڄڻ ۽ ساڻيھہ“ ۽ ”دُکي ديس دُکي دل“ بہ شايع ٿيل آهن. ممڪن آهي تہ ان کان علاوہ سندن ٻيا بہ ڪي ڪتاب هجن. انھن ڪتابن ۾ سندن تخلص ”غريب“ آهي. پر منھنجي نظر ۾ هي غريب نہ پر امير ماڻھو آهي. جنھن وٽ پيار، پنھنجائپ، خلوص، روشن خيالي، وطن دوستي ۽ انسان دوستي جھڙن لافاني جذبن جا خزانا آهن.

(26 فيبروري 2020ع)

پنھنجي ٻولي سان پيار ڪندڙ پيارو ماڻھو ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو

منھنجي هن شخص سان روبرو ڪا بہ ملاقات ناهي ٿي پر پوءِ بہ ائين لڳندو آهي تہ اسان ڪيترن ئي سالن کان هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا. شايد اُن جو هڪ وڏو سبب اهو آهي تہ، اسان جا ڏک بہ ساڳيا آهن تہ سُک بہ ساڳيا آهن. هونئن بہ دلين جا رشتا، سمورن رشتن کان وڌيڪ عظيم ۽ پيارا هوندا آهن.
پاڻ سُٺا استاد ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ڪمپيوٽيشنل لنگئسٽ آهن. ان ڪري کين ٻولي سان پيار بہ بي پناھہ آهي. هن شخص جو شمار انھن تمام ٿورن ماڻھن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻ ۽ ٻولي جي بچاء ۽ واڌاري لاءِ جديد تقاضائن موجب ڪم ڪري رهيا آهن. مون، کين پنھنجي ٻولي بابت فڪرمند ۽ سنجيدہ ڏٺو آهي. سنڌ کي هن وقت هر شعبي ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ماڻھن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ جديد طرز تي ڪم ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪن. ڇو تہ اها ايڪيھين صدي جي ضرورت آهي. هاڻي اجاين لفاظين ۽ حوالن جو وقت ناهي. هي وقت سخت محنت ۽ سچائي جو آهي.
سو، سائين مظھر صاحب ڪمپيوٽر جي دنيا جو ماڻھو آهي. هُو ڳالھين بجاءِ عملي ڪم کي اهميت ڏئي ٿو. هُن جون سنڌي ٻولي بابت جديد دؤر جي تقاضا موجب صلاحون ۽ عملي سرگرميون نھايت ئي ڪارائتيون آهن. ان حوالي سان سندن هڪ يوٽيوب تي چئنل بہ آهي. جنھن تي پاڻ وقت بوقت ٻولي سان لاڳاپيل وڊيوز اپلوڊ ڪندا رهندا آهن. اها بہ پنھنجي ٻولي جي عملي طور تي هڪ خدمت آهي.
منھنجو ساڻن فيس بڪ ذريعي ئي رابطو ٿيو. جتي منھنجي ڪتاب بابت پوسٽ ڏسي، منھنجو ڪتاب خريد ڪيو هئائون ۽ ڪتاب پڙهي پوءِ مون کي ميسيج ۾ پنھنجو قيمتي رايو بہ موڪليو هئن.
ڪجهہ ڏينھن اڳ سندن ڪتاب عالمگيريت ۽ سنڌي سماج بہ شايع ٿيو. جيڪو پنھنجي نالي ۽ موضوع مان ئي لڳي ٿو تہ هڪ شاندار ڪتاب آهي. ان کان سواءِ، مختلف رسالن ۾ بہ مستقل بنيادن تي ڪارائتا ليک لکندا رهندا آهن. انھن لکڻين مان بہ سندن حساس مزاج جو ڀرپور احساس ٿيندو آهي.


(06 مارچ 2020ع)

سائين عبدالعزيز صاحب خوش رهو

هي 2014ع جي ڳالھہ آهي، آئون پنھنجو جوائننگ آرڊر کڻي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو ۾ نوڪري جوائن ڪرڻ وڃان ٿو. اسڪول ۾ داخل ٿيندي، مون کي جيڪو پھريون شخص ملي ٿو، سو هو محترم سائين عبدلعزيز خواجہ صاحب. اُن کانپوءِ سائين مون کي پرنسيپال جي آفيس ۾ جوائننگ لاءِ وٺي هليو. اِها هُئي سائين سان پھرين شناسائي. مون سائين سان گڏ تقريبن 4 سال گڏ ڪم ڪيو ۽ سائين 2018ع ۾ پنھنجي سرڪاري نوڪري مان پرنسپال جي عھدي تي هوندي رٽائرمينٽ ورتي.
انھي چار سالن جي وقت ۾ سائين سان گڏ رهندي مون کي گهڻو ڪجهہ سکڻ جو موقعو مليو. سائين اڪثر رش ۽ هجومن کان پري رهندو هو. ڪنھن بہ مسئلي کي وڌائڻ بجاءِ اُن کي خوش اسلوبي سان نبيري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سائين، تقريبن پنھنجي زندگي جا لڳ ڀڳ پنجٽيھہ سال پڙهائڻ جي شعبي کي ڏنا. انھي دوران سائين وٽان شاگردن جو وڏو انگ پڙهي نڪتو، جيڪو سندس عزت دل سان ڪندو آهي.
مون کي ذاتي طور تي سائين تمام گهڻو ڀائيندو آهي. سندس انھي خلوص ۽ پنھنجائپ کي آئون بہ دل سان محسوس ڪندو آهيان. سائين ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنھنجي وڏي مائٽ وانگر ڪا ڳالھہ سمجهائيندو هو تہ، اُن وقت سائين لاءِ منھنجي دل ۾ عزت اڃا بہ وڌي ويندي هُئي. مون کي سائين اڪثر اِها نصيحت ڪندو هو تہ، زندگي ۾ هميشہ گهٽ ڳالھايو، اجايو بحث نہ ڪريو، جتي اوهان جي اهميت نہ هجي، اُتان پري هليا وڃو، فضول خرچ نہ ڪريو، ڪنھن مان اجائي اميد ۽ حجت نہ ڪريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو وغيرہ....
سائين جڏهن اسان جي اداري جو پرنسيپال ٿيو تہ، مون کي اڪثر اِهو چوندو هو تہ، سرمد پنھنجي سبجيڪٽ پڙهائڻ سان گڏ شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ بہ ڪندو ڪر. اُن حوالي سان اڪثر شاگردن کي بہ چوندو هو تہ، سرمد کان رهنمائي وٺو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرائي ڪو ڪم چوندو هو تہ، اُهو بہ تمام پيار واري انداز ۾ چوندو هو. آئون سندن آفيس ۾ وڃڻ کان پھرين جڏهن اِهو چوندو هئس تہ، سائين آئون اندر اچي سگهان ٿو؟ تہ جواب ۾ سائين مسڪرائي چوندو هو تہ، جي پُٽ اچو.
موقعي جي مناسبت سان کل ڀوڳ ڪرڻ جو فن بہ سائين وٽ ڪمال جو آهي. سائين جيڏو مزاح ڪندو آهي، ايڏو ئي وري سنجيدہ بہ آهي. مون اهو نوٽ ڪيو هو تہ، سنجيدہ موضوعن تي ڳالھائيندي اڪثر سائين جون اکيون ڀرجي اينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ نير اکين مان ڇُلڪي بہ پوندا هُئس. خاص طور تي جڏهن معاشي طور غريب شاگردن جو ذڪر ڪندو تہ، اُن وقت سائين جي اها ڪيفيت ٿي ويندي هُئي.
سندس رٽائرمينٽ کان هڪ مھينو پھرين ڪنھن دوست (جنھن کي آئون بہ سڃاڻان) سندس دل ڏکوئي، تہ سائين مون کي فون ڪري هڪ معصوم ٻار وانگر اِها دانھن ڏني تہ، تو واري يار هي بيواجبي ڪئي آهي. پر اِها بہ سائين جي ڪشادہ دلي هئي جو پاڻ اِهي سڀ ڳالھيون وساري ٻئي ڏينھن انھي دوست سان ڏاڍي پيار ۽ پنھنجائپ سان مليو.
اسان جي سماج ۾ سائين عبدلعزيز صاحب جھڙا ماڻھو تمام ٿورا آهن، جيڪي خاموشي سان پنھنجو ڪم ڪندي، سکڻ ۽ سمجهڻ وارن کي گهڻو ڪجهہ سيکاري ۽ سمجهائي ويندا آهن.

(20 مارچ 2020ع)

پنھنجي جنم ڏينھن کي يادگار بڻائيندڙ نور احمد جنجهي

دنيا ۾ هر ڏينھن ڪيترائي ماڻھو جنم وٺن ٿا پر اُنھن مان تمام ٿورا ماڻھو هوندا آهن، جيڪي پنھنجي مثبت ڪردار سان سماج تي گَهري ڇاپ ڇڏين ٿا. خاص طور تي اسان جي سماج ۾ تہ اهڙن ماڻھن جي اڻاٺ آهي. اسان جو سائين نور احمد جنجهي صاحب بہ هڪ اهڙو ئي ڪارائتو ماڻھو آهي، جيڪو هر وقت علم، ادب ۽ شعور جي آبياري ڪندي نظر اچي ٿو. جنجهي صاحب لطيف شناسيءَ جي حوالي سان مختلف وقتن ۽ مختلف جڳھن تي ليڪچر پروگرام بہ ڪندو رهندو آهي. جنھن ذريعي خاص طور تي نوجوانن کي لطيف کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ اتساھہ بہ ملي ٿو ۽ سندن ترتيب بہ ٿئي ٿي.
سائين بنيادي طور تي هڪ استاد آهي. اُن ڪري کيس خبر آهي تہ هِن سماج جو وڏو مسئلو تعليم آهي ۽ تعليم بہ اُها جنھن جو سنئون سڌو واسطو شعور، دليل ۽ فضيلتن سان هُجي. سائين سان روبرو منھنجي هڪ اڌ مختصر ملاقات آهي پر اُن ۾ ئي مون سائين کي شفيق ۽ خلوص واري انسان طور ڏٺو.
راڳ ۾ راڻو ۽ آواز ۾ لتا منگيشڪر کي پسند ڪندڙ جنجهي صاحب موسيقي سان بہ وڏو چاھہ رکي ٿو. اِها ڳالھہ سندس ڪافي لکڻين مان بہ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
سائين مسلسل لکندو رهي ٿو. ظاهر آهي تہ اِهو وسيع مطالعو ۽ مشاهدو ئي آهي، جيڪو سائين کان مختلف موضوعن تي لکرائي پيو. سائين جي لکڻين جا موضوع بہ تمام گهڻا آهن. خاص طور تي لطيف ۽ اياز شناسيءَ جي حوالي سان سائين جو ڪم ڪمال جو آهي. سائين، سنڌي سميت ٻين ٻولين ۾ بہ نھايت ئي شاندار لکندو رهي ٿو.
اڪثر ماڻھو پنھنجي جنم ڏينھن تي پنھنجي پيارن کان تحفا وصول ڪندا آهن پر سائين جنجهي صاحب پنھنجي جنم ڏينھن تي ڪتابن جي صورت ۾ پنھنجي پڙهندڙن ۽ پيار ڪندڙن کي تحفا ڏئي ٿو. سائين جي اِها روايت مون کي ڏاڍي سُٺي لڳندي آهي تہ، سائين پنھنجي جنم ڏينھن تي ٻن ڪتابن جي پڌرائي ڪندو آهي. چوڻ تمام سولو آهي پر ڪتاب لکڻ، نور نچوئڻ ڪا معمولي ڳالھہ ناهي. اصل ۾ اِهو پنھنجي ٻولي سان پيار ۽ عشق آهي، جيڪو ماڻھو کان اِهي سڀ ڪم ڪرائي ٿو ۽ سائين مستقل مزاجي ۽ خاموشي سان اِهو پيار جو پورهيو ڪندو رهي ٿو.
مختلف علمي ادبي ۽ سماجي موضوعن تي سائين مختلف ليڪچر پروگرامن جو اهتمام بہ ڪندو رهندو آهي. مون اِهو نوٽ ڪيو آهي تہ، انھي ۾ سائين، نوجوان طبقي کي اتساهيندي ۽ همٿائيندي نظر ايندو آهي. اڄ جي دور ۾ نوجوانن کي ڪنھن چڱي ڪم لاءِ اتساهڻ جو لاڙو تمام گهٽ آهي پر اُتي جنجهي صاحب کي مون هميشہ نوجوانن کي اتساهيندي ڏٺو آهي. مون جڏهن سائين کي پنھنجا ڪتاب موڪليا تہ سائين اُنھن ٿورن ماڻھن مان هڪ آهي جن نہ رڳو ڪتاب پڙهيا پر انھن تي پنھنجو رايو بہ لکيو ۽ همٿايو تہ سھي تہ چڱو ڪم پيا ڪريو ۽ ڪندا رهو. مونکي ياد آهي تہ سائين مونکي چيو هو تہ ”هر ماڻھو پنھنجي حصي جو ڪم ٿو ڪري، اُن ڪري اوهان پنھنجو ڪم ڪندا رهو، ٻيو ڇا ٿو ڪري يا ڇا ٿو چوي، اهو توهان جو ڪم ناهي.“ نہ تہ اسان وٽ ٻئي جي ڪم مان رڳو نقص ڪڍڻ، پنھنجي اندر جي باھہ ڪڍڻ ۽ پنھنجي احساس ڪمتري جو اظھار ڪرڻ واري روايت عام آهي. اهڙي ماحول ۾ سائين نور احمد کي شابسون هُجن جو پاڻ ڪنھن بہ ننڍي سطح جي ئي سھي پر هر چڱي ڪم کي ساراهين ٿا.
ڪجهہ ڏينھن اڳ سائين جي جنم جي تاريخ هُئي، اُن ڏينھن بہ سائين جي ٻن ڪتابن جو مھورتي پروگرام هو. اُن پروگرام ۾ سائين جي ڳالھہ ٻولھہ کي مون فيس بڪ ذريعي ڏٺو ۽ ٻڌو. اُن ۾ سائين ڏاڍي پيار سان پنھنجي والد صاحب ۽ امڙ سانئڻ جو ذڪر ڪري ٿو تہ ”اِهي منھنجا استاد هُئا ۽ مون کي جيڪو بہ علم مليو آهي، سو انھن هستين وٽان مليو آهي.“ واقعي انھي ۾ ڪو شڪ ناهي تہ علم، ادب، پيار ۽ شفقت وارا والدين ئي پنھنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪن ٿا.
پنھنجي ڪتابن جي مھورتي پروگرامن ۾ سائين، ٻين دوستن سان گڏ اسانکي بہ ياد ڪندو رهندو آهي. اِهو سائين جو خلوص ۽ پنھنجائپ آهي. اسانجي دعا آهي تہ سائين ايئن ئي ڪتاب لکندو، ليڪچر ڏيندو ۽ شعور جي آبياري ڪندو رهي. آمين

(30 نومبر 2022ع)

سچو ۽ کرو شخص مرتضيٰ سيال

هن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي سماج ۾ جِتي اڪثر پڙهيل لکيل بہ ذهني ۽ عملي طور جاگيردار ۽ وڏيرا ئي آهن. انھن مان بہ گهڻا پڙهي لکي آفيسر ۽ ڪامورا ٿيڻ کان پوءِ تہ، وڏيرن ۽ جاگيردارن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ ٿي ٿا پون. اُتي تمام ٿورا ماڻھو اِهڙا بہ آهن، جن تي پنھنجي عھدي ۽ ڪُرسي جو اثر ناهي ٿيندو، پر هُو اُن ڪرسي تي ويھي ماڻھن جي ڪم اچن ٿا ۽ پنھنجو فرض ايمانداري سان نڀائين ٿا. اُنھن املھہ ماڻڪ موتين ۾ اسان جو محترم دوست مرتضي سيال صاحب بہ شامل آهي، جيڪو رڳو محبتون ڏيڻ ڄاڻي ٿو.
مرتضي سيال صاحب سان جڏهن بہ ڪچھري ٿيندي آهي تہ، پنھنجائپ جو احساس ٿيندو آهي ۽ دل چوندي آهي تہ، ڪچھري هلندي ئي رهي.
مرتضي سيال سان واقفيت جو پھريون حوالو عبرت مئگزين آهي. جنھن جو مرتضي صاحب ڪافي وقت اعزازي ايڊيٽر بہ رهيو هو. شايد ٻين ليکڪن سان بہ ائين ٿيندو هجي پر مون سان ائين ٿيندو آهي تہ، ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو هڪ ڏينھن ۾ ئي ڪيتريون شيون لکي ويندو آهي ۽ ڪڏهن تہ سال بہ ٿي ويندا آهن پر ماڻھو ڪجهہ بہ ناهي لکي سگهندو. سو، مون سان بہ ائين ٻہ ڀيرا تہ ٿي چڪو آهي جو لکڻ واري ڪم ۾ سالن جي وِٿي اچي وئي. اهڙي وقت ۾ وري ڪا هڪ لکڻي ۽ ڪو هڪ شخص ئي اتساھہ ڏيندو آهي تہ، ماڻھو وري باقاعدہ لکڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. ائين سمجهو تہ ٻن مھربانن انھي ۾ منھنجي مدد ڪئي، هڪ مرتضي سيال صاحب، جنھن عبرت مئگزين ۾ منھنجي تقريبن هر لکڻي کي تمام سھڻو ڪري ڇاپيو. ٻيو مھربان انور ابڙو صاحب، جنھن ڪاوش مئگزين ۾ مون کي جڳھہ ڏئي، وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساھہ پيدا ڪيو. انھي حوالي سان بہ مرتضي سيال صاحب مون لاءِ هڪ مھربان دوست واري حيثيت رکي ٿو.
مرتضي سيال صاحب سان واقفيت جو ٻيو حوالو سندس لکڻيون ۽ ڪتاب آهن. مرتضي سيال جا ڪالم ۽ مضمون نھايت ئي شاندار هوندا هئا، جن کي اسان جي سماج جي سوشل اسٽڊي چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. هر اهم موضوع تي سيال صاحب لکندو رهندو هو. انھي کان سواءِ عبرت مئگزين ذريعي مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو بہ سندس تمام وڏو ڪم آهي، جيڪو ڪتابي صورت ۾ بہ اچي چُڪو آهي. مون ويجهي ماضي ۾ سنڌي ۾ انٽرويوز جا ٻہ ڪتاب پڙهيا، جيڪي ٻئي زبردست آهن. هڪ مرتضي سيال صاحب جو ۽ ٻيو همسفر گاڏهي صاحب جو ڪتاب.
مرتضي سيال صاحب سان واقفيت جو ٽيون حوالو سندن اسان جي ڳوٺ اچڻ آهي. انھي ملاقات ۽ ڪچھري جو موقعو پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي مھربان دوست واحد پارس هيسباڻي جو ٿورائتو آهيان، جيڪو مرتضي صاحب کي اسان جي ڳوٺ وٺي آيو ۽ اهڙي طرح ڪچھري ۽ ملاقات جو موقعو مليو. انھي ڪچھري دوران بہ مرتضي صاحب محبتن مان مختلف ڪتابن جا تحفا بہ ڏئي ويو، جيڪو سندن وڏي وڙ جي نشاني آهن.
مرتضي سيال صاحب آفيسر بہ آهي پر مون لاءِ سندن علمي ۽ ادبي ڪم وارو پاسو وڌيڪ اهم ۽ وڻندڙ آهي. سندن ڊيوٽي سان سچائي بابت بہ جنھن دوست کان ٻُڌو آهي تہ، اِهو ئي ٻُڌو آهي تہ، مرتضي سيال صاحب هڪ فرض شناس آفيسر آهي. جڏهن ڪنھن علمي ادبي ماڻھو کي ڪنھن عھدي تي ڏسندو آهيان تہ، امرجليل جي هي ڳالھہ ياد ايندي اٿم تہ، ”ڪتاب سان پيار ڪندڙ، موسيقي ٻُڌندڙ ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ ڪامورو، عام ڪامورن کان گهڻو مختلف هوندو آهي ۽ هُو سماج
لاءِ فائديمند ئي هوندو آهي.“
سو، مرتضي سيال صاحب جھڙا ماڻھو هر روپ ۾ سماج لاءِ فائديمند ئي آهن. دعا آهي تہ پاڻ اڃا بہ وڌيڪ ڪاميابيون ۽ خوشيون ماڻين.

(29 جون 2020ع)

عثمان راهوڪڙو ڪلھہ هي جھان ڇڏي ويو!

آچر جي ڏينھن شام جو فيس بڪ تي ڪنھن دوست جي اِها پوسٽ نظر مان گذري تہ ”عثمان راهوڪڙو بيماري سبب ڪنھن نجي اسپتال ۾ داخل آهي، دوستن کي دعا جي درخواست آهي....!“ اِهو پڙهڻ کانپوءِ منھنجي ذهن ۾ پھرين اِها ڳالھہ آئي تہ عثمان ويچاري ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون آهن، بيماري کيس بيحال ڪري ڇڏيو آهي. نيٺ سومر جي ڏينھن صبح جو اِها ڏکوئيندڙ خبر ملي تہ عثمان هي جھان ڇڏي ويو..!
سندس وڇوڙي جو ٻُڌي سخت ڏک ٿيو ۽ هِن سان ٿيل ڪجهہ ملاقاتون ۽ ڪچھريون ذهن تي تَري آيون. عثمان جون اسان جي وڏن سان دوستيون هُيون، اُن ڪري منھنجي عزت ڪندو هو. هونئن تہ ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن رستي تان گذرندي دعا سلام ٿيندي هُئي. پر پھريون ڀيرو اسان جي ڪچھري تڏهن ٿي، جڏهن اسان جي اسڪول ۾ محمد صديق مسافر صاحب جي ورسي جو پروگرام هو. اِها ڳالھہ 2014ع جي آهي. اُن وقت عثمان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ منھنجي لکڻين بابت مون سان ڪچھري ڪئي ۽ اِهو بہ چيائين تہ پاڻ خاڪن جي هڪ ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اُن ۾ ڊاڪٽر سومار کوسي (منھنجي بابا سائين) جو خاڪو بہ شامل ڪرڻ ٿو چاهي، اُن ڪري آئون کيس اُنھن بابت ڪجهہ بنيادي معلومات لکي ڏيان. سو مونکي چيائين تہ اِهو ڪم لازمي ڪري ڏجان ۽ جلد ڪجان. ڇو تہ مونکي ڪتاب جلد آڻڻو آهي. سو مون کيس بابا بابت گهربل معلومات لکي هڪ ٻن ڏينھن ۾ ڏني. اِهو بہ چيائين تہ اسان پريس ڪلب ٽنڊو باگو ۾ پروگرام ڪندا رهندا آهيون، تون اُنھن ۾ شريڪ ٿيندو ڪر! خير پروگرامن ۾ تہ آئون نہ ويندو هُئس. نيٺ ڪجهہ وقت کانپوءِ وري اسانجي ملاقات مير غلام محمد ٽالپر جي ورسي جي موقعي تي اسان جي اسڪول ۾ ٿي. اُتي مون کي پنھنجو خاڪن جو ڪتاب ”مٽي جا مور ماڻھو“ ڏنائين ۽ چيائين تہ ڊاڪٽر کي ضرور پڙهائجان! مون سندس ٿورا مڃيندي جيئن ئي ڪتاب کوليو تہ اُن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن تي خاڪا هئا. پر اُنھن ۾ ڪجهہ اِهڙا بہ هُئا جيڪي منھنجي نظر ۾ ”مور“ نہ هئا. ممڪن آهي آئون غلط هجان. مون اُن وقت ئي عثمان کي حجت مان چيو تہ هِن ۾ جيڪي شامل ڪيا اٿئو سي تہ سڀ ”مور“ ناهن. منھنجي انھي جواب تي وڏو ٽھڪ ڏنائين ۽ چيائين ”ڏنگو آهين کوسا.“ چيومانس هر ماڻھو وٽ ”مور ماڻھو“ جي پنھنجي پنھنجي وصف ۽ معيار آهي. سو اوهان صحيح آهيو، آئون پنھنجا لفظ واپس ٿو وٺان.
اسان جي ٻي ملاقات ڪجهہ هِن طرح ٿي... آئون اسڪول تان موڪل کانپوءِ واپسي ۾ ٽنڊي باگي کان بدين وڃي رهيو هُئس تہ سامھون بس اسٽاپ تي عثمان بيٺو هو. جنھن لفٽ لاءِ هٿ ڏنو ۽ مون کيس لفٽ ڏني. سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو. دعا سلام کانپوءِ چيائين تہ بدين ابوبڪر شيخ سان ڪچھري تي پيو وڃان. کيس هي ڪتاب کپيو ٿي، سو پُھچائڻ پيو وڃان! انھي دوران ابوبڪر شيخ جي شخصيت جي واکاڻ ڪندو آيو. اُن وقت ابوبڪر شيخ سان منھنجي ملاقات نہ ٿي هُئي. سو ايئن مختلف ڳالھيون ڪندي اچي بدين پُھتا سين. مون کيس ابوبڪر شيخ جي آشياني سامھون اچي ڇڏيو. چيائين هاڻي تون بہ اچ تہ گڏجي ڪچھري ڪيون.... مون انڪار ڪندي اجازت ورتي ۽ چئيم تہ ڪچھري ڀلي اوهان ڪريو، مونکي اجازت ڏيو. وري ڪنھن ٻئي ڀيري ابوبڪر سان ملاقات ڪبي! ايتري ۾ عثمان سندس هٿ ۾ موجود ڪتاب مونکي ڏنو. مون چيو هي تہ ابوبڪر لاءِ آندو اٿئو، اُن کي ڏيو. چيائين تون بہ ڪتابن جو شوقين آهين، وڃي پڙھہ. ابوبڪر کي ڪتاب ملي ويندو. هي شايد 2017ع جي ڳالھہ آھي!
اسان جي ٽئين ڪچھري سندس ڳوٺ ٿي هُئي. جيڪا گذريل سال مارچ مھيني جي ڳالھہ آهي. اُن وقت سندس ڀيڻ وفات ڪري وئي هُئي. آئون ۽ سائين هيرو مل عثمان سان ڏک ونڊڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويا هُئاسين. عثمان اُن وقت پنھنجي اوطاق جي سامھون ٻٻرن جي ڇانوَ ۾ کٽ رکيو ويٺو هو. اسان سان ڏاڍي پاٻوھہ مان مليو. چوڌاري ڪڻڪ جو فصل لاباري لاءِ تيار هو. هڪ وڻندڙ ماحول هو. جنھن ۾ هي کٽ رکيو ويٺو هو. اسان دعا گهري ويٺاسين تہ عثمان اچي تاريخ جا پنا ورائڻ شروع ڪيا. پوءِ سنڌو جا وهڪرا، ماحولياتي تبديلين کان ويندي سياست تائين ڪيترن ئي موضوعن تي هِن ڳالھايو. اُن وقت ڪورونا جي وبا بہ نئين آئي هُئي، اُن تي بہ رايو ڏيندي، وڏو ٽھڪ ڏيندي چيائين تہ اسان جا ماڻھو تہ ڪورونا کي بيماري سمجهن ئي نٿا سو اِهي پاڻ بہ مرندا ۽ ٻين جو بہ سِر وڃائيندا. سو، هِن جي ڳالھين کي اسان خاموشي سان پئي ٻُڌو ۽ مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو تہ هي گهڻو ڪجهہ ٻُڌائڻ چاهي ٿو تہ پر کيس ٻُڌڻ وارو ڪو بہ ناهي! مسلسل بيمارين سبب ڪمزور بہ ٿي ويو هو پر سندس گفتگو ۾ ساڳي رواني ۽ جوش هو. مُٺ تي سگريٽ رکي، ڪش هڻندي خبر ناهي ڪيترن ئي موضوعن تي هي گهڻو ڪجهہ ڳالھائي ويو. ڪجهہ وقت کانپوءِ سائين هيري مل مون سان مخاطب ٿيندي چيو تہ ”سائين هاڻ هلون؟“ آئون اڃا کيس ڪو جواب ڏيان اُن کان اڳ عثمان مون کي ٻانھہ کان ڇِڪي چيو تہ ”کوسا اڄ مونکي ٻُڌو...!“ مون سائين هيري مل کي چيو تہ سائين اڃا ڪجهہ وقت عثمان وٽ ويھون ٿا. پوءِ اسان ڪجهہ وقت ويٺاسين ۽ ڪھڙي خبر تہ اُها اسان جي آخري ملاقات هُئي!
اڄ جي تنگ نظر ۽ دقيانوسي سوچ ۾ ورتل سماج ۾ عثمان جي اِها وڏائي هئي تہ هُو لکندو ۽ پڙهندو رهيو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين. گمنام ڪردارن کي تاريخ جي پنن ۾ رڪارڊ ڪري ويو. پنھنجو رايو بيباڪي سان ڏيندو هو، پوءِ ڀلي سامھون واري جا هاضما خراب ٿي وڃن. فقير منش ماڻھو هو. تحقيق جو کيس شوق هو. پيشي جي لحاظ کان استاد هو پر سندس اُن پاسي تي گهٽ ڳالھايو ٿو وڃي. منھنجي خيال ۾ هُو پاڻ بہ سيلاني طبيعت هئڻ ڪري هڪ هنڌ ويھي پنھنجو اِهو ڪم صحيح طرح نہ ڪري سگهيو.
ڪجهہ مھينا اڳ سائين هيري مل مونکي ٻُڌايو تہ ”سائين: عثمان سان فون تي رابطو ٿيو هو. اوهان جي ڪتابن جو پُڇيائين پئي. سو، ڪنھن مھل هلو تہ عثمان سان ڪچھري ڪري ۽ کيس ڪتاب ڏئي اچون... مون چيو ها سائين ڪڏهن هلنداسين.... ۽ اسان نہ وڃي سگهياسين!
آخري ڏينھن ۾ بيماري سبب ڪمزور ٿي، زندگي کان مايوس ٿي چڪو هو. ڇو تہ بيماري دوران کيس پنھنجي دوستن يارن، مٽن مائٽن جي پرک ٿي وئي هُئي. هونئن بہ هي دنيا ظالم آهي، ڪير بہ ڪنھن جو ناهي. پنھنجي حياتي ۾ ئي ٽي چار ڪتاب شايع ڪرائي ويو ۽ اڃا بہ هن وٽ اڻ ڇپيل مواد تمام گهڻو موجود هو. اسان وٽ ادارن جي بيحسي آهي جو اُهي ڪنھن بہ معاشي طور غريب ليکڪ ۽ آرٽسٽ جي ڪم کي نہ ئي ڇپائيندا ۽ نہ ئي سندن ڪا سھائتا ڪندا. سو، عثمان بہ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کان مايوس هو ۽ اڪثر ڪچھرين ۾ چوندو هو تہ اسان فقيرن جو ڪم انھن نام نھاد محققن ۽ دانشورن کي نظر ئي نٿو اچي!
جڏهن بہ تاريخ ۽ سنڌو جي وهڪرن، قديم آثارن جو ذڪر ٿيندو تہ عثمان ضرور ياد ايندو.

(28 ڊسمبر 2021ع)

ٽھڪن ۾ لڪل سُڏڪو نسيم بلوچ

ٽھڪ ڏيڻ توڙي ٽھڪ ڏيارڻ يا وري ٽھڪن جو سبب ٿيڻ، سڀئي ڪم ڏکيا آهن. ٽھڪن ۾ لڪل سُڏڪي کي تمام گهٽ ماڻھو ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. اڄ نسيم بلوچ جو جنم ڏينھن آهي. اڪثر سندس نالي تي هرکندا هوندا، جيستائين سامھون هن سان ملاقات ڪن. اڪثر کيس مزاحيہ شاعر بہ سڏين ٿا. پر مون وٽ سندس شخصيت جي سڃاڻپ جو سڀني کان سگهارو حوالو سندس سنجيدہ شاعري ۽ مختلف موضوعن تي لکيل سنجيدہ ليک آهن.
خبر ناهي ڇو مونکي هن سماج ۾ ٽھڪ مصنوعي ۽ ڪوڙا لڳن ٿا. جڏهن تہ سُڏڪا سچا لڳن ٿا. هتي تہ هر ڏينھن ڪا نہ ڪا اهڙي ڳالھہ ٿئي ٿي، جنھن تي روئي ۽ سڏڪي ئي سگهجي ٿو، ٽھڪ تہ مشڪل آهن. نرم دل رکندڙ ماڻھو لاءِ پنھنجي سڏڪن ۽ لڙڪن کان وڌيڪ اهم پنھنجي پيارن جا ٽھڪ هوندا آهن. اُن ڪري ئي سوين ڏک ۽ تڪليفون هجڻ باوجود مُک تي مُرڪ سمجهائڻي پوندي آهي ۽ نہ چاهيندي بہ ٽھڪ ڏيڻا پوندا آهن.
نسيم بلوچ سان جڏهن بہ ملاقات ٿي، تڏهن خوشي ٿي ۽ لُڙڪ لڪائي ٽھڪ ڏناسين. هِن وٽان هميشہ محبتون ۽ پنھنجائپ ملي آهي. مون هِن شخص کي سنگت جي سڏ تي ويندي بہ هميشہ سفر ۾ ڏٺو آهي. ڪلھي ۾ ٿيلھو لڳل هوندس ۽ ڪنھن بہ پروٽوڪول، ڏيکاء ۽ نماء کان پري هي شخص سنگت جي حاضري ڀريندي نظر ايندو آهي. اسٽيج تي جڏهن کيس مزاحيہ شاعري لاءِ گُهرايو ويندو آهي تہ ٻُڌندڙ سندس شاعري ٻُڌي، کِلي کِلي کيرا ٿي پوندا آهن ۽ انھن مان اڪثر هِن کي رڳو هڪ مشڪرو ئي سمجهندا آهن ۽ سندس مزاحيہ شاعري تي عجيب غريب تبصرا ڪرڻ شروع ڪندا آهن. اِهو سڀ مونکي عجيب لڳندو آهي. شايد اِن ڪري جو آءٌ هن سماج کي سمجهي ناهيان سگهيو. هِتي جنھن ڳالھہ تي سنجيدہ ٿيڻ گهرجي، اُن کي اسان هميشہ مزاح ڪري ورتو آهي ۽ جنھن ڳالھه کي مزاح طور وٺجي، اُن تي سنجيدہ ٿي ويندا آهيون. اِن کان بہ اڳتي وڌندي انتھائن تي هليا ويندا آهيون.
ويجهڙ ۾ منھنجي هن سان ملاقات ناهي ٿي پر جڏهن ملاقات ٿيندي آهي تہ اُن ۾ هي اِهو ذڪر ڪندو آهي تہ ڀٽائيءَ سائين تي بہ سندس ڪم هلي رهيو آهي. مونکي خبر ناهي تہ اُهو ڪم ڪٿي پُھتو آهي پر اِهو ڪم نسيم بلوچ کي ضرور ڪرڻ گهرجي. اِن حوالي سان نسيم اِهو ڪم گهڻن کان سُٺو ۽ منفرد ڪري سگهي ٿو.
مون، نسيم بلوچ کي ٻارن سان ٻار ٿيندي ڏٺو آهي. نہ تہ اسان وٽ ٻارن سان وڏو ٿي پيش ٿبو آهي ۽ وڏو ٿي، وڏن وارو ورتاء ڪبو آهي ۽ ٻار کي بہ وڏن وانگر زندگيءَ گذارڻ لاءِ آمادہ ڪبو آهي. گهڻن ماڻھن کي تہ ٻارن جا آواز، شور، ٽھڪ، مستيون، انگل، معصوميت، فرمائشون ۽ شرارتون بہ خراب لڳنديون آهن. دنيا ۾ ٿورا آهن اِهي ڪم ڪندا آهن پر نسيم جھڙا ماڻھو اِهي سڀ ڪم دل سان ۽ خوشي ڪندا آهن.


(06 ڊسمبر 2022ع)

رڳو ٻارڙن لاءِ ئي لکندڙ ليکڪ سرمد عباسي

سکر جي مِٽي سان تعلق رکندڙ صلاح الدين عباسي صاحب، جڏهن اِهو شدت سان محسوس ڪيو تہ اسان وٽ ٻارڙن لاءِ تمام گهٽ لکيو ٿو وڃي تہ هن پنھنجو پاڻ کي ٻارڙن جي لکڻين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هن وڏي عمر جي پڙهندڙن لاءِ بہ ڪھاڻيون لکيون پر هن وقت رڳو ٻارڙن لاءِ ئي لکندو رهي ٿو. پيشي جي لحاظ کان استاد ۽ نامياري ليکڪ سائين نجم عباسي صاحب جو ڀاڻيجو صلاح الدين، ادبي نالي سرمد عباسي سان ٻارڙن لاءِ مسلسل لکندو رهندو آهي. انھي لکڻ ۾ بہ سندس توجھہ جو مرڪز ٻار هوندا آهن. هُو ٻين ليکڪن کي بہ ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ اتساهيندو رهندو آهي. مونکي تہ سائين هميشہ بيحد گهڻو پيار، پنھنجائپ ۽ خلوص ڏنو آهي ۽ چوندو رهندو آهي تہ ”سائين ٻارڙن لاءِ لکو.“ ظاهر آهي هي ايئن پنھنجي ٻين ليکڪ دوستن کي بہ چوندو هوندو.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان زراعت ۾ بِي اِي ڪندڙ سرمد عباسي هن وقت پيغمبري پرائمري استاد آهي ۽ ٻار جي نفسيات کي بخوبي سمجهي ٿو. ڪاش سنڌ جي هر ٻار کي اهڙو استاد ضرور ملي. اسانجي هن مانواري دوست 1984ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻارن لاءِ سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ ڪھاڻيون تخليق ڪيون. سندس پھرين ڪھاڻي اردو ٻوليءَ ۾ ھفتيوار ”اخبار جہاں“ جي ٻارن لاءِ صفحي ”بزم اطفال“ ۾ 1987ع ۾ شايع ٿي. پھرين سنڌي ڪھاڻي ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي. جڏھن تہ گل ڦل کان سواءِ گلڙا ۽ سنڌي اخبارن ھلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز اخبارن ۽ عبرت ميگزين جي ٻالڪ صفحن ۾ بہ ڪھاڻيون شايع ٿيون. ٻارن لاءِ شاعري بہ ڪئي اٿس پر ڪھاڻيءَ سان محبت ھئڻ ڪري سمورو ڌيان رڳو ڪھاڻيءَ تي ئي اٿس.
ھاڻوڪي وقت ۾ ھلال پاڪستان اخبار کان سواءِ ٻارڙن جي رسالن گل ڦل، ساٿي ۽ مرلن ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکي پيو. هن، اخبار ھلال پاڪستان ۾ ھڪ تجربي طور مشھور ڪارٽون ڪردارن ٽام ۽ جيري تي آڌاريل ايڪيتاليھه طبع زاد ڪھاڻيون لکيون. جڏھن تہ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ ٻارن جي ٽه ماھي ميگزين ”مرلن“ ۾ بہ شايد سنڌي ٻوليءَ جي پھرين ڪومڪ سيريز ”ڪونج ۽ ھُش ھُش“ لکي پيو. ڪومڪ سيريز جون ڇھہ ڪھاڻيون شايع ٿي چڪيون آھن ۽ سلسلو ھلندڙ آھي. جنھن کي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملي آهي.
اردو ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون نونھال،آنکهہ مچولی ، بچوں کا رسالا ،خزانہ،ٹوٹ بٹوٹ رسالن ۽ جنگ، امن، نوائے وقت وغيرہ جي ٻالڪ صفحن ۾ شايع ٿيون.
وڏن لاءِ لکيل سنڌي ۽ اردو ڪھاڻيون عبرت مئگزين، ھزارداستان، سنڌو، سنڌ راڻي، احساس، نئين زندگي، نئين آس، امرتا وغيرہ ۽ مختلف سنڌي اخبارن جي صفحن ۽ اردو رسالن سچی کہانیاں، دوشیزہ، چاند، اسماءُ الحسنیٰ ۾ شايع ٿيون.
سچی کہانیاں ۾ شايع ٿيل اوڻيھہ ڪھاڻين مان ارڙھن ڪھاڻين تي کيس روڪ انعام بہ مليا. هن جي سچی کہانیاں ۾ شايع ٿيل ھڪ ڪھاڻي ”ٽي وي ون“ نالي چئنل چورائِي ۽ ”ٽيپ ريڪارڊر“ جي نالي سان ڊرامو ٺاھيو پرَ هن جو نالو نہ ڏنائون. جيڪا ڪيڏي نہ بي ايماني آهي ۽ ڪنھن آرٽسٽ لاءِ اِن کان وڏو ٻيو ڏک ٿي نٿو سگهي.
ٻارن لاءِ ھڪ ناول ”سنڌيار“، مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ويجهڙ ۾ شايع ٿي چڪو آھي. ان ناول کي چانڊوڪي ادبي سٿ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران ٻہ ايوارڊ پڻ مليا آھن. عباسي صاحب اُهو ناول پيار مان مونکي نہ رڳو مون لاءِ موڪلي ڏنو پر منھنجي ڪجهہ شاگردن لاءِ بہ ڪاپيون موڪلي ڏنائين. جيڪو سائين جو خلوص ۽ پيار آهي. مان اِن لاءِ سائين جو بيحد ٿورائتو آهيان ۽ هميشہ ٿورائتو رهندس. هن ناول تي مون پنھنجو مختصر رايو بہ لکيو هو، جيڪو ڪاوش دنيا مئگزين ۾ شايع ٿيو هو.
سرمد عباسي ٻارڙن لاءِ لکڻ طرف ڪيئن آيو؟ انھي حوالي سان سندس خيال ڪجهہ هن طرح آهن. ”هر ٻار جيان مون بہ لکڻ جي شروعات ٻارن لاءِ ادب لکڻ سان ڪئي ۽ منھنجي ڇپيل پھرين تخليق بہ ٻارن لاءِ ڪھاڻي ھئي. لاڳيتو ڪيترا ئي ورھيه ٻارن لاءِ اردو توڙي سنڌي ٻولين ۾ ڪھاڻيون لکيم. ھاڻي ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ جو رڳو ھڪ مقصد آھي ۽ اھو آھي ٻارن کي وندرائڻ. راند روند کانسواءِ ڪتاب ئي اھا اڪيلي وندر آھي جنھن ۾ ماءُ پيءُ پنھنجي ٻار کي خودمختيار ڇڏي سگهن ٿا. اھا خودمختياري ٻار کي موبائل فون ۽ ٽي وي ريموٽ ھٿ ۾ ڏيڻ ۾ ناھي. ٻار موبائل ۽ ٽي ويءَ جو غلط استعمال ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ڏاڍو ضروري آھي تہ جڏھن ٻار موبائل استعمال ڪري يا ٽي وي ڏسي تہ ماءُ پيءُ ساڻس گڏ ھجن. جڏھن تہ ٻار جي ڪتاب پڙھڻ مھل، ماءُ پيءُ ڪنھن بہ ڳڻتيءَ کان آجا ٿي پنھنجا ڪم ڪار اُڪلائي سگهن ٿا. پر ان لاءِ اھا ڳالھہ اھم آھي تہ ڇا ڪتاب جو مواد ايترو وڻندڙ آھي جو ھڪ ٻار جو ڌيان لاڳيتو مطالعي ڏانھن ڌرائي سگهي؟ مان سمجهان ٿو تہ ٻارن جي ادب ۾، خاص طور تي ٻارن جي ڪھاڻيءَ ۾، گهڻي ڀاڱي ڪھاڻيڪارَ تخليق کي نصابي رنگ ۾ لکن ٿا. ھُو ٻارن کي نصيحت ڪرڻَ جي چڪر ۾ ڪھاڻيءَ ۾ ٻارن جي لاءِ ڪا وندر يا ڪي دلچسپ واقعا پيدا نہ ٿا ڪن، جيڪي ٻارَ جو ذھني ٿَڪُ لاھي کيس ٻيھر تازو تڪڙو ڪري سگهن. ان ڪارڻ ئي ٻارُ، ڪتاب کان وڌيڪ اھميت موبائل يا ٽي ويءَ کي ڏئي ٿو. جنھن منجهہ ڪارٽون،سپر ھيروز ۽ کلَ ڀوڳَ وارن وڊيوز (PRANKS) جي شڪل ۾ ھنَ لاءِ وندر جو اڻکٽ سامان موجود آھي.ھڪ ٻار کي جيڪڏھن اھڙي ئي وندر ڪتاب جي صفحن ۾ ملي تہ جيڪر ھو ڪتابن ڏانھن موٽ کائڻَ ۾ دير ئي نہ ڪري.اھو ئي ھڪ سبب آھي جو مان پاڻ کي ٻارن جي ڪھاڻيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪوشش اھا ئي ڪئي آھي تہ پکين، جانورن، جنن، ايلين، روبوٽ ۽ اھڙن ٻين ڪردارن تي ڪھاڻيون لکي ٻارن کي ڪتاب پڙھڻ ڏانھن موٽايان. منھنجي لکيل ٻارن جي ڪھاڻين کي ڏسندا تہ اوھان کي اھي ڪردار گهڻائيءَ ۾ ملندا. منھنجو اھو مقصد بِنھہ ڪونھي تہ ڪو ٻار کي نصيحت نہ ڪجي. ضرور ڪجي، پر ڪنھن ننڍي وڏي ليڪچر بدران دلچسپ ۽ نرالن ڪردارن واتان اڻ سڌيءَ طرح ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪرائجي جو ٻار وندرجي بہ ۽ پرائي پڻ.“
سرمد عباسي کان جڏهن پڇيو ويو تہ توھان ھڪ استادَ جي حيثيت ۾ اھو ضرور پَرکيو ھوندو تہ اڄ ڪلھہ جو ٻارُ ادبي مطالعي کان ڪجهہ پري ٿيندو پيو وڃي. سبب اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سٺن ڪتابن جي کوٽَ آھي يا ادبي ڪتابن جو نصابَ ۾ نہ ھئڻ آھي يا ڪي ٻيا سبب آھن؟ تہ سندن جواب هي هو.
”اسان جو ٻار ڪتاب پڙھڻ چاھي ٿو ۽ پڙھي بہ پيو. اھو سچ آھي تہ ڪتاب پڙھندڙ ٻارن جو انگ گهٽ آھي پر ٻار ادبي ڪتاب پڙھي پيو. اصل ۾ ٻار تہ آلي مٽي ٿيندو آھي. ان کي سُڪڻَ کان اڳ جيڪا شڪل ڏينداسين ھُو اھا شڪل وٺندو. کيس جنھن بہ ماحول سان جوڙينداسين ھُو جُڙندي دير نہ ڪندو. مون کي ننڍپڻ ۾ ئي پڙھڻ لاءِ ڪتاب مليا. جيئن تہ مان عرض ڪري چڪو آھيان منھنجو بابا حاجي نصرﷲ عباسي ۽ منھنجا ڀائر ادبي ڪتاب ۽ رسالا پڙھندا ھئا. خاص طور تي اسان ڀائرن ۾ ٻيو نمبر ڀاءُ الطاف جميل ۽ چوٿون نمبر محمد اسلم بہ ڏاڍا ڪتاب پڙھندا ھئا ۽ اھي اڃان بہ پڙھندا آھن. ادا الطاف تہ ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون ھيون. جيڪي شھباز رسالي ۾ شايع ٿيون. مان بابا سائينءَ ۽ پنھنجن ڀائرن جا ورتل ڪتاب پڙھي ئي پڙھڻ ڏانھن ڇڪجي آيو ھئس. حقيقت اھا آھي تہ جي ٻار کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ اتساھبو تہ ھُو دير سوير ضرور ان پاسي لڙي ايندو ۽ جيڪڏھن سندس ھٿ ۾ موبائل ڏبي تہ پوءِ کيس ڪتاب بدران موبائل ئي کپندي. ٻيو تہ منھنجو پنھنجو تجربو آھي تہ ٻار کي ڪتاب وٺي ڏبو يا کيس ڪھاڻي شاعري پاڻَ پڙھي ٻڌائبي تہ ھن جو ڪتابن سان چاھُه لازمي ٿيندو. منھنجو پٽ فھيم فاروق ڏھين درجي جو شاگرد آھي. مون کيس شروع کان ڪتاب پڙھڻ جي ھيرَ وِڌي آھي. ھاڻ ھو مطالعي جو ايترو تہ ھيراڪ آھي جو نئون ڪتاب نہ ملڻ تي ورائي ورائي ساڳيا ڪتاب ٻيھر پڙھندو آھي. بحيثيت استاد مون پنھنجي اسڪول ۾ بہ ننڍڙي لائبريري جوڙي آھي. سڄي اسڪول جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ان لائبريريءَ مان ڪتاب کڻي پڙھن ٿا. اسان ھڪٻئي کي ڪھاڻيون پڙھي ٻڌائيندا آھيون ۽ انھن بابت ڳالھائيندا آھيون. ڪجهہ ٻار پتڪڙيون ڪھاڻيون بہ لکندا آھن ۽ ڪيترا ئي شاگرد شاگردياڻيون اھا شڪايت ڪندا آھن تہ سائين ڪيترن ڏينھن کان اوھان ڪو نئون ڪتاب ناھي آندو. اسان ساڳيا ڪتاب پيا پڙھون. منھنجي پٽ فھيم بہ ھڪ ڪھاڻي لکي آھي ۽ ھو منھنجي لکيل ڪھاڻين بابت مون کي ڏاڍيون ڪارائتيون صلاحون پڻ ڏيندو آھي. سو چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ دنيا ۾ بدلاءُ اچڻ،فطري عمل آھي. نيون نيون ايجادون تہ ٿيڻ کپن ۽ ٿين پيون. بس اسان کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي تہ بحيثيت ماءُ پيءُ يا استاد جي اسان ڪھڙي ڄمار جي ٻار کي ڪھڙي شئي جي ويجهو ڪيون ۽ ڪھڙي شئي کان پاسو ڪرايون. اوھان پنھنجي سوال ۾ ادبي ڪتابن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ بابت بہ پڇيو آھي تہ ان بابت منھنجو عرض اھو آھي تہ ٻارن جي نصاب ۾ شامل سڀئي سبق ڪھاڻيءَ جي شڪل ۾ ئي ھئڻ گهرجن ۽ انھن جا ڪردار پکي، جانور، جيت ۽ وڻ ٽڻ هئڻ گهرجن. ٻار انھن ۾ دلچسپي وٺن ٿا.“
ناميارو ليکڪ ۽ استاد سرمد عباسي صاحب استادن ۽ والدين کي هميشہ هي پيغام ڏيندو آهي تہ ”مانوارا والدين ۽ استاد صاحبان، جيئن پنھنجن ٻارن کي ھر ٽئين چوٿين مھيني نئون وڳو،جُتي، بُوٽ وٺي ڏيندا آھيون. جيئن کين روز جي بنياد تي چاڪليٽ، چپس، ٽافيون، سوپاريون، کارا مٺا بسڪوٽ، ڇولا ۽ بريانيءَ جي پليٽ وٺڻ لاءِ ڏوڪڙَ ڏيندا آھيو، تيئن ئي جيڪر مھيني ۾ ھڪ ڀيرو کين ڪھاڻي ڪتاب بہ وٺي ڏيندا ڪيو تہ واھه جو ڪم ٿي پئي ۽ جڏھن ھُو اھو پڙھي وٺن تہ کانئن ان بابت ڪي سوال بہ پڇندا ڪيو يا بحث ڪندا ڪيو. ان سان ٻارَ ۾ ھاڪاري بدلاءُ ايندو ۽ سندس نصابي سرگرمين تي سٺا اثرَ پوندا. ٻارن ۾ اکر ۽ لفظ سڃاڻڻ جا ڳڻَ سگهارا ٿيندا. سندن صورتخطي پڻ سُڌرندي.“
مونکي هر وقت محبتون ۽ اتساھہ ڏيندڙ سرمد عباسي وٽ ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين ۽ ناولن جو، ڇھن ڪتابن جيترو مواد موجود آھي. اسان اِها اميد ٿا ڪريون تہ اِهو مواد ڇپجي پڙهندڙن تائين پُھچي ۽ اسانجو سائين عباسي صاحب هميشہ خوش رهي. آمين

(05 نومبر 2024ع)

محبتون ۽ خلوص ارپيندڙ الطاف ميمڻ

الطاف ميمڻ صاحب، اڄ پنھنجي محنت ۽ صلاحيتن سبب هڪ وڏي عھدي تي فائز آهي پر مونکي هُو اڄ بہ ڪنھن ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچر ڏيندي محسوس ٿيندو آهي. ڪامورو هجڻ باوجود هُو بنيادي طور استاد ئي آهي. ظاهر آهي تہ جنھن جي مٿي تي سائين حيدر علي لغاري جي شفقت جو هٿ رهيو هوندو، سو ماڻھو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري ڪِرت سان ئي لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو.
پنھنجي شخصيت ۾ بيحد منفرد ۽ پنھنجائپ وارو رَوَيو رکندڙ الطاف ميمڻ صاحب مونکي هميشہ پنھنجي ننڍن ڀائرن وانگر پيار ۽ عزت ڏني آهي. اسان کان ياد ڪرڻ ۾ ڪا وٿي ٿي ويندي پر الطاف صاحب هميشہ ڪري پنھنجي وڏ ماڻهپي جو ثبوت ڏيندو آهي. الطاف ميمڻ صاحب مونکي پڙهڻ لاءِ ڪتاب بہ موڪليندو رهندو آهي ۽ اُن سان گڏ مختلف ڪتاب پڙهڻ جي صلاح بہ ڏيندو آهي.
يونيورسٽي ۾ پڙهڻ وارن ڏينھن ۾ الطاف ميمڻ ۽ شوڪت اڄڻ صاحب سان ملڻ وڃبو هو تہ گهڻو ڪجهہ پِرائي وربو هو. هي ٻئي اُهي شخص آهن، جن وٽ علمي ادبي گفتگو هوندي هئي، ڪتابن جو ذڪر هوندو هو. چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري جو ذڪر ۽ ماحول هوندو هو. چئوطرف ڪتاب ئي موجود هوندا هئا. انھن ڏينھن ۾ الطاف ۽ شوڪت صاحب ڪاليج ۾ ليڪچرار هوندا هئا، ان ڪري هنن ڪيترن ئي شاگردن کي تہ تيار ڪيو آهي پر هي هونئن بہ، شروع کان وٺي اڄ تائين عِلم ۽ شعور ورهائڻ جو ڪم جاري رکيو اچن. جن ۾ سندن علمي ادبي ليڪچر، لکڻيون ۽ ڪچھريون شامل آهن. جيڪي ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساھہ جو سبب آهن.
اسان وٽ اڪثر ايئن بہ ٿيندو آهي تہ جيڪو ماڻھو ڪامورو ٿي ويو تہ سمجهو اوهان کيس وسري ويا. هاڻي هُو ٻي دنيا جو ماڻھو آهي. ماڻھن جي مزاجن ۾ ئي وڏي تبديلي اچي ويندي آهي ۽ دل چوندي آهي تہ يار هاڻي ملاقات ڪجي پر سندن رَوَيو اُهو ساڳيو هوندو يا ڪاموري وارو هوندو. پر الطاف ميمڻ صاحب جھڙا شخص محبتون ۽ خلوص ڏيڻ وارا ماڻھو آهن. هنن جو رَوَيو اڄ بہ پنھنجائپ ۽ خلوص وارو آهي.

(08 آڪٽوبر 2023ع)

اجنبي مسافر - سرواڻ سنڌي

شايد 2005ع يا 2006ع جو سال هو، آئون ۽ منھنجو ننڍو ڀاءُ منصور بدين کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ وين اسٽاپ تي آياسين. اسان ٻن سيٽن جا پئسا ڏئي وڃي وين ۾ ويٺاسين. اسان سان سيٽ تي جيڪو ٽيو اجنبي مسافر گڏ اچي ويٺو، سو بلڪل سنجيدہ ۽ خاموش ويٺو هو. جيئن سفر اڳيان هليو تہ، هڪٻئي سان حال احوال ڪيوسين، اسان کان پُڇيائين تہ ڇا ڪندا آهيو؟ مون ٻُڌايو تہ، آئون يونيورسٽي ۾ ٿو پڙهان ۽ منھنجو ڀاءُ ڪاليج ۾ ٿو پڙهي. ائين ئي هن پنھنجي باري ۾ بہ ڪجهہ ٻُڌايو. انھي ڳالھين دوران هي وڏا وڏا ٽھڪ بہ ڏيندي هليو، جيڪي مون کي سُٺا پئي لڳا. انھي مختصر ڳالھہ ٻولھہ دوران هي مون کي زندہ دل، پيار ۽ خلوص وارو ماڻھو لڳو. سفر ختم ٿيو، اسان گاڏي مان لھي هڪٻئي کان موڪلايو ۽ پنھنجي منزل طرف هليا وياسين ۽ اڄ تائين وري روبرو ناهيون ملي سگهيا. اُهو اجنبي مسافر سنڌي ٻوليءَ جو سھڻو شاعر ۽ نثر نويس سرواڻ سنڌي هو.
ڪافي سالن کان پوءِ مون جڏهن پابندي سان سوجهرو رسالو پڙهڻ شروع ڪيو تہ، اُن ۾ بہ سرواڻ سنڌي جي نالي سان خوبصورت شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. جڏهن شاعري سان گڏ سندس تصوير ڏٺم تہ چئي ڏنم، اڙي هي تہ اُهو سرواڻ سنڌي آهي، جنھن سان اسان هڪ مختصر سفر گڏ ڪيو هو. اُن کان پوءِ ڪڏهن ڪاوش مئگزين تہ ڪڏهن ڪنھن ٻئي مئگزين ۾ سندس شاعري پڙهڻ لاءِ ملندي هُئي. وري جڏهن سوشل ميڊيا جو دور آيو تہ فيس بوڪ تي هڪٻئي جا دوست ٿي وياسين. جتي سندس شاندار شاعري، ڪھاڻيون، ناول ۽ تنقيدي تبصرا پڙهڻ لاءِ ملندا رهيا. هر ظلم، ناانصافي ۽ انتھاپسندي تي قلم کڻڻ ۽ بيباڪ انداز سان لکڻ ڪو سرواڻ سنڌي کان سِکي. جيڪا ڳالھہ دل ۾ ايندي اٿس، اُن جو پوري سچائي ۽ بھادري سان اظھار بہ ڪري ڇڏيندو آهي پوءِ ڀلي ڪنھن کي اُها ڳالھہ نہ وڻي يا نہ هضم ٿئي. اڄ جتي هر ماڻھو منافقي، مصلحت پسندي ۽ چمچاگيري جو عادي بڻجي ويو آهي، اُتي ڪو ماڻھو جيڪڏهن پنھنجي دل جي سچائي سان پنھنجو واضح موقف رکي تہ، اِها تمام وڏي ڳالھہ آهي.
هُو پنھنجي لکڻين ۽ لھجي مان جذباتي ۽ ضدي بہ لڳندو آهي تہ، ننڍڙي ٻار وانگر صفا معصوم بہ لڳندو آهي. مون کي اِئين لڳندو آهي تہ، سندس اندر ۾ موجود درد ئي آهي، جيڪو کيس وڏا وڏا ٽھڪ بہ ڏياري ٿو تہ، کيس بيباڪي ۽ بھادري سان لکرائي بہ ٿو. ٿي سگهي ٿو اِهو درد کيس اڪيلائي ۾ روئاريندو بہ هُجي. سندس تصويرن ۾ بہ هِن جي چھري تي اُداسي ۽ ڪاوڙ ئي نظر ايندي آهي پر سندس دل ۾ بي پناھہ محبت ۽ پيار سمايل آهي.
2017ع ۾ سندس پھريون شاعريءَ جو ڪتاب "هنج نہ آيا هيل" ڇپيو، جيڪو هڪ تمام بھترين ڪتاب آهي. انھي ڪتاب ۾ سرواڻ سنڌي جي خوبصورت شاعري پڙهي ائين لڳي ٿو تہ، اڄ بہ سنڌي شاعريءَ ۾ نوان خيال، نئون فڪر نئين انداز ۾ لکجي پيو. مون سندس اُهو ڪتاب دل سان پڙهيو هو. انھي کانپوءِ سال 2018ع ۾ سندس ٻيو شاعري جو ڪتاب "مند بنا موتيا" ڇپيو، جيڪو بہ سندس پھرين ڪتاب جون سِڪون لاهيندي نظر آيو. اِهو ڪتاب ڏاڍو شاندار ڇپيل آهي، مون ويجهائي ۾ اهڙو خوبصورت شاعري جو ڪتاب نہ پڙهيو ۽ نہ ڏِٺو. مون انھن ٻنھي ڪتابن تي تبصرا بہ لکيا، جيڪي عبرت اخبار جي ادبي صفحي تخليقڪار ۾ پياري واحد پارس هيسباڻي شايع ڪيا.
سرواڻ سنڌي تازو هڪ ناول بہ لکيو آهي، جيڪو بہ يقينن جلد شايع ٿيندو. انھي کان سواءِ هي تنقيدي مضمون بہ سُٺا لکندو آهي، جيڪي بہ ڪتابي شڪل ۾ اچن تہ ڀلو ڪم ٿيندو. سرواڻ پنھنجي زندگي بابت بہ لکندو رهندو آهي، جيڪا سندس آپ بيتي آهي، انھي کي بہ اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪندو تہ، اِهو بہ هڪ شاندار ڪم هوندو.
انھي 15 سال پھرين واري ملاقات کان پوءِ، اسان جي مختصر ڳالھہ ٻولھہ فيس بوڪ تي چيٽ ذريعي ئي ٿي آهي. انھي ۾ بہ سرواڻ هميشہ منھنجي لکڻ جي همٿ افزائي ڪئي آهي ۽ بلڪل پنھنجي ننڍي ڀاءُ وانگر پيار ۽ خلوص ڏنو آهي. آئون بہ سندس هڪ شاندار تخليقڪار هئڻ ڪري ۽ وڏي ڀاءُ وانگر محسوس ٿيڻ ڪري تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان.

(28 مئي 2020ع)

بھترين استاد محمد طفيل چانڊيو

اسان سڀني جي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ استاد اهڙو ضرور هوندو آهي، جنھن جي ڪلاس جو اسان بي صبري سان انتظار ڪندا آهيون ۽ جڏهن اُهو ڪلاس شروع ٿيندو آهي تہ اسانکي سُڪون اچڻ شروع ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪنھن سبب جي ڪري اُهو استاد پنھنجو ڪلاس ناهي وٺي سگهندو تہ ڪا ڪمي محسوس ٿيندي آهي. سائين طفيل چانڊيي صاحب جو شمار بہ اهڙن استادن ۾ ٿئي ٿو. طفيل چانڊيو صاحب ڪيترن ئي سالن کان شعور جي آبياري ڪري رهيو آهي. پوءِ اُهي اسڪولن، ڪاليجن، اڪيڊميز ۽ يونيورسٽين جا ڪلاس روم هجن يا وري سياسي سماجي پروگرام يا ڪچھريون هجن، سائين طفيل چانڊيو صاحب اُنھن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو آهي ۽ پنھنجي حصي جو input ڏيندو رهيو آهي.
استاد جي سامھون تہ سندس هر شاگرد واکاڻ ڪندو آهي، پوءِ اُها ڊپ جي صورت ۾ هجي يا وري وڏي جي عزت ڪرڻ جي صورت ۾ ئي هجي ٿي پر تمام ٿورا استاد اهڙا هوندا آهن، جن جي پرپٺ بہ شاگرد واکاڻ ڪندا آهن. مون، طفيل صاحب جي واکاڻ ايئن ٻُڌي آهي. شاگردن کي همٿائڻ، سندن تخليقي صلاحيتن کي اُڀارڻ، ساڻس سھڻو سلوڪ رکڻ سائين جو معمول آهي. پاڻ هر وقت شاگردن جي رهنمائي لاءِ کين ڀليڪار چوندو آهي ۽ مان ڏيندو آهي. نہ تہ اسان اهڙا پروفيسر بہ ڏٺا آهن، جن جي ويجهو ويندي بہ شاگرد ڪيٻائيندا آهن ۽ سندن نالو ٻُڌي ڪنبجي ويندا آهن.
اسان 2012ع ۾ ايم ايڊ ڪري رهيا هئاسين تہ سائين اسانجا ڪلاس بہ وٺندو هو. اُتي بہ سائين کان سِکڻ جو موقعو مليو. اسان سان سندن رَوَيو هميشہ شفقت وارو رهيو آهي. منھنجي جڏهن بہ ساڻن ملاقات ٿي آهي تہ مونکي پنھنجي ننڍي ڀاءُ وانگر ئي پيار ۽ عزت ڏني اٿائين.
اسان وٽ مستقل مطالعو ڪندڙ استادن جو تعداد بہ تمام ٿورڙو آهي. پر جيڪي استاد مطالعو ڪندا آهن، انھن جي ليڪچرس مان شاگردن کي هر ڀيري نيون ڳالھيون ۽ نيون راهون سِکڻ لاءِ ملنديون آهن. سائين طفيل بہ مستقل مطالعو ڪندڙ شخص آهي. سائين پنھنجي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي پر مجموعي طور تعليم جي شعبي ۾ تحقيق سان لاڳاپيل بہ رهيو آهي. استادن جي تربيت جا سيشن، ريسورس پرسن ۽ ٽرينر طور اڪثر سائين ڪنڊڪٽ ڪندو رهيو آهي. اُن سان گڏوگڏ نوجوانن کي همٿائڻ لاءِ موٽيويشنل اسپيڪر طور بہ سائين هر ڀيري اڳيان هوندو آهي.
پنھنجي وقت کي ڪيئن ڪارائتو بڻائجي. پنھنجا اهم ڪم مقرر وقت تي ڪيئن ڪجن ۽ نظم و ضبط سان ڪيئن زندگي گذارجي سو طفيل صاحب کان سِکجي. سائين گذريل ڪيترن ئي سالن کان بدين جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائيندو رهيو آهي ۽ هن وقت لاڙ ڪيمپس بدين ۾ انگريزي شعبي جو سربراھہ آهي. اُن سان گڏوگڏ سائين شام جي وقت پنھنجي اڪيڊمي بہ هلائيندو آهي، جنھن ۾ خاص طور نوجوان ۽ ننڍي عمر جا ٻارڙا بہ حصو وٺندا رهندا آهن. سائين استادن جا تربيتي ورڪشاپ بہ منعقد ڪندو رهندو آهي ۽ مختلف نوڪرين ۽ امتحانن جي تياري لاءِ ڪوچنگ ڪلاسز بہ هلائيندو رهندو آهي. سائين پنھنجو اِهو پورهيو گذريل ڪيترن ئي سالن بلڪہ ڏهاڪن کان ڪندو پيو اچي. اهڙي طرح هر ماڻھو رڳو پنھنجي پيشي سان سچو ٿي پنھنجو پورهيو ايمانداري سان ڪري تڏهن بہ گهڻا مسئلا حل ٿي پون.

(06 مارچ 2024ع)

احساسن ۽ دردن جي ڪٿا لکندڙ آصف جمالي

هن وقت منھنجي سامھون جيڪو ڪتاب آهي، اُهو اُنھي شخص جو آهي. جنھن وٽ احساسن جو خزانو آهي. بي حس سماج ۾ حساس هجڻ ڪنھن عذاب کان گهٽ ناهي. سو، هي شخص بہ اِهي عذاب ڀوڳيندو رهي ٿو. اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سائين آصف جمالي صاحب جو ۽ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب ”شھر ڪٿا“ جو، جنھن ۾ تلھار شھر جي تاريخ غير روايتي انداز ۾ لکيل آهي.
آصف لکندو بہ مختصر آهي ۽ ڳالھائيندو بہ مختصر آهي، انھي ڪري مونکي پاڻ جي ويجهو لڳندو آهي. پر سندس اُهو ڳالھائڻ ۽ لکڻ معني خيز هوندو آهي. هِن کان اڳ بہ آصف جمالي جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪھاڻين جو ڪتاب بہ شامل آهي. آصف جي هر ڳالھہ ۾ ڪا نہ ڪا ڪھاڻي سمايل هوندي آهي. انھي مان ئي سندس مشاهداتي سگهہ جو اندازو ٿئي ٿو. تلھار تي روايتي انداز ۾ واقعا تاريخن سان مختلف ليکڪن لکيو آهي پر تلھار جي شاندار ماضي ۽ بيحال حال تي، ڪنھن بہ ناهي لکيو. آصف اُهو لکي، پاڻ کي ٻين کان منفرد بڻايو آهي. شھر ڪٿا ۾ دردن ۽ احساسن جو ذڪر آهي. انھن ماڻھن جو ذڪر آهي، جن جو ذڪر ڪير بہ نٿو ڪري يا وري سماج لاءِ اُهي وڏا ماڻھو ناهن. آصف انھن تي لکي نہ رڳو کين تاريخ جو حصو بڻايو آهي پر ٻين کي بہ اِهو احساس ڏياريو آهي تہ پنھنجي آسپاس نظر ڦيرايو ۽ ڏسو تہ ڪي لڪل هيرا تہ موجود ناهن..؟! جن لاءِ ڀٽائي سائين چيو آهي تہ ”لِڪا ڀڻن لوڪ ۾....“
آصف جڏهن هن ڪتاب جو مسودو مونکي پڙهايو تہ ان وقت بہ آئون هي سمجهي سگهيس ۽ ان وقت لکيم تہ اڄوڪي هِن نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ جي جھان ۾، صاحبِ دل ۽ صاحبِ احساس هجڻ تمام وڏي ڳالھہ آهي. تمام ٿورا ماڻھو صاحبِ دل ۽ صاحبِ احساس آهن. اسانجو مانوارو سائين آصف جمالي بہ انھن ٿورن ماڻھن ۾ شامل آهي. جن جي صاحبِ احساس هجڻ جي شاهدي، سندن اکين ۾ موجود اُهو ڳوڙها بہ ڏيندا، جيڪا سندن اکين مان اڃا نڪتا ئي ناهن. هي ماڻھو دنيا جي روايتي ماڻھن کان بلڪل مختلف، پنھنجي الڳ دنيا ۾ رهندڙ ماڻھو آهن. هنن جي دنيا، احساسن، پيار، پنھنجائپ، سھپ، ساڃاھہ، ڏک ۽ پيڙاء جي دنيا آهي. هونئن بہ سُرت کي سُور آهي.
آصف ڪاغذ ۽ قلم سان بہ نينھن نڀائيندو اچي. هو مسلسل لکندو رهي ٿو. مونکي سندس هر لکڻي ۾ ڪا نہ ڪا ڪھاڻي نظر اچي ٿي. هونئن بہ هي بنيادي طور ڪھاڻيڪار ئي آهي. سندس لکڻيون احساساتي بہ آهن تہ سچ کي سامھون آڻيندڙ بہ آهن. سندس هي ڪتاب شھر ڪٿا بہ تلھار شھر جي تاريخ آهي. جيڪا روايتي تاريخ ناهي. جنھن ۾ رڳو واقعا ۽ انگ اکر هجن پر هي احساسن ۽ دردن جي تاريخ آهي. جنھن جي پڙهڻ سان هِن شھر جي حسناڪي ۽ شاندار ماضيءَ جو احساس شدت سان ٿئي ٿو ۽ اِهو بہ پتو پوي ٿو تہ اسانجو هي ليکڪ دوست ڪيڏو نہ حساس ۽ ڪومل جذبن جو مالڪ آهي. هِن ڪتاب ۾ انھن ماڻھن جو بہ ذڪر آهي، جن جو ذڪر عام طور تي نٿو ٿئي. آصف انھن جو ذڪر ڪري کين پيار مان ياد ڪيو آهي.
مونکي اِها اميد آهي تہ هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ پنھنجي هڪ الڳ جڳھہ جوڙيندو.
آصف پنھنجو ڪتاب پنھنجي بابا سائين کي ارپيو آهي، جنھن ۾ هُو لکي ٿو تہ

”اونداهيءَ جي وحشت ٿيندي آهي
روز دل ۾
اميد جو ڏيئو ٻاري
سمھندا آهيون
خواب ڏسندا آهيون
خوابن ۾
اڻ ڏٺل منظر
۽ ماڻھو ڏسندا آهيون
هڪ عجيب دنيا هوندي آهي
پر تون نہ هوندو آهين
خواب ڏسندا آهيون
خوابن جي دنيا ۾
توکي ڳوليندا آهيون
پر تون نہ ملندو آهين..“

تلھار شھر جي ڪٿا بيان ڪندي، تلھار جي ماڳ مڪان جو بہ ذڪر ٿئي ٿو. جن ۾ لائبرري، ڪتاب گهر ۽ پوسٽ آفيس جو بہ ذڪر آهي. اِهي ٽئي ماڳ نہ رڳو تلھار پر هاڻي گهڻن ئي شھرن ۾ ويران آهن. جن جو پنھنجو پنھنجو درد آهي.
شھر ڪٿا ۾ تلھار جي ڪردارن جو بہ ذڪر بيحد وڻندڙ انداز ۾ ٿيل آهي، جن ۾ مٺو مھيري، نور محمد سومرو، سليمان پرڏيھي، مائيڪل، پروفيسر مٺا خان مري، ڊاڪٽر سومار کوسو، پِي ڪي شاهاڻي سميت ٻيا ڪيترائي ڪردار شامل آهن.
آصف جمالي جو نثر، شاعراڻو نثر آهي، ان ڪري سندس لکڻيون وڻندڙ لڳن ٿيون ۽ پڙهندڙ رواني سان پڙهندو رهي ٿو.
امرتا پبليڪشن پاران شايع ڪيل هي ڪتاب، مونکي اميد آهي تہ هي ڪتاب اوهانجي لائبرري ۾ هڪ سھڻو اضافو ثابت ٿيندو.

شاگردن جي هر وقت رهنمائي ڪندڙ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

يونيورسٽين جا اڪثر پروفيسر، پنھنجي رَوَيي ۾ بيحد سخت، رُکا ۽ صفا ظالم هوندا آهن. مٿان وري پي ايڇ ڊي بہ هجن پوءِ تہ ڌڻي پناھہ ڏي. هُو هر سڻڀي ڪم ۾ اڳڀرا هوندا آهن. پوءِ اُهو ڪو ٺيڪو هجي، ڪرسي يا چڱ مڙسي هجي، پر اُهي ساڳيا پنھنجي شعبي ۾ تحقيق ۽ شاگردن کي پڙهائڻ ۽ سندن رهنمائي ڪرڻ کان ونئون پيا ويندا آهن. تمام ٿورڙا پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي بہ ڪيل، تعليم دوست ۽ شاگرد دوست بہ آهن. انھن کي ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته؛ پي ايڇ ڊي ڪيل پروفيسر اهڙا بہ ٿي سگهن ٿا. جيڪي پنھنجو پاڻ کي اپڊيٽ بہ ڪن ٿا، مطالعو ۽ مشاهدو بہ ڪن ٿا ۽ پوءِ شاگردن کي ان مان فائدو ڏين ٿا. اهڙن پروفيسرن ۾ انسٽيٽيوٽ آف مئٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو صاحب بہ شامل آهي. جيڪو شاگردن کي پنھنجو سبجيڪٽ تہ پڙهائي ٿو پر ان سان گڏ سندن ڪيريئر ڪائونسلنگ بہ ڪري ٿو. ان حوالي سان ليڪچر بہ ڏئي ٿو ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي موضوع تي سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جن جا نالا ۽ جنھن سال ۾ شايع ٿيا، سي هيٺ ڏجن ٿا.

1. اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا 2018ع
2. ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا 2019ع (ملائشيا)
3. يورپ ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا 2020ع
4. پسند جو شعبو پسند جو پيشو 2021ع (ترجمو
5. ڪامياب شاگرد 2022ع
6. امتحان ۾ فيل ٿيڻ زندگي ۾ فيل ٿيڻ نہ آهي، 2023ع
7. اسڪالرشپ جا موقعا 2024ع شامل آهن.
تعليمي موضوعن تي ڊاڪٽر صاحب جا هيٺيان اڻ ڇپيل ڪتاب آهن، جيڪي اميد تہ جلد شاگردن جي هٿن ۾ هوندا.
1. پرڏيھہ پڙهڻ جا موقعا
2. محنتي ماڻھن جو ملڪ چائنا (سفرنامو)
3. پوپٽ جو روح رکندڙ محمد علي قلي ترجمو
4. ملائشيا جو مھاتير محمد ترجمو
ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي ۾ سندس ڪيترائي اڪيڊمڪ ريسرچ آرٽيڪل دنيا جي مشھور جنرلس ۾ شايع ٿيل آهن. پاڻ چار عالمي ڪانفرنسن جو حصو رهيا آهن. انٽرنيشنل سرٽيفائڊ ايڊوانس ليڊرشپ ٽريننگ، جيڪا ملائشيا انٽرنيشنل ٽريننگ انسٽيٽوٽ مان ڪيائون.
ڊاڪٽر صاحب ڪمپويٽر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي جو ماڻھو آهي، هي جديد ٽيڪنالاجي کي تمام ويجهي کان ڏسي ٿو ۽ ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن کان بخوبي واقف بہ آهي. سو ٽيڪنالاجي بابت سندس خيال ڪجهہ هن ريت آهن.
”جديد ٽيڪنالاجي يعني مصنوعي ذهانت يا ٻيون لاڳاپيل شاخون جيئن سوشل ميڊيا، يا آن لائين گيمس يا آن لائين بزنيس ٽولس اچي وڃن ٿا، جديد ٽيڪنالاجي اڄ جي نوجوانن کي هڪ ڪلڪ تي تعليم سکڻ توڙي بزنيس ڪرڻ توڙي رانديون رهڻ ۽ دوستيون ڪرڻ، رابطي ۾ رهڻ ۽ سموري دنيا ۾ مختلف موقعا ڳولھڻ توڙي پنھنجي ذهانت کي دنيا آڏو نمودار ڪرڻ جو سڀ سھولتون ميسر ڪري ڏنيون آهن، اڄ جو نوجوان خوشنصيب آهي جي ان کي مثبت طريقي سان استعمال ڪري، پر جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ لاپرواهي سندس خوشنصيي کي بد نصيبي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي، جو هر ڀرو انٽرنيٽ جو بي جا استعمال هن ۾ اسٽريس، بيچيني پيدا ڪري سگهي ٿو، سندس وقت ۽ پيسو ضايع ٿئي ٿو، سندس تخليقي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي، هر وقت آن لائين سرفنگ جي ڪري پنھنجي ڪلاس جو ڪم توڙي گهر جو ذميواريون توڙي جسماني مشغوليون ڪرڻ کان پري ٿي وڃي ٿو، اڻ سڌي طرح جديد ٽيڪنالاجي سوشل ميڊيا ۽ آن لائين گيمز جي صورت ۾ سندس ذاتي زندگي توڙي تعليمي زندگي متاثر ڪري رهي آهي تہ ٻي طرف سندس تخليقي صلاحيتن کي بہ هاڃيڪار نقصان رسائي رهي آهي، اهڙي صورت ۾ نوجوان پنھنجي زندگي جو ڪو مقصد مقرر ڪرڻ بجاءِ ٽيڪنالاجي جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن، جيڪا سندس هٿن توڙي ذهن کي مفلوج بڻائي انھن جو نعمل بدل بڻجي رهي آهي، ۽ نوجوان جنھن کي ٽيڪنالاجي پنھنجي سھولت لاءِ استعمال ڪرڻي آهي، الٽو ٽيڪنالاجي نوجوان کي استعمال ڪري رهي آهي.“
ڊاڪٽر صاحب يونيورسٽي جو پروفيسر آهي، ان ڪري ساڻس ڪچھري ڪندي مون سنڌ جي يونيورسٽين جي موجودہ صورتحال بابت سندس راءِ ورتي ته؛ سندس راءِ ڪجهہ هن ريت هئي. ”هن وقت يونيورسٽون صرف داخلائن جو انگ وڌائڻ ۽ بدلي ۾ فيسون وڌائي ڪارونھوار هلائڻ جي چڪر ۾ آهن. سرڪاري يونيورسٽن جي انتظاميہ رڳو پنھنجو وقت پورو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. ڪلاسن ۾ گنجائش کان وڌيڪ شاگرد آهن. جن ۾ اڪثريت سيلف فنائسن تي هجي ٿي. سندن بنيادي تعليم ڪمزور هجڻ ڪري هو يونيورسٽي ۾ ڏکيائون محسوس ڪن ٿا. پر استاد کين بل آخر پاس ڪندا رهن ٿا جو انتطاميا جو دٻاءُ بہ هوندو آهي تہ استاد وٽ بہ احساس هوندو آهي تہ جيڪو آيو آهي تہ ڊگري وٺي وڃي اڳتي سندس ڀاڳ. مجموعي طور سرڪاري جنرل يونيورسٽيون رڳو پنھنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ ئي ڪم هلائي رهيون آهن. انتظاميا وٽ ڪا بہ رٿابندي ناهي، تہ مستقبل جو گريجوئيٽ ڪئين هجي؟ اصل ۾ ادارن جي سربراهن جو ويزن نہ آهي، انھن جو ويزن پنھنجي ڪرسي آهي پوءِ جيئن ڪم پيو هلي، البتہ يونيورسٽي ۾ ڪلاس ريگيولر هلن ٿا پر شاگردن جو ريسپانس ايوريج ئي رهي ٿو. ان جو گهڻو سبب سفارش ڪلچر توڙي بار بار امپروو جي سھولت ۽ آخر ۾ استاد طرفان پاس ڪري ڇڏڻ ئي آهي.“
منھنجي خيال ۾ ايڏي ايمانداري سان راء هڪ سچو ماڻھو ئي ڏئي سگهي ٿو. نہ تہ اسان وٽ اڪثر پروفيسر تہ چوندا آهن، اسان زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ لھي اڀري اسان تي ئي پيو. ڪاش ايڏي سچائي ٻيا بہ پروفيسر ۽ استاد رکن تہ اسانجي شاگردن جو ڪيڏو نہ ڀلو ٿي پوي.

عبرت سان ساٿ نڀائيندڙ واحد پارس هيسباڻي

سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو هڪ شاندار ماضي رهيو آهي. انھي تي نگاھہ وجهڻ سان، اسانکي اهڙا ڪيترائي شخص نظر اچن ٿا، جن انھن اخبارن ۽ رسالن کي اوج تي پھچايو. اهڙن ئي خوبصورت رسالن ۾ هڪ رسالو عبرت مئگزين بہ رهيو آهي، جيڪو گهر گهر جي سونھن هو. انھي مئگزين ذريعي ڪيترن ئي نون ليکڪن کي لکڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مھيا ٿيندو هو. وقت سان گڏ ڪيترائي مئگزين بند ٿي ويا پر عبرت مئگزين اڃا تائين شايع ٿي رهيو آهي. جيڪا خوشي جي ڳالھہ آهي. جيتوڻيڪ هِن مئگزين تي بہ وقت سان گڏ اثر ضرور پيا آهن پر وري بہ هن جو شايع ٿيڻ خوش آئيندہ ڳالھہ آهي.
اسان جڏهن هن مئگزين ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي هئي تہ ان وقت هن جو ايڊيٽر مرتضيٰ سيال صاحب هو ۽ سندس ٻانھن ٻيلي واحد پارس هيسباڻي هو. واحد پارس هڪ سُٺي شاعر ۽ نثر نويس سان گڏ هن وقت عبرت مئگزين جو ايڊيٽر پڻ آهي. واحد پارس گذريل 24 سالن کان مئگزين سان ساٿ نڀائيندو اچي، جيڪا تمام وڏي ڳالھہ آهي. واحد پارس جي ڪريڊٽ تي هڪ ٻيو وڏو ڪم بہ آهي، اُهو عبرت اخبار ۾ هر هفتي علمي ادبي صفحو ”تخليقڪار“ شايع ڪرڻ آهي. اُهو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو پر افسوس جو گذريل ٻن سالن کان اُن کي بند ڪيو ويو آهي. اُن ذريعي شاعري، خاڪا، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيا علمي ادبي مضمون شايع ٿيندا هئا.
واحد پارس اسانکي بہ لکڻ لاءِ همٿائيندو رهندو آهي ۽ جڏهن بہ کيس ڪو ليک موڪليندا آهيون تہ وڏي پيار سان ان کي شايع ڪندو آهي. عبرت مئگزين طرفان ڪو بہ خاص نمبر نڪري تہ واحد ضرور لکڻ لاءِ چوندو آهي. ايئن ئي سندس ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ادبي صفحي ”تخليقيڪار“ ۾ مون مختلف ڪتابن تي تبصرا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي هن دل سان شايع ڪيا ۽ مون انھن کي اڳتي هلي ڪتابي شڪل ڏني. ”سِٽون پڙھہ ساڃاھہ جون“ جي نالي سان اِهو ڪتاب شايع ٿيو.
واحد پارس ڪجهہ سال مرتضيٰ سيال صاحب سان گڏ اسانجي ڳوٺ بہ آيو هو تہ ان ڪچھري ۾ بابا سائين، سائين هيرو مل ۽ ڪجهہ ٻيا دوست بہ شامل هئا. اُها لاجواب ڪچھري ٿي هئي. واحد پارس ۽ مرتضيٰ صاحب جي مھرباني، جو هُو پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي اسان ڏانھن آيا. دعا آهي تہ شال سدائين خوش هجن.

(20 آڪٽوبر 2022ع)

جگري يار - بشير ڳھيلڙو

بشير ڳھلڙي جو نالو جڏهن بہ زبان تي ايندو آهي تہ شيخ اياز جي سِٽ ذهن ۾ ايندي آهي ”ڳوڙها ڳھيلڙا، مارُو اڪيلڙا....“
بشير منھنجو ڪاليجي جي زماني جو يار آهي. بشير جون ڪيتريون ئي ڳالھيون مونکي وڻنديون آهن پر سڀ کان مٿي مونکي سندس مطالعو، ڪتابن سان چاھہ ۽ شاھہ سائين جي شاعريءَ جي حوالي سان ڪم تمام گهڻو وڻندو آهي. دل چوندي آهي تہ لطيف جو موضوع ڇيڙي پوءِ هن کي ويٺو ٻُڌجي.
ڪچھرين جو بہ ڪوڏيو آهي پر جي سندس مزاج موڙ کاڌو تہ ڪيترائي ڏينھن گم ٿي ويندو آهي. فون جو بہ جواب ناهي ڏيندو. مونکي سندس اِها ڳالھہ بہ وڻندي آهي. جڏهن شور وڌي وڃي تہ پوءِ ماڻھو کي مجبورن ايئن بہ ڪرڻو پوندو آهي. انھي حوالي سان هي هڪ ڏکوئيندڙ ڳالھہ ٻُڌائيندو آهي تہ ”جڏهن منھنجي والد صاحب اوچتو هي جھان ڇڏيو تہ آئون ڪنھن ڪم سبب گهر کان ٻاهر هئس ۽ مونکي فون ڪري ٻُڌايو ويو تہ تنھنجو پيءَ هن دنيا ۾ ناهي رهيو. اُن ڏينھن کان جڏهن بہ موبائيل جي رنگ ٽون وڄندي آهي تہ ڪنبي ويندو آهيان ۽ ڳالھائي ناهيان سگهندو.“
هي اُهو شخص آهي، جيڪو مون سان پنھنجي اندر جا سُور اوري روئي بہ پوندو آهي. ڪيترائي ڀيرا سندس درد ڪٿا ٻُڌندي ۽ کيس سمجهائيندي مونکي اِهو محسوس ٿيندو آهي تہ آئون تہ هن کي پنھنجو درد ٻُڌائڻ آيو هئس پر هن تہ مونکان پھرين ئي اهڙي ڳالھہ ڪئي جو هاڻي پنھنجو درد ٻُڌائڻ بدران کيس سمجهائبو ۽ پرچائبو آهي.
بشير، مونکي پڙهڻ لاءِ مختلف ڪتابن جو صلاحون بہ ڏيندو آهي. جنھن مان سندس ذوق ۽ گهري مطالعي جو پتو پوندو آهي. اسان گڏجي پنڌ بہ ڪيا آهن، اوجاڳا بہ ڪيا آهن ۽ ڏک سک بہ سليا آهن. پڙهائڻ واري پيشي سان لاڳاپيل هجڻ ڪري، هي پنھنجي شاگردن جو بہ پسنديدہ استاد رهيو آهي.
اميد اٿم تہ بشير جو ڪتابن سان اِهو پيار سلامت رھندو.


(01 آڪٽوبر 2024ع)

معصوم مزاج رکندڙ منورحسين ديوانو

منور حسين کوسو، منھنجي بيحد پيارن دوستن مان هڪ آهي. هي پنھنجي مزاج ۾ هڪ معصوم ۽ يگانو ڪردار آهي. يونيورسٽي واري زماني ۾ اسان گڏ رهندا هئاسين. هِن جون ڪيتريون ئي ڳالھيون اڄ بہ ياد آهن، جيڪي نراليون آهن. هڪ ڀيري سندس سيميسٽر جو پيپر هو، هي سمھي رهيو پيپر لاءِ نہ اٿيو. جاڳايو مانس تہ ”ادا جاڳ، پيپر اٿئي...“ هن ننڊ مان جاڳي چيو ”يار پيپر لاءِ سوير جاڳيو هئس پر اڄ ننڊ قھر جي پئي اچي. ان ڪري اڄ ننڊ جا مزا ٿا وٺون، پيپر وري ايندڙ سال ڏيندس.“ پوءِ هِن ٻئي سال پيپر ڏنو ۽ سُٺين مارڪن ۾ پاس ڪيائين.
اهڙي طرح جڏهن يونيورسٽي ۾ عيد جون موڪلون ٿينديون آهن تہ سڀ شاگرد پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ڏانھن، عيد ملھائڻ لاءِ واپس ويندا آهن. هڪ ڀيري چيائين تہ هن عيد تي ڳوٺ نہ هلندس، اِتي اڪيلو ئي عيد ڪندس. چيومانس ايئن نہ ڪر، مائٽ پريشان ٿيندا تہ ڇو نہ آيو. چيائين تہ ”مائٽن سان هميشہ پيا عيدون ڪريون، هن ڀيري رڳو پنھنجو پاڻ سان ٿا عيد ملھايون...“ سو، هي عيد تي ڳوٺ نہ ويو ۽ سندس مائٽ واقعي بہ پريشان ٿيا.
هِن کي اسان پيار مان منور حسين ديوانو سڏيون ٿا، ڇو تہ سندس ڪاليج واري زماني ۾ هن جي اڪثر ڪتابن تي سندس نالي سان گڏ ديوانو لکيل هوندو هو. اهڙي طرح پوءِ هي ديوانو ٿي ويو. هِن ديوانگي بہ ڪئي، پيار بہ ڪيو ۽ عشق بہ ڪيو. انھن سمورن هن کي سون ڪري ڇڏيو. پنھنجي مزاج ۾ بيحد حساس ۽ معصوم، ٻين جو خيال رکندڙ ۽ درگذر ڪندڙ انسان آهي.
هن سماج جي بيحسي، ناجائزي ۽ ناانصافي کي خاموشي سان ڀوڳيو آهي. هِن انھن کي بہ وڏي دل سان معاف ڪري ڇڏيو، جن ساڻن بيوفائي ڪئي. هي هڪ بيباڪ ۽ زندہ دل انسان آهي. ساڻس جڏهن بہ ملبو آهي تہ هڪ خوشي جو احساس ٿيندو آهي.
پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. حڪومت پاران استادن سان ٿيندڙ زيادتين تي بہ واھہ جا ڇوھہ ڇنڊيندو آهي. چوندي آهي استاد ٿي ڦاٿا آهيون. نہ حڪومت وٽ ڪو قدر آهي ۽ نہ ئي سماج وٽ ڪو قدر آهي. وري چوندو تہ استاد نہ ٿيون ها تہ ٻيو ڇا ٿيون ها؟ پاڻ کان ٻيو ڪجهہ نہ ٿئي ها. خانگي ادارن تي بہ ڏاڍي ڪاوڙ اٿس، چوندو رڳو ٺڳي جو ٺاھہ ٺاهيو ويٺا آهن، سماجي بھتري سان هنن حرامخورن جو ڪو واسطو ناهي. سندس سبجيڪٽ سماجيات آهي. ان ڪري کيس سماج تي وڏي ڪاوڙ آهي. چوندو تہ هي ماڻھو نچڻ ڪڏڻ ۽ هنبوڇيون هڻڻ ۾ خوش آهن. هنن جو ڇا وڃي تعليم ۾! تعليم اسانجي ماڻھو ۽ سرڪار جي ترجيح ۾ ئي ناهي.

(10آڪٽوبر 2024ع)

عبدلحميد نھڙيو هڪ باصلاحيت ۽ سنجيدہ نوجوان!

عبدلحميد نھڙيو، سال 2009ع ۾ پنھنجي ڪاليج جي پڙهائي دوران مون وٽ ڪيميسٽري پڙهيو آهي. مون هميشہ کيس هڪ محنتي، انتھائي سنجيدہ ۽ بااخلاق شاگرد طور محسوس ڪيو. پنھنجي صلاحيتن جي ڪري هي پنھنجي ڪلاس فيلوز کان عمر ۾ وڏو محسوس ٿيندو هو! ڪلاس ۾ جيڪو ڪم ڏبو هو، سو هي بھترين نموني سان ڪري وٺندو هو. مونکي ياد آهي آءٌ کيس ڪنھن موضوع تي presentation ڏيڻ لاءِ چوندو هئس تہ اُها هي وڏي سليقي سان ڏيندو هو.
ٻارهون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ هن مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ميرٽ تي داخلا حاصل ڪري، اُتان گريجوئيشن ڪئي. ساڻس ڪڏهن ڪڏهن فون ۽ فيس بڪ ذريعي رابطو ٿيندو رهندو هو. کيس ڪتاب پڙهڻ جو وڏو شوق آهي. هي مستقل طور تي ڪتاب پڙهندو رهندو آهي. ڪتاب بہ خاص طور تي تاريخ ۽ سائنس جي موضوعن تي!
پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جو شوق کيس پڙهائڻ طرف وٺي آيو. گذريل ڪجهہ سالن کان هي نوجوان مختلف خانگي ادارن ۾ پڙهائيندو رهيو آهي. اُتي بہ سندس ڪم جي هر ڪو واکاڻ ڪري ٿو. سال 2019ع ۾ جڏهن منھنجو پھريون ڪتاب شايع ٿيو تہ پاڻ اُن ڪتاب جون ڪجهہ ڪاپيون بڪ اسٽال تان خريد ڪري پنھنجي ڪلاس جي پوزيشن هولڊر شاگردن کي تحفي ۾ ڏنائين. جنھن جون تصويرون مونکي موڪليائين. مون سندس جذبي ۽ مونسان سندس پيار ۽ احترام کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا!
ڪلھہ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ استادن جي خالي جاين لاءِ سرڪار پاران آء بي اي ذريعي ورتل جونيئر اليمينٽري اسڪول ٽيچر جي تحريري امتحان ۾ هِن نوجوان بہ حصو ورتو. مونکي خبر نہ هُئي تہ هِن اِهو امتحان ڏنو آهي. رات دير سان پاڻ ئي مونکي ميسيج ڪيائين تہ ”سر اوهان جي شاگرد امتحان ۾ 76 مارڪون کنيون آهن، جيڪي بدين ضلعي جي گولاڙچي تعلقي ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون آهن.“
مون اڄ صبح سندس ميسيج پڙهيو. بيحد خوشي جو احساس ٿيو ۽ اِهو بہ احساس ٿيو تہ نوجوان پنھنجي خوشي مونسان بہ شيئر ڪئي! خوشي انھيءَ ڳالھہ جي بہ ٿي تہ اسانجي اسڪولن کي اهڙن باصلاحيت علم دوست استادن جي ضرورت آهي. سو، عبدلحميد پاران امتحان پاس ڪرڻ اسان سڀني لاءِ خوشي جو سبب آهي.
جيتوڻيڪ عبدلحميد هِن کان وڌيڪ deserving آهي پر هي بہ زندگي جو هڪ قدم آهي، جيڪو ڪارائتو ۽ لاڀائتو آهي. جيڪو گهڻو ڪجهہ سيکاريندو ۽ سماج کي مثبت سوچ طرف وٺي ويندو.


(19 سيپٽمبر 2021ع)

سنجيدہ نوجوان زبير چانڊيو

هي سال 2012ع جي ڳالھہ آهي. مون هن خوبصورت نوجوان کي تڏهن ڏٺو هو. جنھن وقت هي شايد ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ سندس وڏو ڀاءُ مون وٽ انٽر ڪلاس ۾ پڙهندو هو. ڏهين ڪلاس ۾ ڪيميسٽري جو سبجيڪٽ نہ هجڻ ڪري مون اُن وقت تہ هنن جا ڪلاس نہ ورتا پر جڏهن بہ هن کي ڏسندو هُئس تہ، مون کي سندس چھرو انتھائي سنجيدہ لڳندو هو ۽ سندس اکين ۾ ڪيترائي سوال نظر ايندا هئا. هڪ سال کان پوءِ جڏهن مون هنن جو ڪلاس ورتو تہ، اُن ۾ مون هن نوجوان کي بيحد سنجيدہ ۽ پنھنجي عمر کان ڪافي وڏي طور محسوس ڪيو. هي پنھنجي عمر کان اُن ڪري وڏو لڳندو هو جو هن جا سوال عام رواجي ۽ روايتي نہ هئا. سندس ورتاء ۽ ڳالھائڻ جو انداز عام ڪاليجي شاگرد کان گهڻو مٿي هو. مون اِهو بہ محسوس ڪيو هو تہ، جڏهن کيس ڪا ڳالھہ نہ وڻندي هُئي تہ، بغير ناراض ٿيڻ ۽ ضد ڪرڻ جي چھري تي هلڪي مُرڪ آڻي انھي کي درگذر ڪري ڇڏيندو هو، پر سندس اکيون گهڻو ڪجهہ چئي وينديون هيون.
چوندا آهن تہ، چھرو اندر جي فھرست آهي. سو، هن نوجوان جي اکين ۾ بہ گهرائي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مون هميشہ پنھنجي سڀني شاگردن کي پنھنجي ننڍن ڀائرن وانگر پيار ڪيو آهي پر پوءِ بہ ڪجهہ ماڻھو شايد مزاج ملڻ ڪري بيحد ويجها محسوس ٿيندا آهن. سو، مون هن نوجوان کي فڪري ۽ شعوري طور پنھنجي ويجهو محسوس ڪيو آهي. ساڳي اُنسيت مون هن جي مزاج ۾ بہ محسوس ڪئي آهي. هن وقت هي نوجوان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڙهي رهيو آهي. جڏهن بہ کيس موڪلون ٿينديون آهن تہ، فون ڪندو سر توهان سان ملڻو آهي. آئون بہ سندس اچڻ جو ٻُڌي خوشي مان سندس انتظار ڪندو آهيان. نہ تہ عام طور ماڻھن سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪرڻ منھنجي مزاج ۾ ناهي، اسان جو پنھنجو جھان آهي. پر پوءِ بہ ڪجهہ ماڻھو اِهڙا آهن، جن سان ملاقات ڪري ڏُکندو ڏور ٿيندي ۽ اندر جو بار هلڪو ٿيندي محسوس ٿيندو آهي. هن نوجوان جو مطالعو بہ وسيع آهي، سو جڏهن بہ ملندو آهي تہ، گهڻو ڪجهہ ٻُڌائڻ چاهيندو آهي. آئون بہ بلڪل خاموشي سان ويھي کيس ٻُڌندو آهيان. هي ڏاڍيون گهرائي واريون ڳالھيون ٻُڌائيندي انتھائي سُٺو لڳندو آهي. هونئن بہ مون کي ڳالھائڻ کان وڌيڪ ٻُڌڻ سُٺو لڳندو آهي. سو بہ اهڙي نوجوان کي، جنھن وٽ گُلاب جي گُلن جھڙيون تازگي واريون ڳالھيون ۽ نئون فڪر هجي تہ ڪير نہ ٻُڌندو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هن نوجوان جو جنم ڏينھن هو. فيس بڪ ياد بہ ڏياريو، رسمي واڌايون ڏيڻ نہ پئي چاهيم. دل چيو پئي تہ، ڪجهہ لکجي. پر انھي ڳالھہ کي ڪافي ڏينھن ٿي ويا. نيٺ هڪ ڏينھن زبير کي چيم تہ، پيارا جنم ڏينھن جون واڌايون، سو بہ دير سان! پر سبب اهو آهي تہ، اوهان تي ڪجهہ لکبو. سو، اِهو بہ دل جو معاملو آهي، جڏهن لکڻ ڏانھن وٺي وڃي. هن کان اڳ مون مجموعي طور تي تہ پنھنجي شاگردن تي لکيو آهي پر خاص طور تي ڪنھن شاگرد تي ناهي لکيو پر هاڻي زبير کان اِهو سلسلو بہ شروع ڪجي ٿو. هونئن بہ نوجوانن کي اتساهڻ ۽ کين گهربل مان ڏيڻ جي ضرورت بہ آهي. ڇو تہ، اِهي نوجوان ئي هن سماج جو خوبصورت مستقبل آهن. اسان جي سماج کي هنن مان تمام گهڻيون اميدون آهن. اميد تہ هي نوجوان هن بيمار سماج جي دردن جو درمان ٿيندا.

(زبير هن وقت انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي)

(30 آڪٽوبر 2021ع)

منھنجي پھرين استاد ۽ رهنما منھنجي امڙ

دنيا ۾ هر سال، مئي مھيني جي ٻئين آچر کي ’مائرن جو ڏينھن‘ ڪري ملھايو ٿو وڃي. جنھن تي ماءُ جي عظيم شخصيت کي پيار ۽ احترام مان ڀيٽائون پيش ڪيون ٿيون وڃن. هر ٻچو پنھنجي ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سندس عزت ڪري ٿو. ماءُ جو وجود وڏي ۾ وڏو ڇانورو آهي. منھنجي خيال ۾ دنيا ۾ ماءُ جي محبت ۽ شفقت ئي بي لوس ۽ غير مشروط آهي. دنيا جا سمورا رشتا ساٿ ڇڏي سگهن ٿا پر ماءُ جو رشتو، اُهو عظيم رشتو آهي جيڪو سدائين دعائون ئي ڏيندو رهي ٿو. اولاد ڪيڏو بہ نادان ۽ نافرمان ڇو نہ هُجي پر اُهو بہ پنھنجي امڙ جي نظر ۾ پيارو ۽ سڀني کان اعليٰ آهي. جيتوڻيڪ هر ڏينھن، هر پل مائرن جو ئي آهي. ڇو تہ مائرون ئي تخليقڪار آهن، جيڪي پنھنجي وشال وجود سان هِن دنيا کي خوبصورت بڻائين ٿيون.
هن ڏينھن جي مناسبت سان آئون، پنھنجي امڙ کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان. جيڪا منھنجي پھرين استاد ۽ رهنما آهي. جنھن مونکي سڀڪ جهہ ڏنو. ڌڻي ٻاجهاري جا بہ اِهي ڪرم آهن. جنھن اسانکي شفقت ۽ پيار ڏيندڙ امڙ عطا ڪئي. مون کان ڪجهہ سال اڳ ڪنھن اِهو سوال ڪيو هو تہ ”توهان جي پسنديدہ شخصيت ڪھڙي آهي؟“ اُن وقت منھنجي زبان جواب نڪتو هو تہ ”منھنجي امڙ.“ ها بلڪل ايئن ئي آهي. منھنجي امڙ، منھنجي نادانين، ڪوتاهين ۽ نالائقين کي درگذر ڪري، هميشہ مونکي پيار ڏنو آهي ۽ ٻين سان پيار ڪرڻ جو بہ درس ڏنو آهي. ڪڏهن ڪنھن معاملي تي مونکي جذباتي ٿيندي ڏسندي آهي تہ يڪدم چوندي آهي ”پُٽ توکي اِها ڳالھہ نٿي سونھين“ ۽ آئون انھي وقت ئي پنھنجو جائزو وٺڻ شروع ڪندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن مايوس بہ ٿي ويندو آهيان، تڏهن بہ مونکي حوصلو ڏيندي آهي.
منھنجي امڙ ايڏي شفيق آهي جو ڪنھن ڳالھہ تان گهڙي کن سختي ڪري ويندي (جيڪا جائز سختي هوندي آهي) تہ ڪجهہ وقت کانپوءِ وري معافي وٺندي تہ ”ابا ناراض نہ ٿجان“ ۽ آئون کيس چوندو آهيان تہ ”امان اِهو اوهانجو پيار آهي. اِها سختي وڻي ٿي ۽ اسانجي ناداني درگذر ڪجان.“ مونکي پڙهڻ لکڻ لاءِ همٿائڻ ۾ بہ امان جو وڏو ڪردار آهي. منھنجي ڪتابن کي سنڀالي رکندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪتاب پڙهڻ يا وري لکڻ ۾ ڪا وٿي اچي ويندي آهي يا وري سُستي ٿيندي آهي تہ امان چوندي آهي ”ابا گهڻن ڏينھن کان ڪو ڪتاب نہ پيو پڙهين ۽ ڪجهہ لکين بہ نہ پيو؟ خير تہ آهي.“ انھي کانپوءِ آئون وري اُنھي سُستي کي ختم ڪري، پڙهڻ لکڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو آهيان.
منھنجي ٽئين ڪتاب ”سِٽون پڙھہ ساڃاھہ جُون“ جي لاءِ امڙ جڏهن ٻہ اکر لکي ڏنا تہ اُهي بہ مون لاءِ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ناهن. مون پنھنجي سڀني ڪتابن جي پھرين ڪاپي امان کي ئي ڏني آهي ۽ ڪتابن جي مھورت امان ۽ بابا جي هٿان ڪرائي آهي. ڇو تہ منھنجي نظر ۾ اِهي ئي عظيم شخصيتون آهن، جن جو وجود، اسان لاءِ زندگيءَ جي اُس ۾ ڇانورو ۽ جيئڻ لاءِ وڏو اتساھہ آهي. امڙ تي جيترو لکجي گهٽ آهي. دنيا جي سڀني انسانن کي اِها گذارش تہ هُو پنھنجي امڙ ۽ ابي جو احترام ڪن، سندن خيال رکن. ڇو تہ جيڪڏهن اِهي شخصيتون نہ هجن ها تہ اسان بہ نہ هجون ها!
امڙ جي محبتن ۽ اوجاڳن جو تہ آئون سموري زندگي قرضي رهندس ۽ اهي محبتون اهڙيون تہ انمول آهن، جو اها هستي ئي ڪري سگهي ٿي. لوليون ڏئي سمھاريندڙ ۽ منھنجا ٻاتڙا ٻول ٻُڌندڙ ، منھنجي پھرين استاد، منھنجي امڙ آهي. ننڍپڻ جون يادون ساريندي سوچيان ٿو تہ، منھنجي امڙ ڪيئن سوير جاڳي مون کي بہ جاڳيندي هُئي تہ، پُٽ اُٿي اسڪول لاءِ تيار ٿي. پوءِ مون کي اسڪول جي سُٺي سُٺي ڊريس پائڻ لاءِ ڏيندي هُئي. وارن ۾ تيل وجهي ڦَڻي ڏيندي هُئي. نيرن تيار ڪري پنھنجي هٿن سان کارائيندي هُئي. مون کي هميشہ صاف سٿرو رهڻ، ڏندڻ ڏيڻ، ننھن ڪٽڻ، هر روز وهنجڻ، سوير سُمھڻ سوير جاڳڻ، وقت تي ماني کائڻ، اسڪول تان واپسي کان پوءِ جلدي ڊريس تبديل ڪري، پھرين هٿ منھن ڌوئي پوءِ ماني کائڻ، سڀني سان پيار ڪرڻ، سُٺو کائڻ، سُٺو ۽ صاف پاڻي پيئڻ، سُٺو پِهرڻ، سُٺي صحبت ۾ رهڻ، سُٺو ڳالھائڻ، وغيرہ جھڙا عظيم درس ڏيندي هُئي. آئون، ٻين ٻارن سان مٽي ۾ رانديون کيڏي جڏهن واپس گهر ايندو هُئس تہ، امان منھنجا هٿ ۽ پير ڌوئاريندي هُئي ۽ چوندي هُئي تہ پُٽ صفائي جو خيال رکو، ڪٿي بيمار نہ ٿيو. ڪپڙا ٿورا بہ ميرا ٿيندا هُئا تہ جلدي جلدي ٻيو وڳو ڏيندي هُئي تہ، وڳو تبديل ڪريو. هميشہ اهو چوندي هُئي تہ ڪپڙا هميشہ صاف سُٿرا ۽ استري ٿيل پايو.
مون جڏهن اسڪول وڃڻ لاءِ پھرين وِک کنئي تہ، جنھن هستي مون کي سڀني کان وڌيڪ اُتساهيو ۽ اسڪول وڃڻ لاءِ همٿايو، سا هستي منھنجي امڙ آهي. ان وقت (1992) اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي جي سھولت نہ هُئي. سو، رات جو اسڪول جو پڙهڻ لکڻ جو ڪم گاسليٽ تي ٻرندڙ بتي ٻاري ڪبو هو. ٻار هجڻ باوجود مون ۾ رات جو دير تائين پڙهڻ جي عادت هُئي، اسڪول جو ڪم مڪمل ٿي ويندو هو تہ وري ٻاراڻا رسالا ۽ آکاڻين جا ڪتاب پڙهندو هُئس. ڳوٺ ۾ بجلي نہ هجڻ ڪري تقريبن سڄو ڳوٺ جلدي ماني کائي، سوير سمھي پوندو هو. ان ڪري هر طرف انڌيرو هوندو هو. ان ڪري مون کي ڊپ ٿيندو هو. پوءِ منھنجي امڙ چوندي هُئي تہ پُٽ تون ويھي پڙھہ، آئون تو سان گڏ ويٺي آهيان. پوءِ آئون اطمينان سان ويھي پڙهندو هُئس. امان، مون کي سبق بہ ياد ڪرائيندي هُئي ۽ وري جڏهن مون کي سبق ياد ٿي ويندو هو تہ، مون کي شاباس ڏيندي منھنجي پُٺي ٺپيندي هُئي. مون لاءِ اهو وڏو انعام هوندو هو. اسڪول ۾ امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ تي، ان خوشي ۾ مون کي خرچي ڏيندي هُئي ۽ نوان ڪپڙا وٺي ڏيندي هُئي. مختلف کاڌا پچائي، اسان کي کارائيندي هُئي.
اولاد ڪيڏو بہ وڏو ٿي وڃي پر والدين لاءِ هو پوءِ بہ ننڍو ئي هوندو آهي. اڄ بہ ڊيوٽي تان واپسي ۾ دير ٿيندي اٿم تہ امان فون ڪري پڇندي تہ پُٽ خيريت سان تہ آهين؟ اڄ بہ ساڳي پيار ۽ محبت سان هر شيء جو خيال رکڻ، ڪا بہ ننڍڙي تڪليف بہ ايندي اٿم تہ، امان بيچين ٿي پوندي آهي. اڄ بہ رات جو دير تائين جاڳندي ڏسندي تہ چوندي ابا هاڻي سمھي رھہ، صبح جو ڊيوٽي تي وڃڻو اٿئي. امان پنھنجي پيار ذريعي مون کي پنھنجي ذميواري جو بہ احساس ڏياريندي آهي تہ پنھنجو هر ڪم مقرر وقت تي ڪريو. مون، اڄ تائين اهڙو ڪو بہ استاد ناهي ڏٺو، جيڪو ايڏي پيار سان سڀ ڪجهہ سمجهائي وڃي. ڪڏهن پريشان ڏسندي تہ چوندي پُٽ خير تہ آهي پريشان پيو لڳين. آئون اڪثر چوندس تہ، امان خير آهي، ڪا ڳالھ ناهي. اُن تي امان چوندي تہ، ابا مون کي ڀلين نہ ٻُڌاء، پر مون تنھنجي چھري کي پڙهي ورتو آهي. وري بہ پيار ئي ڪندي تہ، پُٽ پريشان نہ ٿي. هر مسئلي کي همٿ سان منھن ڏيڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪريو.امان پکين ۽ جانورن سان بہ بيحد پيار ڪندي آهي. صبح سوير پکين کي داڻو ۽ جانورن کي چارو ۽ پاڻي ڏيڻ سندس معمول ۾ شامل آهي. ڪڏهن ڪو جانور بيمار ٿي پوندو آهي تہ امان جو سُڪون ڦِٽي ويندو آهي. جيستائين اُن جانور جو علاج نہ ٿيندو ۽ اُهو ٺيڪ نہ ٿيندو، تيستائين امان کي آرام ناهي. ايستائين جو ماني بہ ناهي کائيندي. وڻن جي سنڀال ڪرڻ جو بہ بيحد خيال هوندو اٿس.
سو، امان لاءِ جيترو بہ لکان سو گهٽ ئي آهي. منھنجي دُعا آهي تہ منھنجي امڙ سميت سڀني جون مائرون سدا سلامت ۽ صحتمند رهن.
آخر ۾ ”منھنجي امڙ“ جي عنوان سان لکيل پنھنجو هڪ نثري نظم بہ هتي لکان ٿو. جنھن ۾ پنھنجي امڙ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو اٿم.

منھنجي امڙ

منھنجَن ٻاتڙن ٻولن،
منھنجيُن نادانيءَ وارين ڳالھين
کي هميشہ ساراهيندي،
مون کي اُتساھہ
۽ حوصلو ڏيندي آهي
منھنجي امڙ

منھنجين ارڏايُن،
منھنجين نالائقين،
منھنجين اڻڄاڻاين
۽ منھنجين خطائن کي
هميشہ پيار سان
بخشيندي آهي...
منھنجي امڙ

زندگيءَ جي تتلَ اُسَ ۾
مان جڏهن بہ ٿڪجي،
هارائجي صفا ساڻو
ٿي ويندو آهيان تہ،
اُن وقت مون کي پناھہ
لاءِ پنھنجي جهولي آڇيندي آهي
منھنجي امڙ

ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ تي،
جذباتي يا ضدي ٿيندو آهيان
تہ مون کي پيار سان
صبر ۽ ڌيرج جو
درس ڏيندي آهي،
منھنجي امڙ

منھنجي چھرَي کي،
جا بخوبي پڙهي
۽ سمجهي وٺي ٿي،
سا آهي،
منھنجي امڙ

منھنجي بہ هر پل
اِها ئي دعا ۽ آس آهي،
تہ هر گهڙي، هر وقت
خوش ۽ سلامت رهي
دنيا جي سڀني امڙين ساڻ،
منھنجي امڙ


(10 جولاءِ 2024ع)

بابا جو گُلن، وڻن ۽ ٻارن سان عشق

روزمرھہ جي ڳالھہ ٻولھہ ۾، بابا وٽ وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ضرور هوندو آهي. وڻن سان سندن اُنسيت سندن ننڍپڻ کان ئي آهي. منھنجي خيال ۾ اُن جو وڏو سبب اهو آهي، جو پاڻ اسان جي ڏاڏا ۽ ڏاڏي سان گڏ ٻني جو ڪم ڪرائيندا هُئا. اسڪول تان واپسي کان پوءِ کين لازمي پنھنجي والدين سان ٻني ۾ ڪم ڪرائڻو پوندو هو.
سو، بابا جو اڄ جو بہ معمول اِهو آهي، جو پنھنجي پوکيل هر هڪ ٻوٽي ۽ وڻ کي غور سان ڏسندو، ان جي خبر چار لھندو رهندو آهي. ٻين کان بہ فون ڪري انھن وڻن جي باري ۾ پڇندو رهندو آهي تہ وڻ ڪھڙي حال ۾ آهن.
اڄ بہ بابا جي سختي سان اها منع ڪيل آهي تہ ٻني مان ڪير بہ وڻ نہ وڍي. بابا جي وري وري سمجهائڻ جي ڪري، هاڻي اُتي جي ماڻھن کي اها ڳالھہ ڪجهہ ڪجهہ سمجهہ اچڻ شروع ٿي آهي. انھن کي هاڻي اها خبر پئي آهي تہ وڻن جي اهميت ڇا هوندي آهي!
اسان جڏهن اسڪول کان واپس ايندا هُئاسين تہ بابا چوندو هو، شام جو مون سان وڻ پوکرايو ۽ جيڪي اڳ ۾ وڻ پوکيل آهن، انھن کي پاڻي ڏياريو. اهڙي طرح اِها سرگرمي اسان جي بہ معمول ۾ شامل ٿي وئي. اهڙي طرح اسان جو بہ وڻن سان پيار ٿيڻ لڳو. بابا سان گڏجي، اسان جو ننڍو چاچو بہ وڻ پوکرائيندو هو. انھن وڻن مان ڪافي وڻ وڏا ٿي ويا آهن، انھن سان تہ اسان جي ننڍپڻ جون يادون وابستہ آهن. برساتن ۽ طوفانن دوران ڪو وڻ ڪري بہ پوندو هو تہ بابا، ان وڏي وڻ کي بہ پاڙن ۾ مِٽي ڏياري سِڌو ڪرائيندو هو ۽ پوءِ اُهي وڻ بچي پوندا هُئا. ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻھو وڻ وڍيندو هو يا ڪو ٻار، ٻُوٽو پٽيندو هو تہ، اُن سان گهٽ نہ ٿيندي هُئي. بابا جي ڊپ کان پوءِ ماڻھو هروڀرو وڻ نہ وڍيندا هُئا. ان طرح ڪافي وڻ وڍجڻ کان بچي ويندا هُئا. ان ڪري اسان جو ڳوٺ، سڄي تَر ۾ وڻن جي ڪري مشھور آهي. ڳوٺ ڏانھن ايندي، پري کان وڏا وڻ اچڻ واري جي آجيان ڪندا آهن.
گذريل ڏهاڪو کن سالن کان بابا پنھنجي ڳوٺ جي غريب ٻارن جي تعليم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هاڻي سندس سوچ جو محور ڳوٺ جو اسڪول آهي. انھي اسڪول ۾ وڻ ۽ گل پوکي، انھي کي منفرد بڻائي ڇڏيو آهي. انھي نيڪ ڪم ۾ بابا جا دوست بہ سندس ٻانھن ٻيلي آهن. اسان جيڪڏهن اسڪول جي حوالي سان بابا سان ڪنھن ڳالھہ تي سھمت ناهيون ٿيندا تہ چوندو آهي تہ ”اوهان پنھنجي ننڍپڻ ۾ ايئن زندگي ناهي گذاري، جيئن مون گذاري آهي، ان ڪري اوهان انھي ڳالھہ کي ايترو نہ سمجهي سگهندو.“ مطلب اِهو تہ غريب ٻارن جي بھتري لاءِ هُو هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي، انھي ڪم ۾ ٻئي ماڻھو جي اختلاف کي بہ درگذر ڪري، پنھنجو ڪم ڪندو رهندو آهي. چوندو آهي تہ جيڪڏهن اسان هر ماڻھو جي ڳالھہ تي ايڏو ويٺا سوچينداسين تہ پوءِ ڪم نہ ڪري سگهنداسين.

(05 جون 2022ع)

چاچا افتخار، بيحد حساس انسان

چاچا افتخار کي گهڻا دوست، منھنجو وڏو ڀاءُ سمجهندا آهن. اِها واقعي حقيقت بہ آهي، هُو اسان گڏ ڀاءُ وانگر ئي رهيو آهي. ننڍي هوندي اسان گڏجي رانديون بہ کيڏندا هُئاسين، مون کي شيون بہ وٺي ڏيندو هو ۽ ڳوٺ جي ڀر پاسي ۾ لڳندڙ مختلف ميلن تي بہ وٺي ويندو هو ۽ اتان رانديڪا وٺي ڏيندو هو. پڙهائي ۾ مون کان پنج سال اڳيان هوندو هو. هر روز شام جو اسان گڏجي پڙهندا هُئاسين. چاچا افتخار، هر روز مون کي سبق بہ ياد ڪرائيندو هو ۽ اسڪول جو ٻيو ڪم بہ ڪرائيندو هو.
هڪ ڀيري مونکي ڪڇ تي کڻي شيء وٺڻ لاءِ هليو. بابا جي جُتي پاتائين، جيڪا سندس پير کان وڏي هئي تہ کيس هلڻ ۾ مشڪل پئي ٿي. رستي ۾ ريتي بجري پيل هئي، ان تي پير ٿڙيس تہ اسان ٻئي وڃي ڪرياسين. منھنجو مٿو وڃي ان ريتي ۾ لڳو. ڌڪ بہ ڏاڍو لڳو پر رُنس ڪونہ. چاچا بہ چيو تہ روئجان نه، منھنجو ڏاهو ڀاءُ آهين، نہ ئي گهر ڪنھن سان ڳالھہ ڪجائين تہ اسانکي ڌڪ لڳو. نہ تہ پاڻ کي ٻئي ڀيري شيء وٺڻ جي اجازت نہ ملندي. سو مون بہ سندس نصيحت تي عمل ڪندي ڪنھن کي بہ نہ ٻُڌايو. جيتوڻيڪ گهر اچڻ کانپوءِ امان سمجهي وئي، ڇو تہ منھنجي وارن ۾ ريتي پئي هئي، سا ڏسي چيائين تہ هي ڇا ٿيو آهي؟ چيومانس تہ ڪجهہ ناهي، راند کيڏندي اِها واري ۽ ريتي مٽي ۾ پئي آهي.
مون کي فلمن ۽ موسيقي جي شوق ۾ وڏو هٿ هن جو آهي. هي اُن وقت گانن جو ڏاڍيون سُٺيون ڪيسٽون وٺي ايندو هو، جيڪي اسان گڏجي ٻُڌندا هُئاسين. اُن وقت ۾ وي سي آر تي فلمون ڏسبيون هيون. ڪنھن دوڪان تان وي سي آر جي ڪيسيٽ وري ڪرائي تي هڪ ڏينھن لاءِ کڻبي هُئي ۽ ڪا نئين فلم ڏسبي هُئي. هڪ ڀيري اسان کي اسڪول کان گرمي جون موڪلون هيون، هن ڇا ڪيو جو پنج ڇھہ فلمن جون ڪيسيٽون وٺي آيو ۽ اسان کي لِڪي چيائين تہ موڪلون آهن، فلمون کڻي آيو آهيان، اُهي گڏجي ڏسنداسين. لِڪي ان ڪري چيائين جو اسان کي اهو ڊپ هو تہ ڪٿي بابا ڪاوڙ نہ ڪري. سو، فلمن جون ڪيسيٽون ڏسي، اسان بہ چيو تہ واھہ واھہ، هاڻي واھہ جو مزو ايندو. صبح جو بابا ڊيوٽي تي وڃي تہ، پويان اسان فلمون ڏسڻ شروع ڪريون. وري بابا جي اچڻ کان اڳ ۾ فلمون ڏسڻ بند ڪري ڇڏيندا هُئاسين. هڪ ڏينھن انيل ڪپور جي ڪا فلم پئي ڏٺيسين، سو اُها جام وڻي وئي ۽ اُها مزاحيہ فلم بہ هُئي، سو اسان اُها فلم بہ ڏسون پيا ۽ فلم ۾ مزاحيہ سينز تي ٽھڪ ڏئي کِلون بہ پيا. اسان کي وقت جي تہ خبر ئي نہ پئي. ايتري ۾ بابا بہ ڊيوٽي تان واپس اچي ويو ۽ ان ڪمري ۾ اوچتو اچي ويو، جتي اسان فلم ڏسڻ جي ڪري ٻي دنيا کان ڪٽيل هئاسين. سو، بابا بہ اچي چيو تہ سڄو ڏينھن ويٺا فلمون ڏسون، پڙهو نٿا. بند ڪريو فلم، ڪتاب ۽ ڪاپيون کڻي مون وٽ اچو. پوءِ ڇا جون فلمون ڇا جو ڇا؟ اسان سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ قابو ٿي پياسين. اهي ڏينھن هاڻي ياد ايندا آهن تہ ماڻھو ٽھڪن کي روڪي ناهي سگهندو. پنھنجي پڙهائي ۾ بہ سُٺو رهيو، نوڪريون بہ سچائي سان ڪيائين، ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪم ڪيائين پر سندس سادي طبيعت ۽ هر ڪنھن جو خيال رکڻ سبب کيس اڪثر ماڻھن دوکا بہ ڏنا. زندگيءَ جي نٽھڻ اُس ۾ کيس پنھنجن جي بيوفائين بہ بيحد ايذايو پر هن شخص سڀني دردن کي سيني ۾ سانڍي وري بہ مُسڪرايو آهي. اڪيلو هوندي بہ هِن هجوم گڏ ڪيا آهن. هر سال پنھنجي دوستن سان ملي ڪري ”پنھنجن سان ڪچھري“ جو پروگرام ڪندو رهندو آهي. جنھن ۾ موسيقي بہ شامل هوندي آهي.
ڪتابن جو بہ شوقين آهي پر خريد وڌيڪ ڪندو آهي ۽ پڙهندو گهٽ آهي. ڪتاب گڏ ڪري لائبرري ٺاهي ڇڏي اٿائين. جنھن وٽ بہ ڪو سُٺو ڪتاب ڏسندو آهي، سو لازمي خريد ڪندو آهي.
اهڙي طرح هن شخص جي زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ آهن. انھن سمورن رنگن سميت هي اسانکي بيحد پيارو آهي.

(06 جون 2022ع)

ننڍڙو ڀاءُ، دلبر دوست منصور

منصور، مون کان عمر ۾ تہ ننڍو آهي، پر پنھنجي ڏاهپ ۽ سھپ واري مزاج جي ڪري مون کان وڏو آهي. اڄ بہ مون کي وڏي داناهي سان ڪا ڳالھہ سمجهائيندو آهي تہ، ڏاڍو سُٺو لڳندو آهي.
ننڍي هوندي اسان اسڪول گڏجي ويندا هُئاسين. منصور مون کان ٽي ڪلاس پويان پڙهندو هو. صبح جو سوير اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا هُئاسين تہ منصور اڪثر روئڻ شروع ڪري ها تہ، اسڪول نہ ويندس. پڙهائي ۾ گهٽ دلچسپي رکڻ باوجود، منصور اسان سڀني ڀائرن ۾ سڀني کان وڌيڪ هوشيار آهي.
اسان جي تعليمي نظام ۾ هميشہ شاگرد ويچاري سان ٻين ناانصافين سان گڏ اها ناانصافي بہ ٿيندي اچي تہ ڪاپيون فيئر ڪريو. ان فيئر ڪاپين جي نالي ۾ ٻارن تي لکڻ جو تمام گهڻو بوجهہ وڌو ويندو آهي. سو، اُن وقت اسان کي ڪاپين لکڻ جو ڪم بہ جام ملندو آهي. پوءِ منصور جو اُهو ڪم اڪثر نامڪمل هوندو هو. پوءِ مون کي چوندو هو تہ، مون کي ڪاپيون لکي ڏي. آئون، چوندو هُئس تہ، منھنجو پنھنجو ئي لکڻ جو ڪم جام رهيل آهي، توکي وري ڪيئن لکي ڏيان. پوءِ يار ڪاوڙجي پوندو هو، چوندو هو بيڪار ماڻھو آهين. پوءِ سندس گهڻو وقت ڪاوڙ مون کي نہ وڻندي هُئي. پوءِ پرچائيندو هومانس تہ ادا ناراض نہ ٿي، ڪاپيون لکي ٿو ڏيان. پوءِ خوش بہ ٿيندو هو ۽ واعدو بہ وٺندو هو تہ لکي ڏيڻ جي پڪ ڏين تہ پوءِ آئون سمھي پوان، تون ويھي لک. جڏهن واعدو ڪري پڪ ڏيندو هومانس، تڏهن هي مزي سان سمھي رهندو هو. پوءِ آئون رات جو جاڳي پنھنجين ڪاپين سان گڏ، هن جون ڪاپيون بہ لکندو هئس. صبح جو جاڳي پڇي ها تہ، منھنجيون ڪاپيون لکيئي يا نہ؟ پوءِ ها ڪندو هُئس تہ خوش ٿيندو هو. ڪنھن ڏينھن مذاق ۾ نہ ڪندو هُئس تہ ڪاوڙجي چوندو هو تہ اسڪول بہ تون اڪيلو وڃ، آئون نہ ٿو هلان.
اسڪول واري زماني ۾ هر مھيني ۾ هڪ موڪل ڪري، بابا سان گڏ سندس ڊيوٽي تي گڏجي ويندا هئاسين. بابا، ڊيوٽي مڪمل ڪري پوءِ اسان کي شھر گهمائي، کاڌي پيتي جون شيون وٺي ڏيندو هو. اهڙي طرح اسان ٽئي بابا، منصور ۽ آئون گهُمي ڦِري، ڪچھريون ڪري شام جو گهر واپس ايندا هُئاسين.
منصور، مون سان ان ڳالھہ تي بہ ڪاوڙبو هو تہ يار، جنھن وقت بابا گهر ٿو اچي، تون اُن وقت ڪتاب کڻيو پيو پڙهندو آهين. ان ڪري بچيو وڃين، مون کي قابو ڪرايو ڇڏين. بابا جو اهو معمول هوندو هو تہ، هر روز اسان کان پڇندو هو تہ اڄ اسڪول ۾ ڇا پڙهيا ۽ ڇا لکيو اٿو؟ بابا، اڪثر اسان جي اسڪول جي استادن سان ملندو رهندو هو ۽ انھن کان اسان جي پڙهائي جي باري ۾ معلومات وٺندو رهندو هو. بابا، هر روز شام جو اسان سان راند بہ کيڏندو هو ۽ ٻارن سان ٻار ٿي ويندو هو. رات جو گڏجي ماني کائون تہ، ان دوران بہ اسان کي مختلف ڳالھيون ٻُڌائيندو رهندو هو. اسان کان مختلف سوال بہ ڪندو رهندو هو، اسان بہ کائنس سوال پڇندا هُئاسين. بابا، اسان کي مختلف ملڪن ۽ شھرن جا نالا ياد ڪرائيندو هو. اهي ملڪ ۽ شھر ڇا جي ڪري مشھور آهن، اهو بہ ياد ڪرائيندو هو. رات جو سمھڻ مھل آکاڻيون بہ دلچسپ انداز ۾ ٻُڌائيندو هو. مون کي اڄ بہ ياد آهي تہ جڏهن اسان کي گرمين ۽ سردين جو موڪلون ٿينديون هيون تہ بابا، مون کي چوندو هو تہ، هر روز ڀٽائي سائين جو هڪ بيت ياد ڪري، مون کي ٻُڌائيندو ڪر. اهڙي طرح ڪتابن سان ان وقت کان دوستي ٿي وئي.
منصور ٽيڪنالاجي سان پيار ڪرڻ وارو ماڻھو آهي. سُٺو ۽ مھانگو موبائيل فون سندس ڪمزوري آهي. ڪمپيوٽر جي بہ خاشي ڄاڻ اٿس. نہ رڳو هلائڻ تائين پر ڪمپيوٽر ۾ سافٽ ويئر توڙي هارڊ ويئر جي خرابي کي بہ ٺيڪ ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو. پنھنجي ڪم سان سچو، سڀني گهر ڀاتين جو بيحد خيال رکندڙ، يارن جو يار، تنقيد کي خاموشي سان ٻُڌندڙ ۽ پنھنجي مستي ۾ مگن رهندڙ منصور ئي ٿي سگهي ٿو.

(28 ڊسمبر 2021ع)

منھنجو پيارو ڀاءُ هالار

”مونکي ڪاليج ۾ اڪثر استاد ٽوڪ ۽ طنز مان چون ٿا تہ، تون ڳائڻو، فنڪار يا اداڪار ٿيندين پر پڙهندين ڪونه“ هي ڳالھہ مونکي منھنجي هِن ننڍي ڀاءُ هالار اڄ کان ڪجهہ سال اڳ وڏي ڏُک ۽ ڪاوڙ مان ٻُڌائي هُئي. مون خاموشي سان کيس ٻُڌو ۽ چيومانس تہ فنڪار ٿيڻ تہ وڏي ڳالھہ آهي يار هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناهي....! ۽ هِن ڳالھہ کي اڳتي وڌائيندي چيو ته؛ ”آئون هاڻي انھي ڪاليج ۾ نہ پڙهندس، اِتان داخلا ختم ڪرائي، ڪنھن ٻئي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏي.“
مون کيس آٿت ڏيندي چيو تہ ٺيڪ آهي، جيئن تون چوندين، تيئن ٿيندو. پوءِ هِن جي داخلا ٻئي ڪاليج ۾ ورتيسين. پر يار جو مزاج آرٽسٽڪ! جڏهن تہ اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جا روايتي ۽ مدي خارج طريقا، استادن جو عجيب ورتاء، رڳو اِهو شاگردن جي ذهن ۾ وجهڻ تہ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيو....! خير، مونکي تہ اِهو سڀ اندازو هو پر ڇا ڪجي! استاد منھنجا سُڃاڻو هجڻ ڪري اڪثر شڪايتي انداز ۾ فون ڪري چوندا هئا تہ هالار آهي هوشيار پر پڙهي نٿو، هر وقت فلمن پُٺيان آهي!
سو، اِهي ڳالھيون هالار لاءِ motivation ثابت ٿيون ۽ هِن اُن وقت ئي چيو هو ته؛ ها آئون فلم ميڪر ٿيندس. اڄ هالار کي هِن ڪيمرا ۽ گٽار سان گڏ ڏسان ٿو تہ، دل چوي تہ آئون بہ سندس مادر علمي NCA Lahore ۾ Musicology ۾ وڃي داخلا وٺان ۽ باقاعدہ موسيقي سِکان!
هالار، پنھنجي شعبي سان بيحد پيار ڪندڙ ۽ سچائي سان محنت ڪرڻ وارو ماڻھو آهي. هاڻي هي پاڻ گهٽ ڳالھائيندو آهي پر سندس ڪم وڌيڪ ڳالھائيندو آهي. هِن اُنھن استادن کي بہ غلط ثابت ڪري ڏيکاريو تہ رڳو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر سڀ ڪجهہ ناهن پر ٻيا شعبا بہ اهم آهن. انھن ڏانھن بہ نوجوانن کي اچڻ گهرجي.
هالار ننڍو هجڻ ڪري، مونکي وڌيڪ ويجهو آهي. دل جون ڳالھيون ٻُڌائيندو آهي. ننڍو هجڻ باوجود وڏي ڪم جون صلاحون ڏيندو آهي ۽ ڳالھين ڳالھين ۾ اهڙيون اهم ڳالھيون ڪري ويندو آهي. جيڪي نوٽ ڪرڻ جھڙيون هونديون آهن. جيئن اڄوڪي ڪچھري ۾ مونکي چيائين ته؛ ”انسان جنھن سان بہ وڌيڪ پيار ڪري ٿو، اُن کي آزادي ڏي. ڇو تہ آزادي کان مٿي ڪا بہ شئي ناهي ۽ آزادي هر ساھہ واري شئي کي وڻندي آهي.“
هالار ننڍي هوندي گُلن، ننڍڙن ٻارڙن، پوپٽن، ڀنڀورين ۽ پکين جون تصويرون پنھنجي ننڍڙي موبائيل ۾ محفوظ ڪندو هو. انھي شوق کيس فلمون ٺاهڻ سيکاري ڇڏيون. هِن جڏهن ڊان ميڊيا گروپ طرفان شارٽ ڊاڪيومينٽريز جي ڪرايل مقابلي لاءِ ترائي شھر جي مبارڪ علي ملاح جي ڊاڪيومينٽري ٺاهي تہ ان نہ رڳو مقابلو کٽيو پر اُن ڊاڪيومينٽري مبارڪ علي ملاح جھڙي هڪ لڪل هيري کي ماڻھن تائين پھچايو تہ هو بيحد مشھور ٿي ويو.
اهڙي طرح هن ڊان ميڊيا گروپ لاءِ ئي ڪورونا وائرس جي موضوع تي بہ ڊاڪيومينٽري ٺاهي ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار بيبي باگڙي تي بہ ڊاڪيومينٽري ٺاهي تہ انھن بہ وڏي مشھوري ماڻي. اِهي سڀ ڊاڪيومينٽريز ڊان ميڊيا گروپ جي يوٽيوب چئنل تي رکيل آهن.
هالار پنھنجي NCA ۾ پڙهائي دوران پنھنجي ٿيسز جو موضوع بہ سنڌ کي بڻايو ۽ ان ۾ بہ هن ايل بي او ڊي سم نالي جھڙي راڪاس جي تباهين کي ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي. انھي راڪاس جو شڪار ٿيندڙ انھن بيوس ماڻھن جي درد ڪٿا کي بہ انھي ۾ شامل ڪيو اٿائين.
هالار انتھائي سنجيدہ موضوعن تي ئي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. هي انھي ڳالھہ تي عمل ڪري ٿو تہ ٿورو ڪم ڪجي پر سُٺو ڪم ڪجي. جنھن جو اسانجي سماج تي مثبت اثر پئي. هي اڄڪلھہ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مختلف شين کي ڏسي چوندو آهي تہ اهو ضروري ناهي تہ هر اُها شئي جيڪا مشھور آهي، سا سُٺي بہ هجي.
هالار هن سماج ۾ رهندي ماڻھن ۽ لقائن مان سکندي، پنھنجي تربيت پاڻ ڪندو رهندو آهي. منھنجي ڪتابن، لکڻ پڙهڻ واري ڪم کي گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ ساراهڻ ۽ همٿائڻ وارو هالار ئي آهي. مونکي ڪتابن لاءِ بيڪ ٽائيٽل فوٽوگرافي بہ ڪري ڏيندو آهي. ڪتابن جا ٽائيٽل بہ تجويز ڪندو آهي. اِهو سندس آرٽ سان پيار ئي آهي.
هالار موسيقي سان بہ وڏو چاھہ رکي ٿو. ڪلاسيڪل کان ويندي جديد موسيقي تائين، هر طرح جي موسيقي نہ رڳو ٻُڌي ٿو پر ان کي سمجهي، ان کي محفوظ بہ ڪري ٿو ۽ ان تي سُٺو ڳالھائي بہ ٿو. فلمن ۽ موسيقي تي هي جڏهن ڳالھائيندو آهي تہ آئون خاموشي سان کيس ٻُڌندو آهيان. هونئن بہ اِهو اصول آهي تہ جڏهن پنھنجي پيشي جو ماهر ماڻھو انھي موضوع تي ڳالھائي تہ ان کي خاموشي سان ٻُڌجي. ان ۾ سڪون بہ ملندو آهي تہ ڄاڻ بہ ملندي آهي.
هالار ۽ مون وٽ هڪٻئي کي ڏيڻ لاءِ ھميشہ پيار ئي هوندو آهي ۽ اِهو پيار سدائين رهندو. ڇو تہ پيار جو رشتو ئي عظيم رشتو آهي.

(10 اپريل 2021ع)

ننڍڙي آرٽسٽ نين تارا، هر ٻار ۾ هڪ آرٽسٽ آهي!

ٻار فطرت جي خوبصورت تخليقن مان هڪ آهي. ٻار جي معصوميت، مُرڪ، سچائي ۽ پيار انمول آهي. انھيءَ جي ڪا بہ ۽ ڪنھن سان بہ ڀيٽ ناهي. ٻار سچي دِل سان مُرڪي ٿو، ٽھڪ ڏئي ٿو، روئي ٿو ۽ پيار ڪري ٿو. دنيا ۾ رهي ڪري وڏن جي صحبت جو اثر وٺندي، ٻار ڪوڙ ڳالھائڻ سِکي ٿو، چھري تي مصنوعي مُرڪ سجائي ٿو ۽ ٻھروپيو ٿيڻ شروع ڪري ٿو. دنيا ۾ ڪيئن رهجي، اِهو کيس وڏا سيکارين ٿا.
حقيقت ۾ هر ٻار ۾ هڪ آرٽسٽ موجود هوندو آهي. جيڪو کيس فطرت سان ويجهو رکندو آهي. انھيءَ ڪري ئي ٻار مِٽي مان رانديڪا ٺاهي، انھن سان کيڏي ٿو. پکين، جانورن، گُلن ۽ وڻن سان پيار ڪري ٿو. پکين جون ٻوليون کيس وڻن ٿيون. هُو پاڻ بہ گُنگنائي ٿو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ وڏن کي ڪُتي جي گلر يا ڪنھن ٻئي جانور کي موچڙا هڻندي ڏٺو آهي. جڏهن تہ ٻار اُن ڪتي جي گُلر يا وري جانور کي پنھنجي حصي جي ماني بہ ڏئي ڇڏيندو آهي. بسڪوٽ وغيرہ کائيندو پيو تہ سو بہ اُن کي ڏيندو آهي. ساڳي طرح پکين کي بہ اَنَ ۽ پاڻي ڏيندو آهي.
هي پينٽنگ منھنجي ننڍڙي ڀائٽِي نين تارا، گهر جي ڀِت تي ٺاهي آهي. هُو پھرين ڪلاس جي شاگرد آهي. هُن هي پينٽنگ ڪنھن تصوير سامھون رکڻ بدران پنھنجي سوچ ۽ تصور جي بنياد تي ٺاهي آهي. نہ ئي هُن ڪا سِکيا ورتي آهي ۽ نہ ئي اُستادن کيس اِهو سيکاريو آهي پر سندس اندر ۾ موجود آرٽسٽ کائنس اِها پينٽنگ ٺھرائي آهي. نہ ئي هِن وٽ ڪو خاص پينٽنگ جو سامان يا رنگ آهن، بس هُن وٽ جيڪي رنگين پينون آهن، اُنھن جي مدد سان هُن اِها پينٽنگ ٺاهي آهي. پُڇيومانس تہ ”بابا هي ڪيئن پئي ٺاهين؟“ تہ چيائين ”چاچا، هي منظر منھنجي سوچ ۾ آهي.“ ڏسو، تہ سندس تصور ۾ بہ وڻ، پکي، جانور ۽ پاڻي آهن.
هُن هِن پينٽنگ ۾ پنھنجو نانءُ ”نين تارا“ بہ لکي هِن پينٽنگ تي پنھنجي مالڪي ظاهر ڪئي آهي. مون اِهو نوٽ ڪيو آهي تہ هر ٻار ڪا نہ ڪا تخليق پنھنجي ذهن ۾ رکي ٿو. بس رڳو کيس انھي کي سامھون آڻڻ جو موقعو ملي. ڪيترائي ٻار پنھنجي حسرتن کي پنھنجي اندر ۾ رڳو اِن ڪري دٻائي ڇڏيندا آهن، جو متان وڏا ناراض نہ ٿين يا سندن انھي ڪم کي خراب نہ سمجهن.
ڪجهہ سال اڳ هِڪ وڊيو ڏٺي هُئم. اُن ۾ هڪ ٻار پنھنجي پيءُ جي نئين خريد ڪيل ڪار تي هڪ پَٿر سان ڪجهہ اسڪريچ ڪري ٿو. نتيجي سندس پيءُ سخت ناراض ٿيندي کيس مار ڏئي ٿو ۽ ٻار روئندو رهي ٿو. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن سندس پيءُ جي ڪاوڙ ڪجهہ جهڪي ٿئي ٿي تہ هُو غور سان ڏسي ٿو تہ سندس پُٽ ڪار تي اُهو اسڪيچ ٺاهيو آهي، جنھن ۾ هُو پاڻ آهي ۽ سندس پيءُ آهي. اُن اسڪيچ ۾ پُٽ پيءُ کي ڀاڪر پائي ڳل تي چُمي ڏئي رهيو آهي. اُهو ڏسي پيءُ بہ روئي پوي ٿو. اُن وڊيو ۾ پيغام اِهو هو تہ ”اسان شَين سان پيار ڪريون ٿا ۽ ماڻھن کي استعمال ڪريون ٿا. حقيقت ۾ شين کي استعمال ڪبو آهي ۽ ماڻھن سان پيار ڪبو آهي.“
اسانکي گهرجي تہ ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي هٿي وٺرايون. کين همٿايون تہ ڏاڍو بھترين ڪم ٿيندو.

(پنھنجي بيحد پياري ڀائٽي نين تارا جي ٺاهيل هڪ شاندار پينٽنگ ڏسي، هي خيال لکيا ويا)

(16 اپريل 2021ع)

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جا ڇپيل ڪتاب

سڄڻ ماکي منڌ (خاڪا) سرمد کوسو
ڦاٽل ڪھاڻين جا پُرزا (ناول) بيدل مسرور
خاموشي ڳالھائي ٿي (شاعري) ساڀيان سانگي
شاھہ لطيف جا فڪري رُخ (لطيفيات) ڊاڪٽر غفور ميمڻ
سُکالي (ناول) امداد ڪانھيو
شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ پورهيت ۽ پورهيي جو اڀياس عبدالفتاح سپرو
بيٺل پاڻي (ناول) عباس ڪوريجو
پنھوارن پابوہیو (خاکے) سلطانہ وقاصی
پينگهو (شاعري) رفيعه بخاري
اڏيو جو اوڏن (مضمون) ڊاڪٽر جاويد شيخ
ڪنڍي ڪلين وچ ۾ (ڪھاڻيون) ڊاڪٽر فھميدہ حسين
هڪ سٽ ٻہ سئو ڪھاڻيون محمد علي پٺاڻ
منھنجون سوچون (ڪالم، مضمون ۽ مقالا) ڊاڪٽر فھميدہ حسين
ایک تصویر ایک کہانی (تحقیقی مضامین اور خاکے) گل حسن کلمتی
انوشا جي پيءُ جو الميو (ڪھاڻيون) ممتاز بخاري
زندگيءَ جو ڪلاسيفائيڊ پيج (ڪھاڻيون) پير عبيد راشدي
جاگيردارن سان جنگ (مضمون) اسلم هزار چانڊيو
سنڌ جو فڪري مُغالطو (مضمون) زبير سومرو
نوٽري پبلڪ (ناول) عبدالواحد سومرو
سوال (شاعری) سلطانہ وقاصی
گينگيسٽر آف ڪراچي (ڪھاڻيون) عبدالواحد سومرو
ڪند مالا (سنسڪرت ڊرامو) ترجمو : عبدالقادر مھر
مون کي هوائن ۾ ڳولجان (ناول) طارق خشڪ
واپسي (ٻيو ڇاپو) (ناول) انور ڪليم
دانشمنديءَ جي تاريخ (فلسفو) راجا الطاف
متان مايوس ٿيو آهين (موٽيويشن) نادر جمالي
ارڌانگني (ڪھاڻيون) طارق قريشي
اسين منصور جا نعرا (شاعري) پروفيسر مشتاق مھر
جهاڳي ڏس جھان (موٽيويشنل ڪالم ۽ مضمون) خير محمد ڪولاچي
رهيل چار ڳوڙها (ٻيو ڇاپو) (شاعري استاد پيرل قمبر
سناٹے شور مچاتے ہیں (شاعری) سکندر عباسی
ڌرتي ڌڻي شاعر؛ استاد بخاري(مقالا) سھيڙ:سجاد يوسف سومرو ۽ تابش بخاري
لاحاصل Love (ڪھاڻيون) جاويد شيخ
سڙيا مٿي سچ (مضمون) سرمد کوسو
عالم برزخ (ناول) ترجمو: قربان چنا
سنڌي شاعريءَ جو فن ۽ گهاڙيٽا (تحقيق) عزيز قاسماڻي
سنڌ سڀيتا (تاريخي ماڳ) عنايت کٽياڻ
ديوانِ نسرين )غزل( خالدہ نسرين
نئين دور جون نيون ڪھاڻيون (ٻاراڻو ادب) اظھر ”آزاد“ مغل
ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھہ (ڪھاڻيون) جمن احمداڻي
پچارن پڙلاءُ (تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس) جاويد شيخ
مان ۽ منھنجو جھان (آتم ڪٿا) خير محمد ڪولاچي
مس ڪال (ناول) عبدالواحد سومرو
رجيم (ناول) انور ڪليم
اندر جو اوٻر ( ناول) دوستو وسڪي، سنڌيڪار: اياز ڀٽو
شيخ اياز جا آزاد نظم (تنقيد) مشتاق گبول
چنڊ مٿي آڪاس (شاعري) خالدہ نسرين
سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ تي لکيل مضمون) سھيڙ: مرتضيٰ لغاري
ڏونگر ڏاري وينداسين(عبدالحڪيم ”ارشد“ جا ڪالم) مرتب: مرتضيٰ لغاري
ڪاغذي ڳالھيون (ڪالم ۽ مضمون) يوسف جميل لغاري
ٻولي ٻجهارت (لطيفيات) مينھون خان ”سوز“ بلوچ
شاھہ لطيف جي شاعري ۽ موسيقي (لطيفيات) سرمد چانڊيو
ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر (تحقيق) ”بيوس“ بخش علي چانڊيو
ڪائنات ۽ زمين (سائنس) غلام مرتضيٰ نوناري
ستاويھہ ڊسمبر (ڪھاڻيون) پير عبيد راشدي
ڪھڪشائن کان اڳتي (ناول) عبدالرافع شيخ
جديد سنڌي ڪھاڻي (تجزياتي تنقيدي جائزو) خليق ٻگهيو
ڪچي ننڊ جا خواب (ڪھاڻيون) سڪندر عباسي
الف (ناول) پائلو ڪوئلھو، سنڌيڪار: اياز ڀٽو
سنڌو (ناول) يار محمد چانڊيو
پَنو سو پڙھن (ڊائريءَ جا ورق) سرمد کوسو
ڪبوتر جواب ڳولي ٿو (ناول) انور ڪليم
شاھہ لطيف (ناول) سرمد چانڊيو
عظيم ورثو (ناول) مترجم: اياز ڀٽو
ڪارو رتُ (ناول) مترجم: عبدالڪريم چنا
سارَ جا سوجهرا (مقالا ۽ مضمون) محمد يوسف ڀُٽو
سکر تاريخ جو گلدستو (تحقيق) عنايت کٽياڻ
رنڊيءَ جي ڌيءَ (ناول) ذلفي زنئور
شاھہ جي رسالي جا دوها ۽ سورٺا (تحقيق) استاد لغاري
جيون سرووَر (ڪھاڻيون) طارق قريشي
ڳوٺ (ناول) مٺل چانڊيو
وجود جو درياھہ (شاعري) ع. غ تبسم
ڪيڏانھن ڪاهيان ڪرهو (سفر نامو) الطاف شيخ
يوٽوپيا کان ڊسٽوپيا (ادبي تنقيد) ڊاڪٽر غفور ميمڻ
انشوئرنس واري ڇوڪري (ناول) اقبال بلوچ
اي واءِ اسٽوڊيو (ناول) علي صفدر
ڪھيا ڪارونڀار ڏي (سفرنامو) الطاف شيخ
پينسلون کپائيندڙ ڇوڪري (ڪھاڻيون) اصغر پتافي
ڌنڌلا دائرا (ناول) حڪيم عبدالرؤوف ڪياني/ يوسف سنڌي