تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هڪ سنڌ: ٻه نظام

هي ڪتاب ” هڪ سنڌ : ٻه نظام “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو. پيپلزپارٽي حڪومت پاران مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جا ماڻهو پارٽين کان مٿانهان ٿي ان انياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿيا. ون يونٽ کان پوءِ هي ٻيو سنگين ڏوهه هو، جيڪو سنڌ جي چونڊيل عيوضن قانوني طور سنڌ اسيمبليءَ وسيلي سنڌ مٿان مڙهيو. ڪالاباغ ڊيم، ڌارين آبادڪاري وغيره جهڙن انيائن جي ڀيٽ ۾ هي معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين هيو جو اهو اسلام آباد پاران ڏنڊي جي زور تي نه مڙهيو ويو. پر سنڌ واسين جي محبوب پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ان کي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيان وڌو.
  • 4.5/5.0
  • 5556
  • 1056
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book هڪ سنڌ: ٻه نظام

اسٽاڪسٽ

• ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد. Cell#0322-3011506
• سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد.
• قليچ ڪتاب گهر لئنگيئج اٿارٽي حيدرآباد.
• سنڌيڪا بڪ شاپ گاڏي کاتو حيدرآباد.
• ڪلچر ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل ڪراچي.
• گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور
• مهراڻ ڪتاب گهر گهنٽي ڦاٽڪ نيئر سپنا لان لاڙڪاڻو.
• مهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ. فون: 03332920933
• فڪشن بڪ هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد.
• شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد.

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 93 هون

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو : هڪ سنڌ: ٻه نظام
موضوع : ڪرانالاجي
سهيڙيندڙ : يوسف سنڌي
ڇاپو : پهريون، جنوري 2013ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ : جهانزيب جوڻِيجو
پيشڪش : حيدر علي منگيو
ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد.
ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر- دڙو فون: 3640468-0301
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650

HIK SINDH BA NIZAM (Chronology) by: YOUSIF SINDHI
Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO/HYDERABAD, Sindh,
Edition First, 2013. Cell: 0301-3640468
Price Rs. 400/-

ارپــنـا

سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف جدوجهد دوران ’سنڌ امڙ‘ جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن جي نالي:

 سدا حيات دلشاد ابڙو
(شهادت، 13 آگسٽ 2011ع حيدرآباد)
 سداحيات ارباب قمبراڻي
(شهادت: 13 آگسٽ 2011ع حيدرآباد)
 سدا حيات شهادت جروار
(شهادت، 13 سيپٽمبر 2012ع ميرپور خاص)
 سدا حيات علي رضا خاصخيلي
(شهادت، پهرين آڪٽوبر 2012ع نوابشاهه)
 سدا حيات مالڪ نوحاڻي
(شهادت 3 نومبر 2012ع ڊگهڙي)

سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار

يوسف سنڌي
22/12/2012

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (231) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” هڪ سنڌ : ٻه نظام “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.

پيپلزپارٽي حڪومت پاران مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جا ماڻهو پارٽين کان مٿانهان ٿي ان انياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿيا. ون يونٽ کان پوءِ هي ٻيو سنگين ڏوهه هو، جيڪو سنڌ جي چونڊيل عيوضن قانوني طور سنڌ اسيمبليءَ وسيلي سنڌ مٿان مڙهيو. ڪالاباغ ڊيم، ڌارين آبادڪاري وغيره جهڙن انيائن جي ڀيٽ ۾ هي معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين هيو جو اهو اسلام آباد پاران ڏنڊي جي زور تي نه مڙهيو ويو. پر سنڌ واسين جي محبوب پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ان کي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيان وڌو.
سنڌي ماڻهن، صحافين، ڏات ڌڻين، ليکڪن، شاعرن، عورتن ۽ عام ماڻهن جي رات ڏينهن جدوجهد نيٺ رنگ لاتو ۽ اهو نظام واپس ورتو ويو. ان دوران ٿيندڙ سڀني واقعن کي خوبصورت نموني يوسف سنڌيءَ سهيڙي ايندڙ دور لاءِ هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

مونکي تاريخ پڪ ڏني آهي

آئون تاريخ جو شاگرد آهيان، مون پڙهيو آهي ته قومن تي ڏاڍا ڏُکيا ڏينهن ايندا آهن، انهن جي ڌرتين تي قبضا ڪيا ويندا آهن، انهن جي نسلن کي ڪُٺو ويندو آهي، انهن جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، انهن مٿان فوجي هلائون ڪيون وينديون آهن، مٿن ثقافتي يلغار ڪئي ويندي آهي، انهن تي ڪارا قانون مڙهيا ويندا آهن. پر باهمت، جري ۽ جيئريون قومون، انهن جو به مڙس ٿي مقابلو ڪنديون آهن، آڻ نه مڃينديون آهن، پنهنجو وجود برقرار رکنديون آهن، هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ۽ باوقار نموني، غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي، جيئڻ شروع ڪنديون آهن، اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن، ويٽنام، اريٽيريا، مشرقي تيمور ۽ ڏکڻ سوڊان جا مثال اسانجي سامهون آهن ۽ جيڪي قومون رضا تي راضي رهي، جدوجهد تان هٿ کڻي، غلاميءَ کي پنهنجو تقدير جو لکيو سمجهي، پير پساري ويهي رهنديون آهن ته انهن کي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ٿيڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. اهڙا به ڪيترائي مثال موجود آهن.
پنهنجي قومي بقا ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ جدوجهد اولين شرط آهي. سنڌ سان به ائين ئي ٿيو آهي، عربن جي ڪاهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ ڇا ڇا نه سٺو آهي، انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ کي بمبئي پريذيڊنسي سان ڳنڍي ڇڏيو، پر ڊگهي جدوجهد کانپوءِ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي حيثيت ۾ بحال ٿي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 11 ڊسمبر 1954ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ”سنڌ اسيمبليءَ“ فيصلو ڪيو ۽ سنڌ جو وجود مغربي پاڪستان ۾ ختم ڪيو ويو. اُهو اِهو دور هو جڏهن ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“، واري ڪار هئي، پر سنڌ ۽ سنڌي قوم وري سرخرو ٿي ۽ ان ڏکئي وقت مان اُڪري پار پيئي ۽ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي حيثيت ۾ بحال ٿي.
پهرين آڪٽوبر 2012ع به سنڌ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ مرهيات پيپلز پارٽيءَ مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنجن منٽن ۾ اهو ڪارو قانون منظور ڪري پنهنجي مُنهن تي دانگي ملي. اهو ڪارنامو ڪنهن ٻي نه، پر پنهنجن ئي ڪيو. ”مون پڪ سُڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“.
سنڌي ماڻهن ان ٻٽي نظام کي رد ڪرائڻ جي لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي، جيڪا جاري آهي ۽ تيستائين جاري رهندي، جيستائين اهو نظام ختم نٿو ڪيو وڃي.
جيئن مون مٿي چيو ته آئون تاريخ جو شاگرد آهيان، تنهن ڪري مون ان جدوجهد جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو . زندهه قومون پنهنجي جدوجهد جو هر لمحو محفوظ ڪنديون آهن. مون به ان ٻٽي نظام جي خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي ”ڪرانالاجي“ ترتيب ڏني آهي، جيئن اها جدوجهد تاريخ وار محفوظ ٿي وڃي ۽ ايندڙ وقت جي مورخ لاءِ ”سورس مٽيريل“ جو ڪم ڏي.
هن ”ڪرانالاجي“ جي سهيڙ ۾ منهنجي دوست نصير ميمڻ جي صلاحن، جلد ڪم اُڪلائڻ لاءِ ڏنل دوستاڻن دڙڪن ۽ اُتساهه ڏيارڻ، منهنجي لاءِ رهبريءَ جو ڪم ڪيو. ٿورا منهنجي مهربان دوست حاجي عبدالعزيز مينڌري (انچارج پبلڪ لائبريري سجاول) جا، جنهن اخبارون وڏي فراخدلي سان مهيا ڪري هن دستاويز کي سهيڙڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ٿورا مور ساگر جا جنهن وقت نه هئڻ باوجود سڀ ڪم هڪ پاسي رکي ڪتاب مڪمل ڪيو.
يوسف سنڌي
پهرين جنوري 2013ع

مهاڳ

پيپلزپارٽي حڪومت پاران مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. سنڌ جا ماڻهو پارٽين کان مٿانهان ٿي ان انياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. ون يونٽ کان پوءِ هي ٻيو سنگين ڏوهه آهي، جيڪو سنڌ جي چونڊيل عيوضن قانوني طور سنڌ اسيمبليءَ وسيلي سنڌ مٿان مڙهيو آهي. ڪالاباغ ڊيم، ڌارين آبادڪاري وغيره جهڙن انيائن جي ڀيٽ ۾ هي معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين آهي جو اهو اسلام آباد پاران ڏنڊي جي زور تي نه مڙهيو ويو آهي. پر سنڌ واسين جي محبوب پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ان کي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيان وڌو آهي. سنڌ جي ان محبوب پارٽيءَ جا اڳواڻ نه رڳو اهو ته پنهنجي ان عمل تي شرمنده ناهن، پرکين اهو کين اهو احساس نه آهي ته هنن سنڌ جي مفادن کي ڪيڏو وڏڪو ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. وفاق ۾ هڪڙي حڪومت کي بچائڻ ۽ وري پنجن سالن لاءِ حڪمراني حاصل ڪرڻ واري خسيس مفاد خاطر حڪمرانن سنڌ جي مفادن کي ڏينهن ڏٺي جو نيلام ڪري ڇڏيو.
ٻٽي مڪاني نظام واري قانون خلاف لڳاتار مواد ڇپجندو رهيو آهي ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته اهو قانون ٺاهي پاس ڪرائيندڙن اهو قانون پاڻ ئي نه پڙهيو آهي ۽ مٿان جي حڪم جي تعميل ۾ هنن اکيون ٻوٽي ان قانون تي صحيحون ڪري ڇڏيون. پارٽيءَ اندر ويٺل اهي پڙهيا ليکا ماڻهو جيڪي هونءَ ته اُٿندي ويهندي سنڌ جي مفادن جي بچاءُ جي هام پيا هڻندا آهن، انهن مان به سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود توڙي غير موجود ميمبرن مان ڪنهن هڪ به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي.
هن قانون وسيلي حڪومت پنهنجي اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ اهي سموريون ڳالهيون منظور ڪري ڏنيون آهن، جيڪي کين جنرل مشرف جي آمريت ۾ به قانوني طور نه ڏنيون ويون هيون. هي قانون سڌو سنئون سنڌ اندر پرواضح طور تي ٻه مختلف نظام متعارف ڪرائيندو. هڪ طرف ضلعي حڪومتون هونديون ته ٻئي طرف ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز هونديون. انهن ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز ۾ به وري ڪجهه قانوني اختيار اهڙا آهن جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طور رڳو ڪراچي يا ڪنهن حد تائين حيدرآباد کي فائدو ڏيندا. جيڪي حڪومتي اتحادين جي هٿن ۾ يرغمال بنيل آهن. مثال طور ڪنهن به ڪائونسل، يعني ضلعي ڪائونسل يا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي اهو اختيار حاصل هوندو ته اها پنهنجي وسيلن مان ڪو به نئون کاتو کولي سگهي. صاف ظاهر آهي ته واڌو وسيلا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت سنڌ اندر ڪنهن شهر ۾ آهي ته اهو رڳو ڪراچيءَ ۾ آهي. باقي ننڍا وڏا شهر ته صوبائي گرانٽس تي ساهه کڻن ٿا. اُن جي معنيٰ ته سڀاڻي ڪراچي جو ميئر چاهي ته پنهنجي وسيلن مان ڏهه پندرنهن هزار لساني ڪارڪن ڀرتي ڪري شهري امن امان لاءِ هڪ نئون کاتو کولي ڇڏي ته کيس قانوني طور اهڙو اختيار حاصل هوندو. ساڳئي طرح هي قانون سياسي يا لساني بنيادن تي مخالفن کي هيسائڻ لاءِ سندن سياسي سرگرمين کي قلم. 144 هيٺ محدود ڪرڻ ۽ سندن وسندين کي انڪروچمينٽ قرار ڏئي بلڊوز ڪرڻ جا اختيار به ميئر يا ڊسٽرڪٽ چيئرمين حوالي ڪري ٿو. شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اهڙن اختيارن جي غير ذميواراڻي استعمال جا چٽا امڪان موجود آهن. عوام جي چونڊيل حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اصلوڪي حالت بحال ڪرڻ جي واعدن تي عوام کان ووٽ وٺي اتحادين جي راضپي خاطر ان عوامي واعدي کي پٺي ڏني ۽ پنهنجي شهرن سان مشرف دور جي ڪيل هٿ چراند کي برقرار رکيو، مٿان وري ٻٽو مڪاني نظام آڻي، انهن شهرن مٿان لساني اتحادين جو قبضو پڪو ڪرڻ وارو ڪارنامو به سرانجام ڏنو آهي.
ان سڄي ڏاڍ خلاف سنڌ واسين عوامي مزاحمت جي هڪ شاندار تاريخ لکي آهي. عوامي مزاحمت جي اُن تاريخ کي هن طرح سان محفوظ ڪرڻ هڪ واکاڻ جوڳي خدمت آهي.
يوسف سنڌي هن کان اڳ به اهڙن اهم واقعن جا تاريخ وار ٽي دستاويز (Chronology) ڇپرايا آهن. جيڪي ايندڙ سالن ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪابه علمي کوجنا ڪندڙ محققن ۽ مورخن لاءِ هڪ لاڀائتو حوالو بنجي سگهن ٿا. هونءَ ته مڪاني نظام خلاف سنڌ جي جدوجهد اڃا جاري آهي، پر هن مرحلي تي هي ڪتاب آڻڻ نهايت واکاڻ جوڳو ڪم آهي. پڪ سان يوسف سنڌي هن جدوجهد جي ايندڙ مرحلن کي نئين ڇاپي جو حصو بنائي اڳتي هلي ٻيهر به ڇاپيندو. عوامي مزاحمت جي ان تاريخ کي ان ڪري به محفوظ ڪرڻ ضروري آهي، جو انهن کي پڙهڻ سان قومي بقا جي جدوجهد ڪندڙ ورڪرن، ليکڪن ۽ وطن دوست ماڻهن کي اُتساهه پڻ ملي ٿو.

نصير ميمڻ
اسلام آباد
8 ڊسمبر 2012ع

ڪارو قانون ۽ سنڌ جي وحدت : محمد ابراهيم جويو

ٿورو عرصو ٿيندو، جو پنهنجي لائبريريءَ ۾ گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ تي نظر پئي ۽ کڻي پڙهڻ ويٺس. گل حسن ڪلمتي لکڻ جي ميدان ۾ هاڻ ڪو نئون نانءُ نه رهيو آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکي پورا ڪيا اٿائين ۽ پڻ ڇپائي پڌرا ڪيا اٿائين، جن ۾ گهڻي ڀاڱي سفر ناما ۽ تاريخي ڇنڊ ڇاڻ بابت ڪتاب شامل آهن. سندس جنهن ڪتاب وڌ ۾ وڌ مقبوليت ماڻي، اُهو ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ ئي آهي. هي ڪتاب ڪراچي شهر جي درجه وار تاريخي اوسر جو رڪارڊ پاڻ ۾ سانڍي رکي ٿو ۽ خاص طرح ڪراچي شهر جي تمدني اوسر بابت اهم ترين ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. هي ڪتاب وڏي پيار ۽ پورهئي سان سهيڙيو ويو آهي. هن ڪتاب جي خصوصيت اِها به آهي ته اُهو ڪراچي شهر کي سنڌي قوم جي مرڪزي شهر طور تعارف ڪرائي ٿو.
”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ عنوان مان اِها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جهڙي ريت مارئي پنهنجن اباڻن ۽ ڏاڏاڻن کان زوريءَ جدا ڪئي وئي هئي، کيس ڪوٽن ۾ قابو ڪيو ويو هو ۽ کيس طرح طرح جون آڇون ۽ لالچون ڏيئي پنهنجي وطن کي وسارڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي ويو، تهڙي ريت ڪراچي شهر کي پڻ پنهنجن اصلوڪن وارثن کان جدا ڪرڻ جي سازشي انداز ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان هر طريقي ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪراچي مارئي وانگي ئي نماڻي ۽ هيڻي ٿي پئي آهي. اُها به ڌارين جي حوالي ٿيل آهي، جيڪا هر پل تڙپي ٿي ته ڪنهن طرح پنهنجن سان ملي هڪ ٿئي ۽ خوش ٿئي. هو پڻ مارئي وانگي سراپا پڪار ۽ اوسيئڙو بڻيل آهي. هوءَ پڻ سمجهي ٿي ته امن (Peace) خوشحالي ((Prosperity) ۽ خوشي (Happiness) سندس حصي ۾ تڏهن ئي اچي سگهندا، جڏهن هوءَ ڌارين جي قبضي مان پوري طرح آزاد ٿي پنهنجن سان ملندي. هن وقت مارئي پاڻ کي سنڌ ماءُ جي هنج ۾ نه پر ڪنهن هڏ ماس کائڻ واري ڏائڻ جي قبضي هيٺ سمجهي ٿي.
سڀ کان وڌيڪ اچرج جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي شهر کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا بنياد اُن ئي ڌر پاران وڌا پيا وڃن، جنهن ڌر کي اِهو ناز آهي ته وٽن سنڌي ماڻهن جو مينڊيٽ آهي.
سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جهڙي ريت پاس ڪيو ويو ۽ جنهن اٻهرائيءَ سان اِهو سمورو ڪم اڪلايو ويو، ان مان اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته رڳو ئي رڳو اقتدار کي بچائڻ ۽ ان کي جاري رکڻ واسطي وڏي کان وڏي عوامي جماعت هجڻ جي دعويٰ رکندڙ ڌر پيپلز پارٽي هاڃيڪار قدم کڻي سگهي ٿي. ساڳئي وقت ڪراچي شهر جي لاءِ ڌار ۽ باقي شهرن ۽ ٻهراڙين لاءِ جدا جدا قانون هجن ته ڇا اڃا اها سياسي ۽ انتظامي ورهاست ناهي!؟ ڪراچي شهر مان سنڌ جي معيشت جو 70 سيڪڙو پيدا ٿئي ٿو ۽ سڄي صوبي جو 75 سيڪڙو مزدور طبقو اُتي ڪم ڪري ٿو. هن شهر مان هڪ اندازي مطابق 24 ارب رپيا مهيني ۾ ڀتو وصول ٿئي ٿو. واٽر بورڊ KESC ۽ KMC ۾ 60 هزار کان مٿي ملازم مشرف جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا. 6000 ويڙهاڪ ڪميونٽي پوليس ۾ ڀرتي ڪرائي ڪراچي جي ڪيترن علائقن کي نوگو ايريا بڻايو ويو ۽ انهن معرفت جاسوسي ڪرڻ جو هڪ ڄار وڇايو ويو. کربين رپين جي زمين جا اختيار ناظم حوالي ڪيا ويا. اهڙن سڀني ڪارنامن کي برقرار رکڻ واسطي 5 منٽن ۾ اهو بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويو.
جيڪڏهن پٺتي نهارجي ته سنڌ جي وحدت ۽ بقا تي ڪاپاري ڌڪ وانگي ڪڙڪي ڪرندڙ ون يونٽ کي به ائين لاڳو نه ڪيو ويو هو. انهيءَ سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو آرڊيننس پوري طرح پڌرو نه ڪيو ويو آهي. هي شايد پهريون بل يا قانون هوندو، جنهن جي منظوري ته اڳ ۾ ئي ڏني وئي آهي، پر ان مسودي جي تياري پوءِ ڪئي ويئي. نه ته عام طرح ڪنهن مسئلي تي مسودو تيار ڪري اسيمبلي ۾ پيش ڪبو آهي، ۽ ان تي غور ويچار ڪبو آهي ۽ ضروري درستگي ۽ تبديلين کان پوءِ مسودو طئه ڪيو ويندو آهي. پر ان کي جهڙي ريت مختلف مرحلن مان گذاريو ويو آهي، انهن مان حڪمرانن جي نيت پڌري ٿي پوي ٿي. هن آرڊيننس وسيلي 40 کاتا ميئر حوالي ڪيا ويا آهن. ان جو مطلب اِهو ٿيو ته ارڙهين ترميم وسيلي ڪانڪرنٽ لسٽ ختم ڪري جيڪي اسم صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا، اهي لڳ ڀڳ سڀ ميئر جي اختيار ۾ هوندا، جنهن کان پوءِ سنڌ جي سڀ کان وڏي اهم قانون ساز اداري سنڌ اسيمبليءَ جي اهميت متاثر پئي ٿئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مون وٽ ڪجهه ساڃاهه وند شخصيتون ۽ ”سنڌ بچايو ڪميٽيءَ“ جا ساٿي مهرباني ڪري آيا ۽ هن ڪاري قانون متعلق تفصيلي گفتگو ڪيائون. جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان ۽ جيئن مون انهن ساٿين سان انهيءَ ڪاري قانون کي سمجهيو آهي، تيئن ئي مان انهيءَ کي اوهان سان به ونڊڻ چاهيندس.

ٻٽي نظام جي جوڙجڪ
سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 واري ڪاري قانون جي سيڪشن 8 هيٺ ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري کين هڪ ضلعو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي نالي ماتر ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ٺاهي وئي آهي ۽ ان سازش کي لڪائڻ لاءِ سنڌ جي پهرين چئن ۽ هاڻي پنجن ضلعن تي مشتمل ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ٺاهيون ويون آهن. اهو فقط ڪراچي کي الڳ انتظامي حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن تي هڪ ۽ باقي پنجن ضلعن ۾ پنج ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن هونديون.
ڪاري قانون جي شق نمبر (5) 14 ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي لامحدود اختيار ڏئي کيس اهو به اختيار ڏنو ويو آهي ته اها پنهنجي خرچ تي ڪابه سرگرمي ڪري سگهي ٿي ۽ ڪابه آفيس قائم ڪري سگهي ٿي، جيڪو اختيار آئين هيٺ وفاقي سرڪار وٽ به نه آهي، ڇو جو اها به آئين جي شيڊيول 4 هيٺ ئي کاتا قائم ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح ڪاري قانون جي شق نمبر 9 هيٺ ضلعن کي لتاڙي ۽ انهن جي حدن کي ميساري ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ 18 ٽائون ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ضلعي حد بندين کان آجا قرار ڏنا ويا آهن. اهڙي طرح باقي سمورن ضلعن لاءِ ضلعي ڪائونسلون ٺاهيون ويون آهن، پر ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچي مرڪزيت ۽ ون يونٽ تي ٻڌل اهڙي ڪائونسل هوندي، جنهن جا اختيار شق نمبر (5) 14 هيٺ لامحدود هوندا. وڌ ۾ وڌ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪراچي کي 178 يونين ڪائونسلن ۽ 18 ٽائونن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل آدمشماريءَ جي بنياد تي 350 يونين ڪائونسلون ۽ 35 ٽائون ٺهڻ گهرجن، جو ڪابه يونين ڪائونسل 25 کان 50 هزار آباديءَ تي ٺاهي سگهجي ٿي. ڪراچيءَ جي 70 سيڪڙو زمين تي ٻڌل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچيءَ کي ختم ڪري سنڌي عوام کي پنهنجي ئي گاديءَ واري هنڌ ۾ ڌارين حوالي ڪري لاوارث ۽ بي يار و مددگار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پنجن ضلعن تي مشتمل ڪراچيءَ کي ته هڪ ميٽرو پوليٽن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي پر هاڻي چئن ضلعن تي مشتمل اڳوڻي حيدرآباد کي ساڳي ڪٽيل حيثيت ۾ ميٽرو پوليٽن قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح متڀيد ۽ لساني بالادستيءَ تي ٻڌل هي ٻٽو نظام سنڌ جي وحدت تي انهيءَ ساڳئي وار جو تسلسل آهي، جيڪو 2 جولائي 1948ع تي سنڌ کان ڪراچيءَ کي کسي مرڪز حوالي ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيو ويو هو.

ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ جا اختيار
ڪاري قانون جي شق نمبر 38 ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز جا اختيار واضح ڪيا ويا آهن. شق نمبر 39 هيٺ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز کان واڌو اختيار ڏنا ويا آهن، جن ۾ زمين جي درجه بندي، ان جو استعمال، ماحوليات، زون ٺاهڻ، هائوسنگ، مارڪيٽ ٺاهڻ، ٽريفڪ ٽيڪس، سامونڊي پٽي پڻ شامل آهن. هنن اختيارن جو مقصد اهو آهي ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ته سامونڊي حدن ۾ ترقياتي اسڪيمون ٺاهي سگهندي، پر بدين يا ٺٽي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي اهڙو اختيار نه هوندو. اهڙي ئي طرح ڪاري قانون جي شق نمبر 38 هيٺ مارڪيٽ ڪاميٽيون ٺاهڻ جو اختيار به ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنو ويو آهي.
آئين جي آرٽيڪلز 6،5،4،142،137 جي سنگين خلاف ورزي ڪندي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪاپوريشن کي ڪاري قانون جي شيڊول هڪ هيٺ سنڌ حڪومت جا آئيني اختيار ڦري کيس 40 کاتا حوالي ڪيا ويا آهن. سنڌ سرڪار وٽ هينئر 43 کاتا آهن، پر ڪراچي ميٽرو پوليٽن وٽ 40 کاتا هوندا ۽ سنڌ سرڪار باقي ڪجهه کاتن تي ٻڌل هوندي، جنهن کان دڳ ويندڙ به نه پڇندو.
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ کي اهو به اختيار هوندو ته اها شيڊول هڪ جي نقطي 22 هيٺ ٻڌ ڇوڙ جا آئيني اختيار سيڪشن 109 سي .آر .پي .سي سميت 145 سي .پي .آر .سي هيٺ ۽ ملڪيت پاڻ وٽ رکڻ جا اختيار استعمال ڪري. سيڪشن 133، 143، 144 سي. آر. سي. پي جا اختيار پڻ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن وٽ هوندا. ساڳئي اسم هيٺ ڪارپوريشن کي پوليس ايڪٽ 30A کان (B)34 تائين جا اختيار- جن ۾ جلسن جلوسن جي اجازت، امن و امان جي خلاف ورزين جي سزا پڻ شامل آهي. ان کانسواءِ ڪاري قانون جي باب نمبر 17 ۾ مختلف ڏوهن جي سزا لاءِ ڪارپوريشن ۾ انسپڪٽرس جا جٿا قائم ڪيا ويندا، جيڪي ماڻهن تي سيڪشن (3)156 هيٺ ٿاڻن تي سڌي ريت ايف.آءِ.آر ڪٽرائيندا ۽ عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ڪندا. مطلب ته ڪارپوريشن وٽ پراسيڪيوشن جا اختيار به هوندا. هنن اختيارن کانسواءِ ڪارپوريشن سيڪشن (5)14 هيٺ ڪوبه وڌيڪ کاتو قائم ڪري سگهندي، جن ۾ پوليس سميت اها ڪوبه کاتو قائم ڪري سگهي ٿي. ميئر ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جا چيئرمين پڻ ٿي سگهن ٿا (ڏسو سيڪشن 201). اهڙي طرح ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر ڪاري قانون جي سيڪشن 64 هيٺ ٽائون چيئرمين جي ڪنهن به حڪم کي رد ڪري سگهندو. سيڪشن 149 هيٺ ٽائون تي سندس ڪنٽرول هوندو ۽ انهن خلاف جاچ به ڪرائي سگهندو، معنيٰ ته ميئر کي ڪراچيءَ جي زندگيءَ جي سمورن شعبن تي نه رڳو مڪمل ڪنٽرول هوندو، پر اهو وڏي وزير کان به وڌيڪ با اختيار هوندو، ڇو ته سيڪشن 23 هيٺ ميئر کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو، جڏهن ته آئين هيٺ وڏي وزير کي سادي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو. سيڪشن (e)28 هيٺ صوبائي ۽ وفاقي قانونن تي ميئر عمل ڪرائيندو، سيڪشن 29 هيٺ ڪنهن به آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري سگهندو، آفيسرن جون اي .سي .آر 17 گريڊ تائين هو لکندو ۽ باقي 20،19 ۽ 21 گريڊ جي آفيسرن جون اي سي آر به هو ئي لکندو، وڏو وزير رڳو انهن تي ٺپو هڻندو. ڪاري قانون جي باب 16 هيٺ ميئر جي ماتحت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سروس قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار پابند هوندي.
ڪاري قانون جي 21 بابن مان باب نمبر 18 هون گم آهي. 17 کان پوءِ 19 هون باب شروع ٿئي ٿو، جڏهن ته ست شيڊول پڻ غائب آهن. حيرت آهي ته، اسپيڪر قانون مان پورو باب گم هوندي به پنجن منٽن ۾ ان کي پاس ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ٿو!

سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي نظام ۾ اختيارن جي توازن جو بگاڙ
مٿئين بحث مان اوهان کي اهو ڀلي ڀت محسوس ٿيندو ته هر ضلعي ۾ ٻه انتظامي نظام ڪم ڪندا، هڪ ميئر ۽ سندس ماتحت چيف آفيسر جي ڪنٽرول ۾ هوندو، جيڪو ضلعي انتظاميا جو سربراهه هوندو، ته ٻيو نٻل ۽ بي اختيار ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت، جيڪا وڏي وزير جي انتظاميا هوندي. ميئر جي ماتحت انتظاميا تمام گهڻي طاقتور، جڏهن ته وڏي وزير جي انتظاميا نه هجڻ جي برابر هوندي. هونئن ته نالي ماتر خانه پوري واسطي وڏي وزير کي سيڪشن 24 ۽ 143 هيٺ ميئر جا حڪم رد ڪرڻ يا کيس معطل جا اختيار ته ڏنا ويا آهن، پر اهي قانوني عمل جي تابع هوندا. مطلب ميئر کي اهو به اختيار هوندو ته هو وڏي وزير جي فيصلن خلاف عدالتن ۾ دعويٰ داخل ڪرائي سگهي. سنڌ ۾ ون يونٽ کان خطرناڪ هيءَ اسڪيم مشرف واري نظام سان به نٿي ڀيٽي سگهجي، ڇو ته مشرف واري نظام هيٺ ڪائونسلز کي ڏنل 12 کاتن تي سنڌ سرڪار جو به ضابطو هو ۽ اختيار سنڌ حڪومت ۽ مڪاني حڪومتن جا گڏيل هئا، پر هن ڪاري قانون هيٺ سمورا اختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچي کي منتقل ڪيا ويا آهن. ان ڪري هي ڇڙواڳ نظام ڊڪٽيٽر مشرف واري نظام کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. مشرف واري نظام هيٺ ڊي سي او سنڌ سرڪار ۽ ناظم جي گڏيل اختياري هيٺ ڪم ڪندو هو، پر هاڻي چيف آفيسر ۽ کاتن جا ڊائريڪٽر وڏي وزير آڏو نه پر ميئر آڏو جوابدهه هوندا. هي نظام سنڌ جي سنڌي آباديءَ ۽ اردو آباديءَ ۾ نه رڳو نفرت جو ٻج ڇٽيندو، پر نيٺ سنڌ کي لساني ورهاڱي ڏانهن وٺي ويندو.

مالي بندوبست
ڪاري قانون جا ٻه باب هر هڪ باب نمبر 11 ۽ 12 مالي معاملن بابت آهن. تاريخي طور تي مڪاني ادارن جو دائرو، ميونسپل ڪم سنڀالڻ رهيو آهي، جنهن لاءِ کين آڪٽراءِ ٽيڪس، لوڪل سيس فنڊ، ڪراين وغيرهه مان ٿيندڙ آمدنيءَ تي اهي ادارا هليا آهن. تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌ سرڪار نه رڳو هنن کي پنهنجا ٽيڪس پر پنهنجي بجيٽ ۾ حصيدار بڻائي ڇڏيو آهي. 1985ع کان وٺي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ جي گهر رهي آهي ته پراپرٽي ٽيڪس سندس حوالي ڪئي وڃي. شيڊول هڪ هيٺ پراپرٽي ٽيڪس ته هنن حوالي ڪئي وئي آهي، پر سيڪشن 109 هيٺ وفاقي صوبائي طرز تي نه رڳو جدا اڪائونٽ پر آئين جي آرٽيڪل 160 جي طرز تي اين .ايف .سي وانگر پي .ايف .سي (پراونشل فنانس ڪميشن) سيڪشن 124 هيٺ ٺاهي صوبائي بجيٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو آهي. معنيٰ ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي نه رڳو آڪٽراءِ سميت ميونسپل ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار هوندو، پر اها پراپرٽي ٽيڪس به اوڳاڙيندي ۽ ان کان سواءِ سنڌ جي ريگيولر بجيٽ ۾ به ان جو حق مڃيو ويو آهي. صوبي جا لڳ ڀڳ اڌ وسيلا ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن حوالي هوندا، جنهن جي جوڙ جڪ نه جمهوري هوندي ۽ نه وري ان ۾ ٻين ڌرتيءَ ڌڻين کي ڪو اختيار هوندو. اهڙي طرح سنڌ جي ساحلي ٻيٽن کان وٺي سنڌ جي ماليات تائين ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي سنڌ سرڪار جا سمورا اختيار منتقل ڪيا ويا آهن.
اڄ ڪراچي شهر تي جيڪي به ڌريون دعويٰ ڪن ٿيون، انهن مان ڪابه ڌر تاريخي طرح ڪراچي شهر جي وارث نه رهي آهي. اِهي رڳو ئي رڳو سنڌي ماڻهو ئي هئا، جن هن شهر جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو رت ست ڏنو. پنهنجي جاگرافيائي اهميت سبب ڪراچيءَ کي اهم شهر بڻجڻو ئي هو، پر جيڪڏهن اهو ڌارين بدران پنهنجن جي هٿن ۾ هجي ها ته اڄ اهو امن جو هندورو هجي ها.
هن وقت سنڌ جي 6 ڪروڙ سنڌين جي زندگي انهيءَ نظام ڪري داءَ تي لڳل آهي، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ماڻهن سان ڪڏهن به هڪ قوم طور ورتاءُ نه ڪيو آهي، سنڌ کي فقط هڪ ڪارڊ سمجهيو آهي، جنهن مان اڪثريتي سنڌي آبادي کين ووٽ ڏيندي آئي آهي. سنڌ جي والي وارث ٿيڻ جي دعويٰ رکندڙ پارٽيءَ جو ٻهروپ سامهون اچي چڪو آهي، ساڳئي وقت هن ڪاري قانون خلاف بئريسٽر ضمير گهمري صاحب سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي آهي ۽ 8 نومبر تي انهيءَ جي ٻڌڻي رکيل آهي، ساڳئي ڏينهن تي لساني ڌر پاران ريفرنڊم جو تياريون ٿي رهيون آهن. جناح صاحب جو پاڪستان جيڪو مذهب جي بنياد تي وجود ۾ آيو هو، جنهن ۾ اڄ به Nation State(s) جي ڏنل تصور کي ناهي قبوليو ويو. کل جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي اسان کي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخي وطن تي دعويٰ رکڻ جي ڏوهه ۾ اسان جا معاشي، اقتصادي ۽ ثقافتي حق ڦٻايا ويا آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل عام جاري آهي، ته ٻئي پاسي اسان کي طالبان جي پاڪستان کان ڊيڄاريو پيو وڃي.

(روزاني ڪاوش، 05 نومبر 2012ع)

تڪراري مڪاني نظام: نيٺ ڇا ڪجي؟ مشتاق شورو

سوال اهو آهي ته ڇا تازو لاڳو ڪيل سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012ع سنڌ جي محبوب پارٽي ان نيت سان لاڳو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهن؟ هر سنڌي سکيو ستابو ٿئي؟ يا سنڌ خوشحال بڻجي؟
ڇا ان قانون خلاف ڌرتي ڌڻين جو احتجاج اجائي واويلا آهي؟ ڇا سنڌ جا ڌرتي ڄاوا ازل کان ئي ترقيءَ جا ويري آهن؟ ڇا مڪاني نظام واري قانوني خلاف ڌرتي ڄاون جو شديد ردعمل اڻڄاڻائي، جهالت ۽ قانون کي نه سمجهڻ جي آڌار تي ٻڌل آهي؟ ڇو ته بقول پ پ جي وزيرن جي ان قانون کي سمجهڻ لاءِ Ph.D ڪرڻي پوندي.
ڇا سنڌي ماڻهن جون وايون بتال ٿي ويون آهن، جو اُهي مٿي تي ڪفن ٻڌي روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا آهن؟ ڇا سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور، ڏاها، صحافي ۽ سول سوسائٽي به جاهل ۽ ڄٽ آهن، اهي پنهنجي مت وڃائي ويٺا آهن ۽ چريائي واري حالت ۾ پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي، ڪم ڪاريون ڇڏي، نوڪريون داءَ تي لڳائي روڊن، رستن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. سوال سنڌ جي ايڪائي جو آهي، مامرو سنڌين جي جياپي جو آهي، مال ميڙي ڀڀ ڀرڻ وارن کي اها وارتا سمجهه ۾ نه ايندي. تاريخ ساکي آهي ته جڏهن به سنڌ ماتا تي ڪو ڏکيو وقت آيو، ويرين ڌرتي ڌڻين جي اجتماعي شعور ۽ ديس ڀڳتي کي للڪاريو ته سنڌ جي حلالي پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وَس آهر ڪنهن به قسم جي ٻليدان ڏيڻ کان ڪونه ڪيٻايو آهي.
هونئن ته اُتهاس جي هر دور ۾ سنڌ خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، پر هن ڀيري ڌارين وانگيئڙن جي ئي ويڙهي ۾ ويٺل ويرين جي واهر سان سنڌ ۽ سنڌين کي اهڙي چو واٽي تي آڻي بيهاريو آهي، جتي پنج هزار سالن کان جيئڻ جا جتن ڪندڙ سنڌي قوم جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آهي. نئين مڪاني ادارن وارو قانون رڳو سکڻو، عام رواجي قانون ناهي، پر اهو ڌرتي ڌڻين جي موت ۽ سنڌ جي وجو دکي ئي ختم ڪرڻ جو حڪمنامو آهي.
اها ڳالهه ڪا خاص اهميت نٿي رکي ته اهو ڪارو قانون رات جي اونداهي ۾ لڳ ڀڳ چئين وڳي ڌاري لاڳو ڪيو ويو. ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي ننڊ مان اٿاري گورنر هائوس ۾ گهرائي اهو قانون جاري ڪرڻ جي ايڊوائيس تي صحيح ورتي وئي. سڄي ڪراچي شهر جي بند هئڻ ڪري خاص گاڏي موڪلي، ايئرپورٽ تي چوويهه ڪلاڪ کليل مٺائي جي دڪان تان مٺائي گهرائي وات مٺو ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي تباهي ۽ بربادي تي ڀاڪر پائي سنڌ جي وحدت خلاف سازش ڪئي وئي. اهميت ان ڳالهه جي به ناهي ته ان ڪاري قانون کي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن کان ڳجهو رکيو ويو. اعتراض ان ڳالهه تي به ناهي ته اهو قانون بنا پڙهڻ، بنا سمجهڻ، بنا ڪنهن حيلي بهاني جي سنڌين جي ووٽن تي چونڊجي آيل سنڌ اسيمبليءَ جي عقل کان عاري ميمبرن پنجن منٽن ۾ پاس ڪيو، اعتراض ڪجي ته ڇو ڪجي. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن پاران اهڙا سنڌ دشمن ۽ قهري قانون پاس ڪرڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.
اهميت ته رڳو ان نڪتي کي آهي ته ستن پردن ۾ لڪايل تڪراري قانون ۾ سنڌ ۽ ڌرتي ڌڻين خلاف ڪهڙي سازش سٽيل آهي. ڪهڙي حرفت، چالاڪيءَ ۽ مڪاريءَ سان ڌرتي ڄاون جي اڪثريت کي دهشتگرد، سنڌ دشمن اقليت جو محڪوم بنائڻ جا سانگ سجايا ويا آهن. ڪراچيءَ کي سنڌي وسنديءَ ملير سميت اڻ اعلانيه پرڳڻي نه پر هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار رياست جو درجو ڏيڻ جا گهاٽ گهڙيا ويا آهن.
سنڌ جو تمام سستي اگهه تي سودو ڪندڙ مرحيات پيپلزپارٽيءَ جا ميمبر، وزير، حامي، خوشامدڙيا لفاظي کان ڪم وٺندي، لٻاڙون هڻندي، نڙي ڦاڙي رڙيون ڪندي ان ڪاري قانون جي پٺڀرائي ۾ هنڀوڇيون هڻي رهي آهن، پر هنن وٽ ان سنڌ دشمن ۽ بدبودار نظام واري قانون جي حمايت ۾ ڪو به ٺوس دليل، ثبوت، سبب، لاجڪ يا منطق ته آهي ئي نه رڳو سکڻا لفظ ۽ ڌمڪيون آهن.
هنن جو خود به ڪو چٽو ۽ واضح موقف به ته نظر نٿو اچي. چٽو موقف ۽ ٺوس دليل هوندا به ڪيئن؟ اهو ته پڪي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته مرحيات پيپلزپارٽي جي وزيرن، ميمبرن ۽ خود وڏي وزير اهو قانون پڙهيو ئي ناهي، هنن کي ته شهري ڌر پاران مليل مسودو بنا ڏسڻ، سمجهڻ جي تڙ تڪڙ ۾ سنڌ خلاف فيصلا ڪرڻ جي تاريخ رکندڙ سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ جو نادر شاهي حڪم جو مليل هو. هنن خدا جي بندن ڪاما، فل اسٽاپ، پروفن ۽ لفظن جي غلطين کي به نه ڏٺو ۽ ڪاري قانون کي جيئن جو تيئن پنجن منٽن ۾ پاس ڪري ورتو.
وڌيڪ بحث بدران اچو ته ڏسون ان ڪاري قانون ۾ اهڙيون ڪهڙيون اٽڪل بازيون ۽ چالاڪيون آهن، جنهن سان سنڌي ماڻهن جي جائز قانوني حقن، فطري مفادن ۽ پنهنجي ڌرتي تي جيئاپي واري قدرتي حق تي ڪيئن ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي، هونئن ته ان آرڊيننس جيڪو هاڻي سنڌ اسيمبليءَ مان غير آئيني ۽ غير جمهوري طريقي سان پاس ٿيڻ ۽ گورنر پاران صحيح ٿيڻ کان پوءِ ايڪٽ جي صورت ۾ قانون تي لاڳو ٿي چڪو آهي. تنهن جي هر لفظ ۾ سنڌ ۽ سنڌين خلاف زهر ڀريل آهي، ان جو هر نڪتو، هر شق سنڌ جي وحدت تي وار آهي، سنڌ ڄاون ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ جي رٿابندي آهي، پر هتي ٿلهي ليکي ايڪٽ جي انهن سيڪشنس جو جائزو وٺون ٿا، جنهن وسيلي انتهائي هوشياري ۽ چالاڪيءَ سان سنڌ جي اقليتي لساني ڌرتي کي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي اڪثريت تي حڪمراني جو حق ڏيڻ جا جتن ٿيل آهن ۽ سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائي واڳن جي وات ۾ ڏنو ويو آهي. ڄڻ ته سنڌ ڪو تاريخي وطن، ديس نه پر ڪنهن جي جاگير هجي.

(1) سنڌ جو عملي طور تي ڪيل اڻ اعلانيه ورهاڱو:
سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ، 2012ع جي سيڪشن (شق) 8 هيٺ ڪراچي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن کي ظاهري طور ميونسپل جي مقصدن لاءِ هڪ ضلعو سنگل يونٽ جو درجو ڏنو ويو آهي. جنهن جو سربراهه ميئر هوندو. ان جي چونڊ ته اڻسڌي طرح ٿيندي، پر اهو سنڌين جي اڪثريت واري ملير ضلعي سميت ڏکڻ ضلعي ۽ اوڀر ضلعي جي سنڌي بلوچ آباديءَ تي سڌي طرح ڪنٽرول ڪندو. ڪراچي جي ميئر کي وڏي وزير جا سمورا اختيار ڏيڻ سان گڏ عدالتي اختيار ۽ پوليس جا به اختيار ڏنا ويا آهن. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي جوڙ جڪ جي بلڪل ابتڙ حيدرآباد، سکر، ميرپوخاص، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور جون ميونسپل ڪارپوريشنس صرف پنهنجي پنهنجي واسطيدار ضلعي تائين محدود هونديون. سنڌ جي باقي رهيل ضلعن ۾ وري ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون قائم ڪيون ويون آهن، جن جا اختيار محدود هوندا ۽ مالي لحاظ کان ڪمزور هونديون.
ڪراچيءَ ۾ تڪراري قانون جي سيڪشن 9 هيٺ ارڙهن ٽائون جوڙيا ويا آهن ۽ انهن جون حدون ڪراچي ڊويزن جي ضلعن جي حدن کي قطعي طور تي نظر انداز ڪندي جوڙيون ويون آهن، يعني هڪ ٽائون جون حدون هڪ کان وڌيڪ ضلعن ۾ پکڙيل آهن، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ٽائون ۽ تعلقا ساڳئي ضلعي جي حدن اندر ئي قائم ٿيل آهن.
ڪراچي جي ضلعن سان اهو حشر ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جتي ايم ڪيو ايم جي ٿورائي آهي، اتي ان کي اڪثريت ۾ تبديل ڪري اڪثريتي سنڌي، بلوچ وسندين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، ڇا قانون، آئين ۽ اخلاق اهڙي عمل جي اجازت ڏئي ٿو؟ اهي آهن مرحيات پيپلز پارٽي جا سنڌ سان ڪيل وڙ ۽ ويساهه گهاتيون. سنڌ جا ويري پنهنجي اهڙي خطرناڪ رٿابنديءَ ۾ ڪڏهن به سوڀ نه ماڻين ها، جي پنهنجو ڪڙم جو ويري نه ٿئي ها.

(2) صوبائي سرڪار جي اختيارن جي غير آئيني منتقلي:
اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 137 هيٺ ڪنهن به صوبائي اسيمبلي کي ڪوبه اهڙو اختيار حاصل ناهي ته اها ڪنهن بل وسيلي صوبائي سرڪار جا سمورا انتظامي اختيار ٻي ڪنهن اختياري يا فرد کي مڪمل طور تي منتقل ڪري صوبائي سرڪار کي انتظامي طور اپاهج ڪري ڇڏي.
ان لحاظ کان پيپلزلوڪل گورنمينٽ ايڪٽ نه رڳو غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي، پر پنهنجي پر ۾ تمام وڏو فراڊ به آهي، جيڪو بدنيتيءَ تي ٻڌل ڪارو قانون آهي. ڇاڪاڻ ته 1973ع واري آئين هيٺ رياست جي ادارن جي اختيارن جي حدن جو واضح ۽ چٽو تعين ٿيل آهي. قانون ساز اداري يعني صوبائي يا وفاقي پارليامينٽ کي اهڙو ڪو اختيار حاصل ناهي ته اها وفاقي صوبائي سرڪار کان انتظامي اختيار کسي پاڻ وٽ رکي يا ڪنهن اداري يا فرد جي حوالي ڪري، قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪندڙ ادارن کي پنهنجا اختيار اورانگهڻ جو ڪو اختيار نه هوندو آهي، نه ئي اهڙي گنجائش آئين ۾ موجود آهي.
هن تڪراري قانون جي شق 14 جي ذيلي شق 5 هيٺ ميئر کي اهو اختيار غير قانوني طور تي ڏنو ويو آهي ته هو جي چاهي ته پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪو نئون کاتو يا کاتا قائم ڪري يا صوبائي سرڪار يا وفاقي سرڪار جي انهن کاتن جن تي ميئر کي ڪو اختيار ڪونهي. تن ۾ ڪنهن به قسم جون سرگرميون ۽ مداخلت ڪري انهن کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي اثرانداز ٿئي. ڇا اهڙو اختيار دنيا جي ڪنهن به ميئر وٽ آهي؟ اهڙو اختيار صوبائي سرڪار ته پري جي ڳالهه پر وفاقي سرڪار کي به حاصل نه آهي. وفاقي سرڪار به رڳو اهي کاتا، ڊويزنس ۽ وزارتون قائم ڪري سگهي ٿي، جن جا اختيار کيس آئين جي شيڊول چوٿين ۾ چِٽا ڏنل آهن. پر پنهنجي مرضي سان ڪو کاتو جوڙڻ جو اختيار ته وفاقي سرڪار وٽ به موجود ناهي. ان جي ابتڙ ميئر کي مرضي سان کاتا جوڙڻ ۽ انهن جو ڪاروهنوار هلائڻ جو غير آئيني ۽ غير قانوني اختيار ڪهڙي حساب ۾ ڪهڙي اختياريءَ هيٺ ڏنو ويو آهي؟ ڇا اها رياست اندر رياست قائم نه ڪئي وئي آهي؟ اهڙو ڪم رڳو سنڌين جي ووٽن تي چونڊجي آيل اسيمبليءَ ئي ڪري سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان کي هر ڀيري ڌرتي ڌڻين سان ڪيل ويساهه گهاتيون ڦٻنديون آيون آهن ۽ هنن جو هيل تائين ڪو احتساب نه ٿيو آهي.
تڪراري قانون جي شق 14، 38، 39 ۽ شيڊول پهرين هيٺ ميئر خاص طور تي ڪراچيءَ جي ميئر کي ته لامحدود نادر شاهي اختيار ڏنا ويا آهن. مٿي ذڪر ڪيل شقن ۽ شيڊولن هيٺ ڪراچيءَ جي ميئر کي سنڌ سرڪار جا 43 کاتا به مڪمل طور تي منتقل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ان ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار جو ڪو به عمل دخل نه رهندو.
حيرت جي ڳالهه ته اها هي ته سنڌ سرڪار وٽ آهن ئي ڪل 43 کاتا، جيڪي ڪراچيءَ جي ميئر کي منتقل ٿي وڃڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار جو وڏو وزير، ان جا وزير ۽ ڪامورا ڪڙا مڪمل طور تي بي اختيار ۽ بي وَس ٿي ويندا، هنن وٽ شادين، ڇٺين ۽ ڪاڄن کانسواءِ رهندو به ڇا؟

(3) ڪراچيءَ جي ميئر کي منتقل ڪيل کاتا:
ڪاري قانون جي شق 14 جي ذيلي شق 5 ۽ شيڊول پهرين هيٺ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ کي هيٺيان قلمندان منتقل ڪيا ويا آهن، جن جو انتظام 20 گريڊ جو چيف آفيسر، ميئر جي نگراني ۽ هدايتن هيٺ هلائيندو. واضح رهي ته هاڻي سنڌ سرڪار جو انهن کاتن ۾ ڪو به عمل دخل نه هوندو، اهي آزاد ۽ خودمختيار نموني سان ڪاروهنوار هلائيندا.
1) پرائمري، پيشيوارانه يا هنري تعليم ۽ جاري تعليم جو کاتو.
2) لٽريسي جنهن کي خواندگي به چيو ويندو آهي.
3) صحت کاتو بشمول صحت جا ٻهراڙين وارا بنيادي مرڪز، ٻارن جي صحت، عورتن جي صحت ۽ سموريون اسپتالون.
4) سول ڊفينس جو کاتو.
5) ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۽ تنظيم ڪاري جو کاتو.
6) فشريز يعني مڇي مارڻ جا وسيلا ۽ سامونڊي ڪنارن ۽ ٻيٽن وارو کاتو.
7) سوشل ويلفيئر يعني سماجي ڀلائي وارو کاتو.
8) ر انديون ۽ راندين وارن بورڊس جو کاتو.
9) ڪلچر يعني ثقافت جو کاتو.
10) ڪو آپريٽو وارو کاتو.
11) فنانس کاتو، بجيٽ ۽ اڪائونٽس.
12) ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي جون زمينون ۽ اسٽيٽ ڊپارمينٽ.
13) پراپرٽي ٽئڪس.
14) هائوسنگ جو کاتو.
15) فزيڪل پلاننگ جو کاتو.
16) پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو کاتو.
17) ٽرانسپورٽ، شهر ۽ شهرن جي وچ ۾ هلندڙ.
18) ماسٽر پلان، زوننگ ۽ ڪلاسيفڪيشن آف لينڊس وارو کاتو، جنهن هيٺ زرعي زمين کي رهائشي يا ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جا اختيار.
19) واٽر بورڊ ۽ پاڻيءَ بابت ٻيون اختياريون، ان سان ڪراچيءَ جي ميئر جي اختيارن جو دائرو ٺٽي ضلعي تائين به وڌي ويندو.
20) امن امان (لا اينڊ آرڊر)
21) ليگل ڊرافٽنگ وارو کاتو.
22) انڪروچمينٽ يعني ناجائز قبضا، ان سان دنيا ڏسندي ته سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي قانوني طور اباڻا ڪک ڇڏائي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻايو ويندو.
23) مارڪيٽ ڪميٽيون.
24) قدرتي آفتون يعني سنڌ ۾ آيل امڪاني ڏڪارن، ٻوڏن ۽ ٻين تباهين لاءِ ملندڙ امداد هضم ڪرڻ لاءِ قانوني رستو حاصل ڪرڻ.
25) ڪو آرڊينيشن يعني رابطي جي ڪم جو کاتو.
26) ماحوليات جو کاتو.
27) هيومن ريسورسز يعني انساني وسيلا، ان جو مقصد ڌرتي ڌڻين تي هنري ۽ انتظامي سکيا جا به دروازا بند ڪرڻ آهي. تعليم پرائڻ جا در ته اڳ ۾ ئي بند آهن.
28) انفارميشن ٽيڪنالاجي جو کاتو.
29) ورڪس ۽ سروسز جو کاتو.
30) لينڊ ڪنٽرول ۽ لينڊ يُوز جو کاتو يعني زمين جو اختيار ۽ ان جي استعمال جو اختيار.
31) لينڊ روينيو ڪو آرڊينيشن وارو کاتو يعني زمين جي اُپت تي ڍل ۽ ٻين محصولن ۾ رابطي جوا ختيار.
32) انٽرپرائيز يعني وڻج واپار.
33) سيڙپڪاري وارو کاتو.
34) صنعت ۽ صنعتي علائقن وارو کاتو.
35) بند (ڊيمز) ۽ پاڻيءَ جي ذخيرن جو کاتو.
36) انرجي جو کاتو.
37) پوليس ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ وارو کاتو.
38) رٿابندي ۽ ترقيءَ جو کاتو.
39) ڊيٽا بيس (انگ اکر گڏ ڪرڻ جو کاتو) وارو کاتو.
40) تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو کاتو.
41) علائقائي مڏيون ۽ ڪاروباري مرڪزن جو کاتو.
42) سامونڊي ڪنارا ۽ انهن جي ترقيءَ وارو کاتو.
43) ڪاري قانون جي باب xvii هيٺ ڏوهن لاءِ سزائون ڏيڻ جو اختيار.
جڏهن ته مشرف جي ناظمي واري نظام ۾ به ناظم کي صوبائي سرڪار جا 12 کاتا مليا هئا. سون تي سهاڳو ته وري اهو آهي ته حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر برڪات رضويءَ به سنڌ سرڪار کي خط لکي وڏي وزير قائم علي شاهه کي حڪم ڏنو آهي ته مٿيان سمورا کاتا حيدرآباد جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي به بنا ڪنهن دير جي هڪدم منتقل ڪيا وڃن، جن لاءِ سپريم ڪورٽ اميد ڏيکاري آهي ته اهڙي عمل کان پاسو ڪيو ويندو.
ويچارا، گونگا، ٻوڙا، انڌا، بي اختيار لساني ڌر جي اشارن تي نچڻ وارا پيپلا اها همت ساري سگهندا ۽ ايترو ساهس آهي هنن ۾ جو برڪات رضويءَ جي حڪمن جي پوئيواري نه ڪن. سپريم ڪوٽ به ته ڪو منع نامو جاري نه ڪيو آهي.

(4) دنيا ۾ رائج ميونسپل نظام جا بنيادي ڪم:
واضح رهي ته سڄي دنيا جي ترقي يافته توڙي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ رائج ميونسپل يا مڪاني ادارن جا بنيادي ڪم صرف شهرين کي ميونسپل جون سروسز مهيا ڪرڻ هوندو آهي، پر سرڪاري ڪاروهنوار هلائڻ يا عدالتن ۽ پوليس جا اختيار استعمال ڪرڻ جا اختيار ميونسپل جي ادارن وٽ هرگز نه هوندا.
ميونسپل ۽ مڪاني ادارن جو مکيه ڪم، شهرن ۾ رستن ۽ گهٽين جي اڏاوت ۽ مرمت، صفائي سٿرائي لاءِ بندوبست ڪرڻ گند ڪچري کي نيڪال ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ، پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ، رستن ۽ گهٽين تي روشنيءَ جو مناسب انتظام ڪرڻ، رستن ۽ گهٽين سان لڳ وڻڪاري ڪرڻ، فوٽ پاٿن جي تعمير ۽ سار سنڀال ڪرڻ، پارڪ ۽ باغيچا جوڙائڻ، جانورن جي باغيچن سميت تفريح جا هنڌ ٺاهڻ، چوواٽن تي پاڻي جا ڦوهارا يا مجسما ٺهرائڻ، جانورن جا ڪوس گهر ٺاهڻ ۽ انهن جو انتظام سنڀالڻ، شهري ٽرانسپورٽ جو نظام هلائڻ، ٽريفڪ جي نظام کي ريگيوليٽ ڪرڻ، گهربل هنڌن تي ٽريفڪ جا سگنل لڳائڻ، شهر يا فوٽ پاٿن تان قبضا يا حد دخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا يعني صوبائي سرڪار کان مدد طلب ڪرڻ بنيادي صحت ۽ بنيادي تعليم جون سهولتون مهيا ڪرڻ، لائبريريون قائم ڪرڻ، مارڪيٽ ڪميٽيون جوڙي عام واهپي جي اگهن تي نظر رکڻ، کاڌي وارين شين ۾ ملاوٽ کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ، موت ۽ ڄم جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ وغيرهه ۽ ٻيا اهڙي قسم جا شهري ڀلائي جا ڪم ڪرڻ، دنيا ۾ ڪٿي به مڪاني ادارا متوازي حڪومت نه هلائيندا آهن نه ئي هنن کي اهڙ و ڪو اختيار آهي.
حد ته اها آهي ته هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ان جي 65 سالن جي ڄمار ۾ نت نوان تجربا ٿيندا رهيا آهن. ڌُر کان ئي ڌرتي ڌڻين کي سندن حقن ۽ حق حڪمرانيءَ کان وانجهي رکڻ لاءِ حيلا بهانا ڪري نوان طريقا ايجاد ڪيا ويندا آهن. اهو هڪ اڻکٽ سلسلو آهي جيڪو اڃ به جاري آهي، افسوس جي ڳالهه ته اها آهي ته ڌاڙيلن سان گڏ اسان جا پنهنجا به آهن. جيڪي اسان جي وچ ۾ ويهي ويرين جي واهر ٿا ڪن.
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي ووٽ وٺندڙ ئي سنڌ جا ويري ٿي بيٺا آهن ته پوءِ ڏوهه ڪنهن کي ڏجي. مڪاني ادارن وارو نئون قانون سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ وقت پي پي پي جي ڪنهن هڪ به ميمبر اهو ذري ساعت لاءِ به نه سوچيو ته هو سنڌ جيجل سان ڇا ڪرڻ پيا وڃن. سنڌ جي ڌارين ۽ ويرين کي ڪڏهن به اها همت نه ٿئي ها ته اهو ڪڌو ڪم ڪن، پر سنڌ جي ڌرتي ڄاون جي ديس دروهين سنڌ جو سودو ايترو ته سستو ڪيو آهي، جنهن جو ڪو مٿال نٿو ملي.
سنڌ جي اٻوجهه ۽ ويساهه وسوڙيل عوام سان ويساهه گهاتي ڪري نئين مڪاني نظام هيٺ ميئر کي اهڙا به اختيار ڏنا آهن- جيڪي وڏي وزير، وزيراعظم ۽ صدر کي به آئين هيٺ حاصل ناهن.
حد ته اها آهي ته ان سنڌ دشمن قانون هيٺ ميئر کي نه رڳو صوبائي سرڪار جا سمورا انتظامي اختيار حاصل آهن، پر ان کي جڊيشري ۽ پوليس جا اختيار به ڏنا ويا آهن.

(5) ميئر جا جڊيشل ۽ پوليس وارا اختيار:
ميئر کي Cr. P.C جي شقن 109، 133، 144 ۽ 145 هيٺ عدالتي اختيار ڏنا ويا آهن. ساڳئي ريت پوليس ايڪٽ 1861جي شقن A-30 کان B-34 جا سمورا اختيار به ميئر کي ڏنا ويا آهن، اهڙا اختيار ته وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي به حاصل ناهن، هڪ طرح سان ميئر کي غير آئيني ۽ قانوني طور تي بي تاج بادشاهه بنائي اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو ويو آهي، ٻي طرف صوبائي سرڪار کي بي اختيار ڪري مڪمل طور تي بي اثر بنايو ويو آهي. هاڻي اچو ته ان نڪتي جو جائزو وٺون ته Cr. P.C جي مٿي ذڪر ڪيل شقن ۾ ڏنل اختيار ڪهڙا آهن.
(الف) شق 109 جو واسطو Preventive Detention سان آهي. ان شق هيٺ ڏنل اختيارن مطابق ميئر ڪنهن به شهري کي گرفتار ڪري قيد ڪري سگهي ٿو. اهڙو اختيار ملڻ کان پوءِ اڌ اکري ميئر ڪنهن به ماڻهو کي رڳو اُن بنياد تي گرفتار ڪري قيد ڪري سگهندو ته اهو شخص امن امان لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو يا شڪ آهي ته اهو شخص ڪو ڏوهه ڪرڻ وارو آهي.
(ب) شق 133 ۽ 143 جو تعلق Public Nuisances سان آهي. يعني جي ميئر جي خيال موجب ڪو به شهري اهڙين حرڪتن يا ڪمن ۾ رڌل آهي، جنهن سان معاشري ۾ بيچيني پيدا ٿيڻ جو گمان هجي يا اهو گمان هجي ته اهو شهري پُرامن شهرين لاءِ آزار بڻيل آهي ۽ هن جون حرڪتون معاشري لاءِ هاڃيڪار يا نقصانڪار آهن يا انديشو آهي ته اهو شخص پُر امن شهرين جي آرام ۾ خلل وجهڻ جو ذميدار آهي ته پوءِ ميئر اهڙي شخص خلاف مٿين ذڪر ڪيل شقن هيٺ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ با اختيار هوندو. اهي سڀ اختيار ميئر ڪنهن جي خلاف استعمال ڪندو اهو هر هڪ سمجهي سگهي ٿو.
(ٻ) شق 144 جو واسطو چرپر جي آزادي سميت ڪنهن به سرگرميءَ تي پابندي لڳائڻ سان آهي. هن ڪاري قانون هيٺ ميئر جڏهن به جنهن به وقت چاهي قلم 144 لاڳو ڪري شهرين جي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي چرپر تي پابندي لڳائي سگهي ٿو، ڪنهن به قسم جي سرگرميءَ کي روڪي سگهي ٿو ۽ ماڻهن جي ميڙ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ، جلسو ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ تي پابندي مڙهي سگهي ٿو. ڪنهن به شخص يا شهري يا ماڻهن جي ڪنهن گروهه جي ڪراچيءَ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي. ان جو مقصد اهو ٿيو ته هاڻي ڪا به سياسي ڌر ايم ڪيو ايم جي آشيرواد کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪابه سياسي سرگرمي نه ڪري سگهندي، نه جلسو ڪري سگهندي ۽ نه ئي جلوس ڪڍي سگهندي.
(ث) قلم يا شق 145 هيٺ مليل اختيارن موجب ميئر کي اهو اختيار حاصل ٿي ويو آهي ته هو ڪنهن اهڙي ملڪيت، زمين، دوڪان، گهر يا پلاٽ جنهن جي مالڪي تي تڪرار هجي، ان پراپرٽي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي سگهي ٿو.
اهي مٿيان سموا اختيار عدالتي اختيار آهن، جن کي هن وقت عدالتون منصفاڻي طريقي سان استعمال ڪن ٿيو. جيئن ته عدالتون سياسي ناهن، ان ڪري ڪنهن به ڌر سان نا انصافي جو امڪان گهٽ ٿو رهي، پر جيڪڏهن عدالتن جا اختيار به سياسي ميئر وٽ هجن ته پوءِ عام شهرين خاص طور تي مخالفن تي زمين تنگ ڪري رڻ ٻاريو ويندو.
مٿي ذڪر ڪيل اختيار ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ / ڊپٽي ڪمشنر، سب ڊويزنل مئجسٽريٽ / ايس . ڊي . ايم ۽ پوليس وٽ هئا، جن لاءِ هنن کي باقاعده سکيا ڏني ويندي هئي، پر هاڻي جڊيشري ۽ ايڊمنسٽريشن جي علحدگي واري فيصلي کان پوءِ اهي اختيار استعمال ڪرڻ جون مجاز رڳو عدالتون ئي آهن ۽ هن ڪاري قانون جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اهي اختيار هاڻي ميئر کي منتقل ڪيا ويا آهن. ائين جيئن ڀولڙي جي هٿ ۾ لٺ ڏني ويئي هجي.

(6) ميئر جا نادر شاهي اختيار:
نئين ڪاري قانون جي شق 201 هيٺ ڪراچي جو ميئر ملير ۽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽيز جو چيئرمين هوندو ۽ ڪي ايم سي جون زمينون به ميئر جي حوالي هونديون، حيدرآباد جو ميئر حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين هوندو.
اهڙي جوڙجڪ ۽ ٺڳي جي ٺاهه هيٺ ملير، لياري، قاسم آباد ۽ حيدرآباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين جي سوين سالن کان آباد واهڻن، وسندين، ڳوٺن ۽ زمينن جو جيڪو حشر ٿيندو، سو سنڌين جا ايندڙ نسل ئي ڀوڳيندا. مرحيات پيپلزپارٽيءَ وارن ته سنڌ جو سودو ڀڳڙن جي مٺ تي ڪري، ڌرتي ڌڻين کي بي يارومددگار بگهڙن جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. هتي هنن جي مالڪي ڪير ڪندو؟ فلسطين جو مثال ته ڪو ايڏو گهڻو پراڻو ڪونهي! ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا بڻائڻ جا ڪيئي مثال دنيا جي تاريخ ۾ موجود آهن.
سڀ کان حيرت انگيز ۽ انوکي ڳالهه اها آهي ته ڪاري قانون جي شق 64 ۽ 149 هيٺ ميئر کي ٽائون ميونسپل ڪائونسل جي چيئرمين تي مڪمل مالي ۽ انتظامي ڪنٽرول حاصل هوندو. اهو اختيار مشرف جي قهري نظام ۾ به ناظمن کي حاصل نه هو.
هاڻي نئين تڪراري قانون هيٺ ميٽروپوليٽن جو ميئر ٽائون ڪائونسل / ٽائون ميونسپل جي چيئرمين جي ڪنهن حڪم، ڪائونسل جي ڪنهن ٺهراءَ کي بنا سبب ڄاڻائڻ جي رد ڪري سگهي ٿو، ان فيصلي خلاف ڪو به داد فرياد نه ٿيندو ۽ نه ئي اپيل جو اختيار هوندو. ميئر جو فيصلو آخري ۽ قطعي هوندو، جيڪو سنڌ سرڪار نوٽيفائي ڪرڻ لاءِ پابند هوندي. اهڙي ريت ٽائون / ميونسپل ڪائونسلون مڪمل طور تي بي اثر ۽ بي اختيار بنايون ويون آهن ۽ انهن جي هئڻ يا نه هئڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.
ان جي ابتڙ ڪاري قانون جي شق 43 هيٺ جيڪڏهن وڏو وزير همت ڪري ان نتيجي تي پهچي ته ميئر جو حڪم يا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو پاس ڪيل ٺهراءَ عوامي مفاد ۾ ناهي يا قانون سان ٺهڪي نٿو اچي يا قانون / آئين جي ڪنهن فقري سان ٽڪراءُ ۾ آهي ته پوءِ لکت ۾ سبب ڄاڻائي اهڙي حڪم يا ٺهراءُ کي سسپينڊ يعني معطل ڪندو، پر رد نه ڪري سگهندو.
اهڙو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ وڏو وزير اهو معاملو لوڪل گورنمينٽ ڪميشن کي انڪوائري يا جانچ لاءِ موڪليندو، جيڪڏهن لوڪل گورنمينٽ ڪميشن نوي ڏينهن جي مقرر ڪيل مدي اندر ڪو فيصلو نٿي ڪري سگهي يا ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي نٿي سگهي ته ميئر جو ڏنل حڪم يا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن پاران پاس ڪيل ٺهراءَ پاڻمرادو بحال ٿي لاڳو ٿي ويندو ۽ وڏو وزير پيو ڏسندو رهندو.
حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته پراونشل لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جو چيئرمين لوڪل گورنمينٽ جو وزير هوندو. ٻه ميمبر سول سوسائٽي مان کنيا ويندا. ٻه ٽيڪنو ڪريٽ ميمبر مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ ليڊر آف هائوس پاران نامزد ٿيل ميمبر هوندا. سوال اهو آهي ته ڇا ان جوڙجڪ واري ڪميشن وڏي وزير جي فيصلي کي رد ڪرڻ يا ان جو جائزو وٺڻ جي اهل آهي؟ ڇا هيٺين اختياري مٿين اختياري جي فيصلي کي رد ڪري سگهي ٿي؟ ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته اهڙو معاملو سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ٿي حل ٿيڻ گهرجي ها.
تڪراري قانون ۾ ميئر کي هٽائڻ جو طريقو انتهائي مشڪل ۽ اڻ ٿيڻو آهي. ان قانون جي شق 23 هيٺ ميئر کي عدم اعتماد جي صورت ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو. نسلي ڌر جي بدنيتي ۽ آئين کان انحرافي ان مان صاف ظاهر آهي.
ان کان به سخت ۽ غير جمهوري شرط اهو به رکيو ويو آهي ته جي ميئر خلاف عدم اعتماد واري رٿ ناڪام ٿئي ته رٿ پيش ڪندڙ ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ ميمبرن جي ميمبر شپ پاڻمرادو ختم ٿي ويندي، مطلب ته اهڙي رٿابندي ڪئي وئي آهي ته ڪو به ميمبر عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ جي همت ئي نه ڪري. لساني ڌر جي ڪم ڪار جو طريقيڪار ۽ فطري عوام دشمن رويو هن ڪاري قانون مان چٽو نروار ٿي بيٺو آهي. ڏک ته ان ڳالهه جو آهي ته مرحيات پيپلزپارٽي به ساڻن جُٽ ٿيو بيٺي آهي.

(7) ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي مالي خودمختياري:
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن نه رڳو پنهنجا ٽئڪس پاڻ اوڳاڙيندي ۽ پنهنجي مرضي موجب بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا، آڊٽ جي خرچ ڪندي، پر ان ڪاري قانون هيٺ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جا به اختيار منتقل ڪيا ويا آهن. ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، پر مڪاني ادارن واري قهري قانون هيٺ جوڙيل پراونشل فنانس ڪميشن مان به صوبي جي ٽئڪسن جو وڏو حصو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنس کي ئي ملندو. جڏهن ته اهي ٻئي ڪارپوريشنون جيڪي پنهنجي ليکي خودمختيار حڪومتون هونديون، سي مالي معاملن ۾ صوبائي سرڪار ڏانهن جوابده نه هونديون ۽ پراونشنل پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي انهن جو آڊٽ ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه هوندو. سنڌ سرڪار جو ڪردار رڳو پوسٽ آفيس وارو هوندو، اهڙي جوڙجڪ ۾ سنڌ سرڪار مالي طور تي غيرمستحڪم ۽ اپاهج رهندي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پائي پائي جي محتاج ٿي ويندي.
سنڌ جي اها وڏي ۾ وڏي بدنصيبي رهي آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان ئي، مرڪز سنڌ جي مالي ۽ انتظامي اختيارن تي قبضو ڪري ورتو، جيڪو سلسلو هاڻي به جاري آهي، مٿان وري سنڌين جي محبوب پارٽي، شهري ڌر سان ڳٺ جوڙ ڪري باقي ٿورا گهڻا بچيل انتظامي ۽ مالي اختيار به ان ڪاري قانون هيٺ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حوالي ڪري سنڌ سرڪار جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. زرداري ليگ سامونڊي ڪنارن وارن ٻيٽن ۽ فشريز جا اختيار غير جمهوري اصولن تي جوڙيل ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حوالي ڪري ان ڪارپوريشن ۾ سنڌين ۽ بلوچن جي نمائندگي جو حق مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻجڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.
سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 جو غور سان جائزو وٺجي ته اها حقيقت پڌري پٽ ظاهر ٿي ٿئي ته اهوبنا ڪنهن شڪ جي ٻٽو نه پر ٽيڻو نظام آهي. ان ۾ سڀ کان گهري ۽ خطرناڪ سازش اها سٽيل آهي ته ڪراچي ڊويزن جي پنجن ضلعن کي ملائي هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حوالي ڪري ان کي لامحدود اختيارن سان نوازي ڪراچيءَ کي اڻ اعلانيه طور سنڌ کان ڌار ڪري هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت ڏني ويئي آهي. ان سيٽ اپ جي جوڙجڪ اهڙي ريت ڪئي ويئي آهي جو ملير ۽ لياري جي سنڌي ۽ بلوچ آباديءَ کي وڏي حرفت ۽ مڪاريءَ سان ڊي فرينچائيز ڪري هنن کي نمائندگيءَ جي حق کان به محروم ڪيو ويو آهي.
سوال اهو آهي ته ان پنجوڙ مان نڪرجي ڪيئن؟ سنڌ کي درپيش للڪارن کي ڪيئن منهن ڏجي؟ هيڏي وڏي سازش، پنهنجن جي ايڏي پيماني تي ٿيل ويساهه گهاتين جو مقابلو ڪيئن ڪجي؟ هن وقت جڏهن سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي. ماڻهو رستن تي نڪري آيا آهن. اهڙي حالت ۾ ڇا اسين ڪنهن متبادل قيادت جي اوسيئڙي ۾ اجايو وقت وڃايون؟ متبادل قيادت آسمان مان نه لهندي، پر اها سنڌ مان، سنڌي ماڻهن مان ئي پيدا ٿيندي. ان جو جنم خود هن وقت جي Defioning Moment مان ئي ٿيندو. قومن جا انتها جي درجي تي پهتل Crisis (گهوٽالا) ئي متبادل قيادت کي جنم ڏيندا آهن.
سنڌ تي ڪيترائي قهري دور آيا، حملا ٿيا، پر سنڌين پنهنجي جٽادار جدوجهد ۽ اجتماعي شعور سان هر للڪار جو مقابلوڪيو. سنڌين جي شاندار جدوجهد جا مثال تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ درج ڪيل آهن. اهي به ته سنڌي ئي هئا، جن ارغونن، مغلن، ترخانن خلاف ايڏي ڊگهي ويڙهه وڙهي. سوچڻو رڳو اهو آهي ته نيٺ ڇا ڪجي؟ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ويهي ڪو رستو ڪڍڻو پوندو.

(ماهوار افيئر، 15 نومبر، 2012ع)

مڪاني ادارن جو نئون نظام ۽ قائم ڪيل متوازي حڪومتون : بئريسٽر ضمير گهمرو

جيئن صوبائي ۽ مرڪزي اختيارن جي حوالي سان ملڪ جو آئين اختلافي رهيو ۽ هر هر پارٽيون 1940ع واري ٺهراءُ توڙي نئين ترميمن جون ڳالهيون پئي ڪنديون رهيون آهن، تيئن سنڌ سرڪار جيڪا اڪثريتي سنڌي آباديءَ تي مشتمل آهي ۽ سنڌي نه ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ مڪاني ادارن وارو سرشتو پڻ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جو سبب رهيو آهي. آمريتن جو جڏهن دور ختم ٿيو، ون يونٽ هٽايو ويو، ته سنڌ جي وحدت بحال ٿي ۽ 1973ع جي آئين هيٺ 1954ع کان پوءِ پهريون دفعو سنڌين جي آئيني حڪومت قائم ٿي. ون يونٽ دوران جيئن ته آمريت هئي ۽ ڪراچي جو ڪنٽرول اولهه پاڪستان واري صوبي جي هٿ ۾ هو، انڪري سنڌ ۾ غير سنڌي آبادي سياسي سرشتي ۾ پنهنجي لامحدود اختيارن هيٺ راضي رهي. جيئن ئي 1973ع جي آئين هيٺ ون يونٽ جي ڪاري دور جي 18 سالن کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ سنڌين جي سياسي حاڪميت بحال ٿي ته سنڌي -غير سنڌي تضاد ڀڙڪو کاڌو. اهو سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو هجي يا ٻيو ڪو پر غير سنڌي آبادي پاڻ کي سياسي طور متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو. نتيجي طور 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اهي سياسي طور تي لساني بنيادن تي منظم به ٿي چڪا. ان کان اڳ 1979ع واري جنرل ضياءَ جي مڪاني ادارن واري قانون هيٺ مڪاني ادارا وجود ۾ آيا ۽ مارشل لا کان پوءِ جڏهن جوڻيجو سرڪار پاڻ کي اثرائتو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير غوث علي شاهه ۽ ميئر عبدالستار افغاني وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. ايتري تائين جو پوليس افغاني جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌا. در اصل اها ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي نه ڳالهائيندڙ آبادي ۽ سنڌ سرڪار جي وچ ۾ اختيارين جي ٻي جنگ هئي.

پهرين جنگ:
ڪراچي ۾ اختيارن جي پهرين جنگ قائد اعظم جي وفات کان ڪجهه اڳ سنڌ جي وڏي وزير ايوب کهڙي ۽ ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان وچ ۾ ڇڙي چڪي هئي. نتيجي ۾ مرڪزي سرڪار جولاءِ 1948ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان کسي مرڪز حوالي ڪيو هو ۽ سنڌ اسيمبلي کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو هو. 1973ع کان پوءِ ڪراچي جو پنهنجي ماتر ڀومي جي ڪنٽرول ۾ اچڻ کان پوءِ ان جنگ جو ٻيو اُڀار غوث علي شاهه ۽ عبدالستار افغاني جي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ ٿيو ۽ پوءِ اردو آبادي جي نسلي بنيادن تي منظم ٿيڻ کان پوءِ 1987ع کان 2012ع تائين ڪراچي جي ڪنٽرول جي جنگ جاري آهي، جنهن ۾ نه رڳو اردو آبادي گهڻو ڪجهه وڃايو آهي، پر سنڌي آبادي پڻ ڪافي ڀوڳيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سنڌ جي عظيم تر مفادن خاطر اهو مسئلو آئيني، قانوني، سياسي ۽ تاريخي حوالي سان حل ڪيو وڃي ها، پر اٻهرائپ، اياڻائي، ڏاڍائي، زور، زبردستي ۽ غير آئيني ۽ غير قانوني روش جي نتيجي ۾ اڄ وري ان صورتحال ٻيهر اُڀار کاڌو آهي ۽ 2012ع ۾ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جاري ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حوالي سان نه رڳو پراڻا ڦٽ کوليا ويا آهن، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حوالي سان سنڌ جي ڊيموگرافي، سياسي حقن توڙي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو تاريخ کي نظر ۾ رکي سنڌ ۾ لساني مسئلي کي آئين ۽ قانون موجب حل ڪيو وڃي ها، پر سياسي مصلحت خاطر تاريخ، آئين ۽ قانون کي پاسي رکي سنڌ تي وري اهڙو نظام مسلط ڪيو ويو آهي، جنهن هيٺ سنڌ ۾ سنڌ سرڪار جي موجودگيءَ ۾ صوبائي اختيارن تي ٻڌل متوازي حڪومتون قائم ٿي وينديون ۽ سنڌ سرڪار جو نه رڳو اقتدار اعليٰ متاثر ٿيندو، پر ان جي وحدت کي به ڪاپاري ڌڪ رسندو. انڪري ضروري آهي ته سرڪار پاران جاري ڪيل آرڊيننس کي گهرائيءَ سان ڏسجي ۽ ان ۾ مڪاني ادارن کي ڏنل اختيارن جو جائزو وٺجي.

آرڊيننس هيٺ قائم ادارا:
سرڪار آرڊيننس هيٺ سنڌ جي پنجن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز، 18 ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز، تعلقن ۾ تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن ۽ شهرن ۾ ٽائون ميونسپل ائڊمنسٽريشن قائم ڪيون ويون آهن. ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ملائي هڪ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ساڳئي وقت 18 ٽائون ميونسپل ايڊمسنٽريشنز به ڪم ڪنديون. ڪراچي ۾ چئن ضلعن مان زونل ميونسپل ڪميٽيون ۽ ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو آهي. اڳوڻي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کي صرف ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪا 2001ع جي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس هيٺ مشرف سرڪار ٺاهي هئي ۽ پ پ سرڪار ان کي 2008ع ۾ چونڊ مهم دوران ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪراچي کي 1976ع ۾ ان وقت ۾ ملڪ جي وزير اعظم ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏنو هو، پر پوءِ ضلعن ۾ زونل ميونسپل ڪاميٽيون قائم ڪري 1987ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي به نمائندگي ڏني. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي، جيڪا 1910ع کان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي صورت کان وٺي ڪراچي ۾ قائم ڪئي وئي، ان کي پهريون دفعو مشرف سرڪار 2001ع ۾ ختم ڪيو، پر جڏهن 2011ع ۾ پ پ سرڪار مشرف واري آرڊيننس کي ختم ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مٺايون ورهايون ويون ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي به بحال ٿي وئي، پر پوءِ فوري طور وري مشرف واري قانون کي جيئاريو ويو ۽ منتقلي جي بهاني ساڳيو سرشتو قائم رهيو. هينئر 1979ع جي آرڊيننس هيٺ قائم ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ته بحال ڪيو ويو آهي، پر هن آرڊيننس هيٺ هر ڊسٽرڪٽ ۾ قائم ڊسٽرڪٽ زونل ميونسپل ڪميٽيون ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ختم ڪيون ويون آهن.

2001ع واري قانون ۽ موجوده 2012ع واري آرڊيننس ۾ فرق:
مشرف واري آرڊيننس ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ ان هيٺ ڪراچي ۾ 18 ٽائون ٺاهيا ويا ۽ ان کي 12 کاتا ڏنا ويا. نئين آرڊيننس ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو نالو مٽائي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن رکيو ويو آهي، جڏهن ته 18 ٽائون ساڳيا آهن. ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کان به وڌيڪ اختيار ڏنا ويا آهن، جن ۾ صوبائي سرڪار جا ئي نه پر ڪجهه اختيار عدليه جا به شامل آهن، جن ۾ قلم (145) (ملڪيت قبضي ۾ وٺڻ جو اختيار) قلم 109سي آر پي سي معنيٰ گرفتار ڪرڻ جو اختيار، پوليس ايڪٽ هيٺ سيڪشن 30A ۽ 34Bجا اختيار پڻ شامل آهن. سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ وٽ ميٽرو پوليٽن سرڪار جهڙا اختيار هئا، پر انهن وٽ امن امان، فشريز، ثقافت، اسپورٽس بورڊ، ڪو آپريشن، سرڪاري اسپتالن، ٽيڪنيڪل/فني تعليم وغيره جا اختيار نه هئا ۽ نه ئي وري امن امان جي سلسلي ۾ قلم 133,145 (Public Nuisance) يا 30A ۽ 34B پوليس ايڪٽ هيٺ اختيار هئا.
هن آرڊيننس، جيڪو 2013 سيڪشنز تي مشتمل آهي، پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته بس سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو نالو مٽائي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ساڳيا 18 ٽائون شامل آهن. 1979ع جي آرڊيننس هيٺ قائم ڊسٽرڪٽ ميونسپل زونل ڪميٽين توڙي ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو آهي، معنيٰ ته مشرف واري سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کي رومال ۾ ويڙهي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته ڪراچي، حيدرآباد سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ئي هوندي، باقي سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص ۾ به سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ قائم ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن واري لفظ کي هٽائي هن 2012ع واري آرڊيننس ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو لفظ وجهجي ته ساڳيو اوهان کي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع ساڳئي جلال سان ڏسڻ ۾ ايندو.

ٽائون جو اختيار:
اڳوڻي قانون هيٺ يعني مشرف سرڪار جي آندل مڪاني ادارن جي نظام هيٺ ٽائون ڪجهه خودمختيار هئا، پر هينئر انهن کي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن عرف سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ حوالي ڪيو ويو آهي، جتي حڪم واسطيدار ميئر جو هلندو. هو انهن خلاف جاچ ڪرائي سگهي ٿو، انهن جي ٺهرائن کي رد ڪري سگهي ٿو. مطلب ته ٽائون ماتحت آهي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي. اهڙي طرح اڳ جيڪا تعلقي ميونسپل ائڊمنسٽريشن ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ماتحت نه هئي، اها به هينئر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ماتحت هوندي. مشرف جي قانون آڻڻ وقت اهو چيو ويو ته ڪراچي مان پنج ضلعا ختم ڪري هڪ ضلعو يا هڪ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٺاهي وئي آهي. هينئر به ڪراچي ميونسپل ڪمن لاءِ هڪ ضلعو هوندو، ڇو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ يونين ڪائونسل جا ناظم، ميمبر ۽ تعلقي ڪائونسل جا ميمبر ڪندا. انڪري ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي ڪو ٽائون کٽيو ته اهو به ميئر جي ماتحت ڪم ڪندو، جنهن ڪري ڪراچي ۾ متحده کان سواءِ سموريون پارٽيون ان سرشتي جي مخالفت ڪري رهيون آهن. گذريل يارنهن سالن کان سنڌ جنهن سرشتي جي مخالفت ڪئي، وري اهو ساڳيو سرشتو مسلط ڪيو ويو آهي.

فشريز جو اسم ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ جو مقصد:
اهو پهريون دفعو آهي جو فشريز جو کاتو سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ يا ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ واسين کي خبر هوندي ته جڏهن مشرف سرڪار سنڌ جي ٻنڍي سميت ٻيٽن جو دبئي جي عمار گروپ سان ڊائمنڊ سٽي ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو هو ته سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي عوام انهن ٻيٽن کي وفاقي سرڪار نه پر سنڌ سرڪار جي ملڪيت قرار ڏنو هو ۽ ان تي اسان سموري سنڌ ۾ هلچل هلائي هئي، پر هاڻي جڏهن فشريز جو کاتو ميٽرو پوليٽن حوالي ڪيو ويو آهي ته سمنڊ ۾ لڳ ڀڳ سنڌ جي 500 ٻيٽن تي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن مالڪي جتائي سگهي ٿي. رڳو هڪ تشريح جي مار آهي. ڪهڙي ڪورٽ ان کي سنڌ جي حق ۾ قرار ڏيندي؟ سنڌ گذريل 11 سالن دوران ان ڪري جدوجهد ڪئي ته مڪاني ادارن وارو قانون آئين موجب آندو وڃي، پر ان ۾ آئين جي به خلاف ورزي آهي.

آئيني خلاف ورزي:
آئين جي آرٽيڪل 140A ۾ اهو ضرور لکيل آهي ته صوبائي حڪومتون مڪاني ادارن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار منتقل ڪنديون- پر ان ۾ اهو هرگز نه لکيل آهي ته صوبائي حڪومتون انهن کي پنهنجا آئيني اختيار منتقل ڪنديون. آئين هيٺ صوبائي حڪومتن کي ئي تعليم، صحت، امن امان، ماهيگيري، زراعت، صنعت، آبپاشي جي نظام کي سنڀالڻو آهي، نه ڪي ڪنهن ميونسپل اداري کي. 1910ع کان وٺي هن وقت تائين ٺهيل ميونسپل قانون تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته مڪاني ادارن کي رڳو ميونسپل اختيار حاصل رهيا آهن ۽ آئين هيٺ انهن کي صوبائي کاتا منتقل نه ٿا ڪري سگهجن، پر هتي صوبي جا آئيني اختيار به مڪاني ادارن حوالي ڪيا ويا آهن. ايتري تائين جو روينيو لاءِ به ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جا ميئر ڪمشنرن، روينيو بورڊ ۽ سنڌ روينيو بورڊ کان تعاون گهرندا. اهڙي طرح هي آرڊيننس آئين سان مڪمل طور ٽڪراءَ ۾ آهي.

سنڌ سرڪار جو موقف:
سنڌ سرڪار بار بار اهو چئي رهي آهي ته هي آرڊيننس 1979ع جي آرڊيننس ۾ بهتري آڻي ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جو بنياد مشرف جو نه پر 1979ع وارو آرڊيننس آهي، پر جيڪڏهن آرڊيننس کي گهري نظر سان پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌ سرڪار جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، اهو درست نه آهي، ڇو ته ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي لفظ کي ڪڍجي ته مڪاني نظام جي شڪل سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سان بيهي ٿي - ڀل ته سرڪار ان جو دفاع ڪري، جيڪو سندس سياسي حق آهي، پر جيڪڏهن اها ان آرڊيننس کي آڻڻ کان پهرين کليو بحث ڪرائي ها ۽ سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺي ها ته هوند سندس اتحادي ۽ سنڌ جو عوام برساتن دوران احتجاج ڪرڻ ۽ سراپا احتجاج بنجڻ واري صورتحال کان بچي وڃن ها. هينئر جيئن ته آرڊيننس جاري ٿي چڪو آهي، ان ڪري سرڪار کي عوامي رد عمل جي چڱي پروڙ هوندي، انڪري اها سياسي مصلحت کي ڇڏي سنڌ جي عوام سان بيهي ته جيئن سنڌ لساني ڇڪتاڻ کان بچي سگهي.

سياسي مصلحت:
پيپلز پارٽي سرڪار کي جيئن ته سنڌي عوام چونڊي ايوانن ۾ پهچايو آهي، انڪري ڪهڙي به سياسي مصلحت کي اها سنڌ جي مفادن تي هرگز ترجيح نه ٿي ڏئي سگهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته متحده، نواز ليگ جي قيادت سان ملاقات ڪري پ پ سرڪار تي دٻاءُ وڌايو، پر سنڌ جي بنيادي اشوز جي حوالي سان نواز ليگ نه پر پ پ سرڪار سنڌ جي عوام ڏانهن جوابده آهي. ڀل ته اڳئين آرڊيننس وانگي هن آرڊيننس کي به سنڌ اسيمبلي ۾ نه آندو وڃي، پر خود لساني ڌر کي اهڙي واٽ ڏيڻ تمام خطرناڪ آهي. پ پ سرڪار، نگران سرڪار متحده کي سرڪار ۾ رکي ٺاهڻ گهري ٿي، ڇو ته نگران سرڪار وڏو وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي صلاح سان ٺهندي ۽ اختلاف جي صورت ۾ هر ڌر چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن وڏي وزير لاءِ ٻه ٻه نالا موڪليندي، جنهن مان هو چونڊ ڪندو، پر سياسي مصلحت ڪنهن اهڙي مقصد لاءِ نه هجڻ گهرجي، جيڪو سنڌ جي سياسي، آئيني ۽ وحدت وارن حقن سان هٿ چراند ڪري.
(روزاني ڪاوش، خميس 13 سيپٽمبر 2012ع)

مڪاني ادارن وارو قانون ۽ سپريم ڪورٽ جو تاريخي حڪم ؛ بئريسٽر ضمير گهمرو

مڪاني نظام جي باري ۾ سنڌ ۾ تصوراتي ابهام ۽ مونجهارو پيدا ٿي ويو هو. سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کانپوءِ اهو توڙي جو ختم ٿي ويو آهي، پر سنڌي عوام کي صحيح ڄاڻ ۽ صحيح سياسي تجزيي سان مستقبل جي باري ۾ آگاهه ڪرڻ نهايت ضروري آهي، ڇو ته ميدان ۾ اهڙيون ٿيوريز اڇلايون ويون آهن، جو اهي سپريم ڪورٽ جي حڪم کان اڳ ٻڏتر جو شڪار هئا، هينئر باوجود ان جي ته سنڌ هن قانون واري اشو کان گهڻي قدر متاثر هئي، پر جاڳندڙ اميد ۽ ڪاميابيءَ ان تي مرڪ آڻي ڇڏي آهي، ان لاءِ ضروري آهي، ته عوام کي آگاهه ڪجي ته آخر مون کي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ۽ هلندڙ سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڇا مڪاني ادارن وارو قانون ختم ٿي سگهندو؟

سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ضرورت:
ڪنهن به قدم کان اڳ نه رڳو حالتن جو سياسي جائزو وٺبو آهي، پر رياستن جي بنيادي تضادن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ به تمام ضروري آهي، ان ڪري مڪاني ادارن جي قانون کي عملي طرح ڪيئن ختم ڪرائي سگهجي ٿو؟ ان کي سامهون رکڻو آهي، اسيمبليءَ پاران قانون پاس ڪرڻ کانپوءِ، اسيمبلي ئي ان کي ختم ڪري سگهي ٿي، هاڻي سنڌ ۾ هڪ ته موجوده اسيمبلي آهي ۽ ٻي اچڻ واري اسيمبلي يا اسيمبلي نه هجڻ جي صورت ۾ وچيون نظام، جنهن جو تجربو بنگلاديش ۾ اڳ ئي ٿي چُڪو آهي. موجوده اسيمبلي ته ان قانون کي تبديل نه ڪندي، ڇو ته پيپلز پارٽي پنهنجن اتحادين کي ناراض نه ٿي ڪرڻ چاهي، جنهن جا به سياسي سبب آهن، اها ڪجهه هلڪيون ترميمون ته آڻي سگهي ٿي، پر قانون ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻڻ هاڻي موجوده سرڪار جي وس کان ٻاهر آهي، هاڻي موجوده اسيمبليءَ مان ته اسان اميد پَليسين. جيڪو ايندڙ سيٽ اپ ايندو، اهو يا ته چونڊن جي نتيجي ۾ اچي يا وري بنگلاديش ماڊل يا ڪنهن ٻئي ماڊل حوالي ٿي وڃي، اهي به امڪان موجود آهن. هاڻي جيڪڏهن چونڊون نٿيون ٿين ته اسيمبلي نه هوندي، ان ڪري ان قانون کي ختم نه ڪري سگهبو، اهو طئي آهي، ٻي صورت اها آهي ته جيڪڏهن چونڊون ٿين ته ان جي نتيجي ۾ جيڪا اسيمبلي اچڻ جو امڪان آهي، ڇا اها ان قانون کي ختم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندي؟ منهنجي سياسي تجزئي موجب، جيڪڏهن پيپلز پارٽي سادي اڪثريت ۾ اچي يا واحد وڏي پارٽيءَ جي صورت ۾، ان جو اتحاد وري به سندن ساڳين اتحادين سان ٿيندو ۽ موجوده قانون تي چونڊن کانپوءِ اها، اهو موقف اختيار ڪندي ته اسان کي ته مڪاني ادارن تي عوام مينڊيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، ٻي صورت اها آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ مان اڌ کان به گهٽ سيٽون کڻي ۽ سنڌين جو مينڊيٽ ورهائجي وڃي، ان جا توڙي جو امڪان گهٽ آهن، پر ان صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ ڇا اڌ کان وڌيڪ سنڌي ووٽ کڻندڙ ٻي ڪا به ڌُر اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي؟ هرگز نه! ان کي به مخلوط حڪومت متحده سان ئي ٺاهڻي پوندي، جيڪڏهن موجوده سرشتو انهن ئي بنيادن تي جاري رهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته موجوده يا ايندڙ اسيمبلي يا ايندڙ ٻي ڪا حڪومت موجوده قانون کي ختم نه ڪري سگهنديون، باوجود احتجاجن ۽ هڙتالن جي، ته ان صورت ۾ هن قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ ٻيو سنڌي عوام وٽ ڪهڙو گَس آهي؟ ذهن ۾ اهو به رکڻ گهرجي ته هي ڪو اين ايف سي ايوارڊ هرگز نه آهي، جيڪو سرڪار جي هٿ ۾ هجي ۽ ان کي نه ٺاهڻ يا نه ڏيڻ تي مجبور ڪجي، اهڙي ڪا شئي جيڪا عمل ۾ نه آئي هجي، ان کي روڪڻ ڪي قدر آسان آهي، پر جيڪو قانون پاس ٿي چُڪو آهي، ان کي ختم ڪرائڻ انهن سمورن کان اوکو ڪم آهي، ان کي هڪ ته اسيمبلي ۽ ٻيو ڪورٽ ختم ڪري سگهي ٿي، قانون ۾ اُهي ٻه رستا آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ون يونٽ کي جنرل يحيٰ ختم ڪيو هو، پر اهو هڪ وڏي دور جي پڄاڻي کانپوءِ ٿيو هو.
موجوده صورتحال ۾ جتي سياسي Stakes تمام وڏا آهن، جتي رياست بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ تي سنڌي عوام گهڻو سجاڳ آهي، پر ان دور ۾ به جيڪڏهن اهڙو هاڃو ٿئي ته ان کي ڪيئن وَرائجي ۽ سوبه ٿوري عرصي ۾! ان لاءِ يا ته ايڏي وڏي تحريڪ هجي، جنهن ۾ هر شئي بند ٿي وڃي، زندگيءَ جو ڪاروبار هلي نه سگهي، سرڪار ويهي رهي، پوءِ ته ممڪن آهي، باقي گهڻي يا ڊگهي عرصي واري جدوجهد ۾ اها ڳالهه ممڪن نه آهي، ان لاءِ هن قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته جدوجهد جا سمورا رستا اختيار ڪجن ۽ جڏهن هن قانون کي صرف اسيمبلي ۽ ڪورٽ ئي ختم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته نه رڳو مناسب تياري هجي، ٽيم هجي، علم هجي، پر ان لاءِ فورم يعني ڪورٽ جي چونڊ ڪرڻ به ضروري آهي، موجوده صورتحال ۾ مناسب فورم سپريم ڪورٽ ئي آهي، جتي ان معاملي تي سٺو نتيجو نڪري سگهي ٿو، ان لاءِ ئي مون سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست جمع ڪرائي، ته جيئن ملڪ جي اعليٰ فورم تي تَدارڪ ٿئي ۽ ان مان ٿوري وقت لاءِ جيڪو تمام وڏو نتيجو آيو، اهو سڀني ڏٺو ته قانون ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنل 43 کاتا قائم ڪرڻ واري عمل کي نه رڳو روڪيو ويو، پر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سرڪار تي اهو به واضح ڪيو ته پٽيشنر جو موقف آهي ته هي قانون آئين جي آرٽيڪل 129 سان ٽڪراءُ ۾ آهي، ان ڪري سرڪار اهڙي اهم آئيني درخواست تي فوري طور جواب داخل ڪرائي. ان عمل سان ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جا اختيار اُهي ئي رهجي ويا، جيڪي انهن کي 1979ع واري آرڊيننس ۾ حاصل آهن، يعني صرف ميونسپل وارا ڪم، هڪ حڪم تي هي هيڏو وڏو ڪم نه رڳو تاريخ ساز آهي، پر سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ واري فيصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، جڏهن سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ مستقبل جا سڀ دروازا بند نظر اچن ۽ قانون کي ختم ڪرائڻ ۾ اسان کي وري هڪ نسل جي طويل جدوجهد ڪرڻي پوي، ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙي فورم تي ضرور وڃجي، جنهن جو ڪم آئين ۽ قانون جي تشريح آهي ۽ جنهن ويجهي ماضيءَ ۾ تمام تاريخ ساز فيصلا ڏنا آهن، سپريم ڪورٽ، جيڪا چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان آئين ۽ قانون جي تشريح ۾ عدالتي توهين واري قانون کي تازو ئي آئين جي خلاف قرار ڏنو آهي، هي اسان جيڪو آئيني درخواست ۾ تاريخي ڪيس ٺاهيو آهي، ان کي ملڪ جي ٻين ناميارن قانوندانن به نه رڳو ساراهيو آهي، پر ان جون ڪاپيون گهرايون آهن، باقي جيستائين رِسڪ جو سوال آهي، اهو رسڪ ته سياسي جدوجهد ۾ به موجود آهي، ڪڏهن سياسي تحريڪون ڪامياب وينديون آهن، ڪڏهن ته ايم آر ڊي جهڙي زبردست تحريڪ به ڪو جلد سياسي نتيجو نه ڏئي سگهي، جنهن جي اڳواڻي شهيد بينظير ڀٽو ڪري رهي هئي، پوءِ ڪا به سياسي جدوجهد تڪڙا نتيجا نه به ڏئي سگهي ٿي، عدالت ۾ وڃڻ ان کان گهٽ رسڪ آهي، ان سان سياسي جدوجهد به ختم نه ٿيندي ۽ ٿوري وقت ۾ قانون کي آئين سان ٽڪراءُ ۾ هجڻ ڪري ختم ڪرائڻ جو به امڪان آهي. هن هڪ ڌَڪ سان ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز اربين رپين کان محروم ٿي ويون آهن، نه ته سنڌ جي سموري بجيٽ انهن حوالي ٿي وڃي ها.

پ پ سرڪار کي فائدو:
ڪجهه حلقن جو رايو آهي ته آئيني درخواست داخل ٿيڻ ڪري، پ پ سرڪار مٿان دٻاءُ گهٽ ٿيندو، ان لاءِ اهو عرض آهي ته اسان موجوده جدوجهد پ پ سرڪار کي پريشر ڏيڻ لاءِ نه هلائي آهي، اسان موجوده جدوجهد قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ هلائي آهي، جيڪڏهن قانون ختم ٿئي ٿو ته ان سان سنڌ کي فائدو ٿيندو ۽ هر هڪ سنڌي اهو ئي چاهي ٿو. ان جي نتيجي ۾ پ پ کي فائدو پوي، اين پي پي يا فنڪشنل ليگ کي، ان سان هن جدوجهد جو ڪو واسطو ناهي، ڇو ته هيءَ سياسي جدوجهد هڪ ئي نڪتي تي مرڪوز آهي ته هي قانون ختم ٿئي، جيڪڏهن هن جدوجهد جو مقصد ڪنهن پارٽي يا فرد کي نقصان ڏيڻ آهي ۽ قانون کي ختم ڪرائڻ نه، ته اهڙي جدوجهد عوام اڳتي ڪيئن وڌائي سگهندو؟ جيڪڏهن اصل مقصد کان هٽي ڪري هن تحريڪ کي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪبو ته اها ته سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي ٿيندي، ان ڪري هيءَ هڪ پوائنٽ ايجنڊا آهي ۽ جيڪڏهن ان جو مَحور مٽائي، مڪاني ادارن واري قانون کي وساريو وڃي ته هي تحريڪ اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري ضروري آهي ته هن سياسي جدوجهد کي مختلف سياسي پارٽين جي مفادن کان بالاتر رکجي. جيڪڏهن قانون ختم ڪرائڻ ۾ اسان ڪامياب وڃون ٿا، جنهن جا تمام گهڻا امڪان آهن، ته فائدو به سنڌ جو ٿيندو، ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو نه. ها جن پارٽين هن قانون خلاف جدوجهد ڪئي آهي، انهن کي چونڊن ۾ فائدو ٿئي ته اهو انهن جو حق آهي، باقي هن تحريڪ ذريعي قانون کي وساري ان کي صرف چونڊن لاءِ استعمال ڪري پوءِ سرڪار ٺاهي سنڌي عوام کي پُٺي ڏجي ته اها امانت ۾ خيانت آهي. ان ڪري جدوجهد جو مِکُ برقرار رکڻ لاءِ مڪاني ادارن واري قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ تمام ضروري هو، ڇو ته موجوده اسيمبلي يا ايندڙ اسيمبلي هن قانون کي ختم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هونديون. اها ڳالهه ته هر سياسي پارٽي کي سنڌ جي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي، پر ان ڳالهه کي ڳجهو رکڻ سنڌ جي عوام سان سياسي بد ديانتيءَ برابر آهي. عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته هي اسان جي سياسي تحريڪ جو مقصد آهي ۽ ان کي هيئن حاصل ڪري سگهبو ۽ انهن کي ايندڙ خطرن کان خبردار به ڪرڻ گهرجي. هن تحريڪ ۾ سماج جي سڀني طبقن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، ان ڪري ان کي محدود ڪرڻ بجاءِ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن قانون مان پيپلز پارٽيءَ جو ورڪر پڻ خوش نه آهي ۽ اهو به تحريڪ ۾ شامل آهي، ايتري تائين جو پيپلز پارٽيءَ جا ليڊر به خوش نه آهن، ان لاءِ اسان جو رويو به اهڙو هجڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽيءَ اندر خود اهو پريشر وڌي ته جيئن اُن جي قيادت اهڙي مخالفت کي منهن نه ڏئي سگهي ۽ سياسي طور اڪيلي رهجي وڃي. سپريم ڪورٽ پاران بل جي خلاف فيصلو اچڻ جي صورت ۾ اهو پيپلز پارٽي جي سياسي بنيادن تي وڏا اثر ڇڏيندو ۽ اها دليل کان خالي رهجي ويندي. باقي چونڊ ته هر پارٽيءَ يا فرد کي پنهنجي عمل ۽ پروگرام تي وڙهڻي پوندي. ان لاءِ اهو سوچڻ ته اهو مسئلو حل ٿيڻ سان چونڊن ۾ پ پ سرڪار کي فائدو ٿيندو، هن تحريڪ جو مقصد پ پ خلاف چونڊ وڙهڻ نه پر قانون ختم ڪرائڻ آهي، هن تحريڪ ۾ شامل ڪافي پارٽيون چونڊ عمل جي خلاف آهن، انهن کي به گڏ کڻي هلڻو آهي. ها، هن تحريڪ سان پ پ خلاف چونڊ وڙهڻ وارين پارٽين کي ضرور فائدو ٿيندو، پر چونڊن لاءِ صرف ۽ صرف هن تحريڪ تي ڀاڙڻ هرگز مناسب نه آهي، چونڊون هر ڪو پنهنجي پروگرام، عمل ۽ ڪردار تي وڙهي ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن موجوده اِشو ان کي مدد ڪري ٿو ته تمام سٺي ڳالهه آهي. باقي پ پ کي امڪاني فائدو ٿيڻ ڪري سپريم ڪورٽ ۾ نه وڃڻ وارو منطق ڪنهن دليل کان خالي آهي. پ پ کي فائدي ٿيڻ ڪري، سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏئي اسين سپريم ڪورٽ ۾ نه وڃڻ جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ اهو فيصلو وڏي غور ويچار ۽ صلاح مصلحت سان ٿيل آهي ۽ ان لاءِ مناسب تياري ٿيل آهي، ان ڪري ئي سنڌ جي عوام ان تي ويساهه ڪيو آهي ۽ اسان سنڌ جي عوام جي چهرن تي مرڪ آندي آهي، سنڌي عوام جي چهرن تي مرڪ آڻڻ ئي اسان جي نظر ۾ وڏو ڪارنامو آهي، ڇو ته ماضيءَ ۾ کين نا اميديون ۽ مايوسيون پلئه پيون آهن. ڪنهن به تحريڪ جا مقصد کين چٽا ڪري نه ٻڌايا ويا آهن، جنهن ڪري ڪجهه فردن ۽ پارٽين هنن ساده دل الله لوڪن کي اسلام آباد جي پِڙيءَ تي کپايو آهي، ان ڪري هن تحريڪ جو هڪ ئي مقصد آهي جيڪو ون پوائنٽ پروگرام آهي ۽ اهو آهي سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012ع کي ختم ڪرائڻ. سپريم ڪورٽ جي آرڊر سبب ان جو روح ختم ٿيو آهي، باقي ان جي مڙهه کي دفنائڻ لاءِ ڀرپور تياري آهي.
(روزاني ڪاوش، سومر 12 نومبر 2012ع)

ٻٽي مڪاني نظام جو اڃا ڪو ٻيو ڪهڙو ثبوت گهرجي!؟ نصير ميمڻ

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سڄي سنڌ جي احتجاج کي پٺيءَ ڀر اڇلائي چئي رهي آهي ته مڪاني ادارن وارو نئون متعارف ڪرايل نظام ٻِٽو نظام ناهي ۽ ان تي تنقيد ڪندڙن اهو دستاويز پڙهيو ئي ناهي، تنهنڪري ان تي اجائي تنقيد ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي ۽ سندس اتحادين جو چوڻ آهي ته، جيئن ته سنڌ ۾ هڪ نه پر پنج ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز قائم ڪيون ويون آهن ۽ ٻيون ته ميٽرو توڙي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي اختيارن ۾ ڪوبه فرق ناهي، تنهنڪري هن نظام کي ٻِٽو چوڻ غلط آهي.
ڪنهن به سياسي نظام بابت راءِ جوڙڻ ۾ ٻه ڳالهيون اهم هونديون آهن. هڪ ته، ان نظام جي عمل در آمد جو طريقيڪار ڪهڙو آهي ۽ ٻيو ته ان تي عمل ڪندڙ ۽ عمل ڪرائيندڙ ڌرين جو سياسي ماضيءَ جو رڪارڊ ڪهڙو آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي ڳالهيون ناهن ڏسڻيون ته پوءِ ڪاغذن تي ته اڪثر نظام نهايت خوبصورت، عوام دوست ۽ قانوني هوندا آهن. تنهنڪري سياسي معاملن کي رڳو فني رخن کان ڏسي پاس يا فيل قرار نه ڏيڻ گهرجي. اڄ جي دور ۾ دستاويزن کي غلطين کان پاڪ، صاف رکي انهن کي عوام دوست شڪل ڏيڻ ڪا غير معمولي سائنس ناهي. اهو ڪم هر شعبي جا ڪنسلٽنٽس ٻه چار لکن ۾ ڪري ڏئي سگهن ٿا.
مڪاني ادارن واري نظام جي دستاويز جي ڇهين صفحي تي ٻئي باب جي اٺين نمبر شق کان ٻِٽي نظام جي شروعات ٿئي ٿي. ان شق جي عنوانCreation of Metropoliton Corporation ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، حڪومت سرڪاري گزيٽ ۾ نوٽيفڪيشن وسيلي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ميرپورخاص جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز کي هڪ ضلعي تي ٻڌل ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن قرار ڏيندي. ان کانپوءِ اڳتي پئرا جو عنوان آهيExplanation يعني وضاحت. ان وضاحتي نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ”اهو واضح ٿو ڪجي ته هن آرڊيننس جي لاءِ ڪراچي ضلعو هن آرڊيننس جاري ٿيڻ کان اڳي وارن پنجن ئي ضلعن تي ٻڌل هوندو.“ اهو وضاحتي نوٽ سڌو سنئون هن نظام اندر ڪراچيءَ کي باقي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز کان الڳ ڪري ٿو بيهاري، يعني لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ته هوندا هڪ ضلعي تي مشتمل ميٽرو پوليٽن- پر ڪراچيءَ ۾ وري پنجن ضلعن کي هڪ ضلعو ڪري ميٽرو پوليٽن بنايو ويندو.
سڀني کي خبر آهي ته ڪراچيءَ کي پنجن ضلعن بجاءِ مڪاني نظام جي انتظام هيٺ هڪ ضلعو ڪرڻ ڪنهن جو مطالبو آهي. ڳالهه بلڪل واضح آهي ته 1998ع جي آدمشماريءَ جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته حڪومتي اتحادين کي ڪراچي جي پنجن مان رڳو ٻن ضلعن ۾ عددي اڪثريت آهي. جيڪڏهن ڪراچي ميٽرو پوليٽن کي پنج ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز ڪري هڪ ميٽرو پوليٽن ڪجي ها ته سندن هٿ ۾ رڳو پنجن مان ٻن ضلعن جون حڪومتون اچن ها. جيڪڏهن انهن پنجن ضلعي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ميٽرو پوليٽن حڪومت جي ڪائونسل ٺهي ها ته حڪومتي اتحادين جو ميئر به چونڊڻ مشڪل ٿي پئي ها، ان ڪري وڏي چالاڪيءَ سان هن آرڊيننس هيٺ ڪراچيءَ کي پنجن ضلعن جي بجاءِ 18 ٽائونز جي ڪارپوريشن ڪرائي اتحادي ڌر جي شهري حڪومت لاءِ رستو صاف ڪيو ويو. اهڙي طرح ڪراچي ميٽرو پوليٽن کي باقي ميٽرو پوليٽنز کان الڳ ڪيو ويو، جنهنڪري هي نظام سڌو سنئون ٻٽو نظام آهي. مڪاني ادارن واري 2012ع جي نظام لاءِ جاري ڪيل دستاويز ۾ هيٺيان نڪتا غور طلب آهن:
دستاويز جي باب ٻئي ۾ ڏنل شق 6 (b) ۾ لکيو ويو آهي ته، يونين ڪائونسل جون حدون ڪنهن ميٽرو پوليٽن اندر ڪنهن تعلقي يا ٽائون جي حدن کان ٻاهر نه نڪرنديون. ڳالهه ته بنهه واجبي آهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان مکيه روينيو جو ايڪو ۽ انتظامي ايڪو ساڳيو رهندو. پر ساڳئي وقت اهو شرط ڪنهن ٽائون جي حدن تي لاڳو ناهي ڪيو ويو ته اهو ڪنهن ضلعي جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر نه نڪرندو. جيڪڏهن ساڳيو شرط ٽائون تي لاڳو ڪبو ته ان سان ڪراچيءَ جي بيهڪ يڪدم بدلجي ويندي. هن وقت ڪراچيءَ اندر پنج ضلعا ۽ 18 ٽائون آهن. انهن ۾ ٽائون جون حدون ضلعن جي روينيو حدن جون پابند ناهن بنيل. ڪجهه ٽائون هڪ کان وڌيڪ ضلعن ۾ پکڙيل آهن، يعني انهن جو ڪجهه حصو هڪ ضلعي ۾ ته ڪجهه حصو ٻئي ضلعي ۾ آهي. اهو ان ڪري مشرف دور ۾ ڪرايو ويو، جو 1998ع جي آدمشماريءَ موجب، تڏهوڪن چئن ضلعن مان حڪومتي اتحادي ڌر جي گهڻائي رڳو سينٽرل ۽ اوڀر ضلعن ۾ هئي ۽ باقي ٽن ضلعن ۾ ان جي مڪاني حڪومت ٺهڻ جو ڪوبه امڪان نه هو. 1998ع جي آدمشماري موجب، ضلعي اوڀر ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي 40 سيڪڙو، ڏکڻ ۾ 26 سيڪڙو ۽ ملير ۾ صرف 16 سيڪڙو هئي، تنهنڪري انهن علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ضلعي حڪومت ٺهڻ ممڪن نه هو. ان ڪري مشرف جي دور ۾ ٽائون اهڙي طرح ٺهرايا ويا، جو انهن ۾ آباديءَ جو توازن سندن حق ۾ اچي ويو ۽ هو اڪثريتي ٽائون جا مالڪ بنجي ويا. اصولي طور تي جڏهن هي نظام يونين ڪائونسل جي هڪ تعلقي اندر هجڻ جو شرط لاڳو ڪري ٿو ته ان کي ٽائون جي حدن لاءِ به ساڳيو شرط لاڳو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪراچيءَ کي ميٽرو پوليٽن شهر قرار ڏئي ان جا ٽائون ضلعي جي حدن اندر رکيا وڃن ته ٽائون جون حڪومتون اهڙي طرح اتحادي ڌر جي جهوليءَ ۾ نه رهنديون. جڏهن اڪثريتي ٽائونز جون حڪومتون سندن نه رهنديون ته پوءِ لازمي طور تي ميٽرو پوليٽن حڪومت جي ڪائونسل ۾ به سندن اڪثريت نه رهندي ۽ اهڙيءَ ريت سندن ميئر چونڊجي نه سگهندو. اهو نُڪتو به ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان مختلف ڪري ٿو. مشرف جي دور ۾ ناظمن پاران اختيارن جي غلط استعمال اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ضلعي حڪومتن وٽ شهري معاملن جا ميونسپل نوعيت جا انتظامي اختيار هجڻ ته ٺيڪ آهي، پر کين مئجسٽريٽ وارا اختيار ڏيڻ جا نتيجا سنگين نڪري سگهن ٿا، خاص طور تي ڪراچي شهر، جتي لساني بنيادن تي ورهاست ۽ مختلف آبادين ۾ ٽڪراءُ جي تاريخ سالن نه پر ڏهاڪن تي پکڙيل آهي، اتي ڪنهن هڪ ڌر کي شهر اندر پوليس سان لاڳاپيل اهم اختيار ڏيڻ ڪيتري قدر خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.
آرڊيننس جي پهرئين شيڊول ۾ ضلعي ۽ ميٽرو پوليٽن حڪومتن کي منتقل ڪيل اختيارن جي فهرست ڏنل آهي. 22 هين نمبر اختيار هيٺ ميئر ۽ ضلعي چيئرمين کي پنهنجي حدن اندر حد دخليون هٽائڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ هيٺ سيڪشن 144,143,133,109 ۽ 145 جا اختيار ۽ پوليس ايڪٽ 1861ع هيٺ سيڪشن 30A کان 34-B جا اختيار ڏنا ويا آهن. هي اهي اختيار آهن، جيڪي ضلعي ۽ ميٽرو پوليٽن حڪومتون پنهنجي سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪري سگهن ٿيون. پوليس جي سياسي استعمال جي تاريخ هن ملڪ ۾ پراڻي آهي. جڏهن قلم 144 جهڙا اختيار ميئر ۽ چيئرمين جي حوالي ٿيندا ته اهي مقامي سياست کي ڏنڊي وسيلي پنهنجي تابع بڻائي ڇڏيندا. ڪراچيءَ ۾ جتي مختلف آبادين جو ٽڪراءُ شديد آهي، اتي شهري حڪومت جي مالڪ ڌر باقي ڌرين خلاف انهن اختيارن کي کلي طور استعمال ڪندي. اها ڌر ڪڏهن به مخالف ڌر کي شهر اندر ڪو جلسو ڪرڻ نه ڏيندي. حد دخليون هٽائڻ وارو قانون ڪراچيءَ کان ٻاهر ته ڀاڄي ۽ فروٽ وارن جا گاڏڙا هٽائڻ جي ڪم ايندو، پر ڪراچيءَ ۾ اهو اختيار سنڌين ۽ بلوچن جي وسندين کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪم ايندو. ان جا ڪئين مثال ماضيءَ ۾ نظر آيا آهن، جڏهن سنڌين ۽ بلوچن جي صديون پراڻين وسندين تي بلڊوزر هلايا ويا. اهي ڌريون، جيڪي هٿيارن جي زور تي سياست ڪن ٿيون، انهن کي سرڪاري مشينريءَ تي اهڙا اختيار حوالي ڪرڻ جو مقصد اڻ سڌي طرح ڪراچيءَ مان سنڌين ۽ بلوچن کي بيدخل ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ آهي.
اختيارن جي ضلعن ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز ڏانهن منتقليءَ ۾ هڪ ٻي شق نهايت اهم آهي. باب ٽئي جي شق نمبر 5 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ڪائونسلون پنهنجي وسيلن سان ڪابه ٻي سرگرمي ڪرڻ يا کاتو قائم ڪرڻ لاءِ با اختيار هونديون. هي اهو اختيار آهي، جنهن کي ميٽرو پوليٽن يا ضلعي ڪائونسلون پنهنجي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿيون. ياد رهي ته جڏهن ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ”پنهنجي وسيلن سان کاتو قائم ڪرڻ“ جي ته صاف ظاهر آهي ته سنڌ اندر اضافي وسيلا ته رڳو ڪراچيءَ يا حيدرآباد جي شهرن ۾ ئي پيدا ڪري سگهجن ٿا. ڪراچيءَ جهڙي ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ جي شهر اندر ٻه چار ننڍي رقم وارا ٽيڪس به متعارف ڪرائجن ته ان جي سالياني آمدني ڪروڙن ۾ هلي ويندي. سکر، ميرپورخاص، ۽ لاڙڪاڻي ۾ ته نه صنعت آهي، نه شهري جائدادن جا اربين رپين جا سودا ٿا ٿين، نه پرڏيهي ڪمپنين يا ڪارپوريشنز جون آفيسون آهن، نه ٽريفڪ ڀڃڪڙين جي چالانن جي وڏي آمدني آهي ۽ نه ڪي آمدنيءَ جا ٻيا وسيلا آهن. تنهنڪري انهن وٽ ته مرضيءَ سان نوان کاتا کولڻ جيترا پنهنجا وسيلا ڪڏهن به ڪٺا ڪونه ٿيندا. پر سڀاڻي جيڪڏهن ڪراچيءَ جي ميٽرو پوليٽن ڪارپويشن پنهنجا وسيلا پيدا ڪري چئي ته شهر اندر اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ اسان مقامي فورس ٿا ٺاهيون ۽ ان ۾ حڪمران ڌر پنهنجي تنظيم جا ڏهاڪو هزار ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏي ته پوءِ اهي سرڪاري پگهار تي سياسي مخالفن خلاف مزي سان استعمال ڪري سگهبا. اهو ئي ڪجهه گذريل سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو هو، جڏهن سٽي پوليس جي نالي تي شهر تي حڪومت ڪندڙ ڌر پنهنجا پنج ڇهه هزار ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا، جن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي ان پارٽيءَ جا وفادار ڪارڪن هئا. نوان کاتا کولڻ ۽ سرگرمي ڪرڻ جو اهڙو کليو اختيار ڪيترو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. اڻ سڌي طرح اها مراعت به ڪراچيءَ کي ڏئي نظام کي ٻِٽو بنايو ويو آهي.
هن بلدياتي نظام ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس کي بنهه مڏو ڪري ان وٽ جيڪو ڪو آرڊينيشن جو ڪردار هو، اهو به ختم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پ پ جي 2008ع وارين چونڊن جي منشور ۾ واضح طور لکيل آهي ته، ڪو آرڊينيشن جو ڪردار DCO وٽ هوندو، پر هن آرڊيننس موجب، چيف آفيسر جو عهدو قائم ڪري اهي اختيار سندس حوالي ڪيا ويا آهن. چيف آفيسر جيئن ته سڌو سنئون ضلعي يا ميٽرو پوليٽن حڪومت ڏانهن جوابدار هوندو، تنهنڪري مڪاني حڪومتون صوبائي ڪنٽرول کان عملي طور بنهه آجيون هونديون ۽ آزاديءَ سان پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا لاڳو ڪري سگهنديون. مثال طور، ڪراچيءَ ۾ ڪهڙي وسندي بلڊوز ڪرڻي آهي، يا ڪنهن ٻوڏ متاثر کي ڪيمپ لڳائڻ ڏجي يا نه ڏجي وغيره جهڙا فيصلا چيف آفيسر معرفت ٿيندا ۽ صوبائي حڪومت آباديءَ جي ڪنهن به حصي سان ٿيندڙ انياءَ کي روڪڻ جي قابل نه رهندي. ڊپٽي ڪمشنر وٽ رڳو روينيو جا معاملا وڃي بچندا، پر ان معاملي ۾ به ڪراچيءَ جي صورتحال مختلف هوندي.
آرڊيننس جي باب ستين ۾ صوبائي مالياتي ڪميشن جو ذڪر آهي. ان باب ۾ ڄاڻايل آهي ته اها ڪميشن مختلف ضلعن ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جي مالي گرانٽس لاءِ وڏي وزير کي سفارشون ڏيندي. شق (2) 126 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن سفارشن (يعني گرانٽ جي تعين) جو بنياد مالياتي گهرج، مالياتي صلاحيت، مالياتي جاکوڙ ۽ ڪارڪردگيءَ تي هوندو. صاف ظاهر آهي ته اهي سڀ پهلو ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز کي فائدو ڏيندا. ڪراچيءَ ۾ ٻه وڏا بندرگاهه، هڪ وڏو هوائي اڏو، سوين ڪارپويشنز، بينڪون، انشورنس ڪمپنيون، صنعتي ايرياز، ايڪسپورٽ امپورٽ جا ڪاروبار موجود آهن. ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ جي معاشي سرگرمين جي مرڪز طور لازمي طور ان شهر جي مالياتي معاملن ۾ صلاحيت، ڪارڪردگي توڙي ضرورت باقي شهرن ۽ ضلعن کان وڌيڪ هوندي، تنهنڪري مالياتي ڪميشن وڏي آرام سان صوبي مان منتقل ٿيندڙ گرانٽس جو وڏو حصو ڪراچي ۽ ٻئي نمبر تي حيدرآباد لاءِ وقف ڪندي. باقي سنڌ جا بدحال ضلعا، جن کي ائين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن ڪنهن لنڪ روڊ کي موٽر وي قرار ڏئي ڇڏجي، اهي ڪهڙن بنيادن تي وڏيون گرانٽش حاصل ڪري سگهندا؟ مثال طور: جيڪڏهن مالياتي ڪارڪردگيءَ جي اهڃاڻ کي ڏسجي ته ڪراچيءَ سان ٻي ڪا ضلعي ڪائونسل ته ڇا ميٽرو پوليٽن ڪاپوريشن به ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهي. مثال طور، سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي 2008ع جي رپورٽ موجب، (ان کان پوءِ ڪا جاري ڪيل تازي رپورٽ ملي نه سگهي آهي) 07-2006 ۾ صوبائي ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز جي مد ۾ مختلف ضلعن جيتري آمدني ڪئي، ان ۾ ڪراچيءَ جي 90 لک رپين جي ڀيٽ ۾ حيدآباد 3 لک، 41 هزار، سکر هڪ لک، 42 هزار، لاڙڪاڻو 76 هزار ۽ ميرپورخاص 89 هزار رپيا ڪمائي ڏنا. ان حساب سان جڏهن گرانٽس جي ونڊ ورڇ ٿيندي ته ڪراچيءَ کان سواءِ باقي ضلعن کي ڇا ملندو! حيرت جي ڳالهه آهي ته قومي مالياتي ايوارڊ ۾ غربت ۽ پسماندگيءَ کي گرانٽس جو اهڃاڻ بنايو ويو آهي، پر صوبائي ايوارڊ ۾ انهن جو حوالو ئي شامل ناهي. گرانٽس لاءِ بنيادن ۾ غربت، سماجي پسماندگي، انساني ترقيءَ جي حالت ۽ ترقي جي گهرج جهڙن اهڃاڻن کي شامل نه ڪري ميدان صاف ڪيو ويو آهي ته آمدني جو وڏو حصو رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ وقف ٿي وڃي.
حڪومت ۽ سندس اتحادين جي دعويٰ آهي ته ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز ۽ ضلعي حڪومتن کي ساڳيا اختيار ڏنا ويا آهن، تنهنڪري ان کي ٻِٽو نظام چوڻ غلط آهي. ان دليل جي حق ۾ باب ٽئين اندر شق نمبر 18 جو حوالو ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ ميئر ۽ چيئرمين جي ڪمن ڪارين ۽ اختيارن کي ساڳيو قرار ڏنو ويو آهي. پر پهرئين شيڊول ۾ هيٺ منتقل ڪيل ٽي کاتا اهڙا آهن، جيڪي رڳو ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي حوالي ڪيل آهن. ان ۾ کاتو نمبر 3 In Land fisheries,، کاتو نمبر vii Primary Education ۽ کاتو نمبر xv KMC and KDA Land شامل آهن. ماهيگيريءَ کي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز حوالي ڪرڻ جو منطق سمجهه کان ٻاهر آهي. ان کاتي کي به ڪراچيءَ ۾ الڳ حيثيت حاصل ٿي ويندي، ڇو ته ان سان سنڌ ۽ بلوچ وسندين جي صوبائي حدن اندر ٿيندڙ ماهيگيري سڌي طرح شهري حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي ۽ ان سان ڪراچي فش هاربر ۽ ڪورنگي هاربر توڙي ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي جون ماهيگيريءَ جون جيٽيون ۽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ تي ڪنٽرول جي راهه هموار ٿي ويندي. هونءَ به فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جيئن ته اڄ ڪلهه ڪو آپريشنس واري شعبي هيٺ آهي ۽ اهو کاتو ميٽرو پوليٽنز جي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اهو اهم ادارو به ڪراچيءَ ۾ ميئر جي مرضيءَ هيٺ هلندو. ساڳي طرح ڪو آپريٽوز واري کاتي هيٺ هائوسنگ ڪو آپريٽوز به رجسٽرڊ هونديون آهن. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ جيڪڏهن ميئر چاهيندو ته آرام سان سنڌي، بلوچ يا ٻين قومن جي وسندين ۾ هائوسنگ ڪو آپريٽوز جي اجازت نه ڏئي اڻ سڌي طرح ڪراچيءَ ۾ سندن آمد کي ڏنڊي جي زور تي روڪي سگهندو. ان ڪم لاءِ هائوسنگ زوننگ، لينڊ ڪلاسيفڪيشن وارا اختيار به استعمال ڪيا ويندا. جيئن ته باقي ميٽرو پوليٽنز ۾ اهڙي صورتحال ناهي، تنهنڪري ڪراچي ان معاملي ۾ بنهه الڳ هوندو.
هن آرڊيننس هيٺ پرائمري تعليم ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جي حوالي ڪرڻ جا به ساڳئي قسم جا نتيجا نڪرندا. ميٽرو پوليٽن حڪومتون ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾، جڏهن چاهينديون، سنڌي ميڊيم اسڪول، جيڪي اڳي ئي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، تن کي بند ڪرائي ڇڏينديون. استادن جي ڀرتين ۽ نوان اسڪول کولڻ وارن سمورن معاملن ۾ امتيازي ورتاءَ جا خدشا موجود آهن. ياد رهي ته پيپلز پارٽي 2008ع وارين چونڊن جي منشور ۾ ڄاڻايو هو ته پرائمري تعليم کي مڪاني ادارن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، پر ان جي ابتڙ اهو کاتو رڳو ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته باقي سنڌ ۾ اهو کاتو ضلعي حڪومت ڏانهن ناهي منتقل ڪيو ويو. ساڳي طرح KDA ۽ KMC جي زمين کي هڪ کاتو رکي ميونسپل ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ جو مقصد سڌو سنئون رڳو ڪراچيءَ جي ڳالهه ڪرڻ آهي، ڇو ته ٻئي ڪنهن ميٽرو پوليٽن قرار ڏنل شهرن ۾ اهي کاتا موجود ئي ناهن. انهن ٻن کاتن جون زمينون ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽيز جا اختيار به جيئن ته ڪراچيءَ ۾ هڪ سياسي ڌر جي حوالي ٿي ويندا، تنهنڪري اتي باقي آبادين سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويندو، ان جو اندازو سڀ ڪو لڳائي سگهي ٿو.
سنڌ اندر ٻِٽي نظام جي هڪ ٻي ثابتي مشرف دور وارو پوليس آرڊر رڳو ڪراچيءَ ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي. پوليس آرڊر 2002ع کي رڳو ڪراچيءَ ۾ بحال ڪري 20 ڊويزنون بنايون ويون آهن، جن جي سربراهي 15 ايس پيز ۽ پنج ايس ايس پي ڪندا، جڏهن ته باقي سڄي سنڌ ۾ 1861ع وارو پوليس ايڪٽ لاڳو هوندو، جتي جاچ ۽ آپريشن جا شعبا ساڳئي طرح گڏ هوندا. ڇا اڃا به حڪومت اها دعويٰ ڪري سگهي ٿي ته ان سنڌ ۾ ٻِٽو نظام لاڳو ناهي ڪيو؟! پيپلز پارٽي ايندڙ حڪومت ٺاهڻ لاءِ، پنهنجي اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار سياسي فيصلا مڙهي سنڌ ۾ لساني ويڇن کي وڌائي نه ڀرجي سگهندڙ نقصان ڪري رهي آهي، جنهن جا ايندڙ سالن ۾ سنڌ مٿان انتهائي هاڃيڪار سياسي اثر پوندا.
(روزاني ڪاوش، جمع 05 آڪٽوبر 2012ع)
*

نئين مڪاني نظام جا سياسي ۽ سماجي پاسا : نصير ميمڻ

پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي نادانيءَ سان مڪاني ادارن واري نظام وسيلي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ اهڙو ڳٽ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ کي ون يونٽ جي تحريڪ جيان وڏا وس ڪرڻا پوندا. هڪ طرف پنهنجي ان سياسي نادانيءَ کي پيپلز پارٽي مڃڻ کان انڪاري آهي ته ٻئي طرف عوامي رد عمل کي ساڃاهه سان سمجهڻ بجاءِ اها پنهنجي روايتي وڏيرڪي هوڏ تي بيهي جيڪا صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جهڙو ماحول جنم وٺي رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي هن قانون ۽ ان کان پوءِ پيدا ڪيل ماحول ڪارڻ سنڌ ۾ هر پاسي ڄڻ ته پيٽرول هاريو پيو آهي ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي معمولي چڻنگ به ان کي ڀڀڙ بڻائي سگهي ٿي. ان قسم جي صورتحال ۾ ڪابه ڌر ٿوري ڪوشش سان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪرائي سگهي ٿي، پر پيپلز پارٽيءَ کي ان جو ڪوبه ادراڪ ناهي.
ذاتي طور تي مڪاني ادارن واري قانون جي دستاويز کي ٻه ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ مون کي سئو سيڪڙو يقين آهي ته پيپلز پارٽيءَ جا اهي سرواڻ، جيڪي ڏينهن رات اهو ورد ڪري رهيا آهن ته هن بل جي مخالفن اهو بل ناهي پڙهيو، در حقيقت اها دعويٰ ڪندڙ همراهن پاڻ ئي اهو بل ناهي پڙهيو. جي پڙهيو آهي ته سمجهيو بنهه ناهي. کين اندازو ئي ناهي ته هي بل پاس ڪري پيپلز پارٽي سياسي آپگهات ڪيو آهي. هن بل سبب پيپلز پارٽي پنهنجي پاڻ کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جيترو جنرل ضياءَ ۽ مشرف گڏجي به ان کي نه پهچائي سگهن ها. مان يقين سان چوان ٿو ته هن بل جون ڪجهه شقون اهڙيون آهن، جيڪي جيڪڏهن پ پ حڪومت جي مخالف ڌر هجڻ واري دور ۾ پاس ٿين ها ته پارٽي سڄي سنڌ کي بلاڪ ڪري ڇڏي ها. بدقسمتيءَ سان مستقبل ۾ وزير اعليٰ ٿيڻ جي خواهشمند همراهن جي هڪ ٽولي هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ هن بل جي حمايت ۾ وڏا ٽپا ڏيڻ وقت اهو سوچيو ئي نه ته هن بل وسيلي هنن پنهنجي اتحادين کي اهو ڪجهه ڏئي ڇڏيو، جيڪو کين مشرف ۽ ارباب رحيم به نه ڏنو هو. اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مشرف جي دور ۾ اهو نظام غير آئيني طور اسلام آباد کان لاڳو ڪيو ويو هو ۽ ان کي چئلينج ڪرڻ ان لاءِ به آسان هو، جو هڪ ته اهو نظام هڪ اڻ چونڊيل آمر آندو هو ۽ ٻيو ته مڪاني ادارن بابت قانون سازي آئيني طور صوبن جو اختيار هئي. هن ڀيري سنڌ واسي انهن ٻنهي دليلن کان به محروم ڪيا ويا آهن، جو انهن سان اها مهرباني آئيني طور تي چونڊيل ۽ سندن محبوب پارٽيءَ طرفان آئيني طريقي سان ڪئي ويئي آهي.
سنڌ اندر موجوده اليڪشني جوڙجڪ مان صاف ظاهر آهي ته مستقبل ۾ سنڌ اندر ورهايل مينڊيٽ ايندو ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن به ڌر وٽ شايد ايتري اڪثريت نه هجي، جو اها ان بل کي رد ڪري سگهي. پيپلز پارٽيءَ وٽ هن وقت اڃا به موقعو آهي ته اها چاليهن سالن کان ساٿ نڀائيندڙ سنڌ واسين سان ڪيل ان انياءَ کي درست ڪري، نه ته اهو قانون هڪ ڳٽ بنجي سنڌ واسين جي ڳچيءَ ۾ هميشه لاءِ پيل رهندو. هن بل وسيلي سنڌ ۾ جيڪو ضلعي حڪومتن ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، ان ۾ عملي طور سمورا کاتا ضلعن کي منتقل ڪيا ويا آهن. خاص طور تي ڪائونسلن کي پنهنجن وسيلن مان ڪوبه کاتو قائم ڪرڻ جهڙو انتهائي خطرناڪ اختيار ڏيئي عملي طور تي صوبائي حڪومت کي غير موثر ڪيو ويو آهي. اختيارن جي اهڙي منتقلي ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به نه ٿي نظر اچي، جتي صوبائي حڪومتون رڳو پوسٽ آفيس بنيل رهن.
پاڪستان مجموعي طور ۽ سنڌ خصوصي طور تي سماجي اعتبار کان جديد دور جي تقاضائن کان گهڻي پٺڀري آهي. سنڌي سماج پنهنجي بيهڪ ۾ نيم قبائلي ڍانچي تي ٻڌل آهي، جتي ضلعا مختلف برادرين ۽ مقامي با اثر ماڻهن جي فرمائش تي قائم ٿيل ۽ سندن قبضي هيٺ آهن. صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي با اختيار ادارن جو هڪڙو ڪردار بي پهچ عوام کي مقامي ڏاڍ ۽ اثر کان بچاءُ ڏيڻ به هوندو آهي. مثال طور انگريزن جي دور ۾ مضبوط انتظامي ڍانچو عام ماڻهن کي ڏاڍن مڙسن جي انياءِ کان بچائي سماجي انصاف ۽ برابري فراهم ڪندو هو. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ انهن وڏيرن، جاگيردارن توڙي شهري مافيائن انتظاميا ۽ پارليامينٽ تي قبضو ڪري هن ملڪ جي ماڻهن کي انگريز دور کان به وڌيڪ خطرناڪ غلاميءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو. ان صورتحال ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تي ورهاست کي هڪ خاص توازن ۾ نه رکڻ سان عام ماڻهوءَ کي ته اختيار منتقل نه ٿيندا، بلڪه مقامي سطح تي عوام دشمن طاقتون آئيني ۽ قانوني اختيارن وسيلي عوام مٿان پنهنجي راڄ کي مستحڪم ڪنديون.
جنرل مشرف جي دور ۾ اختيارن کي ضلعي سطح تي منتقل ڪري وفادارن جي هڪ ٽولي کي چيو ويو ته اسان سان پنهنجي وفاداري قائم رکو ۽ ان جي صلي ۾ هي ضلعو اوهان جي جاگير آهي. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ اندر اهي سڀ وڏا جاگيردار، جيڪي 1988ع جي چونڊن ۾ ضمانتون ضبط ڪرائي چڪا هئا، سي سياسي طور ڏهوڻا وڌيڪ طاقتور ٿي عوام مٿان مڙهجي ويا ۽ عملي طور هر ضلعو هڪ جاگيرداراڻي رياست ۾ تبديل ٿي ويو. اختيارن جي منتقليءَ جو بنيادي تصور خدمتن جي منتقلي هوندو آهي. سڄي دنيا ۾ اختيارن کي هيٺين سطح تي جتي به دنيا ۾ جتي به منتقل ڪيو ويو آهي، اتي بنيادي عوامي خدمتن جا ادارا هيٺ منتقل ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام کي پنهنجي گهر جي چانئٺ تي بهتر خدمتون مهيا ٿي سگهن. اهي خدمتون گهڻو ڪري بنيادي ميونسپل خدمتن تائين محدود هونديون آهن. هن قسم جي سماجي بيهڪ ۽ سياسي نظام جتي ٻوڏ متاثر بدحال مفلسن کي اٽي جي لپ به ان آڌار ملندي هجي ته هن ووٽ مون کي ڏنو هو يا نه، اتي جڏهن اربين رپين جا فنڊ ۽ مئجسٽريٽ وارا اختيار هيٺ منتقل ٿيندا ته پوءِ سياسي اقليت سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو، ان جو تصور ڪرڻ مشڪل ناهي. ڇا اڄوڪي سنڌي سماج ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪنهن به ضلعي جي ميئر يا چيئرمين مان ايتري اخلاقيات جي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو سياسي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کان مٿانهون ٿي عوام کي انصاف ڏيندو ۽ برابريءَ جي بنياد تي سماجي خدمتون فراهم ڪندو؟ سياسي وفاداريءَ جي روايت جي هنن علمبردارن کان، سياسي مخالفن کي پناهه ڪير ڏياريندو، جڏهن هيٺ کان مٿي تائين سمورو انتظامي ڍانچو ”مٿان جي حڪمن“ جي تعبيداريءَ ۾ مصروف هوندو.
جيڪڏهن صوبي ۽ ضلعي جي حڪومتن ۾ ڪجهه توازن برقرار هجي ها يا چونڊيل نمائندن کي بنيادي خدمتون منتقل ڪرڻ سان گڏ انتظامي اختيار هڪ مضبوط ۽ اڻ ڌري انتظاميا وٽ رهڻ ڏنا وڃن ها ته سياسي طور تي اڻ لاڳاپيل يا مخالف سياسي ڌر جي ماڻهن کي ڪو انصاف پلئه پوڻ جي ٿوري گهڻي اميد هجي ها. مثال طور هن وقت جڏهن ڪراچيءَ ۾ لساني بنيادن تي ڌريون شهر جي ٻين سمورين ڌرين سان کليل ٽڪراءُ ۾ آهن، اتي ڪنهن به ڌر مان اها اميد رکي سگهجي ٿي ته شهر جو اقتدار ملڻ سان اها باقي ڌرين سان انصاف وارو ورتاءُ ڪندي؟ جنرل مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ اندر ترقيءَ جا مثال ڏيندڙ اهو نه وسارين ته اها سموري اکيون ٺاريندڙ ترقي شهر جي ڪجهه مخصوص علائقن ۾ ٿي هئي، جڏهن ته ملير، گڏاپ، بن قاسم، ڪياماڙي ۽ لياري جا اڪثر علائقا ساڳي بدحاليءَ جو شڪار رهيا.
ترقيءَ ۾ اڻ برابري ان جي بنيادي وصف جي ڀڃڪڙي آهي. ترقي ۽ انصاف جيڪڏهن برابريءَ جي بنياد تي نه ملن ته اهڙو سماج خطرناڪ انارڪيءَ جو شڪار بنجندو آهي. ان وايو منڊل ۾ جڏهن غربت جي وظيفي کان وٺي نوڪريءَ تائين هر سهولت سياسي ۽ قبائلي لاڳاپن سان مشروط هجي، اتي ضلعي حڪومتن کي ذري گهٽ اڻ کٽ اختيار ڏيڻ جو مقصد صوبي اندر 23 خودمختيار جاگيرون قائم ڪرڻ آهي. اختيارن جي ضلعن اندر اهڙي مرڪزيت جو نتيجو اهو نڪرندو، جو هر ضلعي اندر سياسي ۽ قبائلي بنيادن تي عوامي ويڇن ۽ ٽڪراءُ ۾ اضافو ٿيندو. ترقياتي رٿائن کان وٺي انصاف تائين هر سهولت ۾ امتيازي ورتاءُ اختيار ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ هر ضلعي اندر غربت ۽ محروميءَ جا ٻيٽ جنم وٺندا ۽ صوبائي حڪومت ماڻهن کي ڪوبه رليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي، ڇو ته ضلعن جا سربراهه آئيني طور سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ با اختيار هوندا ۽ اهي صوبائي حڪومت يا انتظاميا بجاءِ هڪ بي اختيار ۽ وفادار ڪائونسل ڏانهن جوابدار هوندا.
خدمتن جي بهتريءَ ۾ هڪ طرف انتظامي اختيارن جي عدم مساوات رنڊڪ بنجندي ته ٻئي طرف ايترن گهڻن اختيارن کي هلائڻ جي صلاحيت جو به سوال اُڀرندو. مشرف جي دور ۾ اڪثر ضلعي ناظم صوبائي گادين جي بنگلن ۾ وقت گذاريندا هئا ۽ باقي ضلعي انتظام سندن ڪارندا هلائيندا هئا. مشرف جي سموري دور ۾ هيٺين سطح تي نئين بل کان به گهڻا گهٽ اختيار منتقل هجڻ جي باوجود انتظامي اهليت جي اڻ هوند عوام جي هڪ وڏي حصي کي عوامي خدمتن کان محروم رکيو. هاڻي جڏهن صوبائي حڪومت پنهنجا ذري گهٽ سمورا اختيار ضلعن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن ته اڻ پڙهيل ۽ اڌ پڙهيل ضلعي مالڪ اهو سمورو نظام هلائڻ جي قابل هوندا؟ نيت جي خرابي ۽ صلاحيت جي کوٽ گڏجي هن نظام کي عوام لاءِ عذاب بنائي ڇڏيندا. شهري علائقن جي اربن سمارٽ ڌرين سميت سڄي سنڌ ۾ ايڏو با اختيار نظام جنهن قسم جي ماڻهن جي حوالي ٿيندو، اتي معيار صلاحيت ۽ ڏاهپ بجاءِ وڏن سان وفاداري هوندو. وفاداريءَ جي ان گوءِ ۾ ضلعن اندر عام خلقِ خدا سان جيڪو ورتاءُ ٿيندو، اهو ڏيهه ڏسندو.
ان سڄي بحث جو مطلب ڪو انتظامن ۽ وسيلن جي اختيارن جي منتقليءَ جي بنيادي سوچ کان انڪار ناهي، پر در حقيقت ان منتقليءَ ۾ هڪ توازن پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي، لساني ۽ قبائلي بنيادن تي ٽڪرن ۾ ورهايل سماج اندر اختيارن جي منتقلي پلصراط تي هلڻ جهڙو ڏکيو ڪم آهي ۽ ان کي هڪ ڌڪ سان صوبائي حڪومت کان کڻي ضلعن ڏانهن منتقل ڪرڻ بجاءِ مرحليوار منتقليءَ جي وچولي مدي واري رٿابنديءَ جي ضرورت هئي. اختيارن ۽ وسيلن جي ورهاست کي جي سماجي ۽ سياسي اوسر سان سلهاڙڻ گهرجي. ملڪ ۾ جمهوريت اڃا اوسر جي مرحلن مان گذري رهي آهي ۽ وفاق کان اختيار مڪمل طور صوبن ڏانهن به منتقل ناهن ٿيا. سياست جاگيرداراڻي ڍانچي وٽ يرغمال آهي ۽ لساني توڙي قبائلي ورهاست ڏينهون ڏينهن خطرناڪ شڪل اختيار ڪري رهي آهي، اُتي هن نوعيت جا سياسي فيصلا سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي ڊگهي مدي وارن اثرن کي به مدنظر رکڻ گهرجي. نيو يارڪ ۽ لنڊن سان ڀيٽ ڪري خودمختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنون قائم ڪرڻ جي وڪالت ڪندڙ ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته اهي شهر ٻن اڍائي صدين جي جمهوريتن جي پيداوار آهن، جتي عوام حڪمران ۽ حڪمران خادم هوندا آهن. لنڊن ۽ نيو يارڪ ۾ نه ڪروڙن جا ڀتا وصول ٿيندا آهن، نه ٻورين ۾ لاش ملندا آهن، نه لساني آڌار تي ماڻهن جون وسنديون بلڊوز ٿينديون آهن ۽ نه شهر جي وچ ۾ ٽارچر سيل کلندا آهن. ٿوري دير لاءِ تصور ڪريو ته اڄوڪي سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي صحت، تعليم، آفيسرن کي مقرري، اربين رپين جي بجيٽ، حد دخليون هٽائڻ جا اختيار، قلم 144 جا اختيار حاصل ٿيڻ کان پوءِ سياسي، لساني ۽ قبائلي بنيادن تي جيڪو انتقامي ورتاءُ اختيار ڪيو ويندو، ان جي نتيجي ۾ سماج اندر محرومي، عدم تحفظ ۽ لاوارثيءَ جو جهڙو احساس جنم وٺندو، اهو سنڌ اندر ايندڙ سالن ۾ هر ضلعي اندر جيڪو گهڻ پاسائون ٽڪراءُ پيدا ڪندو، ان جا نتيجا ڪيترا سنگين نڪرندا، پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ان جو بنهه ادراڪ ناهي. کين اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پنجن سالن جي اقتدار جي خاطر سنڌ کي اڻ کٽ مدي تائين ان ڌٻڻ ۾ ڌڪو ڏيڻ بدترين موقعي پرستي ۽ سياسي ڏيوالپڻو آهي، جنهن جي ذميوارن کي سنڌ واسي ڪڏهن به بخش نه ڪندا.
(روزاني ڪاوش، سومر 15 آڪٽوبر 2012ع)
*

پهرين آڪٽوبر 2012: سنڌ اسيمبلي ۾ ڇا ٿيو؟ عاجز جمالي ٻُڌائي ٿو:

سنڌ اسيمبليءَ سومر ڏينهن تاريخ پهرين آڪٽوبر سال ٻه هزار ٻارهن تي سنڌ ۾ نئون ڪارو قانون منظور ڪيو- جنهن جو سرڪاري نالو ”سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012“ آهي . آرڊيننس جيڪو سنڌ جي گورنر جاري ڪيو، جنهن کي اسيمبلي ۾ بل جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو- 160 جي ايوان ۾ جيڪي ميمبر موجود هئا تن مان صرف تيرهن ميمبر احتجاج ڪري رهيا هئا. ٻيا سڀ ماٺ ۾ تماشو ڏسي رهيا هئا. چٻارا ڪڍي رهيا هئا۽ گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا- آرڊر آف ڊي ۾ چوٿين نمبر تي رکيل آرڊيننس کي سڀ کان اهميت ڏئي هڪ ڪلاڪ اندر پاس ڪرايو ويو- بنا ڪنهن بحث جي صرف پنج منٽن اندر راءِ وٺي آرڊيننس پاس ڪيوويو- احتجاج ڪندڙ ايم پي ايز کي ويهڻ لاءِ سيٽون الاٽ نه ٿيون، اهي اسپيڪر آڏو اچي زمين تي ويهي احتجاج ڪندا رهيا- اتان ئي ڳالهائيندا رهيا، سندن آواز مائيڪ ۾ ڪونه آيو،نه سندن شورشرابو اسيمبلي جي رڪارڊ ۾ محفوظ ٿي سگهيو، پر سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجوده احتجاج ڪندڙ انهن تيرهن ميمبرن تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرايو، جن جو تعلق مسلم ليگ (ف) اين پي پي، مسلم ليگ (ق)، هم خيال ۽ عوامي نيشنل پارٽي سان هئو-ڪراچي جا ٻه پٺاڻ ايم پي اي ته هن بل خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، پر پيپلز پارٽي جا ايوان ۾ موجود 75- سنڌي ميمبر غيرت پروف گوريون کائي ايوان ۾ سنڌ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن لکي رهيا هئا.
مان سنڌ اسيمبلي جي پريس گيلريءَ مان هڪ هڪ ايم پي اي ڏانهن ڏسي رهيو هوس-منهنجو خيال هيو ته هي بل صرف پيش ٿيندو ۽ سنڌي ميمبر ضرور اهڙوڪو ڪم ڪندا جو هي بل گهٽ ۾ گهٽ بحث جوڳو بڻجي سگهي، پر هڪ ايم پي اي چواڻي رات دير تائين بلاول هائوس ۽ زرداري هائوس مان فون ايندا رهيا ته سڀاڻي هر حال ۾ اسيمبلي پهچڻو آهي ۽ بل منظور ڪرائڻو آهي- پاڻ کي فخر سان شهيد بينظير ڀٽو جو ڀاءُ سڏرائيندڙ اياز سومرو هنڀوڇيون هڻندي هي سنڌ دشمن بل پيش ڪري رهيو هو، مونکي خيال آيو ته ڪٿي نه ڪٿي سندس غيرت آڏو ”فل اسٽاپ“ جي نشاني اچي ويندي، پر هو هڪ ساهيءَ گوڙ دوران هي بل پڙهي ويو ۽ اسپيڪر نثار احمدکهڙي بنا ڪنهن غيرت جي فل اسٽاپ جي هي بل منظور ڪرائي ڇڏيو-گذريل 18 سالن کان سنڌ اسيمبلي جي رپورٽنگ ڪندي پهريون دفعو منهنجي لاءِ سڀ کان حيرت جهڙي ڳالهه بل جي منظوريءَ لاءِ “ تڪڙ” هئي- آخر ايڏي جلدي ڇو؟ آخر سرڪار هن بل تي بحث ڇو نه پئي چاهيو، آخر هي ڇو طئي ڪري آيا هئا ته بل اڄ ئي پيش به ڪرڻو آهي ۽ منظور به ڪرڻو آهي-پنجن ڪلاڪن کانپوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي- لنڊن ۾ الطاف حسين سان صدر آصف زرداري جي ملاقات بذريعا رحمان ملڪ ٿي،– ان ملاقات ۾ ٻنهي ڀاڪر پائي هڪٻئي کي مبارڪ باد ڏني- ايندڙ ڏهن سالن ۾ هن سڄي خطي جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي- ان ۾ نوان صوبا، نوان ملڪ ٺهي سگهن ٿا. سنڌ ۾ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ڪراچي ۾ الڳ بلدياتي نظام ڪافي ته ناهي، پر شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو- ڪراچي جو نئون مڪاني نظام اصل ۾ جنرل مشرف جي نظام جو تسلسل آهي، پر نئين آرڊيننس ۾ ميئر کي ناظم کان وڌيڪ بااختيار بڻايو ويو آهي-سنڌ جو وڏو وزير به سڌي ريت ميئر جي خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو- ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري هڪ ميٽروپوليٽن سٽي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، پنج ضلعا ڪائونسلون نه رهنديون، نه انهن جا چيئرمين هوندا- ان جي بدران مشرف دور جا 18 ٽائونز هوندا، جيڪي پڻ ميئر جي ڪنٽرول ۾ هوندا- نئين آرڊيننس ۾ ميئر کي سرڪاري کاتن ۾ ملازم ڀرتي ڪرڻ جا به اختيار ڏنا ويا آهن ۽ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو اختيار به آهي-ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ جو به اختيار هوندو- جنرل مشرف دور ۾ ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال 6 هزار سٽي وارڊن ڀرتي ڪيا هئا، جيڪي هن وقت ڪراچي جي روڊن تي ٽرئفڪ ڪنٽرول ڪندا آهن- انهن ۾ 90 سيڪڙو حلف يافتا ڪارڪن آهن- نه رڳو سٽي وارڊن پر مختلف سرڪاري کاتن ۾ ميئر مصطفيٰ ڪمال لڳ ڀڳ ڏهه کان پندرهن هزار ملازم ڀرتي ڪيا هئا- اڃا پيپلز پارٽي جي سرڪار نه آئي هئي، تڏهن اڄوڪا سڀ وزير گدڙ ڀڀڪيون هڻندا هئا ته اهي سڀ غيرقانوني ڀرتيون ختم ڪنداسين- ڪراچي جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ مختلف درون ۾ ڀرتي ٿيل 20 هزار ملازم غير حاضر آهن- پيپلز پارٽيءَ جا اڄو ڪا وزير ڪنهن هڪ ملازم کي به برطرف نه ڪري سگهيا- ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ويٺل ڪارڪنن جون پگهارون سنڌ جي بجيٽ مان وينديون آهن- سو ٻڌايو ويو ته زرداري هائوس مان حڪم هئو، ان ڪري تڪڙ ۾ بل پاس ڪرايو ويو. بل جي منظوري لاءِ ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار کان الڳ ٿيڻ لاءِ الٽيميٽم ڏنو هو- رات 11 وڳي پريس رليز ذريعي ايندڙ الٽيميٽم ۾ ٽن ڏهاڙن جو مدو ڏنو ويو هئو- ان دوران صدرزرداري الطاف حسين سان رابطو ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته مڪاني ادارن جو بل اسيمبلي مان پاس ڪرائينداسين –آچر تي منجهند جو گورنر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪوٺائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، ان ئي شام پيپلز پارٽي پارلياماني پارٽي جو اجلاس وزير اعليٰ هائوس ۾ سڏايو- ان اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن کي پير مظهر الحق ۽ آغا سراج دراني داٻو ڏنو ته صدر آصف زرداري جو حڪم آهي ته سمورا ميمبر اسيمبلي ۾ ايندا ۽ بل منظور ڪرايو ويندو- اجلاس ۾ ڪجهه ميمبرن دٻيل لفظن ۾ چيو ته اسان ته آرڊيننس به ڪونه پڙهيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مخالفت آهي، جنهن تي ڪجهه وزيرن چيو ته قومپرستن ۽ ميڊيا کي اسان پاڻ منهن ڏينداسين- ان داٻي باوجود ٻئي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا 14 ايم پي ايز ڪونه آيا، جن کي سڌي ريت بل جي مخالفت ڪرڻ جي همت ڪانه ٿي، پر اڻ سڌي ريت مخالفت ڪيائون .
هاڻي ڪجهه وزير سازشن ۾ آهن ته انهن کي ايندڙ اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ نه ملي ،سڀ کان وڌيڪ مخالفت سسئي پليجو جي ٿي رهي آهي- ان کانسواءِ ساجد جوکيو، احمد علي پتافي، تيمور ٽالپر، علي نواز شاهه، لال چند، مخدوم جميل الزمان، صادق ميمڻ ۽ ڪجهه ٻيا ميمبر به انهن ۾ شامل آهن-سنڌ اسيمبلي مان بل منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم پ پ کي ايندڙ چونڊن ۾ “ چونڊ اتحاد” ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پر سياسي تجزيو ٻڌائي ٿو ته ان جو فائدو ايم ڪيو ايم کڻندي، گهڻو ڪري ته اهو اتحاد ٿيندو ئي ڪونه- هن بل منظور ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم پاران جشن ملهايو پيو وڃي، سڄي شهر ۾ بينر هنيا ويا آهن- ڪراچي کانسواءِ باقي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ هڙتال آهي، وزيرن جي گهرن تي توا ۽ چوڙيون ٽنگڻ جو سلسلو جاري آهي-اڳتي هلي سنڌي ماڻهو ”جوتن جا هار“ تيار ڪرائيندا، پيپلز پارٽي جا ڪيترائي ايم پي ايز فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن- هو ذهني طور مري چڪا آهن- وزير ڏاڍي ڦڪائي سان اسيمبلي اندر دانگي ملجڻ جو دفاع ڪن پيا- ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ بلدياتي قانون جي خوشي ۾ “ جشن” ۽ پيپلز پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪرڻ لاءِ سوچيو پيو وڃي- اهڙي صورتحال سنڌ ۾ وڌيڪ تڪرار کي جنم ڏيندي-سنڌي قومپرست احتجاج ۾ اڳيان آهن- مسلم ليگ فڪشنل ۽ پير پاڳاري جو ڪردار نمايان طور تي نظر پيو اچي، پير پاڳارو سڄي سنڌ جو دورو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، قانوني بل اڃاتائين ايڪٽ نه بڻجي سگهيو آهي، ڇو ته جڏهن گورنر بل تي صحيح ڪري ٻيهر اسيمبلي کي موڪليندو ته اهو بل ايڪٽ جي صورت ۾ “ گزيٽ” ۾ ڇپرايو ويندو.
اسيمبلي جو اجلاس خاص ان بل لاءِ سڏايو ويو هو، بل منظور ٿيو، اجلاس ملتوي ڪيو ويو، ٻي قانون سازي ڪانه ٿي، صرف هڪ ڏينهن جو اجلاس هو، جنهن جي آرڊر آف ڊي جون ڪاپيون ميمبرن کي رات 12 وڳي بل سميت پهچايون ويون سڀ ڪجهه طئي ٿيل منصوبي تحت ٿيو، ايندڙ اليڪشن کٽڻ جي ڏٽي تي ۽ اقتدار جي مزي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ايوب کهڙي جي تاريخ ورجائي وئي ،ون يونٽ نئين نالي سان آندو ويو، سنڌ جي ورهاڱي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو- ڪراچي ۾ مهاجر صوبي جو مطالبو ڪندڙن جو تيار ڪيل قانون منظور ٿي ويو.سنڌ سڄي لاءِ شرم جو مقام آهي.
ڀاڙي ماڻهو ڀاڙي تي،
دلال گهرايو ويٺاآهن.
سنڌ ون يونٽ به نيٺ ٽوڙيو هئو ۽ سنڌ ۾ ڌار ڌار مڪاني نظام جو قانون به نيٺ واپس ٿيندو. سنڌي عوام بينظير جي خون جو بدلو پيپلز پارٽي جي اقتدار جي صورت ۾ ورتو، پر بينظير جو پلاند رهيل آهي، قاتل گرفتار ڪندڙ حڪمرانن کان بدلو ايندڙ اليڪشن ۾ عوام وٺي ڇڏيندو- اقتدار سنڌ لاءِ اهم ناهي. (روزاني عبرت، 2 آڪٽوبر 2012ع)

ڦرن ٿا چرخ جا ڦيرا...! دودو چانڊيو ٻُڌائي ٿو:

سنڌ اسيمبليءَ جي هال جون سيڙهيون لهندي هوءَ مون کي جيئن ئي ٽڪرائي ته سندس اکين ۾ ڳوڙهن جون قطارون هيون. هوءَ ڪا ٻي نه، پر سنڌ اسيمبليءَ جي هيڏي وڏي عظيم ايوان جي ميمبر نصرت سحر عباسي هئي. هونئن ته سنڌ اسيمبليءَ جي مڪاني ادارن بابت تڪراري بل جي منظوريءَ وقت ڄام مدد علي کان وٺي رزاق راهمي تائين، راڻا عبدالستار راجپوت کان وٺي مسرور جتوئيءَ تائين جن به 13 ميمبرن ميدان تي مقابلو ڪيو، سي سڀ سنڌ جا سڄڻ چئبا، پر ٻن عورت ميمبرن نصرت سحر عباسي ۽ ماروي راشدي به ڄمي مقابلو ڪيو، ۽ سرڪاري بئنچن تان ايندڙ ترش ۽ تيز جملن جي پرواهه نه ڪندي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ جيڪي دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون، اهو عمل ديانتداريءَ سان ڪنهن قومي فرض نڀائڻ کان گهٽ نه هو. مون هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ هن اسيمبليءَ جا سوين رنگ ڏٺا آهن. ڪڏهن مارشلائن ۾ اسيمبليءَ کي تالا لڳندي ڏٺا آهن ته ڪڏهن نام نهاد جمهوريت جي دور ۾ ايوان اندر ان اسيمبلي ميمبرن کي ٽنگو ٽالي ٿيندي کڄندي ڏٺو آهي، پر پ پ جي ڪنهن به حڪومتي دور ۾ ناهي ڏٺو ته سنڌ جا ماڻهو روڊن تي هجن ۽ ايوان مان تڪراري قانون پاس ٿيندا هجن، جيڪو اسان ڪالهه ڏٺو.
گذريل ڏينهن اسان پير پاڳاري جي رهائشگاهه تي هئاسين ته اطلاع مليو ته سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو آهي. مون ان وقت صحافي دوستن کي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته سڀاڻي مڪاني ادارن وارو بل پاس ٿي ويندو، ڇو ته جهڙي ريت وزير اعليٰ هائوس ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڪراچي جا ٽائون ٺاهڻ، بلڪل اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور وانگي پوليس کي ٽائونز ۾ ورهائڻ، آفيسرن جي مقرري ۾ سرڪار مصروف آهي، ان مان لڳي ٿو ته هن آرڊيننس کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو ويندو. اسان پير پاڳاري جي رهائشگاهه کان وزير اعليٰ هائوس آياسين، جتي چوڌري شجاعت ۽ مشاهد حسين جي روبرو مون وڏي وزير کان سوال ڪيو ته ڇا سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو بل پيش ٿيندو؟ ته وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته، نه رڳو قانون پيش ٿيندو، پر پاس به ٿيندو، فنڪشنل ليگ وارن وٽ اگر اڪثريت آهي ته رد ڪري ڏيکارين.
مليل ڄاڻ موجب، رات جو ئي وزير اعليٰ هائوس ۾ پ پ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي سڏائي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي هئي ته هو اسيمبليءَ ۾ ضرور حاضر ٿين. اها هدايت ڪجهه سختي واري هئي، جنهن ڪري پ پ جا اُهي ميمبر، جيڪي سنڌ، سنڌ ڪري ٿڪجندا ناهن، اُهي به اچي صبح ساڻ ايوان ۾ حاضر ٿيا. سسئي پليجو ۽ نواب تيمور ٽالپر سميت ڪجهه ميمبر ايوان ۾ نه آيا، باقي سمورا حاضر هئا. جيڪي نه آيا، انهن به ڄڻ مُٺي به ماٺ ۽ مٺِي به ماٺ وارو فارمولو اختيار ڪيو. جيڪي آيا، انهن مان هڪ به اهڙو ميمبر نه هو، جيڪو اُٿي بيهي رڳو اهو چوي ها ته، ”سائين، هي آرڊيننس اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري اسان کان رڳو ”ها“ نه ڪرايو پر ان تي بحث به ڪرايو ۽ اسان کي پڙهي ٻڌايو ته هن بل ۾ ڇا ڇا آهي!“ پر ڪنهن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. ٻهراڙيءَ ۾ ڪنوار کي جيئن نڪاح وقت ڪنڌ ڌوڻائي ”ها“ ڪرائي ويندي آهي، پ پ جي ميمبرن کان به ڪالهه ائين ”ها“ ڪرائي وئي، هڪ به ميمبر ان بل جي مخالفت نه ڪئي. مون جيئن مٿي لکيو آهي ته، هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ مون هن اسيمبليءَ جا ڪئين رنگ ڏٺا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ جڏهن عدالت مان پ پ خلاف فيصلا اچي رهيا هئا ته هڪ نه، ڪئين ڀيرا پ پ جا اهي سمورا ميمبر ڪلهن ۾ اجرڪون ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپيون پائي آيا هئا. اهو به ايوان جو هڪڙو رنگ هو، جڏهن اڳ ۾ هڪ ڀيري ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي عمران ظفر لغاري کان وٺي امداد پتافيءَ تائين، حميرا علواڻيءَ کان وٺي ڪلثوم چانڊيو تائين، اسپيڪر سان ڪاوڙجي احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ئي ٿي ويا، پر ڪالهه سڀ خاموش هئا. جنهن وقت ماروي راشدي ۽ نصرت سحر عباسي اکين ۾ ڳوڙها آڻي سنڌ جي بقا جي حق ۾ نعري بازي ڪري رهيون هيون، ان وقت حميرا علواڻيءَ سوڌو سنڌ سان محبت جون دعويدار ڪئين عورتون ۽ مرد خاموش هئا. مون اسيمبليءَ جي گئلري مان ڏٺو ته انور مهر به خاموش هو، ته مانڌر جو مينڌرو به ماٺ هو. پنهل چانڊيي جي شهيدن جو وارث به خاموش هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو پٽ به ماٺ هو. عجيب ماحول هو اسيمبليءَ جو! شهدادڪوٽ جي استاد جي پٽ جي هٿ ۾ اها ئي مائيڪ هئي، جيڪا مائيڪ کڻي هن ڪجهه مهينا اڳ پرويز مشرف جي قانون جي خاتمي لاءِ ايوان کان راءِ ورتي هئي.
فنڪشنل مسلم ليگ ۽ ان جا اتحادي ميمبر اجلاس شروع ٿيندي ئي احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڪرسيءَ جي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺا، ان دوران حڪومتي ميمبرن ۽ احتجاج ڪندڙ ميمبرن جي وچ ۾ ڪافي ڀيرا سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، پر فنڪشنل ليگ، نيشنل پ پ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين اتحادين صبر جو مظاهرو ڪندي مهذب انداز ۾ پنهنجو احتجاج برقرار رکيو. اسپيڪر نثار احمد کهڙي جڏهن مسرور جتوئيءَ کي چيو ته، اوهان پَٽ تان اٿي بئنچن تي ويهو، ته مسرور جتوئيءَ جواب ڏنو، ”اڄ سڄي سنڌ پَٽ تي ويٺل آهي، اسان به ان سان گڏ پٽ تي ويهون ٿا.“ ماروي راشدي ۽ نصرت سحر عباسيءَ چيو: ”اسان سنڌي قوم جا حقيقي نمائندا آهيون، ان ڪري سنڌي قوم سان گڏ آهيون“.ان کان پهرين هڪ ٻيو به تاريخي واقعو ٿيو، جنهن جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جڏهن فوت ٿيل ماڻهن لاءِ دعا گهري پئي ويئي ته نصرت سحر عباسي اسيمبليءَ جي مولويءَ کي اپيل ڪئي ته، ”اڄ اها به دعا گهري وڃي ته سنڌ خلاف هن اسيمبليءَ مان ڪوبه ڪارو قانون پاس نه ٿئي ۽ الله پاڪ سنڌ کي هميشه محفوظ رکي“. روضي ڌڻيءَ جي درگاهه جي مدرسي ۾ پڙهيل مولويءَ به ڪمال ڪري ڏيکاريو، ان اسيمبليءَ ۾ دعا ڪرائي ته، ”هن ايوان مان سنڌ خلاف ڪوبه ڪارو قانون پاس نه ٿئي، ميمبرن کي همت ملي ته هو سنڌ جو تحفظ ڪن، سنڌ خلاف سازشون ٿيڻ نه ڏين ..... وغيرهه“. مولويءَ جي اهڙي دعا تي نصرت سحر، ماروي راشديءَ سميت مخالف ڌر جي ميمبرن زور سان ”آمين“ چيو، پر پ پ ۽ متحده جا ميمبر خاموش هئا. مولويءَ جي دعا قبول پئي الاءِ نه، پر پ پ آخرڪار اهو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ڇڏيو، جنهن خلاف 10 سال لاڳيتو پ پ ميمبرن ۽ اڳواڻن تقريرون ڪيون هيون.
ڪالهه جتي سنڌ سڄي بند هئي، اتي سنڌ اسيمبليءَ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ سندس اتحادين پاڻ مڃايو. پير پاڳاري جي ڪوششن سان سنڌ جو آواز اسيمبليءَ ۾ گونجيو، ان جو ڪريڊٽ ٻين سان گڏ نصرت سحر عباسي ۽ ماروي راشديءَ کي به وڃي ٿو. وقت هلندو رهندو، زمانه بدلبا رهندا. جتي ڪالهه جي اسٽيبلشمينٽ جي حامي جماعت فنڪشنل ليگ هن وقت سنڌ جو سگهارو آواز بنجي نروار ٿي رهي آهي، اتي سنڌ جا ماڻهو نصرت سحر جي انهن لڙڪن کي به نه وساريندا، جيڪي هن احتجاج بعد بيوسيءَ جي عالم ۾ اسيمبليءَ مان نڪري ڳاڙيا هئا.
(روزاني ڪاوش، 2 آڪٽوبر 2012ع)

7 آگسٽ 2011ع کان - 14 آگسٽ 2011ع

---

7 آگسٽ 2011ع

• وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا،
مٺي سنڌ پنهنجي کي مارائي ويٺا،
حقن پنهنجن کي ڪهارائي ويٺا،
ٻچن مائرن کي رئارائي ويٺا،
تڏهن به دعويٰ آهي ”پهلوان آهيون“
اڃا به چون ٿا انسان آهيون.
(حيدربخش جتوئي)

تون ڏسجانءِ ويٺو، پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن سان غداري ڪندي، سنڌ جي واحد سرڪاري زبان سنڌي نه ٿيندي، ۽ ٻوليءَ جو هي بل ته سرڪاري زبان بنائڻ لاءِ نه پر ترقي ۽ واڌاري لاءِ آهي ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي به نه ٿيندي. نه مڪمل صوبائي خودمختياري ملندي. پيپلز پارٽي سنڌين کان وڌيڪ پنجابين ۽ پناهگيرن جي مفادن جو خيال رکندي.

ماڻڪ: لڙهندڙ نسل (ناول) 1972ع
(ماڻڪ مِٽ سندوم، (ماڻڪ جون تحريرون) صفحو 244، ڇاپو 2004)
************************************************************************************
پ پ حڪومت پاران سنڌ ۾ ٻه انتظامي نظام رائج، ڪراچي حيدرآباد ۾ ناظمي ۽ سنڌ جي باقي 21 ضلعن ۾ ڪمشنري سرشتو لاڳو، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مشرف دور واري حيثيت بحال. پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سڄو ڏينهن ڳالهين جا دور هلندا رهيا، اسلام آباد بعد ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ رات دير تائين ڳالهيون ڪري ايم ڪيو ايم جون فرمائشون پوريون ڪيو ويون، ڳالهين جي اڳواڻي سنڌ جي نمائندن بدران سينيٽر بابر اعواڻ ڪئي. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي 2001ع واري پوزيشن ۾ بحال ڪيو ويو، حيدرآباد جي مشرف دور واري بحالي سان ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ ٽنڊو الهيار هڪ ڀيرو وري ضلعا ٿي ويا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊي سي اوز ۽ باقي ضلعن ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر مقرر رهندا. پوليس جو بحال ڪيل پراڻو نظام سڄي صوبي ۾ ساڳيو هوندو، ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ضلعو ٿي ويو، پيپلزپارٽي جي حڪومت ايم ڪيو ايم جي ڌار ٿيڻ بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري ملير ضلعو به پنهنجي پراڻي حيثيت ۾ اچي ويو هو، اهڙي فيصلي تي پ پ پاران جشن به ملهايا ويا هئا. تعليمي بورڊن جي اختيارن ۾ به گورنر کي ٻيهر ڀائيواري ملي وئي. سنڌ جي معاملن تي توهان ڇو ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سنڌ جا نمائندا موجود آهن ته توهان جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ (بابر اعواڻ کان هڪ صحافي جو سوال) بابر اعواڻ ڪو جواب ڏيڻ بدران اهو چيو ته مان واپس وڃان ٿو. سنڌ بابت ٿيل اهم فيصلن بعد جڏهن پريس ڪانرنس ڪئي وئي ته سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ جي ڪنهن به نمائندي هڪ لفظ به نه ڳالهايو، سڀئي خاموش بيٺل رهيا، فيصلا ملڪ جي قومي مفادن کي سامهون رکي ڪيا ويا آهن: گورنر عشرت العباد. سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٻه انتظامي نظام ڇو رائج ڪيا ويا آهن؟ (بابر اعواڻ کان سوال) ائين رڳو سنڌ ۾ ناهي ٿيو، اسلام آباد ۾ به شهر ۾ ڪمشنري نظام ۽ ٻهراڙي ۾ مڪاني ادارن جو نظام لاڳو ٿيل آهي، ٻيا به ڪيترائي فيصلا ڪيا آهن، جيڪي عيد تائين سامهون اچي ويندا: پ پ سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي گورنر، سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس. سنڌ ۾ پراڻو پوليس نظام برقرار رهندو. پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪرڻ صحيح هو: بابر اعواڻ.
• تعليمي بورڊن بابت آرڊيننس واپس نه ٿيندو، گورنر جو ڪردار برقرار رهندو: بابر اعواڻ. سنڌ جي تعليمي بورڊن بابت گورنر جو ڪردار ٻيهر بحال ٿي ويو. ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ڌار نظام سنڌ جي عوام خلاف سازش هوندي: اي اين پي. ڳالهين ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ نه هو، قيادت پاران مليل ذميواري پوري ڪئي آهي: بابر اعواڻ
• ڪوبه حڪومتي عهدو نه رکندڙ بابر اعواڻ ڳالهين بابت آگاهي ڏني، وڏو وزير خاموش رهيو. بابر اعواڻ صحافين کي سوالن جا جواب به پاڻ ڏنا، صوبائي وزير آغا سراج دراني ۽ ڄام مهتاب ڏهر به موجود هئا.
• ڪراچي ۽ حيدرآباد جون يوسيز باقي 21 ضلعن کان ننڍيون ۽ شيئرز وري وڌيڪ هوندو. ناظمن جي اين او سي کانسواءِ بين ضلعن جا ملازم مقرر نه ٿي سگهندا. رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٽي ايم ايز ۽ ٽائونن کي او زيڊ شيئر مان حصو ملندو. ڇا حيدرآباد جي ضلعي حڪومت ڪمشنر حيدراباد جي ماتحت هوندي؟ قانوني ماهر. (روزاني ڪاوش)
• متحده پ پ کي اهم مطالبو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري حڪومتون قائم ٿينديون، باقي21 ضلعن ۾ ڪمشنري نظام تحت وهنوار هلندو، آرڊيننس جاري. سنڌ انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ضلعي حڪومتن وارو نظام بحال. پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ معاملا نيٺ طئي ٿي ويا، ڪراچي ٻيهر هڪ ضلعو بڻجي وئي، ملير واسين کي خوشيون ڀانءِ نه پيون، مٽياري، ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي محمد خان جي ضلعي حيثيت بحال. صدر زرداري ۽ وزيراعظم گيلاني طرفان وفاقي وزير بابر اعواڻ کي ڏنل ٽاسڪ ڪامياب، گورنر سنڌ سان تفصيلي ڳالهين بعد سنڌ جي ٻن اهم شهرن ۾ متحده جي مطالبي تي شهري حڪومتون بحال ڪيون ويون. گورنر سنڌ جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان فون تي رابطو، متحده سربراهه الطاف حسين کي پڻ اتحادي ڌرين جي فيصلي بابت اعتماد ۾ ورتو ويو. ڪراچي جي صورتحال جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تاثر خراب ٿي رهيو هو، ساڳئي صوبي ۾ هڪ کان وڌيڪ نظام جاري رهڻ جا مثال موجود آهن: بابر اعواڻ جون ميڊيا سان ڳالهيون.
• ڪمشنري نظام واپس نه ٿيندو، ضلعي حڪومتون آئين مٿان ڌاڙو هيون: وڏو وزير. وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جو اجلاس، ڪم ڪار بابت بريفنگ. قومپرستن شهري حڪومت جي ٻيهر بحالي کي سنڌين جي مينڊيٽ جي توهين قرار ڏئي ڇڏيو. مڪاني نظام کي بحال ڪرڻ خلاف مزاحمت جو چتاءُ، پ پ اسيمبلي ميمبرن کان استعيفي ٰ جو مطالبو. (روزاني عوامي آواز)

8 آگسٽ 2011ع

• عوامي دٻاءُ، احتجاج ۽ مذمتن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن اندر فيصلو تبديل: سڄي سنڌ ۾ ناظمن وارو نظام ٻيهر نافذ، آرڊيننس جاري. صوبي ۾ عوام جي سخت احتجاج بعد صوبائي وزيرن جا 3 اجلاس ٿيا، هڪ اجلاس صوبائي وزير پير مظهر جي گهر ۽ 2 اجلاس سي ايم هائوس ۾ ٿيا، جن ۾ صورتحال تي ويچاريو ويو. اجلاس بعد وڏي وزير پارٽي جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪيو ۽ فريال ٽالپر جي گهر وڃي صوبي ۾ ٿيل عوامي احتجاج ۽ اڄ اعلانيل هڙتال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاسن بعد وڏي وزير قائم علي شاهه فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ صلاح مشورو ڪيو. وڏي وزير صدر آصف کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڌار نظام لاڳو ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج آهي ۽ صورتحال انتهائي ڏکي ٿي وئي آهي، اتحادين به مخالفت ڪئي آهي. صدر وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ناظمن جو نظام آهي ته اهو سڄي سنڌ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، اهڙي هدايت بعد گورنر ڪمشنري نظام ختم ڪري 2001ع جو مڪاني نظام بحال ڪرڻ جو آرڊيننس جاري ڪيو.
• سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف سڄي سنڌ سوڳ ۾ وٺجي وئي، اڄ مظاهرن، ڌرڻن، هڙتال ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جو اعلان. جيئي سنڌ تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران اڄ هڙتال جو اعلان، عوام خاموش نه ويهندو (صفدر سرڪي) هڙتال سان گڏ 20 آگسٽ تائين سوڳ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، اڄ کان سنڌ ۾ غدارن جو علامتي جنازي نمازون پڙهيون وينديون: اياز لطيف پليجو. سنڌ کي انتظامي طور وهائڻ جو حق پ پ سميت ڪنهن کي به نه ٿو ڏئي سگهجي، فيصلي خلاف لاڳيتو احتجاج ڪنداسين (بشير قريشي) پ پ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، سنڌ واسي وڙهي مرڻ لاءِ نڪري اچن: قادر مگسي. سنڌ ۾ ٻه نظام آڻي سنڌ جي ورهاست جو بنياد رکيو ويو آهي، اسين ان کي رد ڪريون ٿا (جلال محمود شاهه) شهري ۽ ٻهراڙي علائقن کي لساني بنياد تي ورهائڻ جو مطلب سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي نقصان رسائڻ آهي (عبدالواحد آريسر) فيصلو سنڌ واسين سان غداري آهي: خالد محمود سومرو. فيصلي خلاف جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي ويندي (امير ڀنڀرو) سنڌ جي غير اعلانيل ورهاست خلاف مظاهرا ڪيا ويندا (تاج محمد ڊومڪي) ايوان صدر سنڌ جي وجود خلاف ڪم پيو ڪري (رياض چانڊيو) سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن احتجاج ڪندا: ايوب شر. سنڌ دشمن فيصلي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس يو پي، جسم، نواز ليگ، پ پ (ش ڀ)، فنڪشنل ليگ، سنڌياڻي تحريڪ، بار ايسوسيئيشنز ۽ سماجي تنظيم جا مظاهرا ۽ ريليون.
• اي اين پي احتجاج طور صوبائي وزير امير نواب کي ڪم کان روڪي ڇڏيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ڌار نظام مهاجر صوبي جو سمجهوتو آهي: اي اين پي. موجوده فيصلو سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي، جنهن کي قبول نه ڪنداسين. پ پ ايم اين ايز جو معاملي تي اڻ چٽو موقف، ناراض ۽ مخالف اڳواڻن مخالفت ڪئي. اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ڪابينا ۽ پارٽي ۾ آواز اٿاريو ويندو: غوث بخش مهر. فيصلو درست ناهي (خدا بخش راڄڙ) تمام گهڻو ڏک رسيو آهي: پ پ ايم اين اي ظفر شاهه. فيصلي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي (غلام شاهه / کٽومل) متحده جي دٻاءُ تي فيصلو ٿيو: صفدر عباسي. فيصلو رد ڪريون ٿا (اياز شيرازي/غلام حيدر) غني ٽالپر ۽ فوزيا وهاب موقف نه ڏنو. سنڌ جي ورهاڱي کي روڪڻ لاءِ انتظامي فيصلو ڪيو ويو آهي: مولابخش چانڊيو. سنڌ ۾ 2 نظام لاڳو ڪيئن ٿيا؟ سوال، لاهور تائين بابر اعواڻ جو پيڇو ڪندا رهيا!، فيصلي سان ڪراچي جون حالتون بهتر ٿينديون (اعواڻ) حالتون خراب ڪيون ئي ان لاءِ ويون هيون؟ (صحافي) سوالن جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهان: اعواڻ.
• پ پ جا اڪثر وزير گم، فون به بند، ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ. سراج دراني، اياز سومري، ذوالفقار مرزا، مهتاب ڏهر، ڌاريجي ۽ شرجيل جا فون بند. مراد علي شاهه، منطور وساڻ ۽ ٻين صوبائي وزيرن به فون بند ڪري ڇڏيا. ماڻهو خوش ناهن، اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن: مظفر شجراع. سرڪار خلاف لڳندڙ نعرا توهان ٻڌا آهن؟ (سوال) ڪجهه فيصلن تي تنقيد ٿيندي آهي: شازيه مري. وڏي وزير چيو هو ته ضلعي حڪومتن جي آئين ۾ گنجائش ناهي ته پوءِ ٻن ضلعن ۾ بحال ڇو ٿيون: ڪاوش جو سوال، وزير اعليٰ جو بيان مون نه پڙهيو آهي، ضرور آئيني معاملن تي غور ٿيو هوندو: شازيه. سنڌي قوم کي ڊپريشن ۽ نفسياتي طور غلامي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي: محمد ابراهيم جويو. مشرف واري نظام کان به وڌيڪ نام نهاد جمهوريت سنڌ جي وجود لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي آهي. سنڌ ۾ سخت ردعمل بعد صدر اڄ سنڌ ڪابينا کي طلب ڪري ورتو.
• ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترقياتي رٿائون مڪاني حڪومتون پاڻ جوڙينديون. (ق) ليگ ٻٽي انتظامي نظام بابت موقف ڏيڻ کان لنوائي وئي، حليم عادل شيخ ۽ شهريار مهر فون ئي اٽينڊ نه ڪيو. فنڪشنل ليگ به سنڌ جي انتظامي ورڇ کي رد ڪري ڇڏيو. ٻه انتظامي نظام لاڳو ڪرڻ سنڌ سان غداري آهي: خالد محمود سومرو. سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان مولابخش چانڊيو جي گهر جو گهيراءُ.
• پ پ جو فيصلو، سنڌ کي ڏهاڪن تائين ڀوڳڻو پوندو،هڪ سنڌ هڪ نظام هئڻ گهرجي: علي قاضي. سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي به وڏا هاڃا ٿيا آهن، موجوده فيصلو انهن ۾ هڪ نئون اضافو آهي. سنڌ جي عوام کي تيار رهڻ گهرجي ته اهي موجوده صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪندا. اميد آهي ته قومپرست ۽ سياسي پارٽيون هڪ گڏيل حڪمت عملي ٺاهينديون. سنڌ جي انتظامي ورهاست خلاف 6 غيرتمند نياڻين پاران پاڻ ساڙڻ جو اعلان. قاسم آباد واسڻ فرحانه، مصباح، ماريا، افشان، رخسانه ۽ گلناز پنهور پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو. قومپرستن طرفان 9 آگسٽ تي ڪراچي ۾ اهم اجلاس طلب. ايس يو پي، جسقم ۽ جيئي سنڌ محاذ طرفان گڏيل تحريڪ جو اعلان ڄامشوري ۾ قومپرستن جو هنگامي اجلاس، جلال شاهه، بشير قريشي، رياض چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ. پ پ وارن سنڌ جي ورهاست جو قدم کنيو آهي، ڀرپور جدوجهد ڪبي: اڳواڻ. (روزاني ڪاوش)
• سنڌ ورهائن تي جيالا به مايوس، ڪيترائي ڪارڪن مستعفي، ف ليگ ۽ اي اين پي به مخالفت ڪري ڇڏيو. متحده کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيل فيصلو برقرار، سڄي سنڌ ۾ مشرف جو مڪاني نظام لاڳو. سڄي سنڌ ي جي سخت ردعمل پ پ قيادت کي جهڪائي وڌو، سي ايم هائوس ۾ اجلاس بعد گورنر هائوس مان آرڊيننس جاري، اڳواڻ اڄ ايوانِ صدر طلب. پ پ ايم پي ايز نواز چانڊيو ۽ حميرا علواڻي حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي، احتجاج جي حمايت، اين اين پي احتجاج طور وزير کي ڪم کان روڪي ورتو. فنڪشنل ليگ جي وزيرن پاران اڄ استعيفيٰ ڏيڻ جو امڪان، اي اين پي پاران قومپرستن جي احتجاج جي حمايت ۽ رابطي جو فيصلو، حڪومتي فيصلو مهاجر صوبي جو اڻ اعلانيل اعلان سمجهون ٿا: شاهي سيّد.
• جيئي سنڌ تحريڪ جي هڙتال جي سڀني قومپرستن طرفان حمايت، 6 سنڌياڻين پاران بينظير جي مزار اڳيان پاڻ ساڙڻ جو اعلان. ڌرتيءَ جو ورهاڱو ڪندڙ پ پ سنڌين جي نفرت ۾ لڙهي وئي، مظاهرا ۽ ڌرڻا، اڄ مڪمل هڙتال. حڪومتي اعلان ٻڌندي ئي سڀ سنڌ واسي صدمي ۾ اچي ويا، ماڻهو پاڻ ئي رستن تي نڪري آيا، حڪمران پارٽي ۽ سندن قيادت تي ڇوهه ڇنڊيا ويا، وڏي وزير قائم علي شاهه جي پتلي کي باهه. ڪراچي، ملير، حيدرآباد، وارهه، ڏوڪري، لاڙڪاڻي، خيرپور، بوزدار وڏا، گهوٽڪي، نوشهري فيروز، ڪنڊياري، ساماري، ٽنڊي آدم، باڊهه ۾ سياسي ڪارڪنن جا مظاهرا. جيڪب آباد، تلهار، پير جي ڳوٺ، ٺٽي ۽ بدين ۾ مظاهرا، فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ نمائندن جي گهيراءَ ۽ گهرن تي ڪارا توا ٽنگڻ جو اعلان، وڏيرا سنڌ وڪڻي ڇڏيندا: اڳواڻ. سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو ان کي ماڻهو کائي ويندا، اردو ڳالهائيندر متحده جي ڳالهين ۾ نه اچن، پ پ سنڌ جي وحدت تي ور ڪيو آهي: صفدر سرڪي جي پريس ڪانفرنس.
• قومي شاهراهن تي ڌرڻن، پ پ وزيرن، صلاحڪارن ۽ سينيٽرن جي گهرن تي غداري جا نشان ٽنگھڻ جو فيصلو. 13 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان، سنڌ دشمن حڪمرانن جا رستا بند ڪري ڇڏينداسين: اياز لطيف. ورلڊ سنڌي ڪانگريس سميت انساني حقن جون عالمي تنظيمون به پ پ جي سنڌ دشمني فيصلي خلاف آواز اٿارين. قومپرستن جو سڀاڻي ڪراچي ۾ اجلاس طلب، سنڌ دشمن فيصلو نه مڃينداسين: اڳواڻ. ايس يو پي سربراهه جلال شاهه جي رهائش گاهه تي قومپرستن جو اجلاس، گڏيل حڪمت عملي لاءِ غور ويچار. پ پ موقعي پرستي جي مظاهرو ڪندي رات پيٽ ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، قومپرست. سمورن قومپرستن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي کي گڏ ڪري هڪ آواز ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. پ وارن ايوب کهڙي کي مات ڏئي ڇڏي، سنڌ دشمنن لاءِ ڌرتي ٽامون بڻائينداسين: سنڌ جي قومي وحدت کي ٽڪرا ڪرڻ جو پهريون قدم کنيو ويو آهي، سڄي قوم اٿي پوي. سنڌ دشمن فيصلي خلاف ويڙهه جاري رکي ويندي، گڏيل طور ڀرپور مزاحمت ڪنداسين: قادرمگسي
• سنڌين مڙسي نه ڪئي ته ٻيا شهر به هٿن مان نڪري ويندا، متحده وارن کان به پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. پ پ هر وقت اڇلايل ٿڪ چٽڻ لاءِ تيار رهي ٿي، هر ماڻهوءَ کي ٻاهر نڪرڻو پوندو: مهتاب اڪبر راشدي. بابر اعواڻ کي اسلام آباد مان اچي فيصلا ٻڌائڻ جو ڪو حق ناهي، پ پ وارا ڪٿي هئا ۽ سندن وات ۾ منڱ پيل هئا. سنڌ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي رات جي اونڌاهي ۾ ٿيل فيصلي کي قبول نه ڪندا: ورلڊ سنڌي ڪانگريس.
• ”پ پ قبلو درست ڪري“ سنڌين جو فيس بوڪ ۽ ايس ايم ايس ذريعي ردعمل سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين اهڙي فيصلي خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪيو. پيپلزپارٽي جا وزير ۽ صلاحڪار ڳولهيا نه لڌا، نمبر بند. سنڌ واسين ايس ايم ايس ذريعي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. عوامي احتجاج جو خوف، نديم ڀٽو ۽ صادق ميمڻ لڪي شهيد جي مزار تي پهتا.
• سنڌ کي ورهائڻ کان بچايو آهي، پاڻ کي ڏوهاري نه ٿا سمجهون: قانون وارو وفاقي وزير مولابخش چانڊيو. عوامي ردعمل: مولابخش چانڊيي جي گهر جو گهيرو، چوڙيون پيش، سلام ٿهيم جي گهر آڏو تئو ٽنگيو ويو. حڪومتي فيصلي سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي، سنڌ کي ورهائڻ کان بچائڻ لاءِ غير مقبول فيصلو ڪرڻو پوندو. موجوده فيصلي کي دير سان درست سمجهيو ويندو، ڪراچي يا ٻئي صوبي جو تصور به نٿا ڪري سگهون. پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌ جي ورهاڱي خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن ۽ عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان. سنڌ آصف زرداري يا الطاف حسين جي ذاتي جاگير ناهي جو هو پاڻ ۾ ويهي رات جي اونڌاهيءَ ۾ فيصلا ڪن: تاج محمد ڊومڪي. سنڌ ڪروڙين سنڌين جي دل جي ڌڙڪن آهي، جنهن کي عوام ڪنهن عالمي سازش يا اقتدار جي نوراڪشتي ۾ پهچندڙ نقصانن خلاف احتجاج ڪندو. زرداري ليگ ۽ ايم ڪيو ايم بين الاقوامي سامراجي قوتن جي اشاري تي سنڌ جي قديم آبادي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ نفرتون پيدا ڪري رهيون آهن.
• سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن جو هڪڙو ئي نظام لاڳو ڪيو وڃي: شهري ۽ ٻهراڙي بنياد تي نظام ورهائڻ واري عمل خلاف مزاحمت ڪئي ويندي. ڌار ڌار احتجاج بدران قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌريون گڏيل احتجاج ڪن: عبدالواحد آريسر
• جيئي سنڌ نيشنل ڪانگريس پاران اڄوڪي هڙتال جي حمايت. يوسف ٽالپر ۽ سسئي پليجو کي پ پ ڇڏڻ گهرجي: سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ ون يونٽ کان خطرناڪ آهي: ساڃاهه وند. 6 قومي ڪارڪنن طرفان پاڻ ساڙڻ جو اعلان. راڻيپور جي جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو. (روزاني عوامي آواز)

9 آگسٽ 2011ع

• سنڌ ۾ ضلعي حڪومتن جي ٻيهر بحاليءَ جو نوٽيفڪيسن جاري. ڪراچي شهري سرڪار، ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن ۽ يوسيز به ساڳئي حيثيت ۾ بحال. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جون ميونسپل ڪارپوريشنون وري ختم. مختلف شهرن جون 29 ميونسپل ڪاميٽيون ۽ 127 ٽائون ڪاميٽيون به ختم ٿي ويون.
• سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج، مڪمل ڦيٿا روڪ ۽ شٽرڊائون، مظاهرا، ڌرڻا، علامتي جنازا کنيا ويا، گرفتاريون. جيئي سنڌ تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪراچي جي چوڌاري سنڌي آبادين ۾ مڪمل شٽرڊائون، ٽرئفڪ معطل، گلستان جوهر، لياري، آگرا تاج، بهار ڪالوني، کڏا مارڪيٽ، سچل ڳوٺ، گلشن اقبال، صفوران ڳوٺ، گلشن حديد ۽ ٻين علائقن ۾ زندگي مفلوج. حيدرآباد جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم گهٽي، صرافا بازار، گاڏي کاتو، گل سينٽر، صدر، تلڪ چاڙهي ۽ قاسم آباد سميت ڪيترائي علائقا سنسان، عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس اين پي ۽ ٻين پارٽين جا مظاهرا. لاڙڪاڻي ۾ جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، جسمم، ايس يو پي، فرنٽ ايس اين پي ۽ ٻين پارٽين پاران مظاهرا، ڌرڻا، نوابشاهه ۾ به مڪمل شٽرڊائون رهيو، مظاهرا. سکر، ٽنڊو الهيار، مٽياري، نيو سعيد آباد، ٽنڊو محمد خان، پنو عاقل، ميرپورخاص، ڊگهڙي، ڪنري، نبي سر روڊ، ڪوٽ غلام محمد، شادي پلي، عمرڪوٽ، سامارو، پٿورو ۽ مٺي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، ريل گاڏين کي روڪيو ويو، پ پ اڳواڻن ۽ وزيرن جا پوسٽر ڦاڙيا ويا. دادو، راڌڻ، ٿرڙي محبت، ٽنڊو ڄام، خيرپور ناٿن شاهه، ڄامشورو، نوشهروفيروز، محرابپور، ڪوٽڙي، لاکا روڊ، ڪنڊيارو، قمبر، وارهه، شهداد ڪوٽ، شڪارپور، بدين، سجاول، ٺٽو، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ٺل، جيڪب آباد، سانگهڙ ۽ ٽنڊو آدم ۾ مظاهرا، پتلن کي باهيون. ڪيترن شهرن مان قومپرست پارٽين جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار. ڪامياب هڙتال ثابت ڪيو ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي سنڌ جي وحدت جي مسئلي تي متحد آهن، (صفدر سرڪي) مشرف جي ناظمي نظام کي به سنڌ ڄاون هڪ آواز ٿي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ دشمن فيصلا واپس نه ٿيا ته پ پ کي لڳل آڪسيجن ڪڍي ويندي: اياز پليجو.
• پ پ اڳواڻن ۽ وزيرن جي گهرن آڏو احتجاج، توا ٽنگي چوڙيون اڇلايون ويون، گهيراءُ. سنڌ جي مفادن خلاف فيصلا ٿيڻ تي مڇريل ماڻهن احتجاج ڪيو، نوابشاهه ۾ صدارتي هائوس جي سيڪيورٽي سخت. لاڙڪاڻي ۾ اياز سومري جي گهر آڏو احتجاج، نوابشاهه ۾ طارق مسعود آرائين ۽ فصيح شاهه جي گهرن جو گهيراءُ، فائرنگ. ٽنڊي الهيار ۾ بچاڻي جي آفيس آڏو چوڙيون اڇلايون ويون، گهاري ۾ سسئي پليجو جي گهر آڏو تئو ٽنگي احتجاج. نويد قمر، محسن شاهه ۽ امين لاکو جي گهرن ٻاهران چوڙيون، ٽماٽا ۽ بيضا اڇلايا ويا، بابر اعواڻ، زاهد ڀرڳڙي ۽ مولابخش چانڊئي جي نالن وارا توا کڻي مظاهرو. بدين ۾ ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جي آفيس آڏو ڌرڻو، بابر اعواڻ جو جنازو ڪڍيو ويو، بابو ٽالپر جي گهر آڏو به تئو ٽنگيو ويو. سنڌ جي انتظامي ورڇ خلاف اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو.
• ڪراچي سنڌين جي ئي رهندي، سنڌي ڪڏهن به هندن جا غلام ناهن رهيا، هندستان مان ماڻهو پيرين اگهاڙي آيا هئا. صدر فيصلا مجبوريءَ ۾ ڪيا هوندا، پر حڪومت قلابازيون کائي ناهي هلائبي، ڪمشنري نظام جا حامي آهيون لڳي ٿو ته حڪومت کي هاڻي اسان جي حمايت جي ضرور ناهي، پر پوءِ به اسان سرڪار جو آخر تائين ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڪراچي کي ڪو صوبو نه پر گاديءَ جو هنڌ سمجهان ٿو، ملڪ جي گادي واري هنڌ کي پنجابي اسلام آباد کڻي ويا. سنڌ کي ڪنهن به صورتحال ۾ نه ورهايو ويندو ۽ جيڪو به سنڌ سان ظلم ڪندو، وقت اچڻ تي ان کي سزا ڀوڳڻي پوندي. سنڌين جي حالت سٺي نه هئي ته هندستان مان هتي آيلن جا حال به خراب هئا، ننڍن ماڻهن ننڍي ڳالهه ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گهر ڪئي. پير پاڳارو. ڪمشنري نظام ختم ڪري اسان وڏي غلطي ڪئي آهي: نبيل گبول. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف پهريون ڀيرو اهڙو ردعمل آيو آهي. (روزاني عوامي آواز)

9 آگسٽ 2011ع

• پيپلزپارٽي يوٽرن وٺڻ بند ڪري، ڪمشنري نظام جو خاتمو ان جي سڀ کان وڏي قلابازي آهي، قومپرستن جي هڙتال جي حمايت ڪريان ٿو. سنڌ ورهائي نه ٿي سگهجي، الله مهاجرن کي طاقت ڏني، پر ننڍو ذهن ننڍي ڳالهه ئي ڪندو: پير پاڳارو.
• پوليس ۽ قومي ڪارڪنن ۾ چڪريون، مختلف شهرن ۾ ڪريڪرن جا ڌماڪا، فائرنگ، بابر اعواڻ جي پتلن کي باهه. سنڌ ورهاڱو ۽ آمراڻو نظام رد ڪري ڇڏيو، تاريخي هڙتال، سوين گرفتار. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان انتظامي طور ڌار ڪرڻ ۽ صوبي مان ڪمشنري نظام جي خاتمي واري پ پ سرڪاري جي فيصلي خلاف قومپرست پارٽين جي سڏ تي سنڌ مڪمل بند رهي، ڦيٿو به نه ڦريو. ڪراچي جون سنڌي وسنديون مڪمل بند رهيون، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، گهوٽڪي، شهدادڪوٽ، خيرپور، دادو، ڪشمور، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، نوشهرو فيروز، جيڪب آباد ضلعن جا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. عمر ڪوٽ، مٺي، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، بدين، ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعا مڪمل بند رهيا، ڪراچي ۾ صفدر سرڪي جي اڳواڻي ۾ سچل ڳوٺ کان صفوران چورنگي تائين احتجاجي ريلي، حڪومت خلاف نعريبازي. مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند رهيا، ڪراچي، لاڙڪاڻي، عمرڪوٽ، شڪارپور، پڊ عيدن مان قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون، مختلف شهرن ۾ ٽائر ساڙي ڌرڻا هنيا ويا، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ نه ڏينداسين: ڌرتي ڌڻين جو وچن.
• مڪاني نظام لاڳو ٿيڻ بعد احتجاج جو جواز ناهي، قومپرستن جا خدشا ختم ڪبا، ڪراچي ۾ امن لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، لينڊ مافيا ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: منظور وساڻ
• پ پ اڳواڻن جي آفيسن تي به توا ٽنگيا ويا، عوامي ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان امير علي شاهه جي گهر تي ”غدار“ جي چاڪنگ. نويد قمر، مولابخش، زاهد ڀرڳڙي ۽ ذوالفقار مرزا جي گهرن ۽ آفيسن تي چوڙيون ۽ توا ٽنگيا ويا. قومپرست ڪارڪنن فهميده مرزا، مسعود آرائين، نجم الدين، سڪندر شورو، سرور سيال جي گهرن آڏو توا ٽنگي ڇڏيا. سيف الله ڌاريجو ۽ ڄام مهتاب ڏهر جي گهرن اڳيان توا ٽنگڻ جي ڪوشش تي پوليس ۽ مڇريل ماڻهن ۾ چڪريون.
• سنڌي ادبي سنگت سنڌ ورهاڱي جي سازش خلاف مزاحمت ڪندي. سنڌ جي وحدانيت کي خطري واري ڪنهن فيصلي کي قبول نه ڪيو ويندو: مشتاق ڦل. اقتدار جي نشي ۾ ٻڏل حڪمرانن کي اکيون پٽڻ گهرجن: بيان. سنڌي نياڻين پاڻ ساڙڻ جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو. مشرف جي بلدياتي نظام خلاف ادبي سنگت پاران اڄ مظاهرن جو اعلان. سنگت جي مرڪزي سڏ تي اڄ لاڙڪاڻي ۾ ڀرپور مظاهرو ڪيو ويندو: عبدالقادر جاگيراڻي. سنڌ کي جيترو نقصان موجوده حڪومت پهچايو آهي اوترو ڪنهن آمر به نه پهچايو آهي. (روزاني عوامي آواز)

10 آگسٽ 2011ع

• سنڌ ۾ نوان صوبا نٿا ٺاهي سگهجن، ٻٽي نظام خلاف احتجاج جائز هو. (اياز امير) سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل قانونن کي مڊنائيٽ آرڊيننس ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي، گورنر غير آئيني ڪم ڪيو: قومي اسيمبلي ۾ تقريرون. مشرف جو بلدياتي نظام به قبول ناهي، ڪراچي جا اصولي وارث سنڌي آهن، رات جي اونداهي ۾ سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل بل ۽ ايڪٽ مليا ميٽ ڪيا ويا، نئون آرڊيننس جاري ڪري سنڌين کان حق کسيا ويا. پ پ ايم اين اي ظفر شاهه ٻٽي نظام خلاف واڪ آئوٽ ڪري ويو، رات جي اونداهي ۾ سنڌ کي انتظامي طور ورهايو ويو، اسان ڪنهن کي به سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪرڻ نه ڏينداسين: ظفر شاهه. ڪراچي ۾ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ لاش ڪيرايا ويا، سنڌ جي ٻين صوبن سان ڀيٽ ڪرڻ ٺيڪ نه آهي، اتان جا ماڻهو صوبي سان انتها تائين پيار ڪن ٿا، ٻٽي نظام خلاف احتجاج حڪمرانن کي جهڪائي ڇڏيو: نواز ليگ جو اياز امير. ڪراچي ۾ حڪومت سچائي ڏيکاري ته ٽن ڏينهن ۾ امن ٿي ويندو، هاڻي مفاهمت جي سياست نه پرايڪشن جي ضرورت آهي، 5 هزار اهڙا گهر آهن، جتي هٿيارن جا ڍير پيل آهن، بنا ڪنهن انعام جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: نبيل گبول. (روزاني ڪاوش)
• ڪمشنري نظام کي بهتر سمجهون ٿا پر اتحادي ڌر جي مطالبي ڪري ماڻهن جون جانيون بچائڻ لاءِ ائين ڪيو: شرجيل ميمڻ ۽ نديم ڀٽو. ”ڪراچي ۽ حيدرآباد کي انتظامي طور الڳ ڪرڻ فني غلطي هئي“ سنڌ حڪومت معافي وٺي ڇڏي. 2001ع وارو لوڪل گورنمينٽ جو نظام سڄي سنڌ ۾ لاڳو ٿيڻ گهرجي ها، سنڌ جي عوام جي احتجاج بعد 24 ڪلاڪن اندر ائين ڪري ڇڏيو. اسان کي خبر آهي ته ماڻهو ڊپٽي اسپيڪر ڪيئن بڻيا هئا، ڪجهه ماڻهو جمهوريت خلاف سازش ڪري رهيا آهن، قومپرست دوست آهن. شهري دهشتگردن سان به هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ ڳالهائي رهيا آهيون، ڌاڙيلن سان به ڳالهيون ڪنداسين: ٻن صوبائي وزيرن جي پريس ڪانفرنس.
• اي اين پي ميمبرن ۽ پ پ جي ظفر علي شاهه جو سنڌ ورهاڱي خلاف قومي اسيمبليءَ مان واڪ آئوٽ، سنڌين جو احتجاج جائز هو، لاشن جي سياست بند ڪئي وڃي: نواز ليگ. سنڌ ورهائڻ خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ احتجاج، مشرف جو نظام ۽ ورهاڱو رد. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي صورتحال تي بحث، آرڊيننس جون فيڪٽريون هلايون وڃن ٿيون، ڪمشنري نظام جو خاتمو قبول ناهي: اي اين پي ميمبر. سنڌي سنڌ سان پيار ڪن ٿا، ان کي ورهائڻ جي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي، ضروري ناهي ته پنجاب ۾ صوبو ٺهي ته سنڌ ۾ به ٺاهيو وڃي: نواز ليگ ميمبر. ڪراچي جي حالتن تي ڳڻتي آهي، لساني ورڇ ختم ڪرڻي پوندي، حڪومت مفاهمت کي ڇڏي ڪارروائي ڪري ته ٽن ڏينهن ۾ امن ٿيندو ۽ ٽارگيٽ ڪلرز ملڪ ڇڏي ويندا: پ پ ميمبر. ڪراچي ۾ سوات طرز آپريشن سان امن ٿيندو (ق ليگ ميمبر) ڪراچي جا وارث سنڌي آهن، سڀني پارٽين کي امن لاءِ گڏجڻ گهرجي: قومي اسيمبلين ميمبرن جي تجويز.
• مڪاني ادارن وارو موجوده نظام بهتر ناهي: نثار کهڙو. قانون اسيمبلين ۾ ٺهندو آهي، سنڌي عوام جو اعتراض ٻڌي سگهجي ٿو: صحافين سان ڳالهيون. سنڌ جي انتظامي ورهاڱي ۽ ناظمي نظام بابت ٻنهي آرڊيننس تي سخت قانوني اعتراض. سنڌ گورنمينٽ رولز آف بزنس 1986ع پارٽ ون، رول 13 تحت آرڊيننس جا مسودا ڪابينا مان منظور نه ڪرايا ويا. ڇا رولز آف بزنس جي لاڳاپيل قاعدن تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويو؟ قانوني حلقن جو سوال. ٻئي آرڊيننس جاري ڪرڻ وقت سنڌ جي رولز آف بزنس جي پوئواري نه ڪئي وئي. هن وقت لاڳو ڪيل مڪاني ادارن واري نظام جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي. ماهرن جي راءِ. آڌي رات جو پراسرار سرگرمين ذريعي آرڊيننس ڪيئن ٿو جاري ڪري سگهجي؟ سياسي حلقن جو سوال. پيپلزپارٽي ۾ همت نه هئي ته پوءِ ان کي ڪمشنري نظام لاڳو نه ڪرڻ گهرجي ها: شاهي سيّد. مڪاني نظام سنڌ تي آپگهاتي حملو آهي، قومپرستن سان سهڪار جاري رهندو: اي اين پي.
• عوامي ردعمل جاري، وڌيڪ پ پ اڳواڻ جي گهرن تي توا ٽنگجي ويا، بابر اعواڻ جو علامتي جنازو. ٺٽي ۾ عوام رستن تي اچي ويو، ايم اين اي واحد سومري جي گهر جو گهيرو، چوڙيون به اڇلايون ويون. ٺارو شاهه ۾ ٻٻر ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاج، عبدالحق ڀرٽ جي گهر ٻاهران توي جو تحفو ڏنو ويو. گلشن حديد ۽ وارهه ۾ بابر اعواڻ جا جنازا ڪڍي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، پتلي تي پادرن جو وسڪارو.
• حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مظاهرو، حڪومت جي علامتي جنازي نماز، ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي: ليکڪ. سنڌ ورهائڻ خلاف اديب به عوامي احتجاج ۾ شامل، هر واهڻ وستي ۾ مظاهرا، ڌرڻا. سياسي پارٽين ڪراچي، گهاري، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، وارهه، دادو، راڌڻ، ميهڙ، شڪارپور، ڪنري، ڄام نواز علي، نئين ڪوٽ ۾ مظاهرا ڪيا. نواب شاهه، جيڪب آباد، ٺل، تنگواڻي ۽ مٽياري ۾ احتجاج، جسقم، ايس ٽي پي، جسم، پ پ (ش ڀ) جا ڪارڪن رستن تي رهيا، سخت نعري بازي. پني عاقل، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، گهوٽڪي، ٺٽي، نوشهري فيروز، قاضي احمد، ڪڪڙ، ناٿن شاهه ۾ قلم ڌڻي سراپا احتجاج،هڪ ڏينهن لاءِ به سنڌ کي ورهائڻ معافي لائق ناهي: اديب.
(روزاني عوامي آواز)

11 آگسٽ 2011ع

• سنڌ ۾ ٻٽي نظام تي وفاقي ڪابينا ۾ صوبي سان لاڳاپيل وزيرن سخت اعتراض ناهن اٿاريا، سنڌ جي ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ترميمون ڪري سگهجن ٿيون. فردوس عاشق اعواڻ. ”بابر اعواڻ جو وائسراءِ جيان اعلان قبول ناهي“ سنڌ سان لاڳاپيل وفاقي وزيرن جو وزيراعظم آڏو احتجاج. صدر پاران اڄ ايوان صدر ۾ اجلاس طلب. وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران سنڌ سان لاڳاپيل وفاقي وزيرن، وزيراعظم کان ملاقات لاءِ ڌار وقت گهريو، جنهن ۾ وزيرن سخت احتجاج ڪندي چيو ته بابر اعواڻ فارمولا قبول ناهي، اسان کي سنڌ ۾ پنهنجن گهرن ۾ به وڃڻو آهي. سنڌ جي ماڻهن ۾ تاثر آهي ته بابر اعواڻ وائسراءِ بڻجي سنڌ آيو ۽ سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ويو، اهڙي اعلان بعد سنڌ ۾ سخت احتجاج ٿيو: مولابخش چانڊيو جو موقف. سنڌ ۾ 2 نظامن واري مامري تي سنڌ واسين جي شديد ردعمل تي ڌيان ڏنو وڃي (خورشيد شاهه) سنڌ جي ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي، (غوث بخش مهر) اڄ صدر وٽ سنڌ جي وفاقي وزيرن جي گڏجاڻي رکي ويندي: وزيراعظم. پ پ صوبائيت، صوبي يا مخصوص علائقن جي فلاسافي تي يقين نٿي رکي پاڪستان جو مفاد اوليت آهي، جيڪو ٿيو اهو غلط ٿيو، سنڌ جي ورهاست کي ڪو به سنڌي برداشت نٿو ڪري سگهي، ڪراچي صوبو ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ٿو ڪري سگهجي، ڪراچي صورتحال تي سڀ پريشان آهيون: وفاقي وزير قانون. سنڌ ۾ 2 نظام لاڳو ڪرڻ سان صدر ۽ پ پ جي ساک متاثر ٿي: تمام غلط فيصلو ڪرايو ويو، شهرن ۽ ٻهراڙين کي ورهائڻ باهه ڏيڻ واري ڳالهه هئي: نادر مگسي. (روزاني ڪاوش)
• سنڌ بچايو ڪميٽي عدالتي محاذ لاءِ مجيب پيرزادي ۽ بئريسٽر ضمير گهمري کي ذميواريون ڏئي ڇڏيون، 48 ڪلاڪن ۾ پٽيشن داخل ٿيندي. قومپرستن پاران ناظمي نظام چئلينج ڪرڻ لاءِڪميٽي قائم، اي اين پي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي. حيدرآباد ۾ ڪميٽي جو اجلاس، اهم فيصلا، واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن سان هڙتال جي ڪاميابي لاءِ رابطن جو فيصلو، هڙتال پُرامن هوندي، طاقت استعمال ٿي ته منهن ڏينداسين: حيدر شاهاڻي. جلال شاهه جي شاهي سيّد سان ملاقات، جماعت اسلامي به هڙتال جي حمايت ڪئي، سنڌ جي وجود سان هٿ چراند برداشت نه ڪئي ويندي، ناظمي نظام جي خاتمي تائين احتجاج ڪبو: جلال شاهه. قومپرستن جو تاريخي ساٿ ڏيڻ چاهيون ٿا، سنڌي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪن (شاهي سيّد)، حڪومتي قدمن خلاف درخواست تيار ڪري رهيا آهيون، غير آئيني قدم جو مقابلو ڪبو: مجيب پيرزادي جون صحافين سان ڳالهيون.
• وفاقي ڪابينا جو اجلاس، سنڌي وزيرن سنڌ ۾ ناظمي نظام رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ نويد قمر، مولابخش چانڊيي ۽ خورشيد شاهه ڪمشنري نظام جي خاتمي ۽ بلدياتي نظام لاڳو ڪرڻ واري معاملي تي اعتراض واريا. سنڌي وزيرن جي اصرار تي وزيراعظم جي ساڻن ڌار ملاقات، مشورو ڪرڻ بنا وفاق مان ٻيا وزير سنڌ موڪلي فيصلا ڪيا وڃن ٿا، ان تي سنڌي عوام ۾ تاءُ آهي. سنڌ ۾ پ پ جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي (سنڌي وزيرن جو موقف) صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري خدشا ختم ڪندس: وزيراعظم جي وزيرن کي خاطري. سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي حوالي سان سخت ردعمل نه آيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ.
• ڪراچيءَ ۾ آپريشن ٿيڻ گهرجي، مڪاني نظام واري ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي. پ پ پ ايم اين ايز. لطيف کي مرشد مڃيندڙ احتجاج ڪن، انڪار جونتيجو پاڻ سمجهون ٿا: بشير قريشي. سنڌ جا حقيقي پُٽ ڇنڇر تي هڙتال ڪن، قوم دشمن فيصلا رد ٿيندا: قومپرست قيادت. متحده ۽ ن ليگ سان نه ڳالهائينداسين، گوڏا کوڙيندڙن تي ملامت ٿي رهي آهي: جلال شاهه. ايم ڪيو ايم کي سياسي ويڳاڻپ ۾ قومپرست ياد ايندا آهن، رياض چانڊيو.
• سنڌ ۾ ٻن نظامن واري فيصلي سان صدر ۽ پ پ کي وڏو ڌڪ رسيو: نادر مگسي. صدر کان اهو فيصلو ڪرايو ويو، اسان سان مشورو ڪري ها ته ايئن نه ٿئي ها. پ پ قيادت جي غلط فيصلي سبب وڏو ردعمل سامهون آيو، هاڻ صورتحال کي منهن ڏينداسين.
• ناظمي نظام جي بحالي لاءِ پ پ سنڌ سان ڪا به صلاح نه ڪئي وئي: تاج حيدر. فيصلو حيران ڪندڙ هو، متحده سان ڳالهين ۾ خورشيد شاهه ڪميٽي جو نالو نه هجڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي. 2001ع وارو مڪاني نظام پارلياماني نظام جي ابتڙ آهي، عوام جو چونڊيل يوسي ناظم فنڊن لاءِ ضلعي ناظم جو محتاج هجي ٿو. پ پ حڪومت امن جي خواهش ۽ مفاهمت لاءِ فيصلو واپس ورتو، هاڻ ٻيون پارٽيون به ڪم ڪن: تاج حيدر جو انٽرويو ۾ اظهار.
• قومپرست عوام جي اکين ۾ ڌوڙ پيا وجهن، قادر مگسي نواز شريف کي ٽوپي پارائي، پليجي ان جي آجيان ڪئي. ڪمزور نه سمجهيو وڃي، اسان به قومپرستن ڏانهن 50 هزار ماڻهو موڪلي سگهون ٿا: جلال شاهه جڏهن ڊپٽي اسپيڪر هو ته هن ڪهڙا قانون پاس ڪرايا هئا؟ قومپرستن مشرف خلاف ڇو نه تحريڪ هلائي هئي. عوام پ پ سان گڏ آهي، قومپرست ته هڪ سيٽ به نٿا کٽي سگهن: شرجيل ميمڻ
• بابر اعواڻ سنڌ ۾ تماشو لڳرايو، پنجاب مان بسترا گول ڪري: صوبن جي ڊمانڊ ٻڌي بابر اعواڻ بسترا گول ڪري، اي اين پي جي مطالبي تي جواب ڏيڻ کان گهٻرائي پيو. (راڻا ثناءُ الله) اسان ڪارڪنن کي اجازت ڏني ته ڪوڙا قومپرست گهرن کان ٻاهر نه نڪري سگهندا، قومپرستن جو بدتميزيءَ وارو احتجاج ختم نه ٿيو ته پ پ ڪارڪنن به چوڙيون ناهن پاتيون: زاهد ڀرڳڙي. قومپرست هاڻي سنڌ لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن، سنڌ جو عوام ڄاڻي ٿو ته سنڌ جا غدار ڪير آهن، ڀتي خور ۽ بليڪ ميلر ڪڏهن کان ڌرتي جا سڄڻ ٿيا؟ پ پ کي ڪمزور بنائڻ قومپرستن جي وَس جي ڳالهه نه آهي، قومپرستن کي خبردار ڪيون ٿا ته پنهنجي ڪارڪنن تي ڪنٽرول ڪن، ٻي صورت ۾ اسان جا ڪارڪن به جواب ڏيڻ ڄاڻن ٿا. اسان عوام کان معافي ورتي آهي، ڌاڙيل ڌريون اڄ پاڻ کي سنڌ جو سڄڻ چوائي رهيون آهن. پ پ ۽ سنڌ جو عوام لازم ملزوم آهن. پليجو گروپ سدائين ايجنسين جي هٿن جو رانديڪو بڻيل هوندو آهي، سنڌ جي امن لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، امان الله سيال ۽ ٻيا اڳواڻ. (روزاني عوامي آواز)

12 آگسٽ 2011ع

• اهڙو ڪو ڏوهه ناهي ڪيو جو معافي وٺون، مڪاني ادارن بابت نئون قانون ترميمن سان گڏ منظور ڪرايو ويندو: آئين ۾ ضلعي حڪومتون جوڙي سگهجن ٿيون، مون اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي ته آئين ۾ ضلعي حڪومتن جي گنجائش ناهي، اسان جا پتلا اهي ساڙي رهيا آهن، جيڪي شڪست کاڌل آهن. اسان جي ڳالهين وسيلي مڪاني ادارن جو نئون سرشتو آڻڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جون ڪوششون پيون ٿين، جن سان اسان جي ڳالهين ڪرڻ تي اعتراض ڪيا پيا وڃن، اعتراض ڪندڙن به انهن سان ڳالهيون ڪيون هيون. جيڪي هن وقت گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن ناظمن ۽ ضلعي حڪومتن وارو نظام لاڳو ٿيڻ جي ڪڏهن به مخالفت يا احتجاج نه ڪيو، هنن جو مقصد اسان جي سرچاءُ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اهو طئي ٿيل آهي ته مڪاني ادارن وارو نئون نظام آڻڻ کانپوءِ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون وينديون، اسان سدائين چيو آهي ته ضلعي حڪومتن واري نظام عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو. ڪمشنري نظام جي خاتمي جو آرڊيننس ان ڪري لاڳو ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به پارٽي يا ڪميونٽي جي دل آزاري نه ٿئي، سنڌ سرڪار قومپرستن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر اهي نياپن باوجود ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن: وڏو وزير قائم علي شاهه جي پريس ڪانفرنس. ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ وارو مطالبو رد، ضلعي حڪومتن جو آرڊيننس 2001ع جي بحالي وارو بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو: ذريعا.
• سنڌ بچايو ڪاميٽي وفد جي جلال شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڳاري سان ملاقات. قومپرستن جي موقف سان متفق آهيون، هڙتال جي حمايت نه ٿو ڪريان، ناظمن جو نظام ناڪام ثابت ٿيو، قومپرستن جا هم خيال آهيون هم حال نه. پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو آهي، اهي قلابازين جي پيداوار آهن. مهاجر صاحب بهادر ٿي بعد وڏي شيءَ حاصل ڪري پئي سگهيا، پر ننڍو ذهن وڏي ڳالهه نه سوچيندو. پاڳارو. سنڌ جي وحدت کي ڪوبه نقصان ٿيو ته سڀ گڏ هونداسين: جلال شاهه. سنڌ تي قبضي جي سوچ رکندڙ پنهنجي دماغ مان هوا ڪڍي ڇڏين: بشير قريشي. (روزاني ڪاوش)
• قومپرستن جي موقف جي حمايت ڪريان ٿو پر هڙتال جي حمايت نه ڪندس، ان سان قوم جو نقصان ٿئي ٿو (ف ليگ سربراهه پاڳارو) سنڌ پاڳارو آهي پاڳارو سنڌ آهي: بشير قريشي. اين پي پي ۽ سني تحريڪ طرفان به هڙتال جي حمايت، پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي ويو: پاڳارو. ”بزرگن قربانيون ڏنيون، هاڻي مان قربانيون وٺندس، مفادپرست آهيان“ موقف تبديل ڪرڻ واري سوال تي پير پاڳاري جو جواب. پيپلزپارٽي کان رات پيٽ ۾ فيصلو تبديل ڪرائڻ تي حيرت ٿي آهي (ابراهيم جتوئي)، ليبر پارٽي طرفان 13 آگسٽ تي صنعتي علائقن ۾ هڙتال ڪرائڻ جو اعلان. سنڌ جي وحدانيت خلاف هر فيصلي جي مزاحمت ڪنداسين، ڪراچي پنجن ضلعن ۾ ورهائي، حيدرآباد جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي: جلال شاهه.
• پ پ طرفان قومپرستن جي احتجاج کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو فيصلو، ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ مظاهرن ۽ ريلين جو اعلان. قومپرستن سنڌ کي نقصان رسايو، غلطي ناهي ڪئي ته معافي ڇو وٺون؟ قائم علي شاهه. مون ڪراچي الڳ لکي ناهي ڏني، اهو الزام بي بنياد آهي، سنڌ ۾ ڪا به بغاوت ناهي، باقي تاثر اهڙو ڏنو پيو وڃي، سڄي صوبي ۾ هڪ نظام لاڳو ڪيو آهي. اسان حق جو فيصلو ڪيو، پ پ جو موقف آهي ته اهڙو نظام آڻجي جيڪو گهڻن ماڻهن کي قبول هجي، قومپرست شڪست کاڌل آهن ۽ اسان حڪومت ۾ ڄميا ويٺا آهيون. مشرف دور ۾ قومپرستن تحريڪ ڇو نه هلائي هئي، بيان به نه ڏنا ويا هئا، ان وقت اهي ڪٿي هئا، قانون انسان ٺاهيندا آهن، ترميم ڇو نٿي ڪري سگهجي: پريس ڪانفرنس. پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ به ميمبر سنڌ کي ٻن نظامن ۾ ورهائڻ جي مخالفت نه ڪئي، مڪاني نظام بابت ٿيل فيصلن بابت بريفنگ، احتجاج لاءِ هدايتون جاري.
• سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف عوام جو شاندار ردعمل آيو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس. حڪمران پارٽي جو عوامي احتجاج کي صرف قومپرستن جو عمل سڏڻ غلط آهي. پ پ به انتظامي ورهاڱي خلاف ٿيندڙ عوامي احتجاج جو حصو رهي آهي، ڀٽو / لوهاڻو.
• سنڌ جا فيصلا مقامي قيادت ڪندي، اسلام آباد مان هاڻي ڪو به ماڻهو نه ايندو: آصف زرداري. صدر قومپرستن جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، ناظمي نظام سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جو فيصلو. مڪاني ادارن وارو موجوده نظام قبول نه هوندو. ڪمشنري نظام بحال ڪيو وڃي: پ پ سنڌ جا وفاقي وزير. سنڌ کي نقصان پهچائيندڙ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو: صدر جون اجلاس ۾ ڳالهيون.
• عوامي تحريڪ سڀاڻي واري هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ سرگرم. ڪارڪن قومپرستن جي سڏ کي پنهنجو سمجهي ڪامياب ڪن: اياز لطيف. نواز ليگ پنهنجن ميمبرن کي سنڌ جي ورهاڱي بابت بيان بازي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو 12 مئي جي دهشتگردي ۽ سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ پنجاب جي مفاد پرست ٽولي خلاف به احتجاج ڪرڻ جي صلاح.
• سنڌ جي ورهاڱي ۽ مڪاني نظام خلاف هڙتال جي ڪاميابي لاءِ دردر مهم، گڏجاڻيون. لاڙڪاڻي ۾ ماڻهن سان ملاقاتون ڪري هڙتال ڪامياب ڪرڻ جي اپيل، گهوٽڪيءَ ۾ قومپرستن جي گڏجاڻي. سکر ۾ هڙتال جي ڪاميابيءَ لاءِ حڪمت عملي جوڙِي وئي، جيڪب آباد ۾ ڪاميٽيون قائم. سنڌ جي ورهاڱي ۽ قومي وحدت کي خطرن خلاف جيئي سنڌ محاذ جون ريليون، مظاهرا. جسم جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر برڪت جتوئي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. (روزاني عوامي آواز)

13 آگسٽ 2011ع

• ايم ڪيو ايم ڪمشنري نظام جي حمايت ڪري، کين سمجهڻ گهرجي ته اهو نظام سندن ڀلائي ۾ آهي، ناظمي نظام پويان وڃڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان متحده ۽ مهاجرن کي ٿيندو: ڪمشنري نظام بحال نه ٿيو ته وڏي رتوڇاڻ ٿيندي: پيرپاڳارو. فنڪشنل ليگ سربراهه سان اي اين پي وفد ۽ محمد علي دراني جي ڌار ڌار ملاقات، مڪاني نظام واري آرڊيننس جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان. ناظمي نظام جو مخالف ۽ ڪمشنري نظام جو حامي آهيان، آرڊيننس اسيمبليءَ ۾ آيو ته فنڪشنل ليگ حمايت نه ڪندي، حڪومت جا قدم متحده خلاف آهن. ڪراچي ۾ وڌيڪ ماڻهو مرندا ته فوج ايندي، فوج ۽ قميص وارا هڪٻئي کي دشمن سمجهن ٿا، تاريخ گواهه آهي غدار سنڌ ۾ نه پنجاب ۾ وڌيڪ آهن: ميڊيا سان ڳالهيون.
• ناظمي نظام جي بحالي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، پٽيشن داخل، هڙتال پُر امن آهي، حڪمران گهرو ويڙهه چاهين ٿا: قومپرست قيادت. سنڌ ورهائڻ خلاف اڄ هڙتال، ڪيترن ئي شهرن ۾ وڳوڙ، باهيون، پوليس جو ڪريڪ ڊائون. بس مالڪن جي تنظيم، واپارين، ڪاروباري شخصيتن، سياسي سماجي ڌرين، اديبن ۽ ليکڪن هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ به اڄ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جو اعلان. حيدرآباد شهر مڪمل طور ويران، روڊ ۽ رستا سنسان، سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي به ٽرانسپورٽ، بند ٽن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ٽائر ساڙيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ هوائي فائرنگ، سکر ۾ قومپرستن جي گهرن تي ڇاپا.
• ڪراچي ۾ جوهر، سچل ڳوٺ، پهلوان ڳوٺ، صدر ۾ فائرنگ ۽ وڳوڙ، 5 ڄڻا قتل، 8 گاڏين کي باهه، تشدد ٿيو ته ذميوار حڪومت هوندي (جلال شاهه) پ پ عقل کان ڪم وٺي: صفدر سرڪي. دشمن جي للڪارن جو گڏجي مقابلو ڪيو وڃي (ڊاڪٽر قادر مگسي) چيف جسٽس بل رد ٿيڻ جو نوٽيس وٺي (اياز لطيف پليجو) اڄ ڪاروبار بند رکيو وڃي: سنڌ بچايو ڪميٽي.
• ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد اڄ گاڏيون بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومپرستن جي هڙتال سان تعلق ناهي، تحفظ نه هجڻ سبب گاڏيون نه هلائينداسين. بلوچستان نيشنل پارٽي اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي. سنڌي عوام سان يڪجهتي لاءِ هڙتال ۾ سموري طاقت سان گڏ شرڪت ڪنداسين: بهرام خان. قومپرست ڪارڪن اخبارن جي رسد ۾ رنڊڪ نه وجهن: جلال شاهه. ”سنڌين ۽ بلوچن جا مفاد ساڳيا آهن.“ حئي بلوچ طرفان هڙتال جي حمايت. (روزاني عوامي آواز)

14 آگسٽ 2011ع

• ناظمي نظام خلاف فيصلو اچي ويو، سڄي سنڌ ۾ تاريخي هڙتال، ڌرڻا. فائرنگ ۾ 3 ڪارڪن مارجي ويا، سوين گرفتار. قومپرست جماعتن جي ”سنڌ بچايو ڪاميٽي“ جي سڏ کي سنڌي ماڻهن ڀرپور موٽ ڏيندي ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ کي بند رکيو. ڪراچي مڪمل طور بند،هينڊ گرنيڊ حملن ۾ اي اين پي جا 2 ڪارڪن مارجي ويا، ٻن گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون ۽ مختلف علائقن ۾ قومپرستن جي ريلين تي فائرنگ. گلشن اقبال ۾ جسقم جي ريلي تي فائرنگ ۾ جسقم ڪارڪن سميت 2 ڄڻا زخمي. ڪراچي بندرگاهه جو ڪم رڪجي ويو، 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به تاريخ جي ڪامياب هڙتال، ڦيٿو به جام، نسيم نگر چوڪ تي قومپرست پارٽين جا ڌرڻا- قومي ڪارڪنن قاسم آباد باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. حيدرآباد ۾ سٽي گيٽ هوٽل لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن دلشاد ابڙو شهيد، سندس ڀاءُ سميت 4 زخمي، ڪارڪن جو لاش رکي ٿاڻي آڏو ڌرڻو، رينجرز ۽ پوليس سان چڪرين ۾ 6 زخمي ٿي پيا، سنڌ رزرو پوليس جي بس کي باهه، مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي، 35 ڪارڪن گرفتار. سکر ضلعي جا ننڍا وڏا شهر بند رهيا، وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ ۽ شٽر ڊائون، اسڪولن ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ، جسقم ۽ ٻين پارٽين جا ڌرڻا، ڪريڪرن جا ڌماڪا ۽ هوائي فائرنگ، 7 ڪارڪن گرفتار، ضلعي جي ٻين شهرن ۾ به ڪاروبار بند. دادو ۾ ڪاروبار بند رکي 500 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن ڌرڻو هنيو، ڄامشوري، سيوهڻ، نوري آباد، ڀان سيد آباد، سيتا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ علامتي جنازا کنيا ويا ۽ پتلا ساڙيا ويا، ننڍي وڏي شهر ۾ احتجاج، ميرپورخاص ضلعو به مڪمل طور بند رهيو، عمر ڪوٽ ۾ 4 ڪارڪن گرفتار، ڄامشوري ۾ آئل ٽينڪر کي باهه. ٿرپارڪر ۾ مڪمل شٽر ڊائون، ايس ٽي پي جا 11 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ مٽياري ضلعن جا شهر به بند رهيا ۽ ڪارڪنن ڌرڻا هنيا، بدين ۽ ٺٽي ۾ به تاريخي احتجاج ڪيو ويو، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن جي علائقن ۾ هڙتال، سانگهڙ شهر کليل رهيو. ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ، جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين قومپرست جماعتن توڙي مذهبي جماعتن جو احتجاج، عام ماڻهو به مظاهرن ۾ شريڪ، نوابشاهه ۾ پوليس سان چڪرين ۾ 5 ڪارڪن زخمي، قمبر ۽ ڪشمور ضلعن سميت مختلف ضلعن ۾ پتلن کي باهيون ڏنيون ويون، ڪراچي کي 5 ضلعن ۽ حيدرآباد کي هڪ ضلعي واري حيثيت ڏيڻ جا مطالبا.
• قومپرستن طرفان قومي يڪجهتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ ڪارڪن جو قتل ڪيس وزيراعليٰ تي داخل ڪرائڻ جو اعلان. ڪامياب هڙتال حڪومت خلاف عوام جو ريفرنڊم آهي، عوام پ پ کي ڏنل مينڊيٽ واپس ورتو آهي: سنڌ بچايو ڪاميٽي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پُر امن ڪارڪنن تي گوليون وسايون ويون: جلال شاهه جي صفدر سرڪي، ايوب شر ۽ ٻين سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس. ڪمشنري نظام بحال ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کي 5 ضلعن ۽ حيدرآباد کي هڪ ضلعي واري حيثيت ڏني وڃي. احتجاج جاري رهندو: ڊاڪٽر قادر مگسي. ايس ٽي پي جي ڪارڪن دلشاد ابڙو کي شهيد ڪيو ويو آهي. 3 ڏينهن سوڳ ملهائينداسين، ايس ٽي پي چيئرمين جي نياز ڪالاڻي، روشن ٻرڙو، اظهر جتوئي ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس.
• پيپلزپارٽي هاڻي وڌيڪ وقت حڪومت ڪرڻ جو جواز وڃائي چڪي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي اصل حالت ۾ بحال نه ڪيو ويو ته هيءَ هڙتال شروعات آهي: اياز لطيف پليجو. سنڌ جي عوام ڪراچي کان ڪشمور تائين تاريخي هڙتال ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي، پ پ جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي: بشير قريشي.
• قومپرستن سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون، نه ته صورتحال ٻي هجي ها: وساڻ. پُر امن احتجاج سڀني جو حق آهي پر گاڏين کي ساڙڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ هڙتال دوران هنگاما ڪرڻ تي 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو اٿئون. (روزاني ڪاوش)
• بلدياتي نظام وارو بل اتحادين سميت سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، تڪڙ نه آهي، قومپرستن کي هڙتالن مان ڪجهه نه ورندو، حڪومت مدو پورو ڪندي: قائم علي شاهه. سنڌي قوم فيصلو ڏئي ڇڏيو، ڌرتيءَ مٿان ڪک به سهڻ کان انڪار، ڪراچي ۾ قومپرستن کي پهريون ڀيرو تاريخي موٽ. سنڌ جي ورهاڱي ۽ ناظمي نظام خلاف تاريخي هڙتال، هڪ ڪارڪن شهيد، 250 گرفتار. قومپرستن جي اتحاد سنڌ بچايو ڪميٽي جي سنڌ کي ڀرپور موٽ، هر ننڍو وڏو شهر بند، ڦيٿو به ڦريو، ڪارڪنن جا مظاهرا، پتلن کي باهه، علامتي جنازا ڪڍيا ويا. سنڌ جو گاڌيءَ وارو شهر مڪمل طور بند رهيو، جوهر ۾ حملي ۾ جست جا 15 ڪارڪن زخمي، ملير به بند، ريليون. ايم اي جناح روڊ تي نياڻين جو ڌرڻو. حيدرآباد به سڄو بند، اردو ڳالهائيندڙن به سڏ ورنايو، وڳوڙين ۽ رينجرز هڪ هڪ ڪارڪن ماريو، پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي، نئين ديري، نواب شاهه، خيرپور، شهداد ڪوٽ ۾ به هڙتال. عمرڪوٽ ۾ 5، مٺي 12، ٺل 10، سکر 30، ڪنڌرا 10، اوٻاوڙو 3، لکي ۾ 2 ڪارڪن ڪامياب هڙتال تي گرفتار، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ۾ لساني پارٽي جي آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه. باڊهه، جيڪب آباد، خان پور، شڪارپور، ڏهرڪي، گمبٽ، سڳيون، نوشهري فيروز، ڪوٽ لالو، سيٺارجا، سوڀيديري ۾ به شٽر بند، خانواهڻ ۾ شهرين کليل اڪيلو دڪان به بند ڪرايو. مدئجي، تلهار، عثمان شاهه هڙي، گهوڙا ٻاري، هالاڻي، ڍوري ناري، سن، ٽنڊي الهيار، شهداد ڪوٽ، جوهي، صالح پٽ، سجاول جوڻيجي، شهدادپور ۾ نه ڦيٿو ڦريو ۽ نه ڪاروبار هليو.
• ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ حيدرآباد ۾ دهشتگردن ۽ رينجرز هٿان ايس ٽي پي ڪارڪن شهيد، 7 زخمي. هيرآباد ۾ ريلي تي سنڌ جي ويري وڳوڙين جي فائرنگ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو ڪارڪن دلشاد ابڙو شهيد ٿي ويو، 4 زخمي ٿي پيا. ساڳئي علائقي ۾ ايس يو پي ڪارڪن وسيم جهتيال ۽ عبدالرزاق به زخمي، اسپتال داخل، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پهتا، واقعي جي مذمت. ڀٽائي ننگر باءِ پاس وٽ فائرنگ ۾ ايس يو پي ڪارڪن ارباب قمبراڻي شهيد، خالد چنو زخمي ٿي پيو، ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش.
• ڪامياب هڙتال مشرف جي مڪاني نظام خلاف عوامي ريفرنڊم ثابت ٿي، قوم کي مبارڪون ڏيون ٿا: جلال شاهه. سنڌ بچايو ڪميٽي 21 آگسٽ تي ڪراچي ۾ قومي يڪجهتي ڪانفرنس ڪوٺائي ورتي. پر امن هڙتال ۽ مظاهرن تي حملا ڪري پر تشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 200 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ايس يو پي سربراهه. حملن ۽ گاڏين ساڙڻ ۾ ايم ڪيو ايم جون يونٽ ۽ سيڪٽر آفيسون استعمال ڪيون ويون آهن: ڊاڪٽر صفدر سرڪي. ايس ٽي پي جي شهيد ڪارڪن دلشاد ابڙي جو قتل ڪيس وڏي وزير، ايم ڪيو ايم جي مقامي اڳواڻن ۽ پوليس اهلڪار خلاف داخل ڪرڻ جو فيصلو. سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان مڪاني نظام جو بل پيش ٿيڻ واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي گهيراءُ جو اعلان. قومپرستن گورنري، وڏ وزارت يا زمين ناهي گهري، ڪمشنري نظام، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اصل شڪل ۾ بحالي جو مطالبو ڪيو آهي: قادرمگسي. سڄي سنڌ مان 250 ڪارڪنن کي تشدد ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪامياب هڙتال ثابت ڪيو ته حڪمران نا اهل آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني نطام جي بل جي حمايت ڪندڙ ميمبرن جي گهرن آڏو احتجاج ڪري توا ٽنگيا ويندا، سنڌ بچايو ڪميٽي جي اجلاس بابت بريفنگ. (روزاني عوامي آواز)

25 آگسٽ 2012ع کان - 15 ڊسمبر 2012ع

---

25 آگسٽ 2012ع

وڃان مان وڪامي، اهو ڪيئن ٿيندو؟
قبوليان غلامي، اهو ڪيئن ٿيندو؟
ڪو ڏيئو ته ناهيان جو هڪ ڦوڪَ سان،
وڃان مان اُجهامي، اهو ڪيئن ٿيندو؟
(اُستاد بخاري)

جيڪي به غدار ٿيندا، سي شرمسار ٿيندا،
هٿ هٿ ۾ سڀ ملايو، ٻيڙائي پار ٿيندا،
نيتون جي صاف ٿينديون، سنڌ ۾ سُڪار ٿيندا.
ڪرتوت تُنهنجا سڀ آخر آشڪار ٿيندا،
ڌن تي وڪيائون، جيجل سي داغدار ٿيندا،
سوچيو نه هو ته هي سڀ ڄڻ گندگار ٿيندا،
جيڪي نه سچ چوندا ڌرتي تي بار ٿيندا،
اي سنڌ! تون سڏي ڏس سر ڌرتي کان ڌار ٿيندا.
(سعيد ميمڻ)
****************************************************************************
وڏي وزير جي گورنر سان ملاقات، مڪاني نظام بابت رهيل شقن تي ڳالهيون، جلد معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق. ڪراچي هڪ ضلعو هوندو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اختيار ميئر حوالي. پ پ ۽ متحده ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪراچي کي هڪ طاقتور ميئر جي ماتحت ڪرڻ تي اتفاق. 5 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪميٽيون به ڪم ڪنديون رهنديون. اجلاس ۾ وڌيڪ 10 شقن تي اتفاق ڪيو ويو، ٻئي ڌريون پنهنجين پارٽين جي اجلاسن ۾ ڊرافٽ تيار ڪري ايندڙ ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ آخري شڪل ڏيڻ لاءِ پيش ڪنديون. 5 ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن به ڪم ڪنديون رهنديون، اهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ ترميم نه ڪرڻي پوي: آغا سراج دراني. (روزاني عوامي آواز)

03 سيپٽمبر 2012ع

• سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ، اي اين پي، اين پي پي ۽ ٻين اتحادين سان مشاورت لاءِ وڏي وزير جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني ڪاميٽي قائم. عام چونڊن کان اڳ مڪاني چونڊون ٿينديون، سنڌ ۾ نئين بلدياتي نظام لاءِ ٻن مهينن ۾ بل پاس ڪرايو: صدر. صدارتي ڪئمپ آفيس بلاول هائوس ۾ پ پ سنڌ جي ڪور ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن صدر سان ملاقات ڪئي، نئين مڪاني نظام، ترقياتي رٿائن ۽ ڪراچي جي امن امان جي صورتحال تي غور. سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام تي مشاورت تيز ڪئي وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي مان ايندڙ ٻن مهينن اندر بل جو مسودو منظورڪرايو وڃي، ضرورت پئي ته مڪاني نظام آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪريو. (روزاني ڪاوش)

4 سيپٽمبر 2012ع

 سنڌ ۾ مشرف وارو ناظمي نظام ٻيهر آڻڻ لاءِ پ پ ۽ متحده ۾ ڳالهيون، آرڊيننس آڻڻ جا امڪان. ايم ڪيو ايم طرفان پ پ کي چتاءُ ڏنو ويو ته اڄ رات تائين سنڌ لاءِ مڪاني ادارن جو نئون نظام لاڳو نه ڪيو ويو ته حڪومت ڇڏي نواز ليگ سان گڏ اپوزيشن ۾ ويهي سگهي ٿي: ذريعا. صدر زرداري اهڙي چتاءَ بعد پ پ ڪور ڪاميٽي جي هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي، گورنر هائوس ۾ به اجلاس، پ پ جي اڪثر اڳواڻن جو صوبائي کاتا مڪاني ادارن کي منتقل نه ڪرڻ تي ضد. ايم ڪيو ايم مطالبو رکيو آهي ته سنڌ ۾ پرويز مشرف واري ختم ٿيل ناظمي نظام کي ئي ڪجهه تبديلين سان ٻيهر صوبي ۾ لاڳو ڪيو وڃي: ذريعا. گورنر هائوس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري قانون ۽ ٻين لاڳاپيل ڪامورن به شرڪت ڪئي، پوليس ۽ روينيو کي ڇڏي ٻيا کاتا ضلعي حڪومت کي منتقل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. تعليم، صحت، سماجي ڀلائي، زراعت ۽ ٻيا کاتا ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ قائم ٿيندڙ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن کي ڏيڻ تي به اتفاق. گورنر هائوس ۾ گڏجاڻيءَ کانپوءِ پ پ اڳواڻن جي سي ايم هائوس ۾ هڪ الڳ گڏجاڻي به ٿي، وڏي وزير ۽ گورنر به صدر سان ملاقات ڪري نئين مسودي تي ڳالهيون ڪيون، رات دير سان مسودو فائنل ٿي ويو: ذريعا.
 مون ۽ الطاف اتحاد جي سفر جي شروعات ڪئي آهي اهو ايندڙ نسل تائين برقرار رهندو. متحده ۽ اي اين پي وفدن جون صدر سان ملاقاتون، نئين مڪاني نظام تي سڀني اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي: صدر. بلاول هائوس ۾ ملاقات دوران متحده وفد امن امان، ترقياتي رٿائن ۽ مڪاني ادارن جي فنڊن ۾ کوٽ بابت آگاهي ڏني. وفد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوريءَ تي ڳڻتي کان صدر کي آگاهه ڪيو، نئين مڪاني اداري جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. متحده سان اتحاد ايندڙ چونڊن بعد به برقرار رهندو، ڪجهه ڌريون اتحاد کي ناڪام بڻائڻ گهرن ٿيون، جيڪي ناڪام ٿينديون، اي اين پي اتحادي آهي، مڙني فيصلن ۽ پاليسين جي جوڙجڪ ۾ مشاورت جو سلسلو جاري رهندو. صدر. (روزاني ڪاوش)
 صدر زرداريءَ سان گڏجاڻي کان پوءِ متحده اڳواڻن جي گورنر هائوس ۾ وڏي وزير ۽ پ پ جي ڪور ڪميٽي ميمبرن سان ملاقات به نتيجو نه ڏئي سگهي. اهم کاتا مڪاني حڪومت حوالي ڪرڻ جو ضد، پ پ ۽ متحده ۾ ڳالهين جا ڪيترائي دور ناڪام. سنڌ ۾ خودمختيار مڪاني نظام قائم ڪري تعليم، صحت، رٿابندي ۽ ترقي ۽ زرعي کاتي سميت مالي معاملا ان حوالي ڪرڻ جو شرط، ڳالهين جي بي نتيجي رهڻ جو سبب بڻيو. صدر زرداريءَ طرفان ڪور ڪميٽيءَ کي نئين مڪاني نظام جو مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ۽ متحده سان گڏجي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي خواهش جو اظهار. متحده پيپلزپارٽي تي واضح ڪري ڇڏيو ته پوليس ۽ روينيو کاتن مان ان بنياد تي هٿ ڪڍي سگهون ٿا ته باقي سمورا کاتا مڪاني حڪومت حوالي ڪيا ويندا. پ پ نئين مڪاني نظام جي قيام لاءِ نئون آرڊيننس آڻڻ لاءِ قانون واري وزارت جي عملدارن کي رات دير تائين آفيسن ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. (روزاني عوامي آواز)

5 سيپٽمبر 2012ع

 ايم ڪيو ايم طرفان پنهنجو قانوني مسودو ۽ تجويزون جيئن جو تيئن منظور ڪرائڻ جو ضد. پ پ جا ف ليگ ۽ ٻين اتحادي جماعتن سان رابطا. پ پ کي متحده جي قانوني مسودي تي اعتراض، نئين مڪاني نظام لاءِ آرڊيننس جاري نه ٿيو. نئين مڪاني نظام کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ پ پ ۽ متحده ۾ اڱاري ڏينهن به ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جو موقف قبول نه ڪيو. ڪنهن به نتيجي تي نه پهچڻ بعد ٻنهي حڪمران جماعتن جا الڳ الڳ اجلاس، پ پ طرفان نئون مڪاني نظام سڀني ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو هئڻ تي زور. ايم ڪيو ايم ۽ گورنر هائوس جا ذريعا ميڊيا کي بار بار آرڊيننس جاري ٿيڻ جا اطلاع ڏيندا رهيا، رات دير تائين آرڊيننس جاري نه ٿيڻ تي متحده قيادت وري گورنر هائوس پهچي وئي. (روزاني عوامي آواز)

6 سيپٽمبر 2012ع

 پ پ مڪاني ادارن کي مڪاني حڪومتن جو درجو ڏئي 4 کاتا منتقل ڪرڻ تي راضي. نئين نظام جو مسودو اڄ فائنل ٿيندو. پير مظهر فنڪشنل ليگ، اي اين پي ۽ مسلم ليگ (ق) کي بريفنگ ڏني. پرائمري تعليم، بنيادي صحت ۽ ضلعي روڊ مڪاني حڪومتن کي ڏبا: پير مظهر. سردار احمد ۽ پير مظهر ۾ به ملاقات: متحده 2001ع واري قانون ۾ ڪجهه ترميمن تي راضي، سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺبو: وزيراعليٰ هائوس جي پڌرائي.
 نئون مڪاني نظام سنڌ جي مفادن ۾ هوندو، پ پ جا در کليا آهن، ايندڙن جي آجيان ڪبي. اسان مڪاني نظام لاءِ عوامي جذبن، 2001ع ۽ 1979ع ۾ ڪيل تجربن ۽ پارٽي منشور کي سامهون رکيو آهي، متحده بعد ٻين اتحادين سان ڳالهائبو. ڪارڪنن توڙي عهديدارن کي پارٽي جا فيصلا قبول ڪرڻا پوندا، کين ڊسيپلين جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏبي. ايندڙ عام ۽ مڪاني چونڊن ۾ پارٽي اميدوارن جو فيصلو پ پ قيادت ۽ پارٽي پاران جوڙيل اليڪشن بورڊ ڪندو، قياس آراين کان پاسو ڪيو وڃي. قائم علي شاهه.
 نئون مڪاني نظام سنڌ ورهاست جي سازش آهي، بدلياتي قانون تي رات جو فيصلا ٿيڻ تي دنيا حيران آهي: شاهي سيّد. مڪاني نظام سان سنڌ جي ورهاست جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: عاجز ڌامراهه. نئين مسودي جي ڪاپي ناهي ملي، نقطا ڏنا ويا آهن، مسودي جو شق وار جائزو وٺنداسين، جنهن ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي سگهن ٿا: پير پاڳارو.
(روزاني ڪاوش)

7 سيپٽمبر 2012ع

• نئين مڪاني نظام جو مسودو فائنل، ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنون جڙنديون، ڪمشنري نظام به برقرار رهندو. نئين مڪاني نظام تحت ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن قائم ٿينديون، ڪراچي جا 5 ئي ضلعا پڻ برقرار رهندا، ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي پراڻي نظام تحت 18 ٽائون بحال ٿيندا. ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز جا ادارا خودمختيار هوندا، جن جا سربراهه ميئر ۽ ڊپٽي ميئر هوندا، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر، روينيو، امن امان ۽ ٻيا انتظامي معاملا سنڀاليندا، مڪاني نظام ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حوالي هوندو. تعليم، صحت، بلڊنگ ڪنٽرول، آبادي جي ڀلائي سميت ڪجهه ادارا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي ٿي ويندا، ڪراچي کانسواءِ ٻين ڊويزنن ۾ ميونسپل ڪارپوريشنز ۽ ٽائون ڪاميٽيون به هونديون. ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ضلعي انتظاميا آڏو جوابده نه هوندا، اهي پنهنجين ڊويزنن ۾ ضلعي ڪائونسلن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ معاملن جي نگراني ڪندا. گورنر سنڌ پاران رات جو دير سان آرڊيننس جاري ڪرڻ جو امڪان، وزيراعليٰ هائوس ۾ ڳالهيون جاري، آرڊيننس جو نالو ’سنڌ پيپلز ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز آرڊيننس 2012ع‘ جي نالي سان هوندو. اتحادين سان سڀ معاملا طئي ٿي ويا آهن، سنڌ جي 5 ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن وارو نظام اچي رهيو آهي: اطلاعات جو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ.
• پاڳاري طرفان مڪاني نظام بابت سنڌ اسيمبلي جو اجلاس رڪيوزٽ ڪرڻ جي هدايت. پاڳاري ۽ غلام مرتضيٰ جتوئي ۾ ملاقات، سنڌ ۾ ايندڙ مڪاني نظام بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشن جو اظهار. وزيراعليٰ جا واعدا پورا نه ٿيا، هاڻي فنڪشنل ليگ هر آپشن تي غور ڪري رهي آهي: امتياز شيخ.
• نئون مڪاني نظام اسيمبلي مان پاس ڪر ايو وڃي: فنڪشنل / ق ليگ. نظام آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ سياسي ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي. موجوده ڪمشنري نظام هر صورت ۾ برقرار رهڻ گهرجي: ڄام مدد / شهريار مهر. (روزاني ڪاوش)
• شهيد ڀُٽي ملڪ ۾ جمهوريت آندي، ماضيءَ ۾ آرڊيننس جي نندا ڪندڙ پ پ هاڻ پاڻ جمهوريت کان انڪار ٿي ڪري. ف ۽ ق ليگ مڪاني نظام بابت آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو، اسيمبليءَ مان منظوري وٺڻ جو مطالبو. مڪاني نظام بابت بل اسيمبليءَ ۾ آندو وڃي، ان ۾ اسان جون تجويزون به شامل هئڻ گهرجن. پ پ سنڌ جو سودو ڪرڻ بند ڪري، سنڌي مشرف جو مڪاني نظام مڙهڻ خلاف جدوجهد ڪن. سنڌ اسيمبليءَ هوندي آرڊيننس ذريعي مشرف جو مڪاني نظام مڙهڻ هڪ وڏي سازش آهي. (روزاني عوامي آواز)

8 سيپٽمبر 2012ع

• مڪاني آرڊيننس صوبي جي وسيع تر مفاد ۾ نافذ ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن اتحادي ڌر کي ڪو خدشو آهي، انهي کي دور ڪيو ويندو: قائم علي شاهه. آرڊيننس اتحاد ۾ ڏارو جهي ڇڏيا، فنڪشنل ليگ، (ق) ليگ، اين پي پي ۽ اي اين پي سرڪار کان ڌار ٿي ويون، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج. پيرپاڳاري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اتحادين مڪاني آرڊيننس کي سنڌ ٽوڙڻ جي سازش قرار ڏيندي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، ڄام مدد علي، رفيق ٻانڀڻ، شهريار مهر، عابد جتوئي، امتياز شيخ، شاهد نظاماڻي، خادم حسين آرادين ۽ نور حسن خاصخيلي جون استعيفائون پير پاڳاري حوالي. (ق) ليگ جي هڪ وزير شهريار مهر جي استعيفا، صلاحڪار حليم عادل شيخ فيصلي کي سندس ذاتي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو، اسان کي تحفظات ضرور آهن، رپورٽ مڪاني قيادت حوالي ڪئي اٿئون، حڪومت ڇڏڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو: حليم عادل. اي اين پي جي صوبائي وزير امير نواب پنهنجي استعيفا وزيراعليٰ حوالي ڪري ڇڏي، فيصلو مرڪزي قيادت جي حڪم تي ڪيو اٿم، اسان کي پ پ جي ڪٺ پتلي بڻجڻ جو ڪو شوق ڪونهي: امير نواب. ڪراچي سميت 5 ضلعن ۾ هڪڙو نظام ۽ باقي 18 ضلعن ۾ ٻيو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌ هڪ آهي ته پوءِ نظام به هڪ ئي هلندو، فنڪشنل ليگ جي سيڪريٽري جنرل امتياز شيخ جي پريس ڪانفرنس. حڪومت جي اتحادي پارٽي اي اين پي پارليامينٽ جي هلندڙ اجلاسن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي سنڌ حڪومت کان به الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ (ق) به قومي اسيمبلي ۾ سخت احتجاج ڪيو. بلدياتي آرڊيننس جاري ڪري سنڌ کي ورهائڻ لاءِ لڪيرون ڪڍيون ويون آهن، رڳو جناح پور يا ٻيو ڪو نالو رکڻ باقي آهي، آرڊيننس سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي: اين اين پي. رات جي اونداهي ۾ سنڌ اندر آيل بلدياتي آرڊيننس جي مذمت ڪريون ٿا (جي يو آءِ) جمهوري حڪومت ۾ قانونسازي اسيمبلين ۾ ٿيڻ گهرجي: فنڪشنل ليگ.
• سنڌ ۾ نئون مڪاني نظام لاڳو، ڪراچي جا 18 ٽائون بحال، پرائمري تعليم سميت ڪيترائي کاتا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن حوالي. پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع تحت ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنون قائم، باقي ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسلون، ڪمشنر به قائم رهندا. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جون حدون پراڻي شهري حڪومت واريون هونديون، جيڪا سڄي ڪراچي ڊويزن تي ٻڌل هوندي، 5 ضلعا ۽ ميونسپل ڪارپوريشنون ختم ڪري 18 ٽائون ۽ 178 يوسيز بحال ڪيون ويون. صوبائي حڪومت جي پرائمري تعليم ۽ بنيادي صحت سميت ڪيترن ئي کاتن جون ذميواريون ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميئرز وٽ هونديون ۽ لاڳاپيل آفيسر ميئر وٽ رپورٽ ڪندا. سنڌ حڪومت جي منتقل ٿيل انهن کاتن جو صوبي اندر هڪ ئي وقت ٻٽو انتظامي نظام قائم ٿي ويندو، ڪراچي واٽر بورڊ ۽ بلڊنگ ڪنٽرول جا معاملا ڪراچي جي ميئر حوالي. نئين نظام کي اٽڪل هڙئي اهي معاملا منتقل ڪيا ويا آهن، جيڪي مشرف دور ۾ شهري سرڪار ۽ ضلعي حڪومتن وٽ هئا، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي نالي تي متوازي حڪومت ٺهندي: ذريعا. پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي ۽ ان جي تعين جو اختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنن حوالي هوندو، بي ايڇ يوز، آر ايڇ يوز، چائلڊ هيلٿ ۽ امن امان جا ڪجهه معاملا به نئين نظام کي ڏنا ويا.
• نئون آرڊيننس سنڌ جي مفاد ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ آهي، سڀني کي مبارڪون هجن: صدر آصف ۽ توهان جيڪو ويزن ڏنو آهي، ان تحت ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعلي ٰ جون الطاف سان ڳالهيون. اوهان ضعيف العمري ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان لاءِ اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: الطاف حسين.
• نئون نظام ٻهراڙين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ آهي: ناراض اتحادين کي پرچائي وٺنداسين، عام چونڊون التويٰ ۾ نه وينديون. خورشيد شاهه.
• سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع، حيدرآباد ضلعو ٻن نظامن ۾ ورهايو ويو، شهري ٽائونن تي اتحادي ڌر جي مستقل حڪمرانيءَ جو رستو صاف. پرويز مشرف دور ۾ حيدرآباد ضلعي کي چئن ضلعن ۾ ورهايو ويو، نئين آرڊيننس تحت هاڻوڪي ضلعي کي انتظامي طور ٻن نظامن ۾ ورهايو ويو. 1979ع واري نظام ۾ ضلعي ڪائونسل ٻهراڙي توڙي شهري تعلقن کي ڏسندي هئي، هاڻ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر جي چونڊ ٽن تعلقن جي 12 يوسيز جا نمائندا ڪندا. ضلعي ڪائونسل جي چونڊ صرف حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جا چونڊيل نمائندا ڪندا، هڪ ئي ضلعي ۾ ميٽرو پوليٽن ۽ ضلعي ڪائونسل جو نظام هلندو. نئين نظام تحت پوليس ۽ روينيو کانسواءِ سمورا کاتا ميئر حوالي هوندا، ٻهراڙي جي چونڊيل نمائندن وٽ تعليم ۽ صحت سميت ٻيا کاتا نه هوندا. نئين مڪاني نظام سان ضلعي جا قديم سنڌي ڳوٺ ترقي کان محروم ٿي ويندا، هڪ ئي وقت ٻن نظامن سبب عملدار ساڳيا هجڻ ڪري مونجهارو به برقرار.
• سکر ميٽرو پوليٽن ٺهڻ بعد ضلعو شهر ۽ ٻهراڙي ۾ ورهائجي ويندو. روهڙي، صالح پٽ ۽ پنو عاقل تعلقا ضلعي ڪائونسل حوالي ٿيندا. ميٽرو پوليٽن ۾ سکر ۽ نيو سکر تعلقا هوندا، يوسيز برقرار رهنديون.
• آرڊيننس سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي، احتجاج ڪنداسين، رات جي اونداهيءَ ۾ انتهائي تڪراري آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ صوبو ڪنهن جماعت جي جاگير ناهي جو اها صوبي جي تقسيم ڪري. احتجاج لاءِ قومپرست جماعتن سان گڏجي حڪمتِ عملي جوڙي ويندي. چوڌري نثار.
• ”ڪهڙي آرڊيننس تي صحيح ٿي؟“ مسودو گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس وچ ۾ گم، صحافي ڳولهيندا رهيا. سي ايم هائوس مان تيار ٿي گورنر هائوس پهتل مسودو ڪجهه اعتراضن سان واپس. ڪجهه شقن جي وضاحت ۽ ٻوليءَ بابت اعتراضن سبب مسودو جاري ڪرڻ مسئلو بڻيل. 40 صفحن تي ٻڌل مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مڪاني ادارن ۽ قانون جا سيڪريٽري سرگرم رهيا. مسودي جي ڄاڻ ناهي (گورنر هائوس). مسودو ملڻ شرط ميڊيا کي جاري ڪبو: وزيراعليٰ هائوس.
• ميرپور خاص ميٽرو پوليٽن ۾ 2 تعلقن جون 10 يوسيز شامل ٿينديون. تعلقي ميرپورخاص جي 12 مان رڳو 4 يوسيز کي ٻهراڙي ۾ شمار ڪيو ويندو. 3 يوسيز تي ٻڌل حسين مري جون 3 مالدار ديهون ميٽرو پوليٽن جو حصو بڻبيون.
• ڪراچي جي ٻهراڙين وارين ڪائونسلن جا 5 ارب ڪي ايم سي وٽ هليا ويندا. نئين مڪاني آرڊيننس ۾ ٻهراڙي وارا علائقا ڪي ايم سي جو حصو بڻايا ويا. 1979ع جي نظام موجب تاريخي فارمولي تحت ٻهراڙي جي 9 يوسيز جو حصو ساڍا 6 ارب آهي.
• جي يو آءِ، جماعت اسلامي، نواز ليگ، پنجابي پختون اتحاد ۽ ٻين پارٽين پاران به آرڊيننس جي مخالفت. قومپرستن جو 13 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان، پاڳاري ۽ ٻين جماعتن جي حمايت. ڪراچي ۾ حيدر منزل تي ٿيل اجلاس ۾ جلال شاهه ، قادر مگسي، نياز ڪالاڻي، خالد محمود سومرو ۽ ٻيا شريڪ. پ پ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌ جي يڪجهتي ۽ سلامتي تي حملو ڪيو آهي: جلال شاهه / قادر مگسي. اسان آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا، سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏينداسين، پ پ آئين سان به غداري ڪئي آهي. 11 سيپٽمبر تي سپنا اجلاس طلب، 13 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال هوندي، 21 کان 24 سيپٽمبر تائين ڌرڻا هڻبا: اياز لطيف پليجو. مڪاني ادارا صوبائي معاملو آهي، گورنر کي سنڌ اندر نئون نظام لاڳو ڪرڻ جو حق ناهي: محمد ابراهيم جويو. نئون بلدياتي آرڊيننس 15 ڏينهن اندر منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو: سردار احمد.
• ٻٽو نظام لاڳو ناهي ڪيو، پوليس ۽ روينيو کاتا سنڌ سرڪار وٽ ئي هوندا: شرجيل / سراج در اني. سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع تحت 5 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن کي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو آهي: شرجيل. هن نظام ۾ وڌيڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنون قائم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، 18 ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسلون هونديون. ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز ۾ سول ادارا، پرائمري اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر ۽ ٻيا کاتا شامل آهن. آرڊيننس اڃا ڇپائي هيٺ آهي، ايڪٽ بدران آرڊيننس جاري ڪرڻ جو مقصد ان ۾ وڌيڪ تجويزون شامل ڪرڻ آهي: دراني. هن مڪاني نظام ۾ آئين جي آرٽيڪل 140-اي جو خيال رکيو ويو آهي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري مشاورت بعد ڪنداسين: ايم ڪيو ايم جو رضا هارون ۽ واسع جليل.
• (ق) ليگ اڳواڻ اعجاز علي شاهه شيرازي جي وڏي ۾ وڏي وزير سان ملاقات، مڪاني نظام واري آرڊيننس جي حمايت . نئون مڪاني نظام سنڌ جي وحدت تي وار آهي: عبدالحڪيم بلوچ.
• لاڙڪاڻي کي ميٽروپوليٽن سٽي جو درجو ملڻ بعد انتظامي اختيارن ۾ ڦير ڦار. نئين متعارف ڪرايل مڪاني نظام تحت شهري ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڪندا. ضلعي جي تعلقن ڏوڪري، باقراڻي ۽ رتوديرو جي ميونسپل جي حدن اندر سٽي جو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين هوندو. ٻهراڙيون پراڻي نظام جيان ضلعي ڪائونسل جي ماتحت هونديون ۽ ميمبر پڻ سڌي ريت چونڊيا ويندا. نئين نظام ۾ ڪي به نوان اختيار نه ڏنا ويا آهن، ميئر سميت سمورا ميمبر چونڊيل هوندا: اياز سومرو.
(روزاني ڪاوش)

9 سيپٽمبر 2012ع

 پوليس ۽ مئجسٽريٽ جا اختيار ميئر حوالي، جلسن جي اجازت به ميٽروپوليٽن سرڪار کان وٺڻي پوندي. پنهنجن حدن اندر جهيڙن کي روڪڻ لاءِ ميئر مئجسٽريٽ طور پوليس کي گهرائيندو، جلسن کي ڇڙو ڇڙوڇڙ ڪرڻ جا اختيار به سندس حوالي ٿي ويا. پرائمري تعليم، ماهيگيري، راندين، ثقافت، رٿابندي، ماليات ۽ ترقي سميت انفارميشن ٽيڪنالاجي جا معاملا ميٽرو پوليٽن سرڪار ڏسي سگهندي، تاريخي ماڳ به ميئر جي اختيار ۾ ڏنا ويا. ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي جي زمينن جا اختيار، عمارتن جي اڏاوت بابت قانونسازي ۽ رٿابندي به ميٽروپوليٽن سرڪار ڪندي، حد دخليون هٽائڻ سميت روڊ ۽ بجلي جا معاملا به ميئر ڏسي سگهندو. جلسن جلوسن جي اجازت ميئر حوالي ٿيڻ سبب مسلسل ٽڪراءَ جو خدشو، روينيو ۽ پوليس جا اختيار نه ملڻ واري دعويٰ غلط ثابت، علائقن جي ورهاست به ميٽروپوليٽن سرڪار ڪندي.
 مڪاني نظام مسئلن جي حل لاءِ لاڳو ڪيو، اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين: صدر زرداري. مڪاني نظام سان اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ٿيندي، جمهوريت جي استحڪام لاءِ سڀني سان گڏجي ڪم ڪيون پيا. ڪجهه ماڻهو سنڌ دوست نظام جي اجائي واويلا ڪن پيا، اهي امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا: الطاف حسين.
 شاهي سيّد وڏي وزير جي دعوت رد ڪري ڇڏي، پير پاڳاري سان ملاقات. لنڊن وارا پاڪستان کي ڇڏي اتان جي سياست ڪن، هڙتال ڪندڙ رابطو ڪن ته فيصلو ڪنداسين. رات پيٽ ۾ آرڊيننس جو ڇو فيصلو ڪيو ويو، اهو آمرن جو ڪم آهي: شاهي سيّد. استعيفائن جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي، واپس نه وٺنداسين: امتياز شيخ.
 الطاف جي ڌمڪين مان لڳي ٿو ته پ پ ۽ متحده نسلي وڳوڙ چاهين ٿيون، رات جي اونداهيءَ ۾ جاري ڪيل آرڊيننس جمهوريت جي علمبردار سڏرائيندڙ حڪمرانن جي پت وائکي ڪري ڇڏي. زرداري جي مفاهمتي پاليسي ان حد تائين پهچي وئي آهي جو حڪمران سنڌ ورهائڻ لاءِ به تيار ٿي ويا آهن. ايم ڪيو ايم نسلي جهيڙو ڪرائي سنڌ ورهائڻ چاهي ٿي، حڪمران سنڌ سان غداري پيا ڪن. سنڌي ماڻهو دهشتگردن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهن، تعلقي هيڊ ڪوارٽر سطح تي 13 سيپٽمبر تائين مظاهرن جو اعلان. قادر مگسي.
 قومپرستن جو ڪم نفرتون پکيڙڻ آهي، هڙتال ناڪام بڻائي وڃي: نواز ليگ ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ڪري پئي، خيبر پختونخواهه جا اڳواڻ سنڌ جو فڪر ڇڏي ڏين. مڪاني آرڊيننس جي مخالفت ڪندڙ جمهوريت کي بچايو ويندو، عوام جي حقن لاءِ وڙهندو رهندس: الطاف حسين جو اجلاس کي خطاب. مڪاني چونڊن خلاف هڙتال جي جماعت اسلامي حمايت ڪري ڇڏي. مڪاني آرڊيننس جو مقصد سنڌ تي متحده کي مڙهڻ آهي: منور حسن.
 مڪاني نظام تي پ پ ميمبرن به اعتراض واري ڇڏيا، پارٽي کي سنڌ ۾ نقصان ٿيندو. سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پ پ ميمبرن آرڊيننس تي خدشا ظاهر ڪيا. ملير ضلعو ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي جي ٻهراڙين کي نظر انداز ڪرڻ جا فيصلا درست نه ٿيا. (روزاني عوامي آواز)
 آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج، حڪومت اتحادين کي پرچائڻ ۾ ناڪام، ٽانگا پارٽيون مخالفت پيون ڪن: سنڌ سرڪار. گورنر آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ويڇا وڌائڻ جو قدم کنيو آهي، آرڊيننس آئين جي به خلاف آهي، فوري طور رد ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ کي استدعا. گورنر جو فنڪشنل ليگ سان رابطو، احتجاج بدران حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، نئون نظام عوام جي مفاد ۾ آهي، (عشرت العباد) سنڌ ۾ هڪ نظام چاهيون ٿا، توهان جو پيغام پاڳاري کي ڏينداسين: گورنر کي جواب. اي اين پي جي سينيٽرشاهي سيد جو وزيراعليٰ سان ملڻ کان انڪار، پاڳاري سان ملاقات، آرڊيننس کي واپس ورتو وڃي، استعيفائون واپس نه وٺنداسين، فيصلو جلد بازي ۾ ڪيو ويو: پيرپاڳارو. آرڊيننس آئيني آهي، جيڪو اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويندو، ان حوالي سان جيڪا پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي اها غلط آهي، پي رول تي ڪم ڪندڙن جي دٻاءُ ۾ نه اينداسين، پ پ سڀ کان وڏي قومپرست آهي: شرجيل ميمڻ، اياز سومرو ۽ رفيق انجنيئر.
 سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي سالياني بجيٽ منظور ڪرڻ وارن اختيارن تان به هٿ کڻي وئي. 2001ع ۽ 1979ع وارن مڪاني نظامن تحت لازمي هو ته ضلعي حڪومتون ۽ مڪاني ادارا بجيٽ حتمي منظوري لاءِ صوبائي حڪومت کي اُماڻيندا. صوبائي حڪومت کي 30 ڏينهن اندر اها بجيٽ منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻو هو. نئين مڪاني نظام ۾ صوبائي حڪومت جي انهن اختيارين جو ذڪر ناهي، مڪاني ادارا پاڻ پنهنجي بجيٽ تيار ۽ منظور ڪري سگهندا. مڪاني ادارن ۾ مالي وسيلن جي ورڇ لاءِ فنانس ڪميشن به جڙندي ناڻي وارو وزير ان جو چيئرمين هوندو.
 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنون ضلعي حڪومتن کان با اختيار هونديون، عوام کي صوبائي حڪومت ڏانهن وڃڻو ئي نه پوندو. ڪارپوريشنن کي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، صحت، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ورڪس، ماحوليات سوڌو 12 گروپن ۾ ورهايو ويندو. صوبائي حڪومتون ڪو آرڊينيشن، هيومن ريسورس مئنيجمينٽ، تعليم جي واڌاري وارا شعبا قائم ڪري ڏينديون، مختلف کاتن جي ڪنڪرنٽ لسٽ جاري. ميٽروپوليٽنز پنهنجن وسيلن مان انٽرپرائيزز، انويسٽمينٽ پروموشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا شعبا شروع ڪري سگهنديون. ميئر ۽ چيئرمين جي انتظامي مدد لاءِ ڊي سي اوز طرز تي چيف آفيسر مقرر ٿيندا، ميئر کي ٻه ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان هٽائي سگهبو.
 وڏو وزير ميئر يا چيئرمين کي معطل ۽ برطرف ڪري سگهندو. وزيراعليٰ پاڻ يا ڪنهن آفيسر ذريعي ميئر ۽ چيئرمين کي عملدار آمد لاءِ هدايتون جاري ڪندو. ميئر غائب ٿي وڃي ته حڪومت ڊپٽي ميئر کي قائم مقام ميئر جا اختيار ڏيندي. سٽيزن ڪميونٽي بورڊ، مصالحتي انجمنون ۽ انصاف ڪاميٽيون جڙنديون.

ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي جوڙجڪ هڪ نظر ۾

ڪو آرڊينيشن پرائمري تعليم
هيومن ريسوس مئنيجمينٽ لٽريسي ۽ فني تعليم
ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي جا ادارا ۽ زمينون بنيادي صحت مرڪز، چائلڊ ۽ وومين هليٿ
هائوسنگ ۽ اربن پلاننگ / فزيڪل پلاننگ ثقافتي مرڪز ۽ لائبرريون
لينڊ مئنيجمينٽ اسپورٽس بورڊ ۽ راندين جا ادارا
پبلڪ هليٿ انجنيئرنگ ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۽ اين جي اوز
واسا ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيون
ماس ٽرانزٽ، ٽرئفڪ انجنيئرنگ، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ، پارڪنگ ۽ فلاءِ اوور ماحوليات
ضلعي جا اندروني روڊ ۽ عمارتون متبادل توانائي
پراپرٽي ٽيڪس انفارميشن ٽيڪنالاجي (ڊولپمينٽ ۽ پروموشن) ۽ ڊيٽا بيس
انٽر پرائيزر ۽ انويسٽمينٽ پروموشن قانوني صلاحون ۽ ڊرافٽنگ
سول ڊفينس ان لينڊ فشريز
سٽيزن ڪميونٽي بورڊ مانيٽرنگ ڪاميٽيون، انصاف ۽ ايٿيڪس ڪاميٽيون

 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر ۽ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين اڻ سڌي چونڊ ذريعي چونڊبا. نئين نظام تحت ملازمن تي ٻڌل سروس گروپ به قائم ڪيو ويندو. (روزاني ڪاوش)

10 سيپٽمبر 2012ع

 مڪاني آرڊيننس جلد اسيمبلي ۾ آڻڻ ۽ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو، نظام عوام جي مفاد ۾ آهي: وڏو وزير. وزيرعليٰ هائوس ۾ اجلاس، وڏي وزير پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع بابت پارٽي پاليسي ۽ اعليٰ قيادت پاران ڏنل هدايتن متعلق اسيمبلي ميمبرن کي بريفنگ ڏني. فيصلو ڪيو ويو ته مڪاني آرڊيننس بابت سنڌ اسيمبلي جا پ پ ميمبر عوامي رابطا مهم شروع ڪندا، آرڊيننس کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بنا جواز اشو بڻايو ويو آهي: قائم علي شاهه. آرڊيننس جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي، جيڪي به تحفظات هوندا اهي دور ڪيا ويندا، جلد ئي آرڊيننس منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. مڪاني ادارن ۽ قانون وارن وزيرن به اسيمبلي ميمبرن کي بريفنگ ڏني، ٺهراءُ پاس ڪري آرڊيننس جي مڪمل حمايت ڪئي وئي آهي، آرڊيننس عوام جي مسئلن جو حل آهي: وزيراعليٰ هائوس جي پڌرائي. پ پ سان لاڳاپيل صوبائي وزيرن ۽ ميمبرن مڪاني آرڊيننس جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، اتحادين سان ڳالهيون ڪري انهن جا خدشا ختم ڪيا ويندا: سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير. آرڊيننس کي پڙهڻ بنا ان کي غلط چوڻ صحيح ناهي، اتحادي ۽ مخالفت ڪندڙ ڪا خرابي ٻڌائين ته آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي ويندي، سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ آرڊيننس جي لابنگ ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو.
 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر کي ڏنل اختيار قانون ۾ وڏي وزير کي به حاصل ناهن. ضلعي ڪائونسل کي ٽائون ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسل جا ٺهراءَ رد ڪرڻ جو اختيار، ميئر ٽي ايم ايز خلاف ڪاروائي به ڪري سگهندو. ڪراچي سميت 5 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن ۾ ضلعن جون ٽي ايم ايز ۽ يوسيز ميئر جي ڪنٽرول ۾ اچي وينديون. ڪراچي ۾ ٻهراڙي وارن علائقن جي ٽي ايم ايز سميت پٺاڻن ۽ ٻين آبادين جي چونڊجي ايندڙ چيئرمينن ۽ ڪائونسلن تي ميئر جو ڪنٽرول هوندو. ڪنهن يونين ڪائونسل ۽ تعلقي ڪائونسل جو ٺهراءَ رد ڪرڻ وارا مڪمل اختيار وڏي وزير کي حاصل ناهن، هو لوڪل گورنمينٽ ڪميشن کان پهرين جاچ ڪرائيندو.
 نئين نظام ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جو انتظامي ڪردار ختم. ڊپٽي ڪمشنر مقرر هجڻ باوجود غير جانبدار انتظامي سربراهه وارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا. پوليس کي استعمال ڪرڻ جا اختيار ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي حاصل هوندا. سول ڊفينس ۽ ٻين معاملن ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي حاصل اختيار هاڻي ميئر وٽ هوندا. ميئر پوليس وارا مليل اختيار سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا: قانوني ماهر.
 ميٽرو پوليٽن صوبائي سرڪار جي زمينن جي قسمت جا فيصلا ڪري سگهنديون. ڪارپوريشنون زمين جو ماسٽر پلان جوڙي لينڊ مئنيجمينٽ ڪري سگهن ٿيون. زوننگ جا اختيار ملڻ بعد ڪارپوريشنون واپاري مرڪز اڏڻ جي اجازت ڏئي سگهنديون: ماهر. سنڌ حڪومت پاران 27 شعبن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا اختيار ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي. نئين مڪاني نظام تحت پراپرٽي ٽيڪس، تعليم ۽ صحت سميت 27 شعبن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا اختيار. آرڊيننس ۾ ميٽرو پوليٽن ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ مخالف ڌر جي ڪردار بابت ڪا به شق شامل ناهي.
 قومپرست اجائي واويلا پيا ڪن 4 ڪريڪر ڦاڙي ڪير به هڙتال ڪرائي سگهي ٿو: خورشيد شاهه. آرڊيننس سبب امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي: فنڪشنل ليگ. بلدياتي آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي، مڪمل رد ڪريون ٿا: عمران خان. (روزاني ڪاوش)
 پ پ سنڌ جي پارليامينٽرين جو اجلاس. نئين مڪاني نظام جي مخالفن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حِڪمت عملي تيار. پير مظهر الحق جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع جي مڪمل حمايت جو اعلان ۽ بل جي شڪل ۾ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو. اجلاس ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن نئين آرڊيننس جي حمايت ۾ مهم هلائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، عوام سخت ناراض آهي: ميمبر. آرڊيننس جي حمايت ۾ مهم نه هلائيندڙ ۽ پارٽي قيادت جا حڪم نظر انداز ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪاروائي ٿيندي: صدر آصف علي زرداري جو پيغام. اڪثر ميمبرن کي اجلاس ۾ ڳالهائڻ ئي نه ڏنو ويو، کين هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 13 سيپٽمبر واري هڙتال کي ناڪام بڻائين: ذريعا.
 مڪاني نظام واري آرڊيننس خلاف هڙتال جي حمايت لاءِ قوم پرستن جو اي اين پي سان رابطو. هڙتال واري ڏينهن ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ۽ ڪنهن به باهه لڳائڻ جي واقعي لاءِ ذميوار متحده هوندي: شاهه محمد شاهه. 13 تي سيپٽمبر سنڌ ۾ ڪک به نه چرندو، الطاف بندوق جي زور تي ڳالهائي رهيو آهي: صحافين سان ڳالهيون.
 سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام خلاف ڌرتي ڌڻي طوفاني برسات ۾ به سراپا احتجاج. ڪراچي، سکر، نواب شاهه، نواب ولي محمد ۽ ڀٽ شاهه ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. ملير، دوڙ ۽ نئين ڪوٽ سوڌو ٻين شهرن ۾ سخت احتجاج، ڇتي نعريبازي. حڪمرانن اقتدار خاطر ڌرتي سان غداري ڪئي، کين تاريخ معاف نه ڪندي: اڳواڻ. (روزاني عوامي آواز)

11 سيپٽمبر 2012ع

 پ پ ۽ متحده قوم پرستن جي هڙتال دوران رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿيون: جلال شاهه. مڪاني حڪومت واري آرڊيننس خلاف اسان جي هڙتال پُر امن هوندي، رتوڇاڻ لاءِ ذميوار سنڌ حڪومت ۽ متحده هوندي. مارشل لا جيان رات جي اوندهيءَ ۾ آندل آرڊيننس کي قبول نٿا ڪريون، آرڊيننس ايترو ڀلو آهي ته سامهون ڇو نٿو آندو وڃي. آرڊيننس ذريعي پنهنجا ميئر مقرر ڪرڻ عام چونڊن لاءِ ڌانڌلين جي تياري آهي: پريس ڪانفرنس.
 مڪاني آرڊيننس رات جي اونداهيءَ ۾ ناهي آندو، اتحادين جي صلاح سان گهربل ترميم ڪري سگهجي ٿي، مظفر شجراع. (روزاني عوامي آواز)
 ”بلدياتي آرڊيننس نامنظور“ 13 سيپٽمبر واري هڙتال جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا ريليون: ڌرڻا. حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي طرفان ريلي، دستگير ڀٽي، ذوالفقار هاليپوٽو، عرفانه ملاح ۽ ٻيا شريڪ. ماتلي ۾ پ پ ڪارڪن به روڊن تي نڪري آيا، سخت نعريبازي، ملير ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو. ٽنڊو محمد خان، باڊهه، سنڌڙي، ٽنڊو غلام علي ۽ مقصودو رند ۾ مختلف سياسي تنظيمن مظاهرا ڪيا. آرڊيننس کي سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد سمجهندي ان کي سنڌ دشمن قرار ڏئي رد ڪريون ٿا: اڳواڻ.
 سنڌ واسي خميس تي هڙتال ڪري نئين نظام کي هلڻ نه ڏيندا: اياز لطيف. حڪمرانن سنڌ جي عوام جي ڏنل مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي. وزير ترقي جي نالي ۾ وڏا خواب ڏيکاري اصل حقيقت لڪائي رهيا آهن. ٻٽو نظام سازش آهي: صنعان قريشي.
 لطيف فائونڊيشن ۽ جسمم پاران ڀٽ شاهه تي امن ۽ رواداري ڪانفرنس ٿيندي. سنڌ دشمن آرڊيننس کي قبول نه ڪنداسين: رياض چانڊيو. 13 سيپٽمبر تي عوام روڊن تي نڪرندو ته حڪمرانن جون وايون بتال ٿي وينديون. دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي قوم امن پسند آهي: وقار شاهه.
 سنڌ کي اقتداري مفادن تان قربان ٿيڻ نه ڏينداسين: صفدر سرڪي. سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌين کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائي وڏي غداري ڪئي وئي آهي. ”سنڌ ۾ ٻٽو نظام نامنظور“ سنڌ جا فنڪار به هڪ ٿي ويا، خميس واري هڙتال جي حمايت.
 ٻٽي نظام کي اونداهي رات ۾ چورن وانگر آڻي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ايس - ٽي - پي
 بلدياتي نظام تي پ پ جا متحده سان گهڻا اختلاف هئا، قومپرستن پاران 13 سيپٽمبر واري هڙتال کي 12 مئي واقعي سان ملائڻ افسوسناڪ آهي. تاج حيدر. (روزاني عوام آواز)
 سنڌي ادبي سنگت پاران 13 سيپٽمبر واري هڙتال جي حمايت جو اعلان. نئين بلدياتي نظام ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي: سنڌ ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو آهي، اهڙي نظام کي شاعر، قلم ڌڻي ۽ فنڪار قبول نه ڪندا. ڊاڪٽر مشتاق ڦل.
 نوابشاهه: پ پ (ش ڀ) پاران نئين مڪاني نظام خلاف قومپرستن جي هڙتال جي حمايت. نئين مڪاني نظام جو مقصد سنڌ کي ورهائڻ آهي، ڪارڪن هڙتال ۾ ڀرپور سهڪار ڪن: تاج محمد ڊومڪي. سنڌ کان بلدياتي نظام ذريعي اختيار کسيا پيا وڃن: سرور سهتو. ٽنڊي محمد خان ۾ اي پي سي، نئون مڪاني نظام سنڌ ورهائڻ جي سازش قرار. هڪ سنڌ ۾ ٻه نظام نه هلي سگهندا، پ پ قيادت پاڻ کي غداري کان بچائي: اظهر جتوئي. پ پ ٽنڊو محمد خان جو اجلاس، نئين مڪاني نظام جي مخالفت، جمهوريت خلاف سازش قرار. (روزاني ڪاوش)

12 سيپٽمبر 2012ع

 هڙتال جو سڏ ڏيندڙ سنڌ جا خير خواهه نه آهن، شرجيل ميمڻ. سنڌ جا دعويدار سڏائيندڙ مشڪل گهڙي ۾ رليف فراهم ڪرڻ بدران هڙتال تي بضد آهن، ان تي افسوس آهي. هڙتالي عنصرن عوام جي ڪڏهن به داد رسي نه ڪئي آهي، عوام جا مسئلا هڙتال سان حل نه ٿيندا، دعويدار ڊرائنگ روم مان نڪري عوام جي مدد ڪن: بيان ۾ اظهار.
 ضلعي چيئرمين ميئرز جي ماتحت هوندا، آرڊيننس ۾ ترميم. پ پ ۽ متحده جي ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آرڊيننس جو جائزو وٺي ترميم ڪئي وئي، 18 ضلعا 5 ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جي ماتحت ٿي ويندا. ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي چيف ميٽرو پوليٽن آفيسر کي ضلعن جو انتظامي سربراهه بڻايو ويو. ترميم ٿيل مواد مليو آهي، پ پ خطرناڪ رستي تي سفر شروع ڪيو آهي، جيڪو سنڌ کي هاڃو رسائيندو: امتياز شيخ.
 مڪاني چونڊ زرداريءَ جي چال آهي، سنڌ جي معاملي تي قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، الطاف حسين جي بيانن کانپوءِ ايم ڪيو ايم سان جيتريون ڳالهيون ٿيون اهي ئي گهڻيون آهن. مڪاني نظام تي سنڌ ورهايل آهي، اهڙي ڪم جو ڪهڙو فائدو جنهن مان سنڌي عوام مطمئن نه هجي. نگران حڪومت اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان ٺهندي، عام چونڊن کان اڳ مڪاني چونڊن جو شوشو ڇو ڇڏيو ويو. نواز شريف.
 مڪاني آرڊيننس سنڌ دشمن ۽ ڪارو قانون قرار، ٻٽو نظام غداري آهيُ: امتياز شيخ. سڀاڻي واري هڙتال ڪامياب ڪرائڻ لاءِ چونڊيل نمائندا تڪن ۾ رهندا، سنڌ جي ورهاست قبول نه آهي. ميئر وٽ يوسيز جا ٺهراءَ رد ڪرڻ جو به اختيار آهي، وڏي وزير کان به ميئر وڌيڪ با اختيار آهي. حڪومت آرڊيننس واپس وٺي، پ پ ٻڌائي سنڌ جو اڃا ڪيترو سودو ڪندي: ڄام مدد جي پريس ڪانفرنس.
 ٻٽي نظام تي حڪمرانن سان ڳالهيون نه ٿينديون، مرحليوار تحريڪ هلائينداسين: پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سازش تحت نئون مڪاني نظام وارو آرڊيننس آندو آهي، ڪنهن کي به اڃا ڪاپي نه ملي آهي. سنڌ قومي وحدت ۽ هڪ صوبو آهي، ان ڪري نظام به هڪ هئڻ گهرجي، سنڌ جو عوام ٻٽو نظام قبول نه ڪندو. قادر مگسي. (روزاني عوامي آواز)
 خدشو آهي ته سڀاڻي واري هڙتال دوران 12 مئي جهڙو سانحو نه ٿئي: قادر مگسي. متحده ۽ پ پ شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙي ۾ جيالا گردي جو پروگرام رٿيو آهي. چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ گهرجي اسان پُر امن هڙتال جو سڏ ڏنو آهي: پريس ڪانفرنس.
 سنڌ جو غيرتمند پٽ ڪنڌ ڪپائيندو پر سنڌ ورهائڻ نه ڏيندو: حڪيم بلوچ.
 نئين مڪاني نظام تي خاموش رهندڙن کي تاريخ معاف نه ڪندي: تاج محمد ڊومڪي. سنڌ جو باشعور عوام هڪ صوبي ۾ ٻه نظام قائم ڪرڻ خلاف ٿيندڙ هڙتال کي ڪامياب بڻائي. حڪمران نئون مڪاني آرڊيننس جاري ڪري سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن: مجيد سيال.
 سنڌ ۾ مڪاني نظام واري آرڊيننس خلاف سڀاڻي هڙتال. ڪاميابي لاءِ سرگرميون، مظاهرا. مختلف شهرن ۾ قومپرست ۽ سياسي پارٽين جون گڏجاڻيون ٿيون، هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو.
 مڪاني نظام وارو آرڊيننس ختم نه ڪيو ويو ته نتيجن جي ذميواري رياست هوندي: صنعان قريشي.
 آرڊيننس واپس نه ٿيو ته ايم آر ڊي کان به وڏي تحريڪ شروع ٿيندي: زرداري ۽ سندس ساٿين سنڌ متحده حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن وقت هر سنڌي لاءِ ڌرتي بچائڻ اهم آهي. 13 سيپٽمبر تي سمورا سنڌي هڙتال ڪامياب بڻائين، ڪو به پوئتي هٽيو ته کيس سنڌي سڏائڻ جو حق ناهي. ممتاز علي ڀٽو.
 مڪاني آرڊيننس متحده جو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو پراڻو منصوبو آهي: ابرار قاضي. متحده سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۾ مصروف عمل رهندي پئي اچي، پ پ جا ويڪائو وڏيرا به شامل آهن. سنڌ جا وارث آهيون، 13 سيپٽمبر واري هڙتال جي حمايت ڪيون ٿا: حيدرآباد ۾ بريفنگ.
 هڙتال کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پاڻي نيڪال نه پيو ڪرايو وڃي، شڪارپور جا سياستدان. جي يو آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪن مڪاني نظام خلاف سڀاڻي ٿيندڙ هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺندا. خالد محمود سومرو. (روزاني ڪاوش)

13 سيپٽمبر 2012ع

 هڙتال جي حمايت واري فيصلي تي قائم آهيون: پاڳارو. فيصلو واپس وٺڻ جو حق فقط سنڌ بچايو ڪميٽي کي آهي. اي اين پي، ن ليگ ۽ جماعت اسلامي هڙتال جي حمايت واپس وٺي ڇڏي. ٽرانسپوٽرن طرفان گاڏيون هلائڻ جو اعلان، واپاري حالتن کي ڏسي فيصلو ڪندا.
 اڄ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هڙتال ٿيندي، وڳوڙن لاءِ ذميوار پ پ ۽ متحده هونديون: سنڌ بچايو ڪميٽي. جنرل ايوب، يحيٰ ۽ مشرف جي پيداوار اڄ پاڻ کي جمهوريت جا دعويدار ۽ آمرن جي ونگار وهندر پاڻ کي مالڪ پيا سڏائين. آرڊيننس ايڏو ئي ڀلو آهي ته پوءِ ان کي لڪايو ڇو پيو وڃي، چونڊيل نمائندا آرڊيننس کي منظور نه ڪن. سنڌي اڄ پنهنجو ڪاروبار بند رکن: ايس ٽي پي.
 رات جي اونداهيءَ ۾ آرڊيننس آڻڻ عوام سان مذاق آهي، ايوب، ضياءَ ۽ مشرف به ان نظام کي استعمال ڪيو: حسين هارون.
 ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي لاڳو ٿيندڙ مڪاني نظام قبول ناهي. شاهه محمد شاهه. هڙتال کان پوءِ سموريون سنڌ دوست ڌريون برسات متاثرن لاءِ ڪردار ادا ڪنديون. هڙتال دوران ڪو به واقعو ٿيو ته ذميوار الطاف حسين هوندو. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس. (روزاني عوامي آواز)
 بلدياتي نظام واري آرڊيننس خلاف سنڌ ۾ اڄ هڙتال، تياريون مڪمل، سرگرميون. سنڌ بچايو اتحاد جي سڏ تي هڙتال ڪئي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ گڏجاڻيون. هڙتال جي ڪاميابي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو، واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن سان ڪارڪنن جون ملاقاتون، هڙتال ڪامياب ڪرڻ جي اپيل. هڙتال جي فنڪشنل، ايم ڪيو ايم حقيقي، ڪراچي سٽي الائينس، اين پي پي ۽ ٻيون پارٽيون حمايت ڪري چڪيون.
 (ن) ليگ ۽ اين اين پي پاران هڙتال سڏ واپس وٺڻ جي اپيل، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف حمايت تان ڦري ويون. قومي سانحي سبب هڙتال جو سڏ واپس ورتو وڃي: شرجيل. (روزاني ڪاوش)

14 سيپٽمبر 2012ع

 مڪاني ادارن جي ضمني مسودي مان سٽيزن ڪميونٽي بورڊ قائم ڪرڻ جو سڄو باب خارج. مڪاني ادارن جي آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن جاري. سرڪار علائقي جي ماسٽر پلان واري اختيار تان هٿ کڻي وئي. سنڌ سرڪار پاران گزيٽ نوٽيفڪيشن واري مسودي ۽ ميڊيا کي اڳواٽ ڏنل بنا صحيح واري مسودي ۾ فرق ظاهر. گزيٽ نوٽيفڪيشن موجب ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز زمين جي استعمال جو ماسٽر پلان سنڌ سرڪار جي رهنما اصول تحت لاڳو ڪنديون. سنڌ سرڪارپوريشنز کان لينڊ يوز، ڪنٽرول ۽ لينڊ مئنيجمينٽ جا تجويز ڪيل اختيار واپس وٺي ڇڏيا. سومر تي ٿيل اتحادين جي گڏجاڻي ۾ وڏي وزير لينڊ مئنيجمينٽ لينڊ يوز ۽ ڪنٽرول جا اختيار ڪارپوريشنز کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي. سنڌ حڪومت جي روينيو وارن معاملن سان تعلق رکندڙ ماهرن زمين وارا اختيار ميٽرپوليٽن ڪارپوريشن کي منتقل ڪرڻ کي خطرناڪ قرار ڏنو. نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳ ۾ آرڊيننس جي صورت ۾ ڪيتريون ئي تبديليون مختلف شقن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ 10 سيپٽمبر تي ٿيل 11 ڪلاڪ ڊگهي گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته سي سي بيز جي ڪابه ضرورت ناهي: ذريعا.
 ايم ڪيو ايم جو سياسي ايڊمنسٽريٽر وارو مطالبو رد. ايم ڪيو ايم هڪ ئي وقت 2 عهديدار رکڻ واري شق خارج ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو پ پ قبول نه ڪيو.
 آرڊيننس جي 8 مان 7 شيڊيول اڃا تيار ئي نه ٿيا. گزيٽ نوٽيفڪيشن ۾ رڳو شيڊيول پهرئين جا تفصيل ڏنا ويا.
 مڪاني حڪومت جو چيف آفيسر پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر قرار. چيف آفيسر کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر قرار ڏيڻ سان ميٽروپوليٽن کي مڪمل مالياتي خود مختياري هوندي.
 سڄي سنڌ مڪاني ادارن جي تڪراري آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو، مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، مظاهرا، ڌرڻا، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، سوين گرفتار. حيدرآباد ۾ اڪثريتي علائقا بند، روڊ ويران، جسقم، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جست، جسمم، جسم، فنڪشنل ليگ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن جا مظاهرا، ڌرڻا، چڪريون، فائرنگ، زوري دڪان کولرائڻ جي ڪوشش 4 کان وڌيڪ زخمي، وڪيلن جو مظاهرو. سکر ۾ شٽرڊائون، روڊن تان ٽرئفڪ غائب، هڪ سياسي تنظيم پاران دڪان کولرائڻ جي ڪوشش، پوليس ۽ قومپرست ڪارڪنن ۾ جهڙپون، 10 کان وڌيڪ گرفتار، شادي پلي ۽ ڪنري ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. هالا، نيو سعيد آباد، مٽياري، اڏيرو لال، چمبڙ، کيبر، پليجاڻي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو قيصر، پنو عاقل، صالح پَٽ، باگڙجي ۾ مڪمل شٽرڊائون، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. عمر ڪوٽ ۾ هزارين حر روڊن تي نڪري آيا، سامارو، مٺي، ٿرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، چيلهار، دادو، ڀان سيد آباد، ڪي اين شاهه، جوهي، سيتا روڊ، ميهڙ، ڄامشورو، سيوهڻ، سن، مانجهند، نوري آباد ۾ هڙتال دوران ڪيترائي گرفتار. گهوٽڪي، ڏهرڪي، لاڙڪاڻو، قمبر، خانپور مهر، شڪارپور، شهدادڪوٽ، بدين، ميرپور خاص، سنڌڙي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، ڪوٽ غلام محمد ۾ هڙتال. ميرپور خاص ۾ ريلي تي هٿياربندن جي فائرنگ، عوامي تحريڪ جو ڪارڪن شهادت جروار مارجي ويو. ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ، صدر، شاهراهه فيصل، ڪشمير روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ جزوي، ملير، گلشن حديد، ڪاٺوڙ، گڏاپ، ايئرپورٽ، ماڊل ڪالوني ۽ ٻيا علائقا بند رهيا، خيرپور، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ٺٽو، سڪرنڊ، سانگهڙ، شهداد پور، جيڪب آباد ۾ هڙتال، مظاهرا، ڌرڻا، فائرنگ.
 هڙتال ريفريندم آهي، آرڊيننس واپس نه ورتو ويو ته تحريڪ هلائينداسين: قومپرست. ميرپورخاص ۾ شهيد ٿيل عوامي تحريڪ جي ڪارڪن شهادت جروار ۽ زخمين جو ڪيس پ پ ۽ ايم ڪيو ايم خلاف داخل ڪيو وڃي: جلال شاهه. عوام حڪومت جي سازشن ۽ تشدد باوجود ڪامياب هڙتال ڪري آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو. قادر مگسي. هڪ ڪارڪن شهيد ۽ 325 گرفتار ڪيا ويا آهن، اڄ سوڳ ملهائبو، 20 سيپٽمبر کان ڌرڻا هڻنداسين: اياز لطيف. آرڊيننس واپس وٺي گرفتار ڪارڪن آزاد نه ڪيا ويا ته وڏي تحريڪ هلائي ويندي: صنعان قريشي. عوام سنڌ ۾ ٻٽي نظام کي رد ڪري ڇڏيو آهي: صفدر سرڪي / رياض چانڊيو. ڪامياب هڙتال تي عوام کي مبارڪون: امير ڀنڀرو، ابرار قاضي، قمر ڀٽي، اسد ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ.
(روزاني ڪاوش)

15 سيپٽمبر 2012ع

 نئين مڪاني نظام خلاف احتاجي مظاهرا، ريليون، ڌرڻا. ف ليگ، جست، ايس ٽي پي، نواز ليگ، جسمم ۽ ٻين پارٽين جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. لاڙڪاڻو، دادو، جهرڪ، ٽنڊي حيدر، ملڪاڻي شريف، ڀان ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. نئين مڪاني نظام وارو آرڊيننس واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. اڳواڻ: (روزاني عوامي آواز)

16 سيپٽمبر 2012ع

 فنڪشنل ليگ ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي وچ ۾ نئين مڪاني نظام خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ تي اتفاق. سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه راجا هائوس پهچي پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، هڙتال ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تڪراري بلدياتي آرڊيننس خلاف جدوجهد تيز ۽ سگهاري بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پير پاڳاري مڪاني نظام خلاف شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي: جلال شاهه.
 قومپرست ۽ ترقي پسند ٻٽي مڪاني نظام خلاف سگهاري جدوجهد ڪن: سنڌي احتجاج ڪن ٿا ته دهشتگردن هٿان گوليون هلائي نوجوانن جا لاش ڪيرايا وڃن ٿا. اياز لطيف
 نئون مڪاني نظام نامنظور. ڌرڻي ڌڻين جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا. جسقم، جسمم، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. سن، ڀان سيد آباد ۽ احمد پور ۾ ڌرتي جي پٽن مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ نعريبازي ڪئي. نئون مڪاني نظام پ پ جو سنڌ سان دشمني جو ثبوت آهي، آرڊيننس واپس ورتو وڃي: اڳواڻ.
 مڪاني نظام خلاف واويلا ڪندڙ سنڌ دشمن آهن، اتحادي ۽ اسان به لکين ماڻهو گڏ ڪري سگهون ٿا: استعيفائون ڏيندڙ اتحادي ياد رکن ته موجوده بلدياتي نظام عوام جي نمائندن ڏنو آهي. مخالفت ڪندڙ جماعتون پارليامينٽ ۾ آواز اٿارين، سنڌ جي حقن جي دعويٰ ڪندڙ نواز شريف جا اتحادي بڻيل آهن. موجوده مڪاني نظام سان سنڌ خوشحال ٿيندي، سنڌ جي ماڻهن کي تعصب پرستي وارا رويا ڇڏي سنڌ جي مفادن لاءِ سوچڻ گهرجي. مخدوم جميل الزمان.
(روزاني عوامي آواز)

17 سيپٽمبر 2012ع

 صدر زرداريءَ جو پير پاڳاري سان رابطو، ملاقات جي خواهش، ٻٽو مڪاني نظام ختم ڪيو. پاڳاري جو شرط. صدر آصف علي زرداري اڌ ڪلاڪ تائين پاڳاري سان مڪاني نظام ۽ ٻين معاملن تي ڳالهايو. فنڪشل ليگ جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي به ڳالهه ٻولهه، اقتدار اچڻو وڃڻو آهي، اصولن تي سوديبازي نه ٿيندي: پيرپاڳارو.
 21 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جو فيصلو، آرڊيننس سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيو ته گهيراءُ ڪيو ويندو: جلال شاهه. سنڌ بچايو ڪميٽي پاران عوامي رابطا مهم جو فيصلو، 26 سيپٽمبر تي مُک شاهراهون بند ڪرڻ جو اعلان. حيدر منزل تي سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جو اجلاس، هر جمعي تي بک هڙتال، اربع تي روڊ بلاڪ ۽ آچر تي مظاهرن جو اعلان.
 عوامي تحريڪ جو مڪاني نظام جي آرڊيننس خلاف 4 ڌرڻا هڻڻ جو اعلان. 23 سيپٽمبر گهاري وٽ ڌرڻو هنيو ويندو، وڳڻ، موري ۽ حيدرآباد ۾ ڌرڻا هنيا ويندا. (روزاني عوامي آواز)
 سنڌ بچايو ڪاميٽي مڪاني آرڊيننس خلاف 21 سيپٽمبر کان تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حيدر منزل ڪراچي ۾ جلال شاهه جي صدارت ۾ ڪاميٽي جو اجلاس، هر هفتي سنڌ ۾ 3 ڏينهن جلسا ۽ بک هڙتالون ٿينديون. قادر مگسي، سليم ضياءَ، آڪاش ملاح، صفدر سرڪي، قادر رانٽو، رياض چانڊيو، علي حسن چانڊيو، ابرار قاضي ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ. مڪاني آرڊيننس خلاف هر اربع تي سنڌ ۾ مک روڊ بلاڪ ڪيا ويندا ۽ هر آچر تي ضلعن ۾ ريليون نڪرنديون: جلال شاهه. هر جمعي تي سنڌ جي سمورين پريس ڪلبن آڏو بک هڙتالون ڪيون وينديون، سنڌ آرڊيننس کي رد ڪري چڪي آهي.
 ٻه نظام لاڳو ڪرڻ سبب سنڌ پاڻمرادو ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي: ماروي ميمڻ. پ پ وارن جو اهو عمل سنڌ سان دشمني ڪرڻ جو کليل ثبوت آهي. پ پ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڊڪٽيٽر پارٽي بڻجي وئي آهي: کيئل داس ڪوهستاني. (روزاني ڪاوش)

18 سيپٽمبر 2012ع

 سنڌ ۾ لاڳو مڪاني نظام تي مان پاڻ مونجهاري جو شڪار آهيان: نويد قمر. مڪاني نظام واري آرڊيننس ۾ اعتراض واري نقطي جو حل ٽيبل ٽاڪس آهي. پ پ مخالف پارٽيون ڊرافٽ تي ڳالهين بجاءِ سياست ڪري رهيون آهن: خطاب.
 قومپرستن جي هڙتال ناڪام ڪرڻ لاءِ 300 پورهيت ساڙي مارڻ سان گڏ 7 ضلعا ٻوڙيا ويا: قادر مگسي. اردو ميڊيا دهشتگردن کي هيرو بڻائڻ بند ڪري، ايم ڪيو ايم کي سياسي تنظيم نٿا مڃون. الطاف حسين پاڪستاني شهريت ئي ڇڏي ڏني آهي، عشرت العباد، فاروق ستار ۽ وسيم اختر به ٻاهر ڪاروبار پيا ڪن. سنڌ دشمن آرڊيننس کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جا روڊ ۽ رستا بند ڪري ڇڏينداسين: ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس. (روزاني عوامي آواز)
 مسلم ليگ (ن) پاران نئين بلدياتي نظام خلاف خيرپور، نوشهروفيروز ۽ قاضي احمد ۾ احتجاج. ماروي ميمڻ، کيئل داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، نوشهري فيروز ۾ ڌرڻو. سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن جو انجام سٺو نه ٿيندو (ماروي ميمڻ) (ن) ليگ جي حڪومت آئي ته سنڌ خوشحال ٿيندي: کيئل داس.
 ميرپورخاص ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪن شهادت جروار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال. سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ نئون مڪاني نظام قبول نه ڪندا: اياز لطيف. آرڊيننس سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو ته اسيمبلي، وزيرن ۽ نمائندن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. پ پ سرڪار سنڌ جي وجود تي وار ڪيو آهي، پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس مهاجر صوبي جي ڪڙي آهي: قادر مگسي. جنهن ڏينهن اهو آرڊيننس اسيمبلي ۾ پيش ٿيو، ان ڏينهن اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو ويندو. هڙتال ناڪام ڪرڻ لاءِ 6 ضلعا ٻوڙايا ويا، فيڪٽري کي باهه ڏياري وئي: ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس (روزاني ڪاوش)

19 سيپٽمبر 2012ع

 سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام مڙهي عوام سان دوکو ڪيو ويو: غنويٰ ڀٽو. نئين مڪاني نظام کي پ پ شهيد ڀٽو سميت سموريون جماعتون رد ڪن ٿيون. عوام بينظير جي صدقي پ پ کي اقتدار فراهم ڪيو، پر هن شهيدن جي رت سان غداري ڪئي.
 بلدياتي آرڊيننس خلاف سنڌ جو عوام ويڙهه ڪندو، پاڪستان کي جناح ٺاهيو، پر سنڌ کي پاڻ خدا ٺاهيو آهي. ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي مان شاهي سيّد ۽ ايم ڪيو ايم بيدخل ڪرايو، قادر مگسي جو جلسن کي خطاب.
 مڪاني آرڊيننس زوري مڙهيو ويو ته مزاحمت ڪبي: علي حسن چانڊيو. سنڌ اڪ جي ماکي ناهي جو حڪمران ۽ دهشتگرد ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا. ڪراچي شهر سنڌين لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي: اجلاس کي خطاب. (روزاني عوامي آواز)
 پ پ مفاهمت جي نالي تي سنڌ ڌارين حوالي ڪري ڇڏي آهي. متحده ۽ پ پ هڪ سڪي جا 2 پاسا آهن، سنڌي ماڻهو ننڍ مان سجاڳ ٿين. مڪاني ادارن وارو آرڊيننس اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي ته روڊ احتجاجن بند ڪري ڇڏينداسين. ڊاڪٽر قادر مگسي. (روزاني ڪاوش)

20 سيپٽمبر 2012ع

 نئون مڪاني نظام سنڌ جي ورهاڱي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي: اي اين پي. ايم ڪيو ايم کي مڪاني نظام لاڳو ڪرائڻ جو شوق آهي ته سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ڏيکاري. اي اين پي ڪنهن به آرديننس ذريعي صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ قبول نه ڪندي: حاجي عديل. آرڊيننس جي واپسي تائين صوبائي حڪومت ۾ شامل نه ٿينداسين، سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي: ميڊيا سان ڳالهيون.
 سنڌ بچايو ڪميٽيءَ طرفان مذهبي جماعتن سان ايڪتا جو اعلان. 21 سيپٽمبر تي آرڊيننس خلاف اعلانيل ڪراچي ۾ احتجاج ملتوي. هاڻي 22 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويندو. (روزاني عوامي آواز)
 نئين مڪاني آرڊيننس تحت ڪراچي ۾ 5 ٽائونن جا ايڊمنسٽريٽر مقرر. صوبي ۾ ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن بحال ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان اڳ ايڊمنسٽريٽر مقرر. لياري، صدر، گڏاپ، بن قاسم ۽ گلشن اقبال ٽائون ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿي ويا.
 حڪمرانن ڌرتي جو سودو ڪري ويساهه گهاتي ڪئي آهي: قادر مگسي. مڪاني نظام وارو آرڊيننس اسيمبلي مان پاس ٿيو ته رد ڪرائڻ تائين روڊ رستا بند ڪيا ويندا. چونڊن ۾ پ پ کي شڪست نظر پئي اچي، عوام قومپرستن کي اسيمبلين ۾ پهچائڻ چاهي ٿو. (روزاني ڪاوش)

21 سيپٽمبر 2012ع

 آرڊيننس ذريعي استحصالي نظام لاڳو ٿيا، فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر ظالمن آڏو رت پيش ڪرڻ نه ٿا گهرن. غنويٰ ڀٽو. نئين نظام ذريعي 18 ڪمشنر هوندا، لوڪل باڊيز جا نمائندا چورن ۽ ڦورن کي پناهه ڏيندا ته ڪير به ڪارروائي نه ڪري سگهندو. سنڌ ۾ رات جي اونداهي ۾ ٻٽو نظام مڙهيو ويو، تاج محمد ڊومڪي، امير بخش ڀٽو ۽ ٻين جو ورسي تقريب کي خطاب. (روزاني عوامي آواز)
 ”سنڌ ۾ ٻٽو نظام نه کپي“: جيئي سنڌ محاذ جو مڪلي کان ٺٽي تائين احتجاجي مارچ، ڌرڻو. مڪلي پبلڪ پارڪ کان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ٺٽي شهر جي رڪشا اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بلاڪ ڪيو ويو. آرڊيننس واپس وٺڻ تائين مرحليوار تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان، سنڌي هندن سان نا انصافيون ۽ سنڌ ورهائڻ بند ڪريو جا زوردار نعرا هنيا ويا. لساني اتحادي ڌر کي خوش رکڻ لاءِ حڪمرانن ڌرتي ماءُ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جو عمل شروع ڪيو آهي: رياض چانڊيو.
 جسقم طرفان سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ڪراچي واري بک هڙتال جي حمايت. سنڌين کي ڪراچي جي مالڪي لاءِ گڏجي ڌارين خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي: صنعان قريشي. (روزاني ڪاوش)

22 سيپٽمبر 2012ع

 سنڌ بچايو ڪميٽي هڪ ڀيرو وري احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو. (روزاني عوامي آواز)
 جسقم سنڌ بچايو ڪاميٽي جي اعلانيل احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي: صنعان قريشي. آرڊيننس خلاف 26 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا: ميئر کي آرڊيننس ذريعي وزيراعليٰ ۽ عدالتن جهڙا اختيار ڏنا ويا آهن. 12 مئي واري قتل عام جيان ڪراچي ۾ فيڪٽري سانحي جي به جاچ نه ٿي سگهندي: رياض چانڊيو (روزاني ڪاوش)

23 سيپٽمبر 2012ع

 هڪ سنڌ - هڪ نظام. سنڌ جي ورهاست نامنظور.
 سنڌ اسيمبلي جي تقدس ۽ آئين کي پائمال ڪندي، رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌ مٿان سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع جي صورت ۾ ڪارو قانون مڙهيو ويو آهي. هن ڪاري قانون هيٺ هڪ سنڌ ۾ ٻه متوازي حڪومتي نظام رائج ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت کان مالي، انتظامي ۽ آئيني اختيار کسي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنا ويا آهن ۽ اهڙا لامحدود اختيار به، جيڪي آئيني طور وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وٽ به ڪونه آهن. سنڌ جا ساحلي ٻيٽ، تاريخي ورثو، ثقافتي ادارا، تعليم، صحت، روينيو، امن امان، اسپتالون، رٿابندي، پبلڪ هيلٿ، ڪوآپريٽو، انلينڊ فشريز سميت سمورا کاتا بشمول پوليس ۽ عدالتي اختيار پڻ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪيا ويا آهن. ون يونٽ کان پوءِ سنڌ جي وحدت تي هي ٻيو وڏو وار آهي، ان ڪري سنڌ جي عوام کي هن سنڌ دشمن ڪاري قانون خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪجي ٿي. اربع 26 سيپٽمبر تي تمام شاهراهن تي ٽريفڪ بند رکڻ جي اپيل. پاران: سنڌ بچايو ڪميٽي. (روزاني عوامي آواز)
 مڪاني ادارن واري کاتي پاران ڪراچي بعد سکر، گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙي ۾ به غير قانوني طور تعلقي ايڊمنسٽريٽر مقرر. ڪراچي جي 5 ٽائونن ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ بعد اتحادي ڌر جي اعتراض تي نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو هو. نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو ڪارڻ ٽي ايم ايز ۽ مڪاني ادارا قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ آهي. مڪاني ادارن جو وزير به ايڊمنسٽريٽرن جي مقرريءَ جي نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏئي چڪو. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري واپس وٺڻ بعد وري گهوٽڪي، سکر ۽ اوٻاوڙي ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر، غير قانوني نوٽيفڪيشن به جاري.
 ايڊمنسٽريٽرن جي غير قانوني مقرري جو معاملو اڍائي سال اڳ به ٿيو، ڪارروائي مڪمل نه ٿي. اڍائي سال اڳ واري معاملي تي ئي اڃا ڪارروائي مڪمل نه ٿي ته نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويو. ايدمنسٽريٽرن جي غير قانوني مقررين جي تازي معاملي جي ته اڃا جاچ به شروع نه ٿي.
 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز، ضلعي ڪائونسلن، ٽي ايم ايز ۽ يونين ڪائونسلن جي بحالي واري سمري وڏي وزير حوالي. (روزاني ڪاوش)

24 سيپٽمبر 2012ع

 2001ع واري حڪومت جي آرڊيننس خلاف قوم پرست ڇو خاموش رهيا هئا!، اُن ذريعي ضلعن کي صوبو بڻايو ويو هو، ناظمن کان سنڌ حڪومت جا اختيار واپس ورتا آهن، قومپرستن آرڊيننس پڙهيو ئي ناهي. قائم علي شاهه. اڳ ڊي سي اوز جي اي سي آر ناظم لکندا هئا، مختيارڪار به وڏي وزير جي نه ٻُڌندا هئا، هاڻي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪو به فرق نه ر هندو، چيئرمينن ۽ ميئرن جا اختيار هڪ جهڙا آهن. اسان مالي، انتظامي ۽ ميونسپل اختيار مڪاني حڪومت کي ڏنا آهن، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر به موجود هوندا. اڳ ناظمن کي هٽائي نه سگهبو هو، هاڻي وڏو وزير ڪرپشن ۽ بد انتظامي جي الزام ۾ ميئرن ۽ چيئرمينن کي به معطل ڪري سگهي ٿو: پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهيون.
 حڪمران سنڌ ورهائڻ چاهين ٿا، 26 سيپٽمبر تي روڊ ۽ رستا بند ڪنداسين، عوام سنڌ جي هر هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا در به سنڌين لاءِ بند ڪيل آهن: صفدر سرڪيءَ جو ريليءَ کي خطاب.
 نئون مڪاني آرڊيننس 90 ڏينهن لاءِ آهي: زاهد ڀرڳڙي. (روزاني عوامي آواز)
 نئون مڪاني نظام ٽن مهينن ۾ اسيمبلي ۾ آڻينداسين، اتحادي وزيرن ۽ صلاحڪارن جون استعيفائون گورنر کي ناهن موڪليون. قومپرستن ۽ اتحادين جي واويلا اجائي آهي، سندن خدشا غير حقيقي آهن، ميئرز ۽ چيئرمينن کي 22 شعبن ۾ هڪجهڙا اختيار آهن: قائم علي شاهه. مڪاني آرڊيننس ڪو صحيفو ناهي، جنهن کي به اعتراض آهن، اهو اسيمبلي جي فلور تي آڻي، جتي به تبديلي جي جائز گنجائش هوندي اها ڪنداسين، نئين نظام ۾ سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ڪجهه ڌريون نه ٿيون چاهين ته سنڌ ترقي ڪري يا سنڌ کي فائدو ٿئي، سنڌ جو نئون مڪاني نظام آئين ۽ قانون مطابق آهي، صوبائي حڪومت کي وڌيڪ با اختيار بڻايو ويو آهي. مشرف واري مڪاني نظام 2001ع تحت سڀ اختيار شهري حڪومت کي ڏنا ويا هئا، بظاهر سنڌ حڪومت هوندي هئي، پر روينيو ۽ پوليس سميت سڀ اختيار ناظمن حوالي ڪيا ويا هئا. 1979ع واري نظام ۾ هڪ ضلعو ميٽروپوليٽن هو ۽ اسان 5 ضلعن کي ميٽرپوليٽن ڪارپوريشن ۽ 18 ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسلون ٺاهيون آهن، ميئرز ۽ ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمينن جي اختيارن ۾ گهڻو فرق ناهي. ڪراچي ۾ سنڌ ڪائونسل اجلاس بعد پريس ڪانفرنس.
 سنڌ بچايو ڪاميٽي جو اجلاس، بلدياتي آرڊيننس خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان. حيدرآباد ۾ ايس يو پي آفيس ۾ شاهه محمد شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ بچايو ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 26 سيپٽمبر تي بلدياتي نظام جي آرڊيننس خلاف اعلانيل تحريڪ جو جائزو ورتو ويو.
 جست پاران حيدرآباد ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف احتجاجي ريلي، مارچ، ڌرڻو. پارٽي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ نسيم نگر کان نڪتل ريليءَ ۾ سوين ڪارڪن، عورتون ۽ ٻار به شريڪ. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن واڌو واهه، قاسم آباد، شهباز بلڊنگ، ٿڌي سڙڪ کان مارچ ڪندي ريڊيو چوڪ: (پريس ڪلب) پهچي ڌرڻو هنيو. شهيد بينظير ڀٽو جي خون عيوض سنڌين کان ووٽ وٺندڙ حڪمران سنڌ ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻٽي نظام خلاف 26 سيپٽمبر تي سنڌ جا سمورا هاءِ ويز بلاڪ ڪيا ويندا، سنڌ ڌرتي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين. صفدر سرڪي.
 ڪراچي ۾ سنڌ نيشنل پارٽي پاران نئين مڪاني نظام خلاف ريلي، ڌرڻو. پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. پ پ حڪومت اتحادي پارٽي کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن نظام آندو آهي: رمضان بليدي. (روزاني ڪاوش)

25 سيپٽمبر 2012ع

 هم خيال گروپ طرفان 26 سيپٽمبر تي نئين مڪاني نظام خلاف ڌرڻي جي حمايت. شهرين ۽ ٻهراڙين ۾ الڳ قانون سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي، مڪاني حڪومت کي ٽوڙيندڙ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي ڇو نه ٿا ٽوڙين. ارباب رحيم.
 مڪاني آرڊيننس تي اعتراض ڪندڙ بل آڻي سگهن ٿا، ف ليگ سميت مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو اعلان ڪندڙ پارٽين ڌار سيٽن لاءِ درخواست نه ڏني آهي. نثار کهڙو.
 26 سيپٽمبر تي قومي شاهراهه ۽ انڊس هاءِ وي کي بند ڪرڻ جو اعلان. مرڪزي قيادت حيدرآباد ۾ ڌرڻو هڻندي. بلدياتي آرڊيننس سنڌ ٽوڙڻ جي سازش آهي، 26 سيپٽمبر تي ڦيٿو نه ڦرندو. سنڌ بچايو ڪميٽي. سنڌ 13 سيپٽمبر تي مڪاني نظام واري آرڊيننس کي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم نفرتون پکيڙڻ جو ڪم پئي ڪري. ڪراچي جي پنجن ضلعن ۾ هڪ ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪري اختيار محدود ڪرڻ جي سازش آهي: پريس ڪانفرنس.

سنڌ حڪومت جو اشتهار

 سنڌ جي ترقي منظور. سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ نامنظور.
 آئين جي آرٽيڪل 128 ڪلاز 2 تحت ”سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع“ ۾ ٿيو.
 سنڌ حڪومت اختيارين جي هيٺئين سطح تي منتقليءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ يونين ڪائونسل، تعلقي ڪائونسل، ضلعي ڪائونسل ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز کي عوام جي ڀلائيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ مالي طور مضبوط ڪندي.
 سمورا انتظامي ۽ مالي اختيار سنڌ حڪومت پاڻ وٽ رکيا آهن.
 پيئڻ جي پاڻي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال، ضلعي اندر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ روڊن ۽ فرشبندي، گهٽين، رستن ۽ روڊن جي صفائي جو ڪم مڪاني ادارا ڪندا.
 سنڌ جا ساحلي ٻيٽ، تاريخي ورثو ۽ نوادرات، ثقافتي ادارا، ثانوي، اعليٰ ثانوي تعليم، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سموريون اسپتالون، صحت کاتو، پوليس ۽ روينيو کاتو بدستور سنڌ حڪومت جي ماتحت رهندا.
 پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر کي هڪ جهڙا اختيار ڏنا ويا آهن.
 ڪراچيءَ کان پوءِ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص ڊويزنن جي عوام کي به ميٽروپوليٽن شهرن جهڙيون ساڳيون سهولتون ملنديون.
 سنڌ مان ٻٽي بلدياتي نظام جو مڪمل خاتمو آڻي شهرن ۽ ٻهراڙين لاءِ هڪ جهڙو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي.
 تنهن ڪري سياست چمڪائڻ لاءِ سنڌ جي عوام کي گمراهه نه ڪيو بلڪه کين حقيقتن کان باخبر رکو.
اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ.
(روزاني عوامي آواز)
 ” آرڊيننس” ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ڇڏڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو. اسان هر ڏکئي گهڙي ۾ پ پ ۽ صدر زرداري جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پر پيپلزپارٽي خاطرين باوجود جائز مطالبا پوريا نه ڪيا، اهي مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا: رابطا ڪاميٽي. جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ايم ڪيو ايم ٽن ڏينهن کانپوءِ حڪومت کان ڌار ٿي ويندي ۽ مخالفت ڌر جي بينچن تي ويهندي، فيصلو توثيق لاءِ الطاف کي موڪليو ويو آهي. جمهوريت جي بقا لاءِ موجوده حڪومت جي جائز قدمن جي حمايت جاري رهندي، پ پ سان هاڻي گڏ هلڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، ڪارڪن ايندڙ هدايتن جو انتظار ڪن. ڪارڪن ۽ حق پرست عوام ماضي وانگر هر آزمائش مان گذرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار رهن، ايم ڪيو ايم جي خلوص کي ڪمزوري سمجهيو پيو وڃي. سنڌ سرڪار نئون مڪاني نظام باضابطا طور لاڳو ڪري ايم ڪيو ايم جي مرضي جا ميئر ۽ ايدمنسٽريٽر مقرر ناهن ڪيا، ان ڪري ايم ڪيو ايم اهو آرڊيننس فوري طور لاڳو ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي رهي آهي.: ذر يعا. پ پ نئين مڪاني نظام ۾ ترميمون ڪرائڻ چاهي ٿي، پ پ جا ڪيترائي ايم پي ايز ۽ سينيئر اڳواڻ به آرڊيننس تي تحفظات ظاهر ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جو مطالبو آهي ته ترميمون نه ڪيون وڃن: خانگي چئنل جي رپورٽ.
 متضاد مڪاني ادارن وارو نظام سنڌ جي وحدانيت خلاف سازش آهي: جلال شاهه. سنڌ حڪومت سنڌ جي ورهاڱي واري سنڌ دشمن سازش ۾ حصيدار بڻجي چڪي آهي. ٻٽي نظام وارو آرڊيننس سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي: شاهه محمد شاهه. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻهن کي ويڙهائڻ چاهين ٿيون: رياض چانڊيو. آرڊيننس واپس نه ٿيو ته هر اربع ڏينهن سنڌ ۾ مواصلاتي نظام بند ڪبو. پيرپاڳارو، مرتضيٰ جتوئي ۽ ارباب رحيم 26 سيپٽمبر واري هڙتال ۾ ساٿ ڏين.
 تڪراري مڪاني نظام وارو بل آيو ته سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪبو: اياز لطيف. سنڌ واسي ڪامياب هڙتال بعد هاڻ سڀاڻي سڀئي شاهراهون بلاڪ ڪندا. تڪراري مڪاني نظام کي رڳو قومپرست نه پر حڪومتي اتحادين به رد ڪيو آهي.
 پ پ (ش ڀ) طرفان سنڌ بچايو ڪاميٽي جي احتجاج جي حمايت. بلدياتي آرڊيننس سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي، عوام ناڪام بڻائيندو: پ پ (ش ڀ). (روزاني ڪاوش)

26 سيپٽمبر 2012ع

 وڏو وزير سيّد قائم علي شاهه گورنر هائوس پهچي ويو، مڪاني نظام ۽ متحده جي حڪومت کان الڳ ٿيڻ واري چتاءَ تي عشرت العباد سان ڳالهيون. ”لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس بنا دير منظور ڪرايو“، متحده جو حڪومت کان ڌار نه ٿيڻ لاءِ شرط. حڪومت کان ڌار ٿيڻ وارو چتاءُ واپس وٺو (وڏو وزير)، پهرين مطالبا پورا ڪريو، بعد ۾ الطاف حسين ان بابت فيصلو ڪندو: گورنر عشرت العباد. سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ان کي بنا ڪنهن تبديلي جي فوري طور منظوري ڪرائڻ جي به گهر، متحده سنڌ ۾ مڪاني ادارن جا سياسي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو به شرط رکيو، وڏي وزير گورنر کي جائز مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير جي خاطرين باوجود گورنر حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ پهرين مطالبن جي مڃتا لاءِ اڳڀرائي وارو شرط رکيو: ذريعا.
 سنڌ جا روڊ ۽ رستا اڄ مڪمل طور بند رهندا، وڏو وزير مڪاني نظام تي مناظرو ڪري: جلال شاهه. سنڌي اڳ جيان ڦيٿا روڪ هڙتال ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، عوام روڊن تي نه اچي: شهر کليل رهندا. (روزاني عوامي آواز)
 ايم ڪيو ايم جي الٽيميٽم بعد قائم علي شاهه گورنر هائوس پهچي ويو، تحفظات ختم ڪرڻ جي خاطري. گورنر ۽ وڏي وزير ۾ ٿيل ڳالهين ۾ بابر غوري ۽ شرجيل ميمڻ به شريڪ، ايم ڪيو ايم آرڊيننس فوري طور لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اهو به مطالبو رکيو ويو ته ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل صوبائي وزيرن جا سي ايم هائوس ۾ ڦاٿل فائل، اُڪلايا وڃن: ذريعا. رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر عاصم به رابطا شروع ڪري ڇڏيا، صدر زرداري کي آگاهي، وڏي وزير پ پ اڳواڻن سان به مشاورت ڪئي.
 پ پ وارا مون سان مناظرو ڪن، قائل ڪري ويا ته حڪومت ۾ ويهنداسين. ميئر کي ايترا اختيار آهن، جو منهنجي گهر تي به قبضو ڪري سگهي ٿو. آرڊيننس مان اندازو ٿئي ٿو ته حڪومت اندر حڪومت قائم ڪئي ويندي. پير پاڳارو. (روزاني ڪاوش)

27 سيپٽمبر 2012ع

 مڪاني ادارن جي ٻٽي نظام خلاف سنڌ جي مُک شاهراهن تي ڌرڻا، ڪيترن شهرن ۾ هڙتال، ڦيٿو نه ڦريو، مظاهرا. سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي نيو سعيد آباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد خان، ميهڙ، پير جو ڳوٺ ۽ ٺري ميرواهه ۾ ڦيٿا روڪ، کوسڪي، نندو ۽ ٽنڊوباگو ۾ هڙتال. حيدرآباد ۾ قاسم آباد باءِ پاس وٽ ڊاڪٽر قادرمگسي، شاهه محمد شاهه، صفدر سرڪي، آڪاش ملاح، انور سومري، اظهر جتوئي، ابرار قاضي، سليم ضياءَ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت گرمي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ڀرياسٽي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، سڪرنڊ ۾ جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ ڪلاڪ ڪيو ويو. لاڙڪاڻو، مٺي، عمرڪوٽ، سکر، دادو، ڪي اين شاهه ، جوهي، ڄامشورو، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ڏهرڪي، گهوٽڪي، ميروخان، شهداد ڪوٽ، شڪارپور، خيرپور، سانگهڙ، ٽنڊو آدم، گمبٽ، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا، مارچ ۽ ڌرڻا. محرابپور، ڪوٽڙي ڪبير باءِ پاس، مورو، قاضي احمد، مٺياڻي، ٺٽو باءِ پاس، ٺل، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻا هنيا ويا، ميرپورخاص ضلعي ۾ ڦيٿاروڪ هڙتال، حيدرآباد، ميرپور خاص روڊ تي ڌرڻو. سنڌ دشمن آرڊيننس روڪڻ لاءِ رت ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون (قادرمگسي). ٻٽو نظام هلڻ نه ڏينداسين (صنعان قريشي). سنڌ ريفرنڊم ذريعي فيصلو ڏئي ڇڏيو (شاهه محمد شاهه). سنڌ ورهائڻ جي مزاحمت ڪبي (صفدر سرڪي). نظام جي حامين جو گهيراءُ ڪبو (رياض چانڊيو). عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو: اياز لطيف پليجو. (روزاني ڪاوش)

28 سيپٽمبر 2012ع

 زرداريءَ جي پاڳاري سان رابطي جو نتيجو. مڪاني آرڊيننس تي پ پ (ف) ليگ ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ جو امڪان. (ف) ليگ نئين مڪاني آرديننس تي اعتراضن کي ڊاڪيومينٽ جي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف، ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو. ايم ڪيو ايم (ف) ليگ جي ڏنل تجويزن تي مشڪل سان راضي ٿئي، (ف) ليگ به مخالف ڌر ۾ ويهڻ چاهي ٿي: ذريعا. (روزاني عوامي آواز)
 ڪراچي پوليس ۾ ٻٽو نظام بحال، 19 ٽائونن ۾ ايس پيز مقرر. ڪورنگي، لانڍي، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ اورنگي ٽائون جون پوسٽون بحال. نوان ايس پي ضلعي ايس ايس پي جي ماتحت هوندا، ڪراچي ۾ جاچ شعبو به ڌار هوندو.
 ايس ٽي پي پاران اڄ شام هالاڻي ۾ جلسو ٿيندو. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ ٻٽو نظام قبول نه ڪندو: قادرمگسي. دلشاد ابڙو سنڌ ۾ ٻٽي نظام جو پهريون شهيد آهي، هاڻ پ پ جو سنڌ ڪارڊ ڪيش نه ٿي سگهندو. ايندڙ چونڊن ۾ ايس ٽي پي سنڌ ۾ ٽيون نمبر پارٽي ٿي اُڀرندي: حيدرآباد ۾ ورسي ۽ نئون دمبالو ۾ ميڙاڪي کي خطاب. (روزاني ڪاوش)

29 سيپٽمبر 2012ع

 مڪاني آرڊيننس: وزيراعليٰ طرفان نوٽيفڪيشنن جي مسودي جي منظوري. وزيراعليٰ هائوس ۾ نئين مڪاني قانون هيٺ نوان ادارا قائم ڪرڻ بابت غور ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ نوٽيفڪيشنن جي مسودن کي ٺيڪ قرار ڏيندي منظوري ڏني وئي.
 ڪراچي پوليس ۾ مشرف وارو ٽائون طرز جو پراڻو دور موٽي آيو. ڪراچي پوليس لاءِ 5 ضلعا ختم، 3 زون بحال، ٽائونن وانگر 20 سب ڊويزنون قائم. ٽائونن وانگر ٺاهيل 20 ڊويزن ۾ ايس پيز سومر تائين مقرر ڪيا ويندا. گهرو کاتي ڪراچي ۾ 20 پوليس ڊويزنون قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. ڪلفٽن ۾ 19 هين گريڊ جو ايس ايس پي ۽ باقي ڊويزنن ۾ 18 هين گريڊ جا ايس پيز هوندا.
 ايس ٽي پي جسقم جي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي. مڪاني نظام وارو آرڊيننس ڪارو قانون آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي. (روزاني ڪاوش)
 سنڌ ۾ ٻه نظام ناهن، نواز شريف کي قومپرستن جي آسري سنڌ مان سيٽ به نه ملندي. پ پ حڪومت ڊڪٽيٽر مشرف جو مڪاني نظام ختم ڪيو، قومپرست هر دور ۾ سازشون ڪندا آهن. اياز لطيف ريليون پيو ڪڍي ۽ منهنجي تڪ ۾ چونڊ وڙهڻ جون ڳالهيون ڪري پيو، پر هن ننگر پارڪر اڃا ڏٺو ئي ناهي. ارباب ٻڪري چور هئا ۽ هاڻ به پيرا سندن اوطاقن ۾ وڃن ٿا، هڪ ڪوئو ڪافي عرصي کان ڀڄي ويو آهي. ٻرن مان نڪري جلسا ڪندڙن کي سياست ۽ مخالفت جو حق آهي، پر داداگيري ڪرڻ نه ڏينداسين. (شرجيل ميمڻ) (روزاني عوامي آواز)

30 سيپٽمبر 2012ع

 شهري اتحادي ڌر جو ڳالهين دوران وڌيڪ زور مڪاني ادارن کي فنڊ ڏيارڻ تي رهيو: ذريعا. ڪي ايم سي کي انتظامي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ 50 ڪروڙن جي خاص گرانٽ جاري. سرڪار ڊسمبر 2011ع کان ڪي ايم سي کي 5 ارب جاري ڪري چڪي. ڪراچي ترقياتي پيڪيج لاءِ رکيل 4 ارب مان هڪ ارب رپيا جاري ڪيا ويا: ناڻي کاتي پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙيل 80 مان 15 ڪروڙ به ڪي ايم سي کي ڏنا.
 ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ناهي ڪيو، تنقيد اجائي آهي، الزام هڻندڙ سنڌ جا سڄڻ ناهن: قائم علي شاهه. سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي مڪاني نظام آهي، سنڌ جو سودو ڪرڻ نه ڏينداسين، نعرا هڻندڙن ڪجهه ناهي ڏنو، اسان سنڌ کي مضبوط ڪيو آهي. قومپرستن عوام کي ڪجهه به نه ڏنو آهي، اهي رڳو سکڻا نعرا ٿا هڻن، پ پ حڪومت سنڌ کي مضبوط ڪيو آهي: جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سڪرنڊ ۾ خطاب. سنڌ ۾ ٻٽو نظام ناهي، مخالف هروڀرو ڳالهيون ڪن ٿا (سراج دراني)
 ٽائون سطح جو انتظامي ۽ مالياتي ڪنٽرول به ميئر کي منتقل. حڪومت کان ميٽروپوليٽن کي منتقل ٿيندڙ کاتن جون اي سي آرز چيف آفيسر لکندو. 19 هين گريڊ کان مٿي جي آفيسرن جي اي سي آرز ميئر لکندو.
 ٽائون انتظاميا زمين جي استعمال لاءِ ميئر جي راضپي لاءِ پابند هوندي. تعلقي ميونسپل انتظاميا ضلعي چيئرمين بدران رڳو لاڳاپيل يوسي کان راءِ وٺندي. (روزاني ڪاوش)

01 آڪٽوبر 2012ع

• مڪاني آرڊيننس اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان، هڙتال دوران قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته ڪارروائي ڪبي: وڏو وزير. گورنر عشرت العباد اڄ صبح جو ڏهين وڳي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائي ورتو، اجلاس ۾ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع پيش ڪيو ويندو: قائم علي شاهه. پ پ کي عوام جي اڪثريت جو مينڊيٽ حاصل آهي، ۽ جمهوريت چئي ٿي ته اڪثريت جي ڳالهه کي تسليم ڪريو، اسان آئين سازي ڪري سگهون ٿا، ته پوءِ قانونسازي ڇو نه؟. آرڊيننس سنڌ جي عوام جي وسيع ترمفاد ۾ آهي، صوبي ۾ ڪو به ٻٽو نظام ناهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ ئي نظام لاڳو ڪيو اٿئون، ڪنهن کي اعتراض آهن ته اڄ اسيمبلي ۾ پيش ڪري. هي نظام سڀني کي قابل قبول آهي، مون هڪ ڏينهن اڳ ئي سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي وڏا جلسا ڪيا آهن، عوام جي وڏي انگ چيو ته اهي پ پ سان گڏ آهن. اڃا تائين وزيرن جون استعيفائون گورنروٽ نه پهتيون آهن، انهن وزيرن گورنر بدران مون کي مخاطب ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي استعيفا ڏيڻ چاهين ٿا ته گورنر کي پيش ڪن. جنهن کي هڙتال يا احتجاج ڪرڻو آهي ڀلي ڪري، پر ڪنهن قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سٺو نه ٿيندو، (ق) ليگ اسان سان گڏ آهي، چوڌري شجاعت سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس.
• خيرپور ۾ ڪريڪرن جا ڌماڪا، ٽنڊو محمد خان ۽ گهاري ۾ ٽينڪرن کي باهه. حيدرآباد-بدين روڊ تي ڊي سي آفيس سامهون نامعلوم ماڻهن او جي ڊي سي ايل جي ٽينڪر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. گهارو-ميرپور ساڪرو روڊ تي به ٽينڪر کي باهه، خيرپور ۾ مختلف هنڌن تي ڪريڪرن جا ڌماڪا، شهرين ۾ خوف، ڪاروبار بند. ٽينڪر کي نامعلوم ماڻهن باهه ڏني، جاچ ڪريون پيا، ٽينڪر مالڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪنداسين: ٽنڊو محمد خان پوليس.
• پاڳاري پارٽي ميمبرن کي استعيفائون گورنر وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نواز ليگ، فنڪشنل ليگ، جي يو آءِ ۽ هم خيال گروپ پاران هڙتال جي حمايت. آرڊيننس اڄ کان شروع ٿيندڙ سيشن ۾ ئي پاس ڪرايو ويندو. ڪجهه پ پ ميبر تنقيد ڪندا. پر مجموعي طور قانون جي حمايت ڪئي ويندي. گورنر هائوس فنڪشنل، اين پي پي ۽ ٻين پارٽين جي وزيرن جون استعيفائون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جي اڄوڪي اجلاس لاءِ جاري ڪيل سڀ وزيٽرس پاسون رد.
• جسقم ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران اڄ هڙتال جو سڏ. جسقم طرفان شهيد بشير خان جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ بچايو ڪاميٽي ٻٽو نظام لاڳو ڪري آرڊيننس اسيمبلي ۾ آڻڻ تي هڙتال جو سڏ ڏنو. پ پ ڪاري قانون کي ايوان مان زوريءَ پاس ڪرائي رهي آهي: سنڌ بچايو ڪاميٽي. منهنجي والد کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو، اڄ عوام پر امن شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري: جسقم چيئرمين
• ٻٽي مڪاني نظام سان سنڌ کي فائدو نه ٿيندو، صوبي ۾ 2 قانون لاڳو نٿا ڪري سگهجن، احتجاج ۾ گڏ آهيون، پ پ سرڪار پنهنجي اتحادي جماعت کي راضي ڪرڻ لاءِ اهڙو آرڊيننس لاڳو ڪيو آهي، اسان ان مسئلي تي اڳ به احتجاج ڪيو هو. نواز شريف. (روزاني ڪاوش)
• نواز شريف، قوم پرستن جي زور تي هيرو نٿو بڻجي سگهي: شرجيل ميمڻ.
• سنڌي اڄوڪي هڙتال کي ڪامياب ڪن. ورلڊ سنڌي ڪانگريس. پ پ حڪومت اقتدار خاطر سنڌ جي ورهاڱي لاءِ تيار ٿي وئي آهي.
• آرڊيننس پيش ڪرڻ وقت هنگامي جو امڪان. سنڌ اسيمبليءَ ۾ حفاظتي انتظام سخت، مهمانن جون پاسون رد.
• سنڌي اڄوڪي هڙتال ڪامياب ڪن،اقتدار جي لالچ ۾ اچي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وارا سنڌ ٽوڙڻ چاهين ٿا. صفدر سرڪي.
• جمهوريت ۾ اڪثريت جو احترام ٿيندو آهي، جيڪا اسان وٽ آهي، اسيمبلي ميمبر ”سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع“ منظور ڪندا، آرڊيننس اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندو، امن امان خراب ڪندڙن سان سختي ڪبي. آئين ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ته پوءِ قانون ۾ ترميم ڇو نٿي ٿي سگهي؟ سنڌ ۾ هڪ ئي نظام هوندو، ٻٽو نظام نه پيا آڻيون. جيڪڏهن ڪو وزير مستعفي ٿيڻ چاهي ٿو ته گورنر کي استعفيٰ ڏئي ڇڏي، ٽن جلسن ۾ عوام آرڊيننس جي حمايت ڪئي آهي: قائم علي شاهه جون صحافين سان ڳالهيون. شهريار مهر جي استعيفيٰ جي ڪاپي ناهي ملي، اسان سنڌ حڪومت جو حصو آهيون، ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو سي ايم هائوس ۾ اظهار.
• حڪومت پنهنجي هوڏ تان لهي وڃي، ڪنهن به سنڌ دشمن عمل جي حمايت نه ڪنداسين، ايوان اندر ۽ ٻاهر ”دما دم مست قلندر ٿيندو: ڄام مدد علي.
• پ پ ايم پي ايز کي اسيمبلي اجلاس ۾ موجود هئڻ جو حڪم. ٻٽي نظام خلاف احتجاج ۾ قومپرستن سان گڏ آهيون، نواز شريف. مڪاني نظام تي اختلاف، چئن وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن جا استعيفيٰ گورنر حوالي.
• نئين مڪاني نظام خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي، آرڊيننس پاس ڪندڙ ميمبر غدار قرار ڏيڻ جو اعلان. پ پ شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ دفن ٿي هئي، ڪاري قانون کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبو: قادرمگسي. ڪارو نظام سنڌ ۾ لساني جهيڙا ڪرائڻ جي سازش آهي (صفدر سرڪي) آرڊيننس ذريعي سنڌ تي ڌارين جو قبضو ڪرايو پيو وڃي: آڪاش ملاح. فوجي جنرلن بعد سنڌين تي سڀ کان وڌيڪ ظلم پ پ ڪيو آهي: (علي حسن چانڊيو) ايم ڪيو ايم کي اقتدار ڏئي پ پ ووٽ جو تقدس پائمال ڪيو: ابرار قاضي. سنڌ کي بنگلاديش واري صورتحال ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي (قادر رانٽو) آرڊيننس خلاف آخري دم تائين جدوجهد جاري رهندي: اظهر جتوئي.
• نئين مڪاني نظام جي حمايت نه ڪنداسين: پيرپاڳارو. ڪائونسلر جي سيٽ به نه کٽندڙ مڪاني نظام جي مخالفت پيا ڪن. پير مظهر.
• سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان اي اين پي، جماعت اسلامي، ف ليگ، ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين کي اڄوڪي هڙتال ڪامياب بڻائڻ جي اپيل. نئين مڪاني نظام واري آرڊيننس کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ خلاف اڄ سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ. نئون مڪاني نظام ون يونٽ جيان سنڌ کي غلام بڻائيندو، آرڊيننس ۾ 35 نڪتا سنڌ دشمن آهن. ميئر کي ايترو با اختيار بڻايو ويو آهي جو اهو صوبائي ۽ قومي اسيمبلي آڏو به جوابده ناهي: ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس. (روزاني عوامي آواز)

02 آڪٽوبر 2012ع

• ماروي راشديءَ جي خانداني هئڻ تي شڪ آهي: پير مظهر. اوهان سنڌ جا ٺيڪيدار نه ٿيو. ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏيڻ تي ماروي راشدي جو ردعمل.
• آرڊيننس پ پ جي منشور مطابق آهي، سنڌ طرف ڪوبه ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ ريليون ڪڍڻ وارا آرڊيننس جي مخالفت ڪري رهيا آهن. آرڊيننس هڪ ڏينهن يا رات ۾ نه ساڍن ٽن سالن ۾ تيار ڪيو ۽ اسيمبلي مان به منظوري ڪرايو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ احتجاج ڪندڙ پنهنجو موقف يا اعتراض ٻڌائي نه سگهيا، شايد آرڊيننس پڙهي نه آيا هئا. نواز شريف ”جاڳ پنجابي جاڳ“ جا نعرا هڻڻ وارو بدنيت ماڻهو آهي، کيس آرڊيننس تي اعتراض ڪرڻ جو حق ناهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جون ميڊيا سان ڳالهيون.
• ”سنڌ جو ورهاڱو نامنظور“ جي نعرن دوران مڪاني بل منظور، سنڌ ۾ سوڳ شهر بند، روڊَ ويران. نواب شاهه ۾ پوليس هٿان جسقم ڪارڪن علي رضا خاصخيلي قتل، ٿاڻي کي باهه. ”جيڪو ووٽ ڏيندو، اهو غدار هوندو“، ”تاريخ ۾ غدار ٿيڻ کان بچو“، ”سنڌ ماءُ جو ورهاڱو نه کپي“ جي نعرن دوران پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ميمبرن پنجن منٽن اندر ”سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع“ ايوان مان منظور ڪرائي ورتو. پير مظهر ۽ آغا سراج دراني پ پ ميمبرن کي اُٿي بيهي بل جي حمايت ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا، اياز سومري ۽ نثار کهڙي ڪارڊ ليس مائيڪن جي استعمال ذريعي مخالف ڌر جي ميمبرن جو آواز دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي بل جي منظوري ورتي. نصرت سحر عباسي ۽ ماروي راشدي پاڻ ملهايو، آرڊيننس جي منظوري بعد مخالف ڌر جي ميمبرن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، متحده قومي موومينٽ جي ميمبرن خوشي مان اٿي بيهي ”ڪاميابيءَ جو نشان“ بڻائي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو.
• جسقم طرفان شهيد بشير قريشي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي طرفان سنڌ تي ٻٽو مڪاني نظام مڙهڻ خلاف هڙتال جي سڏ دوران نواب شاهه ۾ پوليس هٿان ڪارڪن جي قتل بعد شهر وڳوڙن جي ور چڙهي ويو، ٿاڻو ساڙي خاڪ ڪرڻ سان گڏ گاڏين کي باهيون، ڪيترائي ڪارڪن زخمي. حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڙتال سان گڏ ٽرانسپورٽ به بند، سکر ڊگري ڪاليج وٽ بس کي ساڙيو ويو، مٺي ۾ ڪاروبار بند، ڇڪتاڻ بعد هڪ ڪارڪن گرفتار، لکي غلام شاهه ۾ چڪريون، هڪ ڪارڪن زخمي، ڄام شوري ۾ چئن گاڏين کي ساڙيو ويو. ڪراچي جون سنڌي وسنديون بند، کوکرا پار ۾ ڇڪتاڻ، قومپرست ڪارڪنن تي تشدد، گهوٽڪي، نوشهري فيروز، ٽنڊي الهيار، قمبر، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند، ڦيٿو به نه ڦريو، مڪاني نظام وارو بل پاس ٿيڻ تي قومپرست ڪارڪن لڙڪ لاڙي ويٺا.
• روڊ ۽ رستا بند ڪري سنڌ جي عوام کي سنڌ اسيمبليءَ اچڻ کان ڇو روڪيو ويو؟: ف ليگ اڳواڻ. حڪمرانن کي پڇتائڻو پوندو، اهڙو ڪارو قانون آمرن به نه آندو هو: ڄام مدد. اسان جي پارٽي ان قانون کي سنڌ دشمن سمجهي ٿي، جنهن جي هر سطح تي مخالفت ڪئي ويندي. جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ پيپلزپارٽي ان بل بابت ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي: صحافين سان ڳالهيون.
• وڏو وزير بي اختيار آهي. نثار کهڙي پنهنجي چاچي جي سنت ورجائي: سنڌ بچايو ڪميٽي سربراهه. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن هئڻ کي ثابت ڪيو، بل جا حامي ميمبر غدار آهن: جلال شاهه. ون يونٽ بعد سنڌ اسيمبليءَ ٻيو ڀيرو ڪارو منهن ڪيو آهي، 14 ميمبرن جي مخالفت باوجود اسپيڪر اتفاق راءِ سان بل منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو. آئين سنڌ اسيمبلي کي اختيار نٿو ڏئي ته صوبائي اختيار لوڪل حڪومت کي منتقل ڪياوڃن: پريس ڪانفرنس. پ پ جو سنڌ دشمن چهرو سامهون اچي ويو (خالد محمود سومرو) پ پ سنڌ ماءُ سان غداري ڪئي آهي: عرفان الله مروت.
• لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جي هڪ ميمبر به مخالفت نه ڪئي، سنڌ کي مبارڪون ڏيان ٿو: فيصل سبزواري. ڪراچي ۾ ڪابه هڙتال ناهي ٿي، اسٽاڪ ايڪسچينج به کليل آهي، بلدياتي بل آئين جي روح مطابق آهي. ڪشمورکان ڪراچي تائين هڪ جهڙو نظام آهي، آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين کي به مبارڪون ڏيون ٿا: متحده پارلياماني اڳواڻ.
• دادو ۾ پير مظهر جي بنگلي آڏو ڪريڪر جو ڌماڪو. منظور آباد پاڙي ۾ صوبائي وزير جي رهائشگاهه وٽ ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ، ڪو به جاني نقصان رپورٽ ناهي ٿيو: پوليس. پ پ کان وڏو ٻيو ڪو به قومپرست ناهي: نويد قمر. ڪنهن کان به سنڌ سان پيار جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي: ٽنڊي محمد خان ۾ خطاب.
• ”هاڻ پ پ سان گڏ نٿو هلي سگهجي.“ حڪيم بلوچ استعيفيٰ ڏيندو، ملير جا 50 اڳواڻ ۽ ڪارڪن مستعفي صبر ۽ سهپ جي حد ٿي وئي آهي، قومي نقصان برداشت جوڳو ناهي: حڪيم بلوچ. يوسي درساڻي ڇني جو اڳوڻو ناظم مجاهد جوکيو به پ پ ڇڏيندڙن ۾ شامل، هلندڙ هفتي اجلاس طلب. تڪراري بل خلاف سنڌ ۾ سخت احتجاج، غدارن جي گهيراءَ جو اعلان. لاڙڪاڻي، شڪارپور، مدئجي، ڪوٽڙي ۽ ڏوڪري سوڌو ٻين شهرن ۾ سخت احتجاج. لاسي ڳوٺ ۾ قومپرستن جو ڌرڻو، سڄي سنڌ ۾ هڪ نظام لاڳو ڪرڻ مطالبو.
• پ پ جا 14 ميمبر سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غائب. ٻٽي نظام خلاف جاڳرتا مهم هلائڻي پئي ته هلائيندس: پاڳارو. تڪراري بل جي منظوري قابض مافيا جو وار آهي، اڳوڻن ناظمن جي فنڊز جي آڊٽ ڪرڻ بدران نئون نظام آندو ويو. تڪراري بل جنهن طريقي سان پاس ڪرايو ويو، اهو شهيد ڀٽو جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي: غنويٰ ڀٽو.
• مڪاني نظام وارو بل پاس ڪري پ پ ڌرتي سان غداري ڪئي آهي: صنعان قريشي. پ پ سنڌ جي تهذيب تي وار ڪيو آهي ۽ سنڌين پاران ڏنل مينڊيٽ جي توهين ڪي آهي. ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري پ پ ۽ متحده سنڌ سان غداري ڪئي آهي: ماروي ميمڻ. هاڻي عوام کي ايندڙ چونڊن ۾ درست فيصلا ڪرڻا پوندا، سنڌ غدارن کي معاف نه ڪندي. سنڌ جو آواز دٻائي مشرف جو نظام لاڳو ڪيو ويو: شاهي سيد. پ پ وارا ٽيڙي اک واري عورت وانگر پاڻ ۾ ته اتفاق ڪن. قومپرستن ۽ ف ليگ سان گڏجي ٻٽي مڪاني نظام جو مقابلو ڪبو: مرتضيٰ جتوئي. اسپيڪر ميمبرن جي مخالفت کي نظرانداز ڪري بل منظور ڪرايو: اين پي پي چيئرمين.
• بنا بحث بل جي منظوري بدنيتي آهي. خدا ڏنو شاهه، شفيع ڄاموٽ. مڪاني آرڊيننس خلاف 6 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان. نعيم کرل جي گهر جو گهيرو، قائم علي شاهه جي پتلي کي باهه. خيرپور ۾ قوم پرست ڪارڪن روڊ تي نڪري آيا، کرل جي گهر تي توا ٽنگيا ويا.
• سنڌ اسيمبليءَ مان بل منظور ٿيڻ شرط ڪراچي ٻهراڙي جي چئن ٽائونن جا ايڊمنسٽريٽر مقرر. نفيس شيخ کي گڏاپ، ابراهيم بلوچ بن قاسم، مسرور ميمڻ ڪياماڙي ۽ محمد رئيسي لياري ٽائون جا ايڊمنسٽريٽر هوندا. ٽائون ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري کان اڳ مڪاني ماڻهن ۽ پارٽي اڳواڻن کان پڇڻ ضروري نه سمجهيو ويو.
• پ پ جي چونڊيل نمائندن جي گهرن آڏو چوڙيون ۽ توا ٽنگيا ويا. لاڙڪاڻي ۽ شهداد ڪوٽ ۾ اياز سومري، حيدرآباد ۾ امداد پتافي ۽ نواز چانڊيي جي گهرن تي توا ٽنگيا ويا. بدين ۾ ف ليگ ڪارڪنن پ پ ايم پي اي سڪندر منڌرو جي گهر آڏو چوڙيون ٽنگيون. ڏوڪري ۾ نظير ٻگهيي جي گهر آڏو توا ٽنگيا ويا، نوابشاهه ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن جي گهرن آڏو چوڙيون اڇلايون ويون.
• قادر مگسي ۽ نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ ريلي، ڌرڻو، عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي. سنڌ جا ماڻهو شڪست تسليم نه ڪندا، پاس ڪرايل نئين نظام کي ختم ڪرائينداسين. قومپرست اڳواڻ. نئين مڪاني نظام وارو بل واپس وٺڻ تائين عوام سنڌ جي سمورن روڊن کي بند ڪري ڇڏي: قادر مگسي. سنڌ جو ڪوبه غيرتمند نئين مڪاني نظام کي قبول نه ڪندو، سنڌي ڪاري قانون خلاف طاقت جو استعمال ڪن: نياز ڪالاڻي. سنڌ خلاف دشمنن جي حرڪت کانپوءِ تحريڪون هليون ۽ سنڌين ون يونٽ جهڙو ڪارو قانون ختم ڪرايو: اياز لطيف. قوم پنهنجي ڌرتي تي وار برداشت نه ڪندي: آڪاش ملاح، دودو مهيري ۽ ٻين جو خطاب.
• ڪنهن به ميمبر مخالفت نه ڪئي، مڪاني نظام اتفاق راءِ سان منظور ٿيو: نثار کهڙو. هن مڪاني نظام جي مخالفت ڪندڙن مشرف دور ۾ 2001ع واري آرڊيننس جي حمايت ڪئي هئي. اسيمبلي جي روايت رهي آهي ته جيڪڏهن ميمبر بل تي بحث نه ڪن ته ان کي منظور ڪيو ويندو آهي: صحافين سان ڳالهيون.
• ٻٽو نظام سنڌ ۾ ورهاڱي جو پهريون قدم آهي، سنڌ ۾ پ پ خلاف وڏو اتحاد ٺهي پيو: چوڌري نثار. پنجاب کي ڀلي ورهايو وڃي، پر سنڌ جي ورهاست قبول ناهي، دادو ۾ غلام شاهه جيلاني جي گهر آڏو ڌماڪو.
• بل منظور ٿيڻ کانپوءِ سنڌين جون اکيون کلڻ گهرجن: عبدالواحد آريسر. رياستي ادارن ۽ حڪمران جماعت جي بدمعاشي باوجود سنڌي ماڻهن تاريخي هڙتال ڪئي. سنڌي ماڻهن پ پ کي سنڌ ٻه ٽڪر ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏنا هئا.
• سنڌ سان غداري ڪندڙن جو حشر خراب ٿيندو: اسان اردو ڳالهائيندڙن جا مخالف ناهيون، متحده جي دهشتگرد ٽولي خلاف آهيون. سنڌ ورهائڻ واري بل جي مخالفت ڪندڙ ميمبرن کي تاريخ سنهري لفظن ۾ ياد رکندي . رياض چانڊيو. (روزاني عوامي آواز)
• سرڪار سڄي سنڌ ۾ هڙتال ۽ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جي احتجاج کي ٿڏي، مڪاني ادارن بابت تڪراري بل 5 منٽن ۾ منظور ڪرائي ورتو. جنهن وقت سڄي سنڌ تڪراري بل خلاف روڊن تي سراپا احتجاج هئي، ان وقت اسپيڪر نثار کهڙي جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن جي حوالي سان تڪراري بل پيش ڪيو پئي ويو، قانون واري صوبائي وزير اياز سومرو بل ايوان اندر پيش ڪيو. سوالن جو وقفو ختم ٿيڻ شرط اياز سومري تڪراري بل پيش ڪيو ته سڄو ايوان سنڌ جو ورهاڱو نامنظور، آرڊيننس نامنظور، هڪ سنڌ هڪ نظام، جيڪو آرڊيننس جو يار آ، غدار آ غدار آ، شرم ڪريو جي نعرن سان گونجي اُٿيو، مخالف ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
• نئين بلدياتي نظام جي منظوري عوام جي فتح آهي. الطاف حسين.
• غدار ۽ ون يونٽ مڙهڻ جا الزام هڻندڙ کي خبر ايندڙ چونڊن ۾ پوندي: کهڙو. بل منٽن اندر ڪيئن پاس ٿي ويو، اهو سوال وزير قانون کان ڪيو وڃي.
• اقتدار لساني ميئرن حوالي ڪرڻ بعد سنڌ اسيمبلي هجڻ جو جواز ناهي رهيو، سنڌ کي 2 حصن ۾ ورهائڻ کانپوءِ ايوان کي تالا هنيا وڃن: محمد ابراهيم جويو.
• اسين غدار آهيون يا محب وطن اهو وقت ثابت ڪندو، ٻٽو نه پر هڪ ئي نظام آهي: شرجيل ميمڻ. اجلاس ۾ 2 ڀيرا اعتراض ڪندڙن کي اعتراض ٻڌائڻ لاءِ چيو، پر انهن آن دي رڪارڊ اعتراض ٻڌائڻ جو موقعو وڃايو. قومپرستن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، سنڌ کي ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. نئين نظام خلاف احتجاج ايوان جي توهين آهي، پ پ ميمبرن جا اعتراض هڪ ڏينهن اڳ ختم ڪيا هئا: اياز سومرو. ماضي ۾ ضلعي ڪائونسلن کي ايتري مالي خودمختياري نه هئي، جيتري ڪراچي جي ٻهراڙين جي ٽائونز کي ڏني آهي: رفيق انجنيئر
• ماروي راشدي ۽ نصرت سحر جي پ پ ميمبرن سان گرما گرمي. هڪ ٽڪيٽ ۾ 2 مزا نه وٺو (وزير تعليم) هتي ته گهڻا ئي مزا آهن.: نصرت سحر. لهجو مهذب رکو، مون کي ته مارويءَ جي خانداني هجڻ تي به شڪ آهي: وزير تعليم. آرڊيننس ذريعي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: پ پ ايم اين اي ظفر شاهه. حڪومت اتحادين کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي پئي ڪري. سنڌين جي احتجاج جو نوٽيس ڇو نٿو ورتو وڃي، هڙتال سنڌ جو آواز آهي. سسئي پليجو، ساجد جوکيو، صادق ميمڻ، تيمور ٽالپر، جاويد شاهه، احمد علي پتافي، فدا ڏيرو، احمد علي جمالي، پير غلام شاهه جيلاني، لالچند، مير حسن کوسو ايوان مان غير حاضر رهيا. (روزاني ڪاوش)

03 آڪٽوبر 2012ع

• بشير قريشي ۽ متحده ۾ حيدر منزل تي ٺهراءُ به جلال شاهه ڪرايو هو، هن مشرف جي ٻٽي مڪاني نظام دوران ارباب رحيم جي مدد سان حصو ورتو. ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءَ دوران ايوان مان ڀڄي. جلال شاهه سنڌ سان غداريءَ جو بنياد وڌو هو، جي ايم سيد پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هو، هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ايوب کهڙي ون يونٽ ٽوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. امداد محمد شاهه، قادرمگسي، بشير قريشي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ آيا هئا، پر جلال شاهه نه آيو، سندس چهرو عوام کي ڏيکاريندو رهندس. مخالف ڌر جا ميمبر ڄام مدد سان گڏ مون وٽ آيا هئا ۽ چيائون ته اسان بل پڙهيو ئي ناهي ته ڪهڙيون ترميمون آڻيون: سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙي جي پريس ڪانفرنس.
• جسقم جو شهيد ڪارڪن علي رضا خاصخيلي سڪرنڊ لڳ مٽيءَ ماءُ حوالي، صنعان قريشي ۽ ٻيا سياسي، سماجي اڳواڻ تڏي تي پهتا، نواب شاهه ۾ ڇڪتاڻ،فائرنگ ۾ 2 اهلڪار ۽ 3 ڪارڪن زخمي، ايس ٽي پي ڪارڪن نثار ڪيريو سميت ڪيترائي گرفتار، بڪتربند گاڏيون طلب. ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ سراپا احتجاج، جسقم ڪارڪن جي قتل تي مختلف شهر بند. مڪاني نظام جو آرڊيننس پاس ٿيڻ خلاف ڪشمور کان ڪراچي تائين ٻئي ڏينهن به احتجاج. ڪنڌ ڪوٽ، خيرپور، مٺي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ چونڊيل نمائندن جي گهرن آڏو توا ٽنگيا ويا. جسقم ڪارڪن علي رضا خاصخيلي جي قتل خلاف بينظير آباد ضلعي سميت حيدرآباد، سن، مانجهند، ڪنب ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند رهيو، خيرپور، دولتپور صفن، قمبر، دادو ۽ ڪي اين شاهه ۾ احتجاج، موري ۾ خالد محمود سومري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو. ميرپورخاص، اسلام ڪوٽ، کپري ۽ شهدادپور ۾ ريليون، کيبراڻي ۾ قادرمگسي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ مقصودي رند ۾ احتجاجي مظاهرا. ملير ۾ ريلي، شهدادڪوٽ، ڪنڌ ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ چونڊيل نمائندن جي گهرن تي توا ٽنگڻ جا ڪيس قومي ڪارڪنن تي داخل. اسيمبلي ميمبرن جي گهرن ڀرسان پوليس چوڪيون قائم.
• سنڌ ٽٽي رهي آهي، پ پ سنڌ کي شهيد ڪيو آهي، انڌو قانون واپس ورتو وڃي: ڄام مدد. سنڌ ورهائڻ جو بنياد رکيو ويو آهي، پ پ ڪارو قانون واپس وٺي، لاڙڪاڻو ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ قمبر کي شامل نه ڪرڻ ڇا ٻٽو نظام ناهي؟ سرڪاري وزيرن کي ٽيوشن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ميئر مخالف سياسي ماڻهن کي اندر به ڪري سگهي ٿو. امتياز شيخ.
• مڪاني بل سنڌ جي وحدت تي وار آهي، پ پ ايوب کهڙي کي به مات ڏئي ڇڏي، سنڌ اسيمبلي جي جن ميمبرن بل پاس ڪري غداراڻو ڪردار ادا ڪيو، پنج ڪروڙ سنڌي انهن کي بخش نه ڪندا. جلال شاهه.
• ”سنڌين جي مرضيءَ بنا آرڊيننس ڇو مڙهيو ويو؟“ لنڊن ۾ صدر زرداري جي رهائش ٻاهران احتجاج. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا ڪارڪن لکومل لوهاڻي جي اڳواڻي ۾ توا کڻي هوٽل ٻاهران پهتا. هوٽل انتظاميا طرفان توا ٽنگڻ جي اجازت نه ڏني وئي، صدر خلاف زوردار نعرا.
• مڪاني نظام جو بل سنڌ ورهائڻ لاءِ منظور ڪيو ويو آهي، بل ۾ ڌاريا هٿ شامل آهن: غنويٰ ڀٽو. غنويٰ ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مڪاني نظام خلاف ڳڙهي خدابخش کان ڪراچي تائين مارچ جو اعلان. 10 آڪٽوبر تي شهيدن جي مزار کان احتجاجي ريلي نڪرندي، حيدرآباد ۾ رات گذاري ويندي. 11 آڪٽوبر تي ريلي ٺٽي کان ٿيندي ڪراچي ۾ داخل ٿي قائداعظم جي مزار تي پُڄاڻي ڪندي.
• سنڌ ڪالوني بڻجي وئي آهي، سنڌي ٻٽو مڪاني نظام آڻيندڙن جو سماجي بائيڪاٽ ڪن ته جيئن اهي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهن: جسم چيئرمين جو ريلي کي خطاب.
• پ پ 5 ڪروڙ سنڌين کي ڀت سان لڳائي دهشتگردي جماعت کي خوش ڪيو: قادر مگسي. جن اسيمبلي ميمبرن مڪاني نظام جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي، غدار ليکيا ويندا. آرڊيننس جي حمايت ۾ ريليون ڪڍندڙن کي سنڌ جو عوام ٽماٽا ۽ بيضا هڻندو. اسيمبلي ۾ ويٺل وڏيرن قانون پڙهڻ بدران ان تي صحيح ڪري ڇڏي: نواب شاهه ۾ پريس ڪانفرنس.
• ”مڪاني نظام وارو بل واپس وٺو“. سڄي سنڌ ۾ ريليون، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا. سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ٻٽي مڪاني نظام خلاف مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرستن پاران احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، نصير آباد، ڏهرڪي، شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا. ڌرڻا. نئين مڪاني نظام خلاف سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي، ان جي ڪري روڊن تي اچي احتجاج ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ. سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين، پ پ وارن غداري ڪئي، نئين مڪاني نظام وارو بل فورن واپس ورتو وڃي: مطالبو.
• مڪاني نظام جي حمايت ۾ جيالن جون ريليون، لاڙڪاڻي ۾ قادرمگسي ۽ جلال محمود شاهه جي پتلن کي باهيون. پ پ جا ڪارڪن مڪاني نظام جي حمايت ۾ مختلف شهرن ۾ روڊن تي نڪري آيا، قوم پرستن ۽ نظام جي مخالفت ڪندڙن خلاف نعريبازي. لاڙڪاڻي ۾ سپاف جي ڪارڪنن جناح باغ چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جلال محمود شاهه جي پتلن ۽ تصويرن کي باهيون ڏنيون، فائرنگ. ڪوٽڙي ۽ موري ۾ به پ پ جي جيالن ريليون ڪڍيون، قومپرست پ پ خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن: جيالا.
• نئون نظام رياست اندر رياست قرار، ميئر کي ايترا اختيار ڏنا ويا ته سنڌ اسيمبلي کي تالو لڳڻ گهرجي: ساڃاهه وند. ڪاري قانون خلاف جدوجهد تي سنڌ واسين کي جس ڏيان ٿي، وطن لاءِ ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو: نصرت سحر. نئين نظام ذريعي سنڌي وسندين کي هدف بڻايو ويندو، گورنر هائوس ۾ سڀ ڪجهه طئي ڪيو پيو وڃي ته سنڌ اسيمبلي جي ڪهڙي ضرورت: ماروي راشدي. هي مشرف جي نظام کان به خطرناڪ آهي، ميئر کي 43 مان 40 کاتا ڏنا ويا، اڌ بجيٽ ڪراچي ۾ خرچ ڪئي ويندي: ضمير گهمرو. ڪارو قانون سنڌين کي قتل ڪرڻ برابر آهي (مير حيدر ٽالپر) بحرانن جي ور چاڙهيو پيو وڃي، سنجيدگي سان سوچڻو پوندو، انعام شيخ، مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ ٻين جو سيمينار کي خطاب.
• پ پ سنڌ کي نيلام گهر بڻائي ڇڏيو: مرتضيٰ جتوئي. ڪرسي خاطر سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ايندڙ اليڪشن منشور تي نه پر سنڌ جي ٻٽي نظام تي ٿيندي. نادر مگسي جي دوري دوران وارهه ۾ احتجاج، چوڙيون ۽ روا ٽنگي استقبال. سنڌ بچايو ڪميٽي پاران شهر ۾ چوڙيون ۽ روا ٽنگي نادر مگسي جو استقبال ڪيو ويو.
• قومپرست ڀائر آهن، جهيڙو نٿا چاهيون: نادر مگسي. مڪاني نظام واري بل جي اعتراض وارن شقن ۾ ترميم ڪئي ويندي. پ پ خلاف پروپيگنڊا هلائي پئي وڃي: وارهه ۾ ميڙ کي خطاب.
• ٻٽو نظام ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي: اياز لطيف پليجو. ميئر کي سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان وڪرو ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن. ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، حيدرآباد ۾ اجلاس دوران ڳالهيون.
• جيئي سنڌ تحريڪ طرفان 14 آڪٽوبر تي ملير کان ڪراچي پريس ڪلب تائين مارچ جو اعلان. پنجاب پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي سنڌ ورهائڻ جو گرين سگنل ڏنو آهي. صفدر سرڪي. هڪ سنڌ ٻه نظام وطن جي ورهاست جو بنياد آهي، مزاحمت ڪنداسين. سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ٿا ڪري سگهون: ڪراچي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب.
• ايم ڪيو ايم فاشسٽ تنظيم آهي، جيڪا آمريڪا جي مدد سان ڏاکڻي پٽي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ چاهي ٿي: مڪاني نظام سنڌ ٽوڙڻ جي سازش آهي: ڪميونسٽ اڳواڻ.امداد قاضي.
• لاڙڪاڻي ۾ جسم جي ”حق خوداراديت ريلي“ سنڌ دشمن مڪاني نظام آڻيندڙن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو: خالق جوڻيجو. خالق جوڻيجو، برڪت جتوئي، هاشم کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بئنڪ اسڪوائر کان جناح باغ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين جي به شرڪت، مڪاني نظام جو بل واپس ورتو وڃي جا زوردار نعرا هنيا ويا. قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، انهن ٻٽو مڪاني نظام آڻي سنڌ کي ورهايو آهي، سنڌ ڪالوني بڻجي وئي آهي، سنڌي ٻٽو مڪاني نظام آڻيندڙ جو سماجي بائيڪاٽ ڪن ته جيئن اهي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهن: جسم چئرمين خالق جوڻيجو جو ريليءَ کي خطاب. (روزاني عوامي آواز)

4 آڪٽوبر 2012ع

• هڙتالون، مظاهرا ۽ ڌرڻا، ايس ٽي پي اڳواڻ قتل، تڪراري مڪاني نظام ۽ جسقم ڪارڪن جي قتل ۽ گرفتارين خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا، ڪيترن شهرن ۾ هڙتال، ڊگهڙي ۾ ريلي تي فائرنگ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالمالڪ نوحاڻي قتل ٿي ويو، ردِ عمل ۾ ڪيترا شهر بند ٿي ويا، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، دادو، ٺٽو ۽ بدين ۾ مظاهرا، ٽنڊو محمد خان ۾ هڙتال، موري ۾ آريسر ۽ سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻا، شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ ٽئين ڏينهن به هڙتال، اڄ ميرپورخاص ضلعي ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ، سرن جا نذرانا ڏيندا رهنداسين: ايس ٽي پي.
• صدر مڪاني بل جي سنڌي ترجمي جي هدايت ڪري ڇڏي، عوام کي ان بل جي صحيح آگاهي ڏيڻ لاءِ بل اردو ۾ به ترجمو ڪري شايع ڪرايو ويندو، بل خلاف پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو به صدر نوٽيس ورتو، پرامن احتجاجن کي نه روڪيو، جيڪڏهن ڪا ڌُر قانون هٿ ۾ کڻي ته ان کي سختي سان مُنهن ڏيو، بل قانون بڻجي ويو، بل پاس ٿيڻ سان وڏن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي ترقي ٿيندي، فرق ختم ٿي ويندو، ڪجهه ڌرين کي ويڙهائي ڪي ڌريون سياست ڪرڻ گهرن ٿيون، رٺل اتحادين کي پرچائبو: صدر زرداري.
• تڪراري نظام خلاف ڌرڻن ۽ جلسن جو اعلان، 10 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻو لڳندو، 12 تي بدين ۾ جلسو ٿيندو، هر شهر ۾ رابطا مهم هلندي، حڪومت بل واپس وٺي، ڪالاباغ ڊئم حمايت وارو الزام غلط آهي، نثار کهڙي شاباس ڏني هئي. جلال محمود شاهه (روزاني سنڌ ايڪسپريس.

5 آڪٽوبر 2012ع

• قومپرست عوام جا رد ڪيل کوٽا سِڪا آهن، قومپرستي جي آڙ ۾ پرتشدد ڪارروايون پيا ڪن: شرجيل. قومپرست چونڊيل نمائندن جي گهرن تي حملا بند ڪن، اتي به سنڌياڻيون رهن ٿيون: کهڙو. ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪيون وڃن، قومپرستن خلاف زبان کوليسين ته منهن ڏيکاري نه سگهندا: صوبائي وزير. ٻيهر ميمبرن جي گهرن تي توا ٽنگيا ويا ته اسان کي به قومپرستن جي گهرن جي خبر آهي.
• ٻٽي مڪاني نظام ۽ قومي ڪارڪنن جي قتل خلاف سنڌ سراپا احتجاج، هڙتالون، باهيون، مظاهرا ۽ ڌرڻا. ايس ٽي پي، جسقم، عوامي تحريڪ، نواز ليگ، جي يو آءِ، ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ، ايس اين پي، فنڪشنل ۽ ٻين جماعتن جو احتجاج. ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، ڊگهڙي، پنگريو ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار بند. قادر مگسي شهيد مالڪ نوحاڻي جي تڏي تي پهتو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، نوابشاهه جيل مان 8 ڪارڪن سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل.
• قمبر - شهداد ڪوٽ عدالت پاران 10 ايس ٽي پي ڪارڪنن جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور. سنڌ ۾ رات جي اونداهي ۾ آندل ٻٽو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: قادر مگسي. سنڌ سان غداري برداشت نه ڪئي ويندي، عوام ويساهه گهاتيون ڪندڙن کي شڪست ڏيندو. (روزاني ڪاوش)

6 آڪٽوبر 2012ع

• پ پ پاران 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ وڏو عوامي جلسو ڪرڻ جوفيصلو، اتحادين کي پرچائڻ جو ٽاسڪ درانيءَ حوالي. صدر آصف جي صدارت ۾ پ پ ڪور ڪاميٽي جو اجلاس، نئين مڪاني نظام کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ اتحادين جي استعيفائن واري معاملي تي غور. چاهيون ٿا ته سڀني اتحادين کي گڏ کڻي هلون، ساڻن ڳالهيون جاري رکيون وڃن، صدر زرداري جي هدايت. هڙتالن ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان ڪو فائدو نه پوندو، بلدياتي نظام ۾ ترميمون ڪري سگهجن ٿيون. اجلاس ۾ 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ وڏو عوامي جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اتحادي بلدياتي نظام بابت ترميمون پيش ڪندا ته غور ڪبو: آغا سراج. (روزاني ڪاوش)
• ٽنڊي جان محمد ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو علامتي جنازو کڻي احتجاج. بلدياتي آرڊيننس ۽ قومي ڪارڪنن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. ڪراچي پريس ڪلب آڏو ايس ٽي پي ڪارڪن سراپا احتجاج، سکر ۾ جسقم جو جلوس، حڪومت خلاف نعريبازي. سچل ڳوٺ، ملير، دادو، مٺي، ڏهرڪي، ڏوڪري، باقراڻي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريليون.
• عوامي تحريڪ پاران 14 آڪٽوبر تي سنڌ جا روڊ بند ڪرڻ جو اعلان. سنڌ دشمن نظام خلاف ڀرپور تحريڪ جي ضرورت آهي. وڏي وزير کي دعوت ڏيان ٿو ته مون سان گڏ ويهي آرڊيننس کي پڙهي ڏسي: اياز لطيف پليجو.
• نئين مڪاني نظام خلاف احتجاج، اين پي پي، ف ۽ ق ليگ وزيرن جي هٿ سان لکيل استعيفيٰ گورنر حوالي. استعيفيٰ ڏيندڙن ۾ ڄام مدد علي، رفيق ٻانڀڻ، عابد جتوئي ۽ شهريار مهر شامل.
• قومپرست اخلاق جي دائري ۾ رهن، اسان کي به توا ٽنگيندڙن جي گهرن جي خبر آهي: پ پ سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ وزير. سنڌ کي ڀتي خورن ۽ قبضا مافيا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي، واويلا بند نه ٿي ته اصل حقيقتون سامهون آڻبيون. آمرن جي دور ۾ خاموش رهندڙن کي عوام سڃاڻي ٿو، پڙهڻ کان سواءِ ئي مڪاني بل جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. قومپرستن کي چڱي طرح سڃاڻون ٿا، کانئن ڊڄڻ وارا نه آهيون، پ پ صبر کان ڪم پئي وٺي: گڏيل بيان.
• نئين مڪاني نظام جي حمايت ۾ ريلي ڪڍندڙن جو ٽماٽن سان استقبال ڪرڻ جي هدايت. حڪمرانن کي مڪاني آرڊيننس واپس وٺڻ تي مجبور ڪبو: قادر مگسي. سنڌ ۾ پيدا ٿيل خراب سياسي فضا لاءِ ذميوار پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آهي: پريس ڪانفرنس.
• گورنر هائوس کان آندل نظام سنڌين تي ٿاڦيو ويو: اختر مينگل. سنڌ مٺائي جو ٽڪر نه آهي جو سڀني کي ورهائي ڏجي، سنڌين جو وطن آهي. پ پ اقتدار جي لالچ ۾ اچي بل پاس ڪري سنڌين سان دوکو ڪيو آهي: دبئي ۾ آجياڻي کي خطاب.
• مڪاني چونڊون پراڻي نظام تحت ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل. 2 سال گذرڻ باوجود حڪومت مڪاني چونڊون نه ڪرائي عوام جي حق تلفي ڪئي آهي: درخواست گذار. عدالت پاران سنڌ سرڪار، صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 2 هفتن اندر جواب طلب. (روزاني عوامي آواز)

7 آڪٽوبر 2012ع

• سنڌ جا ڏات ڌڻي تڪراري مڪاني نظامي خلاف احتجاج جي ميدان ۾ اچي ويا، سنڌ لاءِ جاکوڙڻ جو وچن. سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، گهوٽڪي ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. سنڌي ماڻهن پ پ کي ووٽ ڏنا، پر هنن رات جي اونداهي ۾ سنڌ کي ورهايو آهي، ٻٽي نظام خلاف جاکوڙ جاري رکبي: مشتاق ڦل. مڪاني نظام سنڌ جي وحدت تي حملو آهي (جامي چانڊيو) نئين نظام ۾ ڏوهه وڌندا (مشتاق ميراڻي) ڳالهين بدران عملي طور اڳتي اچڻو پوندو: ذوالفقار سيال. ميٽروپوليٽن نظام ايترو ئي سٺو آهي ته پوءِ اهو سڄي سنڌ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ رڳو هڪ نظام هلڻ ڏبو: ڏات ڌڻي. (روزاني ڪاوش)
• پ پ ويساهه گهاتي ڪري سنڌ ٽوڙڻ جو بنياد رکيو آهي، سنڌ سلامت نه رهي ته پاڪستان به سلامت نه رهندو: قوم پرست ۽ سياسي اڳواڻ. پ پ جا مڪاني نظام لاءِ رابطا، ف ليگ، اين پي پي ۽ اي اين پي جو ڳالهين کان انڪار. صدر جي جوڙيل ڪميٽيءَ جي سربراهه آغا سراج دراني، پير پاڳاري، غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ شاهي سيّد سان رابطو ڪيو، اڳواڻن جو تڪراري مڪاني بل واپس وٺڻ تائين ڳالهين کان کتو جواب. اڳواڻن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي، هڙتالن سان مسئلا حل ٿين ها ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلو حل ٿي وڃي ها، نئون مڪاني نظام سنڌ جي مفادن خلاف ناهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: آغا سراج دراني. سنڌ ٽوڙڻ ملڪ ٽوڙڻ جو بنياد رکڻ برابر آهي (جلال محمود شاهه) حڪومت بل واپس وٺي، اهو انڌو قانون ۽ رياست اندر رياست آهي، سنڌ ورهائيندڙ خوار خراب ٿيندا: ڄام مدد. ٻٽو نظام نه هجڻ گهرجي، عوام ساٿ ڏئي جيئن جدوجهد کي ڪامياب بڻايون (شهريار مهر) مشرف جي ڪاري قانون کان به هي بدتر آهي: (امير نواب) سنڌ جي ورهاست قبول ناهي: مسرور جتوئي.
• اتحادي ڌر جي رياست اندر رياست، صحت کاتي پاران 6 اسپتالون پاڻ تعمير ڪرڻ جو فيصلو. مڪاني آرڊيننس واري تڪراري آرڊيننس جي منظوري کي هفتو به نه گذريو، اتحادي حڪومت اندر ٻي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل. صحت جي صوبائي وزير چيف سيڪريٽري ۽ ناڻي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي خط لکيو آهي ته 6 اسپتالون تعمير ڪرائڻيون آهن. صحت کاتي کي ورڪس کاتي تي اعتبار ناهي، ڇهن اسپتالن جي تعيمر جو ڪم صحت کاتو پاڻ ڪندو، انجنيئر ورڪس کاتو فراهم ڪري: صحت کاتو. ناڻو کاتو اسپتالن جي تعمير، مرمت ۽ اضافي عمارتن لاءِ رقم صحت کاتي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار، ورڪس اينڊ سروسز کاتي اسٽينڊ ورتو، پنهنجا آفيسر نه ڏيڻ جوفيصلو.
• اڄ کان نسيم نگر چوڪ تي بک هڙتال. مڪاني نظام ذريعي نسلي ليڪ ڏني وئي آهي. قادرمگسي. هٿ ٺوڪيا قومپرست الطاف جي ساراهه ڪري رهيا آهن، شهيد بينظير جي پ پ ختم ٿي وئي. جاڳ پنجابي جاڳ جو نعرو هڻندڙ نواز شريف تاريخ مان سبق سکي سنڌين ۽ بلوچن سان گڏ بيٺل آهي. مڪاني نظام جي حمايت ۾ ريليون ڪڍندڙن جو ٽماٽن سان استقبال ٿيندو، بل خلاف ووٽ ڏيڻ بدران لڪي ويندڙ ميمبر ڀڳوڙا آهن. بل جي مخالفت ڪندڙن کي خراج پيش ڪيون ٿا، اڄ حر به سنڌ بچائڻ لاءِ ميدان تي آهن: جلسي کي خطاب.
• احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن مٿان گوليون هلائڻ تي صدمو پهتو، سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه غلط آهي. سنڌ ماءُ آهي، ورهائڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون، قومپرست نواز شريف جي ڇٽي هيٺ ويهي سياست نه ڪن. آرڊيننس تفصيل سان نه پڙهيو آهي، ڪراچي جي ميئر کي وڌيڪ اختيار آهن ته ڳالهين ذريعي ختم ٿي سگهن ٿا. پ پ حڪومت عوامي ردعمل ڏسي اڳ ۾ ڪيترائي فيصلا واپس ورتا صدر به ڳالهين جو چيو آهي: پ پ ايم اين اي گل محمد جکراڻي جون صحافين سان ڳالهيون.
• پ پ جا لکين ڪارڪن مخالفن جي پروپيگنڊا جو جواب ڏيندا، 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد وارو جلسو ثابت ڪندو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي: شرجيل ميمڻ.
• ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ رائيٽرز فورم جي سڏ تي تاريخي احتجاج، نصرت سحر ۽ ماروي راشدي جي شرڪت. ڪاري قانون خلاف جانين جا نذرانا ڏيڻ کان به نه ڪيٻائينداسين. سول سوسائٽي اديب ۽ صحافي. پ پ سنڌين سان تاريخي غداري ڪئي، بل واپس نه ٿيو ته حڪمران بعد ۾ پڇتائيندا: نصرت سحر عباسي. پ پ کي سنڌ وڪڻڻ نه ڏينداسين (آغا سليم) پيپلزپارٽي ٻٽو نظام آڻي سياسي خودڪشي ڪئي آهي: جامي چانڊيو. پ پ کي ان بل جي ڳري قيمت چڪائڻي پوندي (ماروي راشدي) هي نظام ون يونٽ کان به وڏو وار آهي: جي اين مغل. سنڌ جي اديبن ون يونٽ خلاف مزاحمت ڪئي، هاڻي به جدوجهد ڪندا (مشتاق ڦل) سنڌ ڄائي آهيان، اهڙا فيصلا قبول ناهن: فهميده رياض ۽ ٻين جو خطاب.
• عوامي آواز فيس بڪ پول تي سوين سنڌ واسين مڪاني نظام کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ ورهائڻ جي سازش قرار. فيس بڪ پول تي سنڌ جي عوام کان راءِ گهري وئي، سوين رهواسين مڪاني نظام جي خلاف راءِ جو اظهار ڪيو.
• مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي جي بک هڙتال، اياز لطيف ۽ ٻيا پهتا. مڪاني نظام سان اردو ڳالهائيندڙن کي به نقصان پهچندو، 16 آڪٽوبر تي شاهراهه بند ڪيا ويندا: پ پ مينڊيٽ جي آڙ ۾ سنڌ دشمن نظام مڙهيو آهي، ڪارو قانون ڏئي ان تي خوشيون ملهايون پيون وڃن. 14 تاريخ تي جست ۽ جي يو آءِ جا 14 آڪٽوبر تي پروگرام هجڻ سبب عوامي تحريڪ پاران 16 آڪٽوبر تي شاهراهن تي ڌرڻا هنيا ويندا. هڪ ڌر لطيف آباد جي ٿڌن بنگلن ۾ پ پ سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، اها جلد وائکي ٿيندي: اياز لطيف.
• جسقم، ايس ٽي پي، جسم ۽ ٻين قومپرست جماعتن جا مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا. ”ٻٽو نظام نامنظور“ اديب ۽ شاعر هٿن کي زنجير ٻڌي سراپا احتجاج. سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ڏات ڌڻي ديس جا دنگ بچائڻ لاءِ نڪري آيا: نعريبازي. حيدرآباد، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، موري، نوشهري فيروز، دادو ۽ چوهڙ جمالي ۾ ريليون.
(روزاني عوامي آواز)

8 آڪٽوبر 2012ع

• سنڌ ۾ نئون نظام لاڳو ٿيڻ باوجود مڪاني ادارن کي فنڊ پراڻي ٽرانزيشن فارمولي تحت جاري. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، 22 ضلعي ڪائونسلن، ٽي ايم ايز ۽ يوسيز کي فنڊن جي آڪٽوبر مهيني واري قسط جاري ٿي. ناڻي کاتي آڪٽراءِ ۽ ضلعي ٽيڪس جي بدلي صوبائي حڪومت کان مڪاني ادارن کي ملندڙ رقمن جا 2 ارب جاري ڪيا. ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حصي جا 33 ڪروڙ رپيا ڪي ايم سي کي جاري، هن وقت 6 ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنون قائم ڪيون ويون آهن.
• صدر جي جوڙيل ڪاميٽي اتحادين سان رابطو نه ڪيو، دراني اسلام آباد روانو. اسان کي ڪاميٽي بابت اڃا تائين با ضابطا طور ناهي ٻڌايو ويو: امتياز شيخ. اڃا ڪاميٽي رابطو نه ڪيو آهي، سياست ۾ در کليل آهن: عارف مصطفيٰ جتوئي.”نئون مڪاني نظام نه کپي“ سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا، باهيون، وارهه ۾ نادر مگسي لاءِ روا ۽ چوڙين جا هار ٽنگجي ويا. ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، ٽنڊو محمد خان، گهوٽڪي، باقراڻي، ڏوڪري، شهدادڪوٽ ۽ نصير آباد ۾ احتجاجي مظاهرا. نوشهروفيروز، ميرپور بٺورو، ڀرياسٽي، سوڀو ديرو، ڏهرڪي، اوٻاڙو ۽ جوهي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج دوران پتلن کي باهيون. لکي غلام شاهه ۾ 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو، مختلف هنڌن تي عورتون به روڊن تي اچي ويون. ايس ٽي پي ، عوامي تحريڪ، جسقم، مسلم ليگ (ن)، فنڪشنل، ايس يو پي، جيئي سنڌ تحريڪ، پ پ (ش ڀ) ۽ ٻين پارٽين جو احتجاج. (روزاني ڪاوش)
• ڏوهاري پ پ اڳواڻن جي گهرن تي حملا ڪندا ته اسان وٽ به نوجوان موجود آهن، بلدياتي نظام آڻڻ کان پوءِ پ پ خلاف غداري جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا پيا وڃن: تاريخ ۾ اسان کان وڌيڪ ڪنهن به جدوجهد ناهي ڪئي. پ پ تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جا الزام بي بنياد آهن، قومپرست اسيمبلين ۾ نه اچي سگهندا. ڏوهاري ڪنهن به پارٽي جو جهنڊو کڻي پ پ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي گهرن مٿان حملو ڪندا ته ان جا ذميوار قومپرست هوندا: عاجز ڌامراهه.
• لاڙڪاڻي ۾ جسم جي ”حق خوداراديت ريلي“ سنڌ دشمن مڪاني نظام آڻيندڙن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. خالق جوڻيجو. خالق جوڻيجو، برڪت جتوئي، هاشم کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بئنڪ اسڪوائر کان جناح باغ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين جي به شرڪت، مڪاني نظام جو بل واپس ورتو وڃي جا زوردار نعرا هنيا ويا. قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، انهن ٻٽو مڪاني نظام آڻي سنڌ کي ورهايو آهي: خالق جوڻيجو. سنڌ ڪالوني بڻجي وئي آهي، سنڌي ٻٽو مڪاني نظام آڻيندڙ جو سماجي بائيڪاٽ ڪن ته جيئن اهي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهن: جسم چيئرمين جو ريلي کي خطاب.
• پ پ 5 ڪروڙ سنڌين کي ڀت سان لڳائي دهشتگرد جماعت کي خوش ڪيو: قادر مگسي. جن اسيمبلي ميمبرن مڪاني نظام جي حق ۾ ووت ڏنو آهي غدار ليکيا ويندا. آرڊيننس جي حمايت ۾ ريليون ڪڍندڙن کي سنڌ جو عوام ٽماٽا ۽ بيضا هڻندو. اسيمبلي ۾ ويٺل وڏيرن قانون پڙهڻ بدران ان تي صحيح ڪري ڇڏي: نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس.
• ”مڪاني نظام وارو بل واپس وٺو“ سڄي سنڌ ۾ ريليون، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا. سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جي سڏ تي ٻٽي مڪاني نظام خلاف مختلف ياسي، سماجي ۽ قومپرستن پاران احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد، سکرڪ، لاڙڪاني، دادو، نصير آباد، ڏهرڪي، شهداد ڪوٽ، گهوٽڪي، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. نئين مڪاني نظام خلاف سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي، ان جي ڪري روڊن تي اچي احتجاج ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ. سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين، پ پ وارن غداري ڪئي، نئين مڪاني نظام وارو بل فورن واپس ورتو وڃي: مطالبو.
• مڪاني نظام جي حمايت ۾ جيالن جون ريليون، لاڙڪاڻي ۾ قادرمگسي ۽ جلال محمود شاهه جي پتلن کي باهيون. پ پ جا ڪارڪن مڪاني نظام جي حمايت ۾ مختلف شهرن ۾ روڊن تي نڪري آيا، قومپرستن ۽ نظام جي مخالفت ڪندڙن خلاف نعريبازي. لاڙڪاڻي ۾ سپاف جي ڪارڪنن جناح باغ چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جلال محمود شاهه جي پتلن ۽ تصويرن کي باهيون ڏنيون، فائرنگ.
• نئون نظام رياست اندر رياست قرار، ميئر کي ايترا اختيار ڏنا ويا ته سنڌ اسيمبلي کي تالو لڳڻ گهرجي: ساڃاهه وند. ڪاري قانون خلاف جدوجهد تي سنڌ واسين کي جس ڏيان ٿي، وطن لاءِ ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون. ڪجهه به ٿي سگهي ٿو: نصرت سحر. نئين نظام ذريعي سنڌي وسندين کي هدف بڻايو ويندو، گورنر هائوس ۾ سڀ ڪجهه طئي ڪيو پيو وڃي ته سنڌ اسيمبلي جي ڪهڙي ضرورت: ماروي راشدي. هي مشرف جي نظام کان به خطرناڪ آهي، ميئر کي 43 مان 40 کاتا ڏنا ويا، اڌ بجيت ڪراچي ۾ خرچ ڪئي ويندي: ضمير گهمرو. ڪارو قانون سنڌين کي قتل ڪرڻ برابر آهي (مير حيدر ٽالپر) بحرانن جي وَر چاڙهيو پيو وڃي، سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو، انعام شيخ، مهر النساءِ لاڙڪ ۽ ٻين جو سيمينار کي خطاب.
• پ پ سنڌ کي نيلام گهر بڻائي ڇڏيو: مرتضيٰ جتوئي. ڪرسي خاطر سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ايندڙ اليڪشن منشور تي نه پر سنڌ جي ٻٽي نظام تي ٿيندي. نادر مگسي جي دوري دوران وارهه ۾ احتجاج، چوڙيون ۽ روا ٽنگي استقبال. سنڌ بچايو ڪميٽي پاران شهر ۾ چوڙيون ۽ روا ٽنگي نادر مگسي جو استقبال ڪيو ويو.
• ٻٽو نظام ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. اياز لطيف پليجو. ميئر کي سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان وڪرو ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن. ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، حيدرآباد ۾ اجلاس دوران ڳالهيون.
• جيئي سنڌ تحريڪ طرفان 14 آڪٽوبر تي ملير کان ڪراچي پريس ڪلب تائين مارچ جو اعلان. پنجاب پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي سنڌ ورهائڻ جو گرين سگنل ڏنو آهي. صفدر سرڪي. هڪ سنڌ ٻه نظام وطن جي ورهاست جو بنياد آهي، مزاحمت ڪنداسين. سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ٿا ڪري سگهون: ڪراچي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب.
• ايم ڪيو ايم فاشسٽ تنظيم آهي، جيڪا آمريڪا جي مدد سان ڏاکڻي پٽي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ چاهي ٿي. مڪاني نظام سنڌ ٽوڙڻ جي سازش آهي، پ پ، نواز ليگ بڻجي چڪي آهي، جيڪا متحده سان گڏجي غلط فيصلا پئي ڪري، سپنا ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي وارا الڳ الڳ تير پيا هڻن. ڪميونسٽ پارٽي کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، ان لاءِ پئسا ناهن، ڪميونسٽ اڳواڻ امداد قاضيءَ جو اسلام ڪوٽ ۾ عوامي آواز کي انٽرويو. (روزاني عوامي آواز)

09 آڪٽوبر 2012ع

• مختلف شهرن ۾ مڪاني نظام جي حمايت ۾ مظاهرا، ريليون. نوابشاهه، موري، سکر، دادو ۽ پني عاقل ۾ پ پ ۽ سپاف ڪارڪنن نظام جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون. شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڄامشورو ۾ مظاهرا، ريلين لاءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
• حيدرآباد ۾ پ پ جي جلسي دوران ڪجهه ٿيو ته ذميوار سرڪار هوندي. گهرو ويڙهه جي ڪوشش پئي ٿئي، پ پ غلط فهمي مان نڪري اچي: قادر مگسي. 15 آڪٽوبر تي لساني تنظيم جي دهشتگردن کي آڻي وزيرن جي آجيان لاءِ چوڙيون کڻي ايندڙن سان ظلم ڪيو ويندو. حڪمران ماڻهن جي ڪاوڙ تي ڌيان ڏئي هوش کان ڪم وٺن، سنڌ جي هر چوڪ تي احتجاج ۽ وزيرن جو گهيراءُ پيو ٿئي.
• مڪاني نظام جي حمايت ۾ مظاهرا ڪندڙ سنڌ ۾ رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا، پ پ حڪومت هوڏ تان لهي ۽ ٻٽو نظام واپس وٺي عوام کان معافي وٺي: صنعان قريشي.
• مڪاني بل جي مخالفت ڪندڙن ٻن سالن تائين گڏجاڻين ۾ شامل رهيا: زاهد ڀرڳڙي. مسلم ليگ فنڪشنل، اين پي پي ۽ اي اين پي ميمبر بل جي مخالفت پيا ڪن، خبر ناهي ڪير سندن ڏور ڇڪي رهيو آهي. آمر مشرف جي دور ۾ قومپرست ناظم هئا، اليڪشن ويجهو اچڻ سبب اجائي واويلا پيا ڪن: پريس ڪانفرنس.
• سنڌ ۾ ٻٽو نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبو: صفدر سرڪي. پ پ ۽ لساني تنظيم کي سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو لائسنس ڏنو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ قابض ٽولي آئين جي روح کي پائمال ڪرايو آهي: تاج محمد ڊومڪي. نئون بلدياتي نظام هڪ سازش تحت سنڌ کي تقسيم ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي. تحفظ سنڌ ريلي بابت جاڳرتا لاءِ لاڙڪاڻي ۽ پني عاقل ۾ ريليون ڪڍيون ويون.
• حڪمران ٻٽي مڪاني نظام کي ختم ڪرڻ بدران گولي جي ٻولي پيا ڳالهائين: اياز لطيف. قانون سمورن شهرين لاءِ هڪجهڙو هجڻ کپي پر سنڌ ۾ ٻٽو نظام مڙهيو ويو آهي. ٽنڊي باگي، ٽنڊي آدم، ڄام نواز علي ۽ دولتپور ۾ ريليو: مظاهرا. (روزاني ڪاوش)

10 آڪٽوبر 2012ع

• نثار کهڙي، سراج دراني، اياز سومري، امداد پتافي ۽ ٻين پ پ اڳواڻن جي گهرن تي دستي بم حملا، 2 ڄڻا زخمي. حيدرآباد ۾ امداد پتافي جي گهر تي دستي بم اُڇلايو ويو، ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف، سندس 2 مائٽ زخمي ٿيا. علي نواز شاهه رضوي، زاهد ڀرڳڙي، نويد قمر، مولابخش چانڊيو، شگفته جماڻي ۽ ٻين جي گهرن آڏو اضافي اهلڪار مقرر. لاڙڪاڻي ۾ اياز سومري جي گهر ۾ ڌماڪيدار مادو اڇلايو ويو، جيڪو ڦاٽي نه سگهيو، کهڙي جي گهر ۾ به اهڙو مواد اڇلايو ويو. نثار کهڙي جي گهر ٻاهران هڪ جوابدار ڌماڪيدار مادي سميت گرفتار، سراج دراني جي ڳڙهي ياسين واري گهر تي حملو ڪيو ويو. فصيح شاهه جي گهر ٻاهران بم مليو، ڊگهڙي ۾ مير حيات ٽالپر جي بنگلي ٻاهران اُڇلايل بم ڦاٽي نه سگهيو، صدر اڳواڻن سان رابطا ڪري خيريت معلوم ڪئي.
• گهرن تي حملا بزدلاڻي ۽ شرمناڪ ڪارروائي آهي: شرجيل. ڊڄڻ وارا ناهيون، دهشتگرد ڪارروايون سنڌ کي گهرو ويڙهه طرف وٺي وڃي سگهن ٿيون: اياز سومرو. خبر پئجي وئي ته ڪير ڪيترو بهادر آهي، گهرن تي حملا کليل دهشتگردي آهي: سراج دراني. ڪنهن سان دشمني ناهي، مڪاني نظام جو بل پيش ڪرڻ وقت اسيمبلي ۾ نه هئس: حيات ٽالپر.
• اچو ته گڏجي سنڌ بچايون. سنڌ جي ڏهه ضلعن جي 70 جڳهن تي مسلم ليگ (ن) طرفان ڪاري آرڊيننس خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
• حيدرآباد ۾ ڏات ڌڻين پاران سنڌ ۾ ٻٽي نظام خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو، جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان. سنڌ جي اديبن، شاعرن ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ٻٽي نظام کي رد ڪندي اولڊ ڪئمپس کان ريڊيو پاڪستان تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي نڪتل ريلي جي اڳواڻي مشتاق ڦل، عطا محمد ڀنڀرو، امداد حسيني، جامي چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ٻٽي مڪاني نظام سان سنڌ جي وحدت تي وار ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي اختيار ۽ ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي، پر قوم هيءَ زيادتي برداشت نه ڪندي: ڏات ڌڻي. حڪومت مخصوص لساني ڌر کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش پئي ڪري: ريلي دوران ٻٽي نظام خلاف اسٽريٽ ٿيٽر به پيش.
• لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين نڪرندڙ ريلي جا انتظام مڪمل. پ پ شهيد ڀٽو پاران اڄ ٻٽي مڪاني نظام خلاف ”تحفظ سنڌ“ ريلي ڪڍي ويندي. ڳڙهي خدابخش کان مزار قائد ڪراچي تائين ريلي کي غنويٰ ڀٽو سميت مختلف اڳواڻ خطاب ڪندا. مختلف شهرن ۾ استقباليا ڪئمپون هنيون ويون، مختلف علائقن جا دورا ڪري دعوتون ڏنيون ويون.
• ”ٻٽو مڪاني نظام نامنظور“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا، باهيون. جيڪب آباد، ٺل، ڪنڌڪوٽ، مٺياڻي ۽ دادو ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. دادو، ميهڙ، قمبر، شهداد ڪوٽ، ڏوڪري ۽ سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
• ڪراچي جي سنڌين کي اڄوڪي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل. ڌماڪن سان تعلق ناهي، پ پ جا وزير گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿا: قادرمگسي. تڪراري نظام خلاف سنڌ جي ماڻهن جو ردعمل ڏسي حڪمران بوکلائجي ويا آهن. حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي احتجاجي ڪئمپ تي اياز لطيف، جامي چانڊيو، نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا پهتا.
• ايس اين پي پاران 12 آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو جلسي جو اعلان. پيپلزپارٽي وارا پاڻ گهرن آڏو بم رکرائي ناٽڪ پيا ڪن: پ پ وارا واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي سنڌ واسين جي حمايت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. امير ڀنڀرو.
• پ پ ميمبرن جي گهرن تي بم حملن جي مذمت ڪريون ٿا، ان ۾ قومپرستن جو هٿ ناهي: جلال شاهه. سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويندو. 2 کان 5 وڳي تائين احتجاج رڪارڊ ڪرائبو، عوام پُرامن سياسي جدوجهد ۾ حصو وٺي. پ پ هميشه پنهنجا شهيد ٺاهيندي آهي، چوڙيون، توا ۽ پوتيون عوام جو رد عمل آهي. 11 آڪٽوبر تي سڪرنڊ، 13 تي قاضي احمد، 16 تي دوڙ ۽ 20 تي نوابشاهه ۾ ريليون ڪڍبيون: زين شاهه. (روزاني ڪاوش)
• وڏي وزير ۽ ٻين اڳواڻن پاران واقعن جي مذمت، حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت، حملا دهشتگردي آهن، سنڌ امڙ آهي، گهرو ويڙهه سان سنڌي ماڻهن جو نقصان ٿيندو: اياز سومرو. پ پ جي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گهرن آڏو ڌماڪا، ڪيترائي بم ناڪارا، جسمم اڳواڻ گرفتار. شڪارپور ۾ صوبائي وزير آغا سراج درانيءَ جي گهر ٻاهران ڌماڪي سبب دروازي کي نقصان، لاڙڪاڻي ۾ اياز سومري جي گهر ٻاهران مليل بم کي ناڪارا بڻايو ويو. قاسم آباد ۾ امداد پتافي جي گهر ۾ اڇلايل بم ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، نواب شاهه ۾ فصيح شاهه ۽ ڊگهڙيءَ ۾ حيات ٽالپر جي گهرن آڏو رکيل ديسي بم به ناڪارا بڻايا ويا. حملن خلاف احتجاجي مظاهرا. ڌماڪن جي سنڌو ديش لبريشن آرمي ذميواري قبول ڪري ورتي، پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا، وڳڻ ۾ جسمم وارهه جي اڳواڻ لبيڪ چانڊيو کي پوليس بس مان لاهي کنڀي وئي، وارثن ۽ ڪارڪنن جو احتجاج.
• مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي جي ريلي، 13 آڪٽوبر تي ٻيهر سکر ۾ احتجاج جو اعلان. گهرو ويڙهه ڪرائڻ واري روش ختم ڪري سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا بند ڪرڻ جو مطالبو. حيدرآباد ۾ مڪاني نظام خلاف نڪتل ريلي دوران اديبن، ليڪن، شاعرن، قومپرستن ۽ ساڃاهه وندن اهڙو مطالبو ڪيو. سنڌ پنجاب جي غلام آهي (عطا محمد ڀنڀرو). سنڌ خلاف ڪو به فيصلو قبول نه ڪيو ويندو: جامي چانڊيو.
• پ پ سنڌ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ ٿي چاهي، دستي بم رکندڙن سان واسطو ناهي. جلال شاهه. دهشتگردي ڀلي ڪهڙي به خوبصورت نالي ۾ ڪئي وڃي، اسان ان جي خلاف ۽ پُرامن جدوجهد ۾ يقين رکندڙ آهيون. پ پ ڪڏهن پنهنجن ته ڪڏهن پراون لاشن تي سياست ڪندي آهي، خيرپور ۾ ذاتي جهيڙي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. زاهد ڀرڳڙي پنهنجن هٿياربندن کي وڪيلن تي حملي لاءِ موڪليو، اڄ پريس ڪلب ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿيندا: پريس ڪانفرنس.
• مڪاني نظام خلاف سنڌ مسلسل سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ ريليون، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا. سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي مڪاني نظام خلاف سکر پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي.
• مڪاني نظام جي حق ۾ پ پ جون ريليون. ڄامشوري ۾ پ پ ڪارڪنن ريلي ڪڍي آصف زرداري جي حمايت ۾ نعرا هنيا. مدئجي ۾ پ پ جي ريليءَ ۾ ش ڀ ڪارڪن ڪاهي پيا، پوليس سان جهڙپون. (روزاني عوامي آواز)

11 آڪٽوبر 2012ع

• ڌرتي ڌڻين جو ڪراچي ۾ ڌرڻو، مڪاني نظام نامنظور، شهر ”مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جي نعرن سان ٻُري اٿيو. ڌرڻي ۾ ايس يو پي، ايس ٽي پي، جسقم، جست، عوامي تحريڪ، جسم، عوامي جمهوري پارٽي، ايم ڪيو ايم (حقيقي) ايس اين ايم، اي اين پي، اين پي پي، نواز ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جي نمائندن جي شرڪت - سنڌ هاري ڪاميٽي جماعت اسلامي، قومپرست پارٽي، پ پ جي حڪيم بلوچ، تحريڪ انصاف، سني تحريڪ، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به ڌرڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، پريس ڪلب ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي نعرن ۽ قومي گيتن جي گونج، هي ريفريڊم ظاهر ڪري ٿو ته بلدياتي نظام نامنظور، اسيمبلي ميمبر کلئي عام عوام کان معافي وٺن، اردو ڳالهائيندڙ ساٿ ڏين: جلال شاهه. 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ پ پ جي جلسي دوران هڙتال ۽ ڪاري ڏينهن جو سڏ ڏنو وڃي، بل جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي (قادر مگسي) اسين ٻٽي نظام کي رد ڪريون ٿا، سنڌ وطن آهي، جنهن جي هزارين سال تاريخ آهي: صنعان قريشي. اردو ڳالهائيندڙن کي موقعو آهي ته ڌرتي جا ٿي وڃو (صفدر سرڪي) سنڌ جي ماڻهن پ پ کي حڪمراني جو حق ڏنو آهي، سنڌ کپائڻ جو نه (رياض چانڊيو) پ پ ميمبر قانون پڙهن ها ته روئي ڏين ها (نصرت سحر) سنڌين ثابت ڪيو آهي ته اهي سنڌ جا پٽ آهن: مسرور جتوئي. حڪمرانن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته سڌري وڃو (انور سومرو) سنڌ جا غيرتمند پٽ سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندا (علي حسن چانڊيو) اسين نه ٿا چاهيو ته ڪراچي سنڌ کان الڳ هجي: شمشاد غوري. ڪراچي ۾ هڪ ڌر جي ڪري قتل ٿين ٿا، سنڌ ڪاليج جو نالو بدلائڻ سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي سازش آهي (ابرار قاضي). غدارن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته ڪارو قانون واپس ورتو وڃي (اظهر جتوئي) . ڪنهن کي جرئت ناهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪري: سليم ضياءَ.
• ڦٽاڪن کان نٿا ڊڄون، قومپرستن جي اشتهارن جا پئسا ڪٿان پيا اچن، سڀ خبر آهي. ڪنهن سان به جهيڙو نه ٿا چاهيون، پر گهرن تي حملا برداشت نه ڪنداسين، سنڌ ۾ فساد ڪرائڻ جي سازش پئي ٿئي. مولا بخش چانڊيو. قومپرست ماڻهن کي چئي رهيا آهن ته پ پ وارن جي گهرن تي حملا ڪريون، اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: شرجيل ميمڻ. مرد آهيو ته سامهون اچي ڳالهايو، باقي 20 ماڻهو ٻاهر ڪڍي دهل وڄائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو: آغا سراج دراني. تخت لاهور وارا سنڌ خلاف سازش پيا ڪن، هڪ هڪ شق تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. اسان جا ڪارڪن ليڊر شپ تي حملا برداشت نه ڪندا. اياز سومرو / جميل الزمان. (روزاني ڪاوش)
• ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هزارين سنڌي ماڻهن جو مڪاني نظام خلاف تاريخي احتجاج، سنڌ ماءُ جو سودو نامنظور، بل واپس وٺڻ جو مطالعو. متحده کي خوش ڪرڻ لاءِ پ پ کي سنڌ جو سودو مهانگو پوندو. سنڌ بچايو ڪميٽي. پ پ ايم پي ايز 5 منٽن ۾ بل منظور ڪري تاريخي ڏوهه ڪيو، سنڌي عوام کان معافي وٺن، غدارن خلاف احتجاج جو حق آهي: جلال شاهه. اڄ ثابت ٿيو ته شهر دهشت گرد ٽولي جو نه پر سنڌين جو آهي، ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙن جي نه پر چند غنڊن جي تنظيم آهي، ڊڄڻ وارا ناهيون: قادر مگسي. سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڳالهائڻ به نه ڏنو ويو، بل واپس وٺي سمورين سياسي پارٽين جي صلاح سان هڪڙو ئي مڪاني نظام لاڳو ڪيو وڃي: مسرور جتوئي. ضياءُ، ايوب ۽ مشرف جيان موجوده حڪمرانن جو به نانءُ نشان نه رهندو، صنعان قريشي، علي حسن چانڊيو، صفدر سرڪي، رياض چانڊيو، ابرار قاضي، انور سومري، اسدالله ڀٽو ۽ ٻين جو خطاب.
• گورنر هائوس ويندڙ روڊ ڪنٽينر ۽ ٽرڪون بيهاري بند، ايس اين ايم ڪارڪنن تي فائرنگ جو واقعو. ”سنڌ ورهائڻ نامنظور، پ پ - ايم ڪيو ايم ڳٺ جوڙ مرده آباد“ هزارين ماڻهن جي نعرن سان علائقو گونجي اٿيو. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سنڌين جو سمنڊ، ٻٽو مڪاني نظام واپس وٺڻ جو مطالبو. متحده ۽ پ پ کانسواءِ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جي احتجاجي جلسي ۾ سمورين ڌرين جي شرڪت.
• ”مڪاني نظام نامنظور“ رياض چانڊيي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو. ملير پريس ڪلب کاڻ ڀينس ڪالوني موڙ تائين مارچ ڪيو ويو. سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون، 15 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن ملهائينداسين: رياض چانديو.
• سنڌ ۾ مڪاني نظام خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا، ڌرتي دشمن آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو. قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاڙڪاڻي، دادو، نوشهروفيروز، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. مڪاني نظام خلاف ڏوڪري ۾ جسقم ڪارڪنن رڪ سنڌي، نديم باغي، خالد ۽ ٻين بک هڙتال ڪئي. سنڌ قديم ۽ تاريخي آزاد وطن رهيو آهي، عربن، مغلن ۽ انگريزن حملا ڪيا، پر شڪست کائي ويا: قوم پرست اڳواڻ.
• سنڌ پرست بڻجي زندگين جا نذرانا ڏئي سگهون ٿا، سالن کان وڪرو ٿيندڙ ڪردارن جي خبر آهي، 1997ع ۽ 2002ع واري چونڊن دوران قوم پرستن جمهوريت دشمنن کان پئسا ورتا: پير مظهر. قومپرست غدارن سان گڏجي سنڌ ٽوڙڻ ٿا چاهين، کين ٽوڙي ڇڏينداسين: پ پ وزير. عورت اسيمبلي ميمبرن جي گهرن تي توا ٽنگڻ مردانگي ناهي، مرد آهن ته سامهون اچن: سراج دراني. پ پ گدڙن جي ڌمڪين کان نه ڊڄندي، سنڌ جا دانشور بل پڙهڻ بجاءِ احتجاج پيا ڪن: شرجيل ميمڻ. ”تخت لاهور“ قومپرستن کي استعمال پيو ڪري، سنڌ بچايو ڪميٽي جي اشتهارن جا پئسا اتان آيا: سڌ سماءَ وارو وزير. سياسي پنڊت ٻڌي ڇڏين، سنڌ ۾ ڪو به ٻٽو نظام ناهي، سازشي ڌريون رتو ڇاڻ جي ڪوشش پيون ڪن: اياز سومرو. ڌماڪا ڪندڙ سنڌ کي تباهي طرف وٺي پيا وڃن، ضياءُ جو به مقابلو ڪيو هو، سندن به ڪنداسين: مولابخش چانڊيو. پ پ جا جيالا هٿن مان نڪتا ته سنڌ ٽوڙيندڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا: مخدوم جميل .
• شاهه محمد شاهه ”قبضي خور آهي“ هو سنڌ دشمن ڌرين کان پئسا ۽ ٻيا فائدا وٺندو رهيو آهي: پير مظهر. ”وڏو قومپرست“ ڏينهن جو مظاهرا ڪرائي رات جو ٺيڪن لاءِ سي ايم هائوس ايندو هو. مولابخش چانڊيو. اياز لطيف پليجي اڃا تائين آرڊيننس پڙهيو ئي ناهي، ريل مان لهڻ شرط هن بل رد ڪرڻ جو بيان ڏنو: سراج دراني. هڪ بزرگ قوم پرست پنهنجي ڀائيٽي جي چونڊ ٽڪيٽ لاءِ باربار بلاول هائوس جا چڪر ڪاٽيا: وفاقي وزير.
• شهيد فاضل جي نياڻي شهناز راهو به احتجاجي جلسي ۾ شريڪ. سنڌي وسندين مان قوم پرست ڪارڪنن جي قافلن جي شڪل ۾ شرڪت. (روزاني عوامي آواز)
• قومپرست نوازليگ جي پيرول تي آهن، رتوڇاڻ چاهين ٿا. سنڌ پرست آهيون، متحده وارن کي شابس هجي جوانهن اسان کي اڪوموڊيٽ ڪيو آهي: پير مظهر. شاهه محمد شاهه جي ايم سيّد وٽ وٺي ويو، اُتي ڏنل ڪتاب ۾ لکيل هو ته ڪراچي نه کپي، گاريون ڏيندڙ اڄ گڏ آهن. قومپرستن کي ڳالهين جي دعوت ٿو ڏيان، صرف پليجو ئي افراتفري ڦهلائي رهيو آهي: مولا بخش چانڊيو. توا ٽنگڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي، قومپرست مرد آهن ته سامهون اچن، ڪرتوتن جي خبر آهي: سراج دراني. قومپرست ٻٽو نظامن ثابت ڪن ته اسان هٿ کڻي وينداسين، پ پ وزيرن جي امداد پتافي جي گهر پريس ڪانفرنس.
• خبر آهي سنڌ بچايو ڪميٽي جا پئسا ڪٿان پيا اچن: شرجيل. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)

12 آڪٽوبر 2012ع

• قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهاين ۽ گرفتارين خلاف جسمم جا مظاهرا، ڌرڻا. لاڙڪاڻي ۾ سجاد مرکنڊ جي آزادي لاءِ وارثن احتجاج ڪيو، جناح باغ ۾ بک هڙتال ڪري نعريبازي. قمبر، قاصي احمد، سڪرنڊ، نصير آباد، مشائخ ۽ ٻين شهرن ۾ جسمم ڪارڪنن ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا. قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون بند ڪري گرفتار اڳواڻ آزاد ڪيا وڃن: اڳواڻن جو مطالبو.
• اين پي پي وفد سچل ڳوٺ ۾ جسم چيئرمين وٽ پهتو، ننڍي چونڊ ۾ ڪنڊياري جي سيٽ تي حمايت جي اپيل. سنڌ لاءِ سرن جا سودا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، 15 تاريخ تي ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي. غلام مرتضيٰ جتوئي. رياض چانڊيو. پير پاڳاري، اين پي پي ۽ ٻين سنڌ جي وحدت لاءِ وزارتون ڇڏي تاريخي ڪم ڪيو، پ پ سنڌ سان تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي. پ پ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿي، حيدر منزل سنڌ جو مرڪز آهي، ان خلاف غير اخلاقي حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي: رياض چانڊيو.
• ”ٻٽو مڪاني نظام نامنظور“ سنڌ سراپا احتجا، ڌرڻا ۽ بک هڙتال. سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويو.
• حڪمران ناڪاميون ڏسي الزامن تي لهي آيا آهن، بدين وارو سنڌ بچايو ڪميٽي جو جلسو حڪمرانن جون ٻوليون بند ڪري ڇڏيندو. قادرمگسي.
• قومپرستن ۽ قبضا پرستن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، حيدرآباد جلسي ۾ پ پ اڪيلي هوندي: اياز سومرو. بل تي احتجاج ڪندڙ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن مان اڌ اهي آهن جن کي پ پ حڪومت مختلف پوسٽن تان هٽايو آهي. پ پ جي اسيمبلي ميمبرن، وزيرن جي گهرن تي حملا ڪندڙ ۽ انهن جا حمايتي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿا. 15 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ بم به اڇلرائن ٿا ۽ فائرنگ به ڪرائن ٿا، پر چون ٿا ته اسان ڪجهه نٿا ڪرايون. لاڙڪاڻي جا سپاف ڪارڪن به 5 ڏينهن اندر حيدر منزل تي توا ۽ روا ٽنگي سگهن ٿا، پر اسان کي خبر آهي، حيدر منزل سائين جي ايم سيد جو گهر آهي.
• مڪاني آرڊيننس خلاف اقتدار ڇڏي سنڌي عوام سان گڏ آهيون: فنڪشنل ليگ اڳواڻ. سنڌ خلاف سازشن تي احتجاج ڪندڙن جو آواز ٻڌي حڪمرانن کي آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي ها.
• سراج دراني جي گهر تي حملي خلاف ۽ مڪاني نظام جي حمايت ۾ ڳڙهي ياسين کان مدئجي تائين ريلي. آعا زبير دراني، غلام مصطفيٰ منگي، آپا رخسانا مرکياڻي جي اڳواڻي ۾ ڪوٽ درانيءَ کان ريلي، شهرين ڪاروبار بند رکيو. موٽر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين جي ريلي جو ڊکڻ ۽ مدئجي پهچڻ تي شاندار استقبال، شهرين پاران گلن جي ورکا. آغا سراج دراني جي گهر آڏو بم حملو ڪندڙ بزدل آهن، کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڊڄڻ وارن مان ناهيون: مصطفيٰ منگي ۽ ٻيا. (روزاني عوامي آواز)

13 آڪٽوبر 2012ع

• سنڌ جا سمورا مڪاني ادارا بي اختيار بڻيل، سرڪار نئين مڪاني نظام جا 9 شيديول ۽ قاعدا جوڙي نه سگهي. ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر پاران 15 صوبائي کاتن جا اثاثا، عملو، فنڊ ۽ 8 نوان کاتا کولڻ جي اجازت گهرڻ وقت قانون نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو. مڪاني ادارن واري کاتي پرڳڻي جي يوسيز کان وٺي ضلعي ڪائونسلن ۽ ميٽروپوليٽن جو ڪاروهنوار هلائڻ واسطي قاعدا ٺاهڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي نوٽ موڪليو. سنڌ جا مڪاني ادارا ڪو به ٽيڪس لاڳو ڪري وصول ڪرڻ، ڏنڊ وجهڻ، ڪيميڪلز ۽ ٻئي خطرناڪ مادي جي وڪري کي روڪڻ جا مجاز ناهن.
• چونڊيل نمائندا مڪاني نظام خلاف روڊن تي تماشو ڪرڻ بدران اسيمبلي ۾ اچي ڳالهيون ڪن، وزيرن جي گهرن تي حملا افسوسناڪ عمل آهي، مڪاني آرڊيننس تي اهي ماڻهو پيا اعتراض ڪن، جن وٽ هڪ سيٽ به ناهي. حيدرآباد ۾ جلسو هر حال ۾ ڪيو ويندو، پ پ شهيدن جي پارٽي آهي، حملن ۽ فائرنگ کان ڊڄڻ وارا ناهيون: وڏو وزير.
• ٻٽي مڪاني نظام خلاف بدين ۾ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو، 15 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان. سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي تلهار مان مرڪزي قافلو بدين پهتو، قومي گيتن تي جهمريون، اڳواڻن تي گلن جي ورکا، حڪمرانن خلاف سخت نعريبازي. سنڌ جي ورهاست واري نظام کي عوام رد ڪري ٿو (جلال محمود شاهه)، 15 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ جا روڊ رستا بند هوندا: ڊاڪٽر قادر مگسي. ٻٽو نظام ۽ ذوالفقار آباد نئون اسرائيل ٺاهڻ برابر آهن (آڪاش ملاح) سنڌ ورهائڻ وارا سنڌ جا دشمن آهن، 16 آڪٽوبر تي حڪمرانن جو گهيراءُ ڪبو: انور سومرو. سنڌ بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، وطن يا ڪفن ڌرتي بچائڻ جو نعرو آهي (نصرت سحر عباسي / ماروي راشدي) سنڌ کي دهشتگردن حوالي ڪيو پيو وڃي: اسماعيل راهو. چونڊيل نمائندن ڪراچي دهشتگردن حوالي ڪري ڇڏي آهي (علي حسن چانڊيو) جلسي کي اظهر جتوئي، قمبر ڀٽي، پپو شاهه، سائين بخش جمالي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
• ”تڪراري مڪاني نظام نامنظور“: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا ۽ ريليون. ايس ٽي پي، جسقم، عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس اين پي، جيئي سنڌ محاذ، پ پ (ش ڀ) ۽ ٻين تنظيمن جا احتجاج. ڄامشورو، ڏهرڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، ٺل، بدين، خيرپور، قمبر، لاڙڪاڻو، شهداد ڪوٽ، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا.
• مڪاني قانون ۾ ڪابه غلطي نظر نٿي اچي، ڀلي مناظرو ڪريو. بلدياتي نظام خلاف ڳالهه ڪندڙن عدالتي قانون کي سمجهيو ئي ناهي. جلسي ۾ يوسف رضا گيلاني به هوندو، پ پ کي خوفزده نٿو ڪري سگهجي .شرجيل ميمڻ. (روزاني ڪاوش)
• صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گهرن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن ڏوهه به باسيو آهي، آرڊيننس خلاف واويلا ڪندڙ آمريت ٿا چاهين، فائدو ٽين طاقت جو ٿيندو. سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي سنڌ اسيمبلي ميمبرن پاس ڪيو آهي، اعتراض اهي پيا ڪن جن وٽ عوامي مينڊيٽ ئي ناهي. قائم علي شاهه. قومپرست اجائي واويلا پيا ڪن. عوام ساڻن گڏ ناهي: زاهد ڀرڳڙي. حيدرآباد ۾ 15 آڪٽوبر تي پ پ جي جلسي جون تياريون ۽ شرڪت جي دعوت ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي.
• اتحادين جي ناراضگي عارضي آهي، سسئي پليجو مڪاني نظام خلاف آهي ته کلي بيان ڏئي، شرافت کي ڪمزوري نه سمجهو، نئين مڪاني نظام خلاف ڳالهائڻ سازش آهي. شرجيل ميمڻ. نظام خلاف ڳالهائيندڙ قومپرستن جي گهر وڃي تجويزون وٺڻ لاءِ تيار آهيون، هر ماڻهوءَ سان مفاهمت آهي. گهرن تي ڌماڪا ڪرڻ سنڌ جي روايت ناهي، ڪجهه تنظيمن اپيلون ڪيون ته چونڊيل نمائندن کي گهران نڪرڻ نه ڏيو. 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿيندا، ڪجهه ماڻهن کي نواز شريف فنڊ پيو ڏئي: پريس ڪانفرنس.
• بدين ۾ قومپرستن جو جلسو، هزارين ماڻهن جي شرڪت، حڪمرانن خلاف نعرا، ٻٽي نظام کي واپس وٺڻ جو مطالبو. قومپرستن پاران مڪاني نظام خلاف 15 آڪٽوبر تي رستا بند ڪرڻ ۽ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان. مشرف واري نظام ۾ وڌيڪ خرابيون ڪري لاڳو ڪيو ويو آهي، سنڌ دشمن پ پ وزيرن خلاف چونڊن ۾ حصو وٺندڙن جي مدد ڪئي ويندي: جلال محمود شاهه. سنڌ جا جوڌا غدارن کي معاف نه ڪندا (نصرت سحر عباسي) غدارن جو گهيرو ڪيو ويندو: ابرار قاضي، آڪاش ملاح، پپو شاهه ۽ ٻين جوجلسي کي خطاب. مڪاني آرڊيننس تي سنڌين سان گڏ آهيون: شهباز شريف. کيئل داس جي شهباز سان ملاقات، آگاهي ڏني.
• ”مڪاني نظام وارو آرڊيننس واپس وٺو“ سڄي سنڌ ۾ ريليون، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. سنڌ ۾ لاڳو نئين مڪاني آرڊيننس خلاف سکر ۾ وڪيلن احتجاجي مظاهري بعد بک هڙتال ڪئي. ڄامشوري، ڳاڙهي، بٺوري، تلهار، ماتلي، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. پٺتي پيل علائقن سان وڏيرڪي سازش ٿي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ميئر وڏي وزير کان به با اختيار آهي. مشرف دور ۾ ضلعا وفاق جي ماتحت پر هڪ جهڙا با اختيار هئا، هاڻي سنڌ ۾ ٻٽو نظام آهي.
• حيدر منزل ۽ جي ايم سيد خلاف ڳالهائيندڙن خلاف اڄ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو: نياز ڪالاڻي. مڪاني نظام ۽ بشير قريشي جي ايف آءِ آر خلاف حيدرآباد ۾ جسقم جي ريلي، اڄ احتجاجي ڏينهن جو اعلان. (روزاني عوامي آواز)

14 آڪٽوبر 2012ع

• گولي هلي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، بل ۾ ڪراچي کي سنڌ کي ڌار ڪرڻ جي ڪا به شق ناهي، اهو ڪو ٻٽو نظام ناهي. سنڌ جو ورهاڱو ناهي ڪيو، حيدرآباد ۾ سڀاڻي جلسو ضرور ٿيندو، رڪاوٽون وجهندڙن کي مثال بڻائي ڇڏينداسين: قائم علي شاهه. مڪاني نظام واري بل جي مخالفت ڪندڙ ڪجهه ڌرين سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، آئون يا حڪومت ان بل کي رد ڪري نه ٿي سگهي، جيڪڏهن قائل ڪيو ويو ته وري بل ترميمن لاءِ اسيمبلي ۾ آڻينداسين. ”محبت سنڌ“ ريليون ڪڍندڙن بيگناهه ماڻهن کي مارايو، ڪراچي کي هڪ ضلعو بڻائڻ وارو تاثر غلط آهي، ڪراچي جي ميئر وٽ جيڪي اختيار هوندا، اهڙا اختيار حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جي ميئر وٽ به هوندا. مڪاني نظام جي آڙ ۾ ڪجهه عنصر ريلوي ٽريڪ ۽ ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪري چونڊيل نمائندن کي هراسان ڪري رهيا آهن، پر اسان جا وزير انهن کان نه ٿا ڊڄن، مخالفت عداوت يا دشمني ۾ تبديل ٿي وڃي ته برداشت نه ڪنداسين. حيدرآباد واري جلسي ۾ ايم ڪيو ايم وارا شرڪت نه ڪندا ۽ نه ئي اسان کين اچڻ جي دعوت ڏني آهي، پ پ ماضيءَ ۾ به وڏا جلسا ڪري چڪي آهي، ڪنهن عوام کي روڪيو ته ڪارروائي ٿيندي. مشرف واري نظام ۾ سڀ کاتا ضلعي حڪومتن حوالي هئا، هاڻي ائين ناهي، سڀ اختيار سنڌ حڪومت وٽ ئي آهن، نظام سان سنڌ کي ڪو به نقصان ناهي ٿيو، ڪراچي کان ڪشمور تائين بهترين نظام ڏنو آهي: قائم علي شاهه جي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس.
• پ پ جي ڪور ڪاميٽي پاران حيدرآباد جلسي ۾ طاقت جي اظهار جو فيصلو. صدر سنڌ مان چونڊيل ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ضلعي صدرن کي ذميواريون سونپيون. رٺل دوستن کي پرچائڻ جي هدايت، چونڊيل نمائندا عوام جا مسئلا حل ڪن: صدر.
• سپر، نيشنل ۽ انڊس هاءِ ويز ۽ اهم روڊن تي پوليس نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت. حيدرآباد جلسي لاءِ سخت حفاظتي اپائن جو حڪم، ڪمانڊوز مقرر ٿيندا. جلسي گاهه اندر توڙي ٻاهر گڙ ٻڙ ڪندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو وڃي: قائم علي شاهه. جلسي گاهه ۽ انهي جي چوڌاري پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي: آءِ جي. (روزاني ڪاوش)
• پ پ ڪڏهن به پنهنجي جلسي ۾ اچڻ لاءِ ڪنهن دوست کي تڪليف ناهي ڏني، ميئر وڏي وزير جي ڪنٽرول ۾ هوندا. ڌمڪين يا حملن سان پ پ پوئتي نه هٽندي، جلسي جي رستا روڪ ڪندڙن کي مثال بڻائي ڇڏينداسين. حيدرآباد واري جلسي ۾ ايندڙ هر ماڻهو جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪبو، جنهن به ڌر کي نئين مڪاني نظام تي اعتراض آهي ته اهو اسيمبلي ۾ پنهنجون ترميمون پيش ڪري، انهن تي غور ڪري سگهجي ٿو. بم اُڇلائڻ تشدد ڪرڻ يا گولي هلائڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو، پ پ جا وزير ڊڄڻ وارا ناهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، پر حڪومت کي چئلينج ڪندڙن کي معاف نه ڪبو، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وڌيڪ اڪثريت رکندڙ پارٽيون آهن. سنڌ ۾ ڪو به ٻٽو نظام ناهي، ميئر کان ڪافي اختيار واپس ورتا ويا آهن، جيڪو به ميئر ڪرپشن ڪندو يا ڪا عوام دشمن حرڪت ڪندو ته ان کي وڏو وزير معطل ڪري سگهي ٿو، اميد ته ٻيا صوبا به اهو نظام جلد جوڙيندا. عوام پ پ سان گڏ آهي، جلسو ڪري ڪو ڏوهه نه پيا ڪريون، سنڌ جو عوام جلسي ۾ شرڪت ڪري پ پ سان محبت جو ثبوت پيش ڪندو، 2001ع واري نظام تي سنڌ بچايو ڪميٽي جي صدر اعتراض ڇو نه ڪيا هئا: قائم علي شاهه. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس.
• احتجاج سان ڪو به فرق نه پوندو، قومپرستي جي نالي ۾ چونڊن جي تياري ڪئي پئي وڃي: بم ڌماڪن جو ڪو به ڊپ ناهي، مخالفن کي پهرين ڏينهن کان اسان جي ڪا به ڳالهه پسند ناهي. جيئي ڀٽو جو نعرو ختم ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، مڪاني نظام بابت اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي. نويد قمر.
• پ پ سنڌٽوڙڻ جي ”ڪارنامي“ تي حيدرآباد ۾ جشن پئي ملهائي، 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ سنڌ جو عوام پ پ وارن جو بيدن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪندو. حيدرآباد واري جلسي ۾ سنڌي شرڪت نه ڪندا، نظام جو فائدو ماڻيندڙن جا ماڻهو شرڪت ڪندا:ارباب رحيم.
• حيدرآباد جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جو ڪارن جهنڊن سان استقبال ٿيندو، مزاحمت جو رستو اختيار ڪبو: قادر مگسي. 22 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪبو، عيد کانپوءِ نئين جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو. سڀاڻي سڄي سنڌ ڪارو ڏينهن ملهائيندي. پ پ جي جلسي ۾ سڀني دهشتگردن ۽ سنڌ دشمنن کي گڏ ڪري حڪمران اهو ٻڌائيندا ته ڏسو جيڪو ڪم آمر نه ڪري سگهيا اهو اسان کي ڪري ڏيکاريو آهي. حڪومت لاءِ 3 کان 4 هزار ملازم گڏ ڪرڻ مسئلو ناهي، حڪمران سنڌ سراپا احتجاج هئڻ باوجود ڪارو قانون واپس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. جلسي گاهه ۾ پوليس وارا جهنڊا هڻي رهيا آهن، هڪ وزير مون تي بي بنياد الزام هنيا آهن، پير مظهر ضياءَ کي اجرڪون پارايون هيون: شاهه محمد شاهه.
• ڪراچي ۾ اڄ جست جو مارچ، سنڌ جي وحدت خلاف سازش برداشت نه ڪئي ويندي: صفدر سرڪي. سنڌ ۾ فساد ڪرائڻ لاءِ ڪارا قانون پاس ڪرايا ويا آهن. جلسي ۾ سرڪاري ملازم شرڪت ڪندا: اياز لطيف پليجو. حڪمرانن به آمرن وارو رستو اختيار ڪيو آهي، بلدياتي نظام جي حق ۾ جلسا گهرو ويڙهه جي سازش آهي. شاهه محمد شاهه جون سياسي چالبازيون عوام آڏو کليل ڪتاب وانگر آهن: پير مظهر. (روزاني عوامي آواز)

15 آڪٽوبر 2012ع

• قومپرستن خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون. سوين گرفتار. پ پ جو اڄ حيدرآباد ۾ جلسو. لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا. سنڌ سرڪار. وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه جي ميزباني هيٺ اڄ حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال پويان وڏي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا: اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، مخدوم امين فهيم، اعتراز احسن، قمرالزمان قائره، خورشيد شاهه، احمد مختيار، نويد قمر، مولابخش چانڊيو شريڪ ٿيندا.
• مولابخش چانديو ۽ زاهد ڀرڳڙي پ پ اڳواڻن سان گڏجي جلسي گاهه جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو، جلسي گاهه ۾ 60 هزار ڪرسيون رکيون ويون آهن، جلسي ۾ ملين ماڻهون شريڪ ٿي سگهن ٿا جلسي گاهه ۾ ميٽل ڊٽيڪٽرن کانسواءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن: مولابخش چانڊيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس، آءِ جي کي فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ جي هدايت، سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار اهلڪار، 600 ڪمانڊوز ۽ رينجرز اهلڪار مقرر، اڄوڪو جلسو پيغام ڏيندو ته بندوق جي زور تي ڪا ڳالهه مڃرائي نٿي سگهجي: شرجيل ميمڻ. قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪارروائي، ڪراچي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي گهر ٻاهران وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا، تحريڪ جا 4 اڳواڻ گرفتار. حيدرآباد ۾ جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، ايس يو يو پي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا، قاسم آباد، هٽڙي، ٽنڊو ڄام ۽ ٻين هنڌن تان 72 کان وڌيڪ گرفتاريون، ايس ايس پي سرهندي جي تصديق. ميرپورخاص، سانگهڙ، شاهپور چاڪر، ڪي اين شاهه، ٺٽي، بٺوري، ڌاٻيجي، نوابشاهه، سڪرنڊ، قاضي احمد، بدين، گولاڙچي، ڪوٽ غلام محمد، سکر، روهڙي ۽ ٻين شهرن مان قومي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.
• سنڌ اندر ٻٽو نظام نامنظور: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پاران صدارتي ايوارڊ واپس ڪرڻ جو اعلان. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي 2011ع ۾ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد صدارتي ايوارڊ ڏنو هو.
• ٻٽي نظام خلاف ڪراچي ۾ هزارين ڌرتي ڌڻين جو مارچ، حڪمرانن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته عوام سمجهائي ڇڏيندو: صفدر سرڪي. صفدر سرڪي جي سرواڻي ۾ ڪارڪنن ملير کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ڪراچي ۾ هفتي اندر ٻيو دفعو هزارين سنڌين مڪاني نظام خلاف ريفرنڊم ڏئي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي: صفدر سرڪي. مشرف واري بلدياتي نظام ۾ اضافو ڪري وڏي وزير جا اختيار ميئر کي ڏنا ويا آهن، جيڪو عمل وڏو خطرناڪ آهي. حيدر منزل خلاف اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ ۽ بلدياتي نظام خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان.
• حڪمران جدوجهد کان ڊڄي ويا، گرفتارين جمهوريت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. اڄ سڄي سنڌ ڪارو ڏينهن ۽ حڪمران جشن پيا ملهائين: ڊاڪٽر قادر مگسي. سنڌي قوم مادرِ وطن جي ورهاست خلاف هڪ آواز آهي، جدوجهد ڪنهن به صورت ۾ نه رڪبي. مڪاني نظام وارو قانون قبول ناهي. منهنجو لاش به سنڌ جي آجپي لاءِ ڪم اچي ته ان کي به جدوجهد ۾ کڻي هلجو: آريسر. حڪومت جلسي ۾ دهشتگردي ڪرائي قومپرستن خلاف ڪريڪ ڊائون چاهي ٿي: اياز لطيف. سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جا 240 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن، زيادتين باوجود اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. مڪاني آرڊيننس جا مخالف مشرف جا ساٿي ۽ سنڌ جا سڄڻ ناهن: علي مردان شاهه. (روزاني ڪاوش)
• ”ٻٽو نظام نامنظور“ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. قومپرستن ۽ سياسي سماجي پارٽين پاران مڪاني نظام خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. ملير، ٺٽي، ڄامشوري، دادو، بدين، باڊهه، ڏهرڪي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا. ٻٽو مڪاني نظام واپس نه ورتو ويو ته ان خلاف ڀرپور تحريڪ هلائبي: چتاءُ.
• جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪنڊ ڪُڙڇ مان جيالا اڄ حيدرآباد پهچندا. ايم پي اي سڪندر منڌرو ۽ حسنين ذوالفقار مرزا جي قيادت ۾ گاڏين جو قافلو جلسي ۾ شرڪت ڪندو. ڪراچي ۾ صفدر سرڪي جي گهر کي پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ڪامياب ريلي تي حڪومت وائڙي ٿي وئي: اڳواڻ.
• نئين مڪاني نظام جي حق ۾ پيپلزپارٽي طرفان اڄ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عوامي جلسي جي سڪيورٽي پوليس حوالي، 60 هزار ڪرسيون رکايون ويون، 4 لک ماڻهن جي گنجائش آهي: زاهد ڀرڳڙي. قومپرست سنڌ کي تڪرار ڏانهن نه ڌڪين، صورتحال خراب ٿيڻ تي رياست حرڪت ۾ ايندي: پ پ. وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، عوامي ميڙاڪو تاريخي هوندو، جنهن ۾ ماڻهو وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا: قائم علي شاهه. سنڌ جو مينڊيٽ ورهائڻ جي سازش پئي ٿئي، جمهوري حڪومت دوران عوامي جلسو ڪرڻ کان ڇو ڊڄون، اهو اسان جو حق آهي، جلسي گاهه جي هنڌ مولا بخش چانڊيي جو اظهار. نئون آندل مڪاني نظام بهترين نه آهي، ان ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي، تجويزون ڏنيون وڃن، اڄوڪو جلسو تاريخي هوندو: شرجيل ميمڻ.
• جيالن کي جلسي ۾ پهچائڻ لاءِ پوليس پاران گاڏين جي وٺ پڪڙ، مسافر پريشان. پوليس اهلڪارن ننڍن وڏن شهرن جي شاهراهن ۽ لنڪ روڊن تي ناڪابنديون ڪيون. مڪاني نظام خلاف هلندڙ جدوجهد کان حڪمران ڊڄي ويا آهن: قادرمگسي. سڄي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا. حياتين جي قرباني ڏئي به مڪاني نظام وارو بل واپس ڪرائينداسين: بيان.
• نئون مڪاني نظام غريبن ۽ پورهيتن کي ڪراچي مان نيڪالي ڏيڻ جي سازش آهي: غنويٰ ڀٽو. وڏن شهرن جي خوبصورتي ۽ ترقي جي خلاف ناهيون پر ان بهاني غريبن کي بي دخل ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي. نئون مڪاني نظام فقط حڪمرانن ۽ امير طبقي جي مفاد ۾ آهي، 70 ڪلفٽن تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهيون.
• جيئي سنڌ تحريڪ جي ملير پريس ڪلب کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي، نرسري کان پيادل مارچ، مختلف هنڌن تي آجيان. مڪاني نظام خلاف ڪراچي ۾ جست جي شاندار ريلي، حڪمران سنڌ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿا. صفدر سرڪي. نئون نظام سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي ويڙهائڻ جي سازش آهي، 1988ع ۾ به پ پ حڪومت ۾ رتوڇاڻ ڪرائي وئي. محترمه بينظير، مشرف جو نظام رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر پ پ سمورا اختيار ايم ڪيو ايم حوالي ڪيا آهن. ڪراچي ۾ ڏهن مهينن اندر 3 سئو سنڌين کي قتل ڪيو ويو، 21 آفيسر ٽارگيٽ ڪيا ويا: ريلي کي شفيع محمد ڄاموٽ ۽ ٻين جو خطاب.
• مڪاني نظام جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي شروع. سيف الله ڌاريجي کان وزارت کسي وئي. ڌاريجو ووٽنگ وقت ايوان مان نڪري ويو هو، ٻئي مرحلي ۾ ايوان ۾ نه ايندڙ وزير ۽ ميمبر نشاني تي ايندا.
• گرفتاريون راهه تان نه ٿيون هٽائي سگهن، اڄ سنڌ جو عوام ڪاروڏينهن ملهائي: قومپرست. ڪراچي کان ڪشمور تائين سياسي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون- ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار. مدئجي ۾ پوليس گهرن ۽ هوٽلن تي چڙهايون ڪري سياسي ڪارڪنن ۽ عام شهرين کي به گرفتار ڪيو، ڌرڻو. ٺٽي، ڊگهڙي، ڌاٻيجي، دڙي، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ گولاڙچي مان ڪارڪن جي گرفتاري، ڪڙيو گهنور ۾ ڇاپا.
• پيپلزپارٽي طرفان ڪالاباغ ڊيم جي حامين ۽ ان جي اتحادين خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جلسي ۾ ڪجهه به ٿيو ته ذميوار قادر مگسي، جلال شاهه ۽ اياز پليجو هوندا. اڃا ميڙاڪي جون تياريون ٿي رهيون هيون جو چيو ويو ته جلسي ۾ ايم ڪيو ايم شامل آهي. عاجز ڌامراهه.
• قومپرستن خلاف ڪريڪ ڊائون، مذمت جوڳو آهي: اياز لطيف پليجو. مڪاني نظام واري ڪاري قانون خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو وڌندو پيو وڃي. اڄ سنڌ جو عوام ڪارو ڏينهن ملهائي پ پ جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري: شاهه محمد شاهه. پ پ سرڪاري مشينري استعمال ڪندي قومپرستن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. سنڌ جا ٻيٽ ۽ ساحل وڪرو ڪرڻ لاءِ 43 کاتا ميئر حوالي ڪيا ويا آهن: پريس ڪانفرنس. (روزاني عوامي آواز)
• اسلام آباد ۾ تڪراري مڪاني نظام خلاف مظاهرو. شيطاني اتحاد مرده باد، سنڌ جي ورڇ نامنظور، هڪ سنڌ هڪ نظام جا نعرا. پ پ حيدرآباد ۾ جلسو ڪري ڪراچي جي مالڪي تان به هٿ کڻي وئي. تڪراري نظام واپس ورتو وڃي: راڄڌاني جا صحافي ۽ سياسي اڳواڻ.
• جلسي ۾ گاڏيون ڪري اچو، سرڪاري ملازمن کي حڪم. نوشهروفيروز جي ملازمن کي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جون هدايتون. عملدارن کي گاڏيون ڪري شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو: ذريعا.
• پ پ جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ شاعر غدار ليکبا، سنڌ رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي ۽ پ پ وار جشن ملهائي رهيا آهن. شاعر ۽ اديب سنڌ جا حلالي پٽ آهن ته ان جلسي ۾ نه وڃن. مريم مجيدي.
• لاڙڪاڻي ۾ مڪاني نظام خلاف اديبن ۽ سول سوسائٽي جي ريلي. ڏات ڌڻين ”سنڌ جو ورهاڱو نامنظور“ ۽ ”هڪ سنڌ هڪ نظام“ جا نعرا هنيا. ريلي ۾ مشتاق ڦل، مظفر چانڊيو، خورشيد عباسي، اشتياق انصاري ۽ ٻيا شريڪ. اسان هي آواز اقوام متحده سميت ٻين عالمي فورمن تي پهچائينداسين: اديب. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)

16 آڪٽوبر 2012ع

• ظفر علي شاهه پاران اسيمبلي ۾ سنڌ جي مڪاني نظام واري قانون جي مخالفت. پ پ ايم اين اي پاران بل جي مذمت، قيادت تي مشاورت نه ڪرڻ جو الزام. پ پ جي حيدرآباد واري جلسي جو حشر سڀني ڏسي ڇڏيو: ظفر علي شاهه.
• نئين بلدياتي نظام جي حمايت ۾ پ پ جو حيدرآباد ۾ طاقت جو مظاهرو. تاريخي جلسو ڏسي هاڻي مخالف گهرن مان به نه نڪرندا: يوسف رضا گيلاني. قائم علي شاهه. سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا، قومپرستن کي اپيل ٿو ڪريان ته راءِ جو حق ڳالهين ذريعي استعمال ڪن، بندوق جي گولي ذريعي راءِ تبديل نه ٿي ڪري سگهجي: گيلاني جيالن اڄ مخالفن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آهن، نواز شريف پنجاب ۾ پنهنجي غير مقبوليت گهٽ ڏسي هوش وڃائي ويٺو آهي ۽ سنڌ ۾ غير مقبول ماڻهن سان گڏجي سياست پيو چمڪائي: قائم علي شاهه. پ پ صدر آصف جي قيادت ۾ جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو سڀني تي ڀاري آهي (امين فهيم) اڄ پ پ سنڌ جي نمائندن پ پ خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊا جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي: قمرالزمان قائره. جن کي ڦاٽڪ وارو نه سڃاڻي انهن کان نه ٿا ڊڄون (نثار کهڙو) چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي يتيم مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اتحاد قائم ڪندا آهن، سنڌ جو ٺيڪيدار نام نهاد قومپرستن کي ٿيڻ نه ڏينداسين: شرجيل ميمڻ. پ پ کي چونڊن ۾ پوئتي ڌڪڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي (نادر مگسي) ڏينهن جو وزيراعليٰ هائوس جو گهيراءُ ۽ رات جو ڄام صادق کان ٺيڪا ڪنهن ورتا، سڀني کي خبر آهي: مولابخش چانڊيو. جلسي ۾ قانون جي حمايت، صدرتي اعتماد ۽ ملالا تي حملي جي مذمت جون قراردادون منظور.
• سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڪارو ڏينهن: مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند، ڌرڻا، چڪريون، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار. حيدرآباد جي سنڌي وسندي قاسم آباد، ڄامشورو، لاکا روڊ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ ڪاروبار بند رهيو، ٽنڊي الهيار ۾ جزوي هڙتال. ايس ٽي پي جي قاسم آباد ۾ بک هڙتال، ڪئمپ تي فائرنگ جا الزام، سنڌ واسين جلسي ۾ شريڪ نه ٿي غيرت جو ثبوت ڏنو: قادرمگسي. هالا، مٽياري، دادو، ميرپورخاص ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون: ڪيترائي گرفتار. ڊاڪٽر صفدر سرڪي پاران اڄ مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سڏ. اياز لطيف پليجو پاران اڄ ڌرڻا هڻي رستا بند ڪرڻ جو اعلان، پ پ کي ٽي وي تي مناظري جو چئلينج ڏيون ٿا: شاهه محمد شاهه. انڊس هاءِ وي تي جسمم جي شهيد اڳواڻ سميع ڪلهوڙي جي بيواهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو. سرڪار سنڌي قوم کي وڏا گهاءُ ڏنا آهن: رياض چانڊيو. (روزاني ڪاوش)
• سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جي سڏ تي قومپرست ۽ سياسي سماجي ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، پوليس جو ڪريڪ ڊائون، 75 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار. سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام خلاف ڪارو ڏينهن، قوم پرست ڪارڪنن جا ڌرڻا ۽ چڪريون. حيدرآباد شهر بند رهيو، مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب خوف، ٽنڊي محمد خان ۾ هڙتال، قومپرست ڪارڪنن جو احتجاج ۽ پوليس سان چڪريون، ايس ايڇ او زخمي. ميرپور خاص ۾ پوليس 7 ڄڻا پڪڙي ورتا، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ قومپرست ڪارڪنن جا مظاهرا، پوليس 15 ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا، ٺٽي ۾ پ پ جي قافلي آڏو احتجاج. نوشهري فيروز، نواب شاهه، قمبر، مٺي، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج، ڀٽ شاهه ۾ 30 ڪارڪن گرفتار، ٻٽو بلدياتي نظام برداشت نه ڪيو ويندو، رياض چانديي، مظفر ڪلهوڙي ۽ ٻين جو خطاب. حيدرآباد عوامي تحريڪ جي بک هڙتالي ڪئمپ ويران، اهلڪار آرام ڪندا رهيا.
• نئين مڪاني نظام جي حمايت ۾ پيپلزپارٽي جو حيدرآباد ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو دشمن سنڌ جو دشمن قرار. قومپرست پاڻيءَ جي ڍڪ ۾ ٻُڏي مرن، سنڌ ڀتي خورن حوالي ٿيڻ نه ڏبي: پيپلزپارٽي. گوليءَ ذريعي راءِ کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، قومپرست آرڊيننس تي گوڙ پيا ڪن، آئين کي به خاميون ختم ڪري بحال ڪرايو، پر ان تي ڪنهن به اعتراض نه ڪيو: يوسف رضا گيلاني. شاندار جلسو ڏسڻ بعد هاڻي قومپرست ٻاهر نه نڪرن، اسان کي بم گولا ڏيکاريندڙ عوامي بمن ۽ گولن کي ڏسي وٺن، غلط ڳالهيون ڪري نوجوانن کي ڪاوڙ ۾ آندو پيو وڃي. نواز شريف سنڌ ۾ ووٽ بئنڪ نه هئڻ ڪري قوم پرستن تي هٿ رکيو آهي، ٻن يا ٽن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي قومپرست اسان کي ڪيئن ٿا ڊيڄاري سگهن: وڏو وزير قائم علي شاهه. پ پ هميشه آمرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي، سازشن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا (ڪائره) دشمن پ پ جو ووٽ بئنڪ ٽوڙڻ ۾ ناڪام ٿيندا: مخدوم امين فهيم. جلسي ۾ 5 لک ماڻهن جي شرڪت مخالف کي چماٽ آهي (عاجز ڌامراهه) قومپرستن کي ڦاٽڪ وارو به نه ٿو سڃاڻي، سن واسين کي سن الڳ ڪرڻ نه ڏنو ته سنڌ ڪيئن ڌار ٿيڻ ڏينداسين: نثار کهڙو. رڳو قومپرست سنڌي ناهن، سنڌ اسان لاءِ مقدس آهي، ان کي ڪيئن ٿا ورهائي سگهون، گهيراءُ ڪرڻ وارا رات جو چيڪ وٺڻ لاءِ سي ايم هائوس ۽ سينيٽ ٽڪيٽ لاءِ بلاول هائوس جا چڪر ڪاٽين ٿا: مولا بخش چانڊيو. قومپرست تخت لاهور کان پئسا ٿا وٺن، ڌماڪا امداد چانديي جي ڀائٽي ڪيا (شرجيل ميمڻ). سمورا قومپرست منهنجي خلاف گڏجي اليڪشن وڙهن: سراج دراني ۽ ٻين جو جلسي کي خطاب.
• حيدرآباد ۾ رڍن ۽ ٻڪرين کي جمع ڪيو ويو، ٽي ايم اوز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سرڪاري ملازم موڪلي جلسو ڪرايو. پ پ سنڌ کي قتل ڪرڻ تي جشن ۽ ورهائڻ تي جهمريون پئي هڻي. سنڌ بچايو ڪميٽي. ”شير سنڌ“ : (ذوالفقار مرزا) جي پٽ (حسنين مرزا) تي بدين ۾ ٽماٽا وسايا ويا، پير مظهر کي دادوءَ ۾ جوتا ڏيکاريا ويا. ملڪ اسد سڪندر ۽ مخدوم جميل جي وڏن به سنڌ سان غداري ڪئي هئي، پوليس اهلڪار بنا ورديءَ جي جلسي ۾ شريڪ هيا. ليڊي هيلٿ ورڪرن کي به جلسي ۾ آندو ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد پ پ جا جهنڊا ئي لڳائي رهيو هو.
• ملير جي پ پ ڪارڪنن ۽ مختلف راڄن جو جلسي ۾ شرڪت کان انڪار. پ پ اڳواڻن، وڏيرن ۽ سردارن کي حفاظت ۽ کاڌي پيتي جي خاطري به ڪم نه آئي. ابراهيم حيدري، ريڙهي، چشما ڳوٺ، گهگهر ڦاٽڪ، ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن مان بسون واپس. پ پ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳواڻ ۽ ڪارڪن وائڙا نظر آيا.
• پ پ ش ڀ جا نئين مڪاني نظام خلاف مظاهرا، ريليون ۽ بک هڙتال. لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، نواب شاهه، جوهي، شهدادڪوٽ ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ ش ڀ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا.
• ”سنڌ جي ورهاڱي“ جي ”جشن“ تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا. 19 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن کي تاڙيون وڄائڻ لاءِ جلسي ۾ ويهاريو ويو. ارباب رحيم. ڪامياب جلسي ثابت ڪيو ته سنڌ پ پ جو ڳڙهه آهي، جلسي جي ڪاميابي تي پ پ اڳواڻ مبارڪ جا حقدار آهن. بلاول ڀٽو.
• پيپلزپارٽي نئين مڪاني نظام جي حق ۾ حيدرآباد ۾ جلسو ڪري پنهنجو حشر ڏسي ورتو: ظفر علي شاهه. نئين نظام ۾ ٻٽي شهريت جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪنهن به ملڪ جو شهري ميئر ۽ چيئرمين ٿي سگهي ٿو.
• واقعي جو اطلاع ملڻ تي قادر مگسي ۽ ٻيا قوم پرست اڳواڻ نسيم نگر چوڪ تي ڪئمپ تي پهتا. ايس ٽي پيءَ جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پ پ جي جلسي ۾ ايندڙ ريليءَ مان فائرنگ. 9 ڏينهن کان پر امن بک هڙتالي ڪئمپ لڳـل هـئـي، پ پ جي غـنـڊن بـزدلاڻـو عـمل ڪـيـو: قادر مگسي.
• صدرآصف علي زرداري کي خراج تحسين پيش، عوام دشمن سوچ کي سنڌ جو سودو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو عزم. پ پ نئين مڪاني نظام کي سنڌ جي مفادن جو محافظ قرار ڏئي ڇڏيو. عوامي خواهشن جي ترجمان ۽ محافظ پ پ آهي، عوام ايندڙ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو. حيدرآباد جي جلسي ۾ پ پ جي وزيرن ۽ ميمبرن جي گهرن تي ڌماڪن ۽ ملالا يوسف زئي تي حملي جي مذمت ۾ ٺهراءَ پاس. سانگهڙ ۾ ٿاڻن ۾ 10 کان وڌيڪ قوم پرست ڪارڪن واڙيل.
• پ پ جي جلسي کي چئني پاسن کان پوليس ۽ رينجرز جو ڪڙو ماڻهن کي سخت جهڙتي وٺڻ بعد جلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويو. اسٽيج تي ويندڙن لاءِ الڳ واڪ ٿرو گيٽ، جلسي ۾ ڳجهيون ڪئميرائون به لڳايون ويون.
• ڊيوٽي تان غفلت تي ٽن ايس ايڇ اوز سميت 30 کان وڌيڪ اهلڪار معطل. شوڪاز نوٽيس جاري. پير مظهرالحق جي قافلي جو دادو ۾ گهيرو، پوليس جي لٺ بازي، 3 ڄڻا رتو رت. صوبائي وزير جو ڪاليج روڊ واري بنگلي مان نڪتل قافلو حيدرآباد وڃڻ لاءِ نيو چوڪ پهتو ته ن ليگ، ف ليگ ۽ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن کيس روڪي ورتو. مظاهري ۾ شريڪ عورتن قافلي تي جوتا اڇلايا ۽ جيالن کان جهنڊا کسيا، پوليس جي پهچڻ بعد مظاهرو ڪندڙ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. صوبائي وزير جي قافلي جو ڪچهري روڊ پهچڻ تي قوم پرستن جو احتجاج، ٽائرن کي باهيون، پوليس جي لٺ بازي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. (روزاني عوامي آواز)

17 آڪٽوبر 2012ع

• جلال شاهه مشرف جو قانون قبول ڪيو هاڻي نواز شريف جو ساٿي آهي: نثار کهڙو. ٽنڊي محمد خان ڀرسان نثار کهڙو جو جوتا ڏيکاري استقبال، ٽماٽن ۽ بيضن جو وسڪارو. گاجا موري وٽ ايس ٽي پي جي عورتن وقتي گورنر کي جوتا ڏيکاري ڇڏيا، ڇڪتاڻ. ڪارڪنن جي سخت نعريبازي. ايس ايس پي ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي تي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو.
• عوامي تحريڪ پاران تڪراري مڪاني نظام خلاف مختلف شاهراهن تي ڌرڻا. حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، ڊگهڙي، ماتلي، سکر، گهوٽڪي، ميهڙ ۽ گهارو ۾ احتجاج. پ پ جلسو عوامي تحريڪ مخالف شو هو، ڪنهن وزير مڪاني نظام تي نه ڳالهايو: اياز لطيف. گهارو ۽ سجاول ٿاڻن تي 261 ڪارڪنن خلاف دهشتگردي هيٺ 2 ڪيس داخل سجاول ٿاڻي تي عوامي تحريڪ جي ڌرڻي ۾ شريڪ شاعره آپا مريم مجيدي ۽ اياز امر شيخ تي به ڪيس داخل.
• پ پ قيادت سنڌ کي ورهائڻ بعد سنڌي ماڻهن تي ٺٺوليون پئي ڪري: رياض چانڊيو. جلسي ۾ استعمال ڪيل ٻولي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. پ پ وارن جيترا جيل ڪاٽيا، ان جو معاوضو سنڌ جو خزانو لٽي وصول ڪيو آهي.
• سنڌ ٻٽي نظام سبب سوڳ ۽ احتجاج ۾ آهي، ادبي سنگت جي سالگرهه سادگيءَ سان ملهائبي: مشتاق ڦل.
• حيدرآباد ۾ پ پ جو سياسي جلسو نه پر سنڌ جي ورهاست جو جشن هو: قادر مگسي. جلسي ۾ زبردستي تپيدارن، ڪوٽارن، ڪلارڪن، ماسترن ۽ پٽيوالن کي آندو ويو. جلسا ته جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف به ڪندو هو، تاريخ ۾ جيڪو سندن حشر ٿيو، حڪمران ان کي ياد رکن. رياستي مشينري ذريعي جهڪائي نه ٿو سگهجي، حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ ماتلي ۾ جلسي کي خطاب.
• مڪاني نظام خلاف پ پ (ش ڀ) جون ٻئي ڏينهن به بک هڙتالون. ملير، پنوعاقل لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، نوابشاهه، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ٽنڊو ڄام ۾ احتجاج. بدين خيرپور، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرا ڪيا. حڪمرانن سنڌ ڌرتي جو سودو ڪيو آهي، ٻٽو نظام واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو: پ پ جي حيدرآباد واري جلسي کان جي يو آءِ جو سکر وارو جلسو ڏهوڻون وڏو هو. اڳواڻ. (روزاني ڪاوش)

18 آڪٽوبر 2012ع

• حيدرآباد ۾ ناري تحريڪ جو جلسو، وڏي تعداد ۾ عورتون شريڪ، مڪاني نظام رد، سخت نعريبازي. اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن فيصلا پيا ٿين، پر اڄ غدارن لاءِ سڄي سنڌ نوگو ايريا آهي: قادرمگسي. اسان جي جدوجهد نواز شريف يا ڪنهن سرڪاري اداري جي پئسي تي نه پر خالص سنڌ پرست حلالي پٽن جي جدوجهد آهي. قومپرستن 9 سال مشرف خلاف جدوجهد هلائي، ڪو هڪ پ پ وارو ٻڌائي ڪنهن قومپرست هنن کان هڪ رپيو به ورتو، سنڌ دشمن فيصلا قبول ناهن. جنرل ضياءَ 10 سالن ۾ پ پ کي ختم نه ڪري سگهيو، پر موجوده حڪمرانن ساڍن 4 سالن ۾ پ پ کي ختم ڪري ڇڏيو: جلسي کي حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
• ”ٻٽو مڪاني نظام نامنظور“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا. ڌرڻا. ماٿيلي، شڪارپور، وارهه، سيوهڻ ۽ ٺل ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪري ٻٽي نظام خلاف نعريبازي ڪئي.
• مڪاني ادارن جو لاڳو ڪيل ٻٽو نظام ڪاري قانون جو حصو آهي: پ پ جي حيدرآباد واري جلسي جي ناڪامي سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ جو اظهار آهي. پ پ اقتدار کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي راضي رکي سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪرايو آهي: شاهه محمد شاهه.
• پ پ قيادت قومپرست اڳواڻن کي نقصان پهچائڻ جي سازش سٽي آهي: نئين مڪاني نظام بعد ڪو به سنڌي ڪراچي جي سروس گروپن ۾ نوڪري نه ڪري سگهندو. ڪراچي جو ميئر هاڻي ڪنهن به سنڌي ڳوٺ کي ڊاهڻ جو اختيار رکندو: رياض چانڊيو. (روزاني ڪاوش)
• س - ا - س جو آپا مريم مجيدي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج. بزرگ شاعره آپا مريم مجيدي ۽ شاعر امر اياز شيخ تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت.
• بل واپس نه ٿيندو، تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون: غلام مرتضيٰ جتوئي. حيدرآباد وارو جلسو فلاپ شو هو، جنهن ۾ سرڪاري ملازم هئا. دراني وارا ڪوڙ ڳالهائين ٿا ته هنن مون سان رابطو ناهي ڪيو. سنڌي سجاڳ نه ٿيا ته سنڌ هٿن مان هلي ويندي: نوشهروفيروز ۾ خطاب. (روزاني سنڌ /ايڪسپريس)

19 آڪٽوبر 2012ع

• متحده جون نواز ليگ کي منٿون، پ پ وري ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي. پ پ مڪاني نظام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ٽه طرفي ڦاسي پئي، عوام جو احتجاج ۽ ميمبرن خلاف وٺ پڪڙ به جاري. مڪاني نظام جي حامي ميمبرن بابت اسيمبليءَ جي رڪارڊنگ گهرائي وئي، پهريون ٽارگيٽ سيف الله ڌاريجو بڻيو.
• مڪاني نظام خلاف پ پ شهيد ڀٽو جا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا. ڪراچي، ٺٽي، جهڏو، قمبر،سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، بک هڙتال ڪئي وئي. جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، سوڀي ديري، خيرپور ۾ به شهيد ڀٽو ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا.
• مڪاني نظام ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سنڌياڻي تحريڪ پاران سڀاڻي احتجاج جو اعلان. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر حسنا راهو جو پليجو هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو. سڀاڻي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ مظاهرا ڪري ۽ ڌرڻا هڻي مڪاني نظام کي رد ڪريو وڃي: سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ. (روزاني عوامي آواز)
• ”ٻٽو مڪاني نظام نه کپي“، اين پي پي پاران موري کان هالاڻي تائين احتجاجي ريلي. پارٽي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، مورو، ڀريا سٽي، ڪنڊياري، نوشهروفيروز ۽ هالاڻي ۾ جلسا ڪيا ويا. پيپلزپارٽي تڪراري نظام کي ختم ڪري ۽ سنڌ جي عوام کان ڪنڌ جهڪائي معافي ورتي وڃي. اسان سنڌ سان غداري کي گناهه سمجهون ٿا ۽ هاڻي عوام سنڌ جي غدارن کي ر د ڪري ڇڏيندو: غلام مرتضيٰ جتوئي
• فنڪشنل ليگ پاران تڪراري مڪاني نظام خلاف عيد کانپوءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان. پير پاڳارو سنڌ جو دورو ڪندو، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ جلسا ڪبا. سرڪار تڪراري نظام واپس نه ورتو ته شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪبي: ياسر سائين.
• ٻٽي مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي پاران حيدرآباد نسيم نگر چوڪ تي 12 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري. پ پ مڪاني نظام ذريعي سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد رکيو اهي: امير ڀنڀرو. الطاف حسين چالاڪي ۾ پ پ کي ڦاسائي اهڙو بل پاس ڪرايو. پ پ (ش ڀ) پاران ٻٽي نظام ۽ اڳواڻن تي حملي خلاف بک هڙتالون. سڪرنڊ، دادو، ڪنڌ ڪوٽ، قمبر ۽ ٻين شهرن ۾ بک هڙتالون ڪيون ويون. پ پ اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ سنڌ گروي رکي ڇڏي آهي: ڊومڪي. (روزاني ڪاوش)

20 آڪٽوبر 2012ع

• نئون مڪاني نظام انساني حقن جي خلاف آهي، قبول نه ڪنداسين: پاڳارو. سنڌ وطن آهي، حڪمرانن ۽ اتحادين کي تاريخ سان هٿ چراند مهانگي پوندي. ورلڊ سنڌ ڪانگريس. مڪاني ادارن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيءَ لاءِ ٻن ڏينهن ۾ راءِ طلب. مڪاني ادارن واري سيڪريٽري سمورن ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن، ضلعي ۽ تعلقي ڪائونسلن کان راءِ طلب ڪئي. نئون مڪاني نظام اچي چڪو آهي، ڀرتين بابت پنهنجي راءِ ٻن ڏينهن ۾ ڏني وڃي: سيڪريٽري.
• مريم مجيدي ۽ اياز امر شيخ مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي. ريليءَ ۾ يوسف سنڌي، عرفانه ملاح، نذير ناز، مهر النساءِ لاڙڪ، ابرار قاضي پنهل ساريو، امين لاکو ۽ ٻيا شريڪ. سنڌ مٿان مڙهيل ڪارو قانون واپس وٺي قومي ڪارڪنن خلاف سازشون بند ڪيون وڃن: سول سوسائٽي. ڪاري قانون خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن حڪمرانن جي اهڙي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني نظام خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مريم مجيدي، اياز امر شيخ ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ون يونٽ دوران به اديبن مزاحمت ڪئي هئي: ابرار قاضي، آڪاش ملاح، مظفر ڪلهوڙو ۽ ٻين جو خطاب.
• ”مڪاني آرڊيننس واپس وٺو“ پ پ شهيد ڀٽو جا ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا. پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس خلاف شهيد ڀٽو جا ڪارڪنن مختلف شهرن ۾ سراپا احتجاج رهيا. موري، جيڪب آباد، ڪنڌ ڪوٽ، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون. مڪاني نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، بل واپس نه ورتو ويو ته احتجاج جاري رهندو: اڳواڻ.
• ”سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام نامنظور“ جي مسلسل گونجار، ڌرڻن سبب روڊ بلاڪ. سنڌ بچايو ڪميٽي ۾ شامل سياسي جماعتون پنهنجي ذيلي تنظيمي ڪارڪنن سميت سراپا احتجاج. سنڌ مٿان ٻٽو نظام مڙهي پ پ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هنيو آهي: علي حسن چانڊيو. چونڊن ۾ حڪمران ڪهڙي بنياد تي ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ ويندا. مڪاني نظام مڙهيندڙ حڪمران وائکا ٿي چڪا آهن: ايس ٽي پي اڳواڻ.
• سنڌ هاري ڪاميٽي جو مڪاني نظام خلاف احتجاجي مظاهرو. حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن، پر حڪمران نظر انداز پيا ڪن: هاري ڪاميٽي اڳواڻ. مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ اين پي پي جو احتجاج. رات جو اونداهيءَ ۾ آرڊيننس جاري ڪرڻ مان ثابت ٿيو ته نظام سنڌ دشمن آهي. سنڌ ورهائڻ واري، سازش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبو؛ اين پ پ اڳواڻ. مڪاني نظام خلاف عيد بعد عوامي رابطا مهم شروع ڪنداسين. پ پ جي وزيرن کي چئلينج ٿو ڪيان، ساڻن بل تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. اقتدار ۾ اچي ڪارساز سانحي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين: امتياز شيخ جون لاڙڪاڻي ۾ ڳالهيون.
• مڪاني نظام خلاف لاڙڪاڻي ۾ ايس اين پي جي ريلي، سنڌ جو ورهاڱو قبول نه ڪنداسين. امير ڀنڀرو. تڪراري نظام خلاف ڊگهي مارچ جو اعلان، حڪمرانن کان سياسي پلاند وٺنداسين. ڪاري نظام خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي سان گڏ آهيون، وزيرن جو حشر ڏاڍو خراب ٿيندو. آريسر بيماريءَ جو ڊرامو پيو ڪري، قادر مگسي پيپلن سان مليو، هڪ قومپرست سيٽون گهريون. اياز لطيف پليجو ڪميٽي فيصلن ۾ الائي ڇو نه ٿو اچي، خاموش رهندڙن کي تاريخ معاف نه ڪندي. عيد بعد مڪاني نظام خلاف جيڪب آباد کان ڪراچي تائين مارچ ڪنداسين، غيرتمند سنڌي شرڪت ڪن: ڊاڪٽر صفدر سرڪي. (روزاني عوامي آواز)
• سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تڪراري نظام خلاف مظاهرا، ڌرڻا. حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي، خانپور، ٺل، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سجاول جوڻيجو، شهداد ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.
• لاڙڪاڻي ۾ ايس اين پي پاران ٻٽي نظام خلاف ”ڌرتي ڌڻين جي دانهن“ ريلي ڪڍي وئي. پارٽي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ايئرپورٽ روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي جلسو ڪيو ويو. پ پ وارن سنڌي ماڻهن جي قاتلن کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ٻٽو نظام آندو آهي. پ پ وارن سنڌي ماڻهن جي جذبن جي توهين ڪئي آهي، نظام واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو.
• مڪاني نظام خلاف پر امن احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي پوليس هراسان پئي ڪري: پ پ (ش ڀ). گرفتار ڪارڪن آزاد ڪري بنا جواز ڇاپا هڻڻ بند نه ڪيا ويا ته احتجاج ڪنداسين. مڪاني نظام ۽ عنايت عمراڻي تي حملي خلاف ٽنڊو محمد خان، موري ۽ مقصودو رند ۾ احتجاج. پ پ پاران رابطا ڪيا پيا وڃن، ڪاري قانون واپس وٺڻ تائين ڳالهيون نه ٿينديون: امتياز شيخ. ميئر کي هٽائڻ لاءِ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت کپندي جيڪا ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. (روزاني ڪاوش)

21 آڪٽوبر 2012ع

• ڪراچي ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي اڳواڻن طرفان ٻٽي نظام خلاف احتجاج. سياسي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ نصرت سحر عباسي، آصف بالادي، علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا شامل.
• اياز لطيف پليجي کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ بچايو ڪاميٽي جي جلسن ۾ پاڻ شريڪ ٿئي. ٻٽي مڪاني نظام خلاف احتجاج ۾ جيڪو لنوائيندو ڌرتي ماءُ جو غدار ليکيو ويندو: قادر مگسي. ان وقت تائين پ پ وارن سان نه ڳالهائينداسين جيستائين ڪارو قانون واپس نٿو ورتو وڃي. حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي 14 هين ڏينهن به بک هڙتال، ٻٽي مڪاني نظام ۽ حڪومت خلاف نعرا.
• ”ٻٽو نظام نامنظور“ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. تڪراري مڪاني نظام خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. جيڪب آباد، ڪشمور، نوابشاهه، سڪرنڊ، چمبڙ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا. سنڌ جاماڻهو ٻٽي نظام جي آڙ ۾ سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندا: مظاهرين. حڪمران ڪيترا به جلسا ڪن، ٻٽو نظام سنڌ واسين کي قبول ناهي: رياض چانڊيو. اهڙي قانون جا مخالف آهيون جيڪو سنڌ واسين کي ڌرتي جي وارثي کان پري ڪري. (روزاني ڪاوش)

22 آڪٽوبر 2012ع

• پنجاب کان پئسا وٺي سنڌ ۾ گوڙ ڪيو پيو وڃي، مڪاني نظام خلاف سڀ کان وڌيڪ ڳالهائيندر قومپرست انهن پئسن مان به لينڊ ڪروزر گاڏيون ورتيون آهن، قومپرست ڳالهيون نه ڪندا، اهي پنجاب کان پئسا پيا وٺن: صدر آصف علي زرداري. سنڌ ۾ اسان جي ٽيم ڪمزور هئڻ ڪري نئين مڪاني نظام جو مناسب دفاع ناهي ٿي سگهيو، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي بل جو مسودو عوام تائين پهچايو ويندو، خورشيد شاهه کي ڳالهين لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي. قومپرست پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل جا به مخالف هئا، انهن ڪراچي کي وفاقي گاديءَ وارو شهر بڻائڻ جي به مخالفت ڪئي هئي، نه ته اڄ دادو به گرمين لاءِ وفاقي گاديءَ وارو شهر هجي ها. اڄ قومپرست ذوالفقار آباد رٿا جي به مخالفت پيا ڪن، جڏهن ته ان لاءِ 10 لک ايڪڙ سمنڊ مان ۽ ڏيڍ لک ايڪڙ غيرآباد زمين حاصل پيا ڪريون. لڳاتار ٽن سالن کان قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، مستقبل ۾ تباهين کان بچڻ لاءِ مڪمل تياري پيا ڪريون: سنڌي صحافين سان ڳالهيون.
• مڪاني نظام خلاف اديبن جا احتجاجي مظاهرا، سنڌ ڪيس عالمي فورم تي کڻي وڃڻ جو اعلان. سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ميرپور خاص ۾ انعام شيخ، اشتياق انصاري ۽ گلشن لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي. نواب شاهه ۾ مشتاق ڦل، مهرالنساءَ لاڙڪ، منور سراج ۽ سرفراز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ اديبن جو احتجاج. حڪومت ٻيهر ون يونٽ واري دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي: اديبن جو خطاب.
• ايس اين ايم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ ضلعي اڳواڻن عوامي تحريڪ ۾ شموليت ڪري ڇڏي. ”مڪاني نظام خلاف ٺٽي ۾ جلسو:“ ذوالفقار آباد نالي سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي: اياز لطيف. سنڌ ۾ لاڳو ڪيل مڪاني نظام تحت ميئر کي هٽلر کان به وڌيڪ اختيار ميٽرو پوليٽن جي شڪل ۾ مليل آهن. ڌرتي دشمن ڪردار سبب ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ وڏيرن کي لالچ ڏئي پ پ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي: خطاب.
• ف ليگ واپارين طرفان ڏنل هڙتال جي سڏ جي حمايت ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا: امتياز شيخ. پيرپاڳارو نومبر ۾ سنڌ جي سمورين ڊويزنن جو دورو ڪرڻ بعد حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪندو. مڪاني نظام خلاف جسم جو ڪراچي جي مشرف ڪالوني ۾ جلسو. پ پ ۽ متحده جي ڳٺ جوڙ سبب سنڌ کي خطرا آهن: رياض چانڊيو. ڪراچي سنڌ اندر ڪاروبار، روزگار ۽ صنعت جو مرڪز، بندرگاهن وارو شهر آهي. مڪاني نظام خلاف اڄ ٽنڊي محمد خان ۾ جلسو ٿيندو، تياريون مڪمل، سنڌ بچايو ڪميٽي پاران رٿيل جلسي جي سلسلي ۾ شهر کي ڳاڙهن جهنڊن سان سينگاريو ويو. جلسي ۾ لک ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش، جلال شاهه، قادر مگسي، اياز لطيف ۽ ٻيا خطاب ڪندا.
• سنڌ جا ماڻهو پ پ کان سخت ناراض آهن، مڪاني نظام خلاف، ردعمل سخت آهي. تاثر آهي ته آصف زرداري سنڌ وڪرو ڪري ڇڏي آهي. سنڌي صحافين جون صدر سان ڳالهيون. حڪومت طاقت جي استعمال بجاءِ ڳالهيون ڪري- مڪاني نظام تي سنڌين کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. سنڌ اوهان جو بنياد آهي، سنڌين جي ناراضگيءَ سان ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جو نقصان ٿيندو.
• سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف قومپرستن جا احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا، بک هڙتال. سکر ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن نصر گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي. جيڪب آباد، ڄامشوري، ڪوٽڙي، ميهڙ، موري، ڪنڌ ڪوٽ، بوزدار وڏا ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو. ٻٽو نظام لاڳو ڪري سنڌ حڪومت مشرف جي آمريت کي ٻيهر جنم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: قومپرست. آخري دم تائين ٻٽي نظام خلاف احتجاج جاري رهندو، سنڌ دشمن آرڊيننس واپس ورتو وڃي: مطالبو. مڪاني نظام خلاف قومپرست ۽ جمهوري قوتن کي گڏ ڪيو ويندو: شاهه محمد شاهه.
• ڊگهڙي ۾ مسلم ليگ هم خيال جو جلسو، ٻٽي مڪاني نظام خلاف هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي ٺهراءُ منظور ڪيو. ايم ڪيو ايم کي ميار ڇو ڏيون؟ سنڌ ورهائڻ جو ڪم ”پنهنجن“ ماڻهن ڪيو، ٻٽو نظام آڻڻ ۾ پ پ جي چونڊيل وزيرن ۽ ايم پي ايز جو ڪردار آهي: ارباب رحيم. (روزاني عوامي آواز)
• سنڌ ۾ سياسي قيادت جو فقدان آهي، شهيد ڀٽو جي ساٿين مان رڳو قائم علي شاهه بچيو آهي، ان ڪري مڪاني نظام تي واويلا ڪندڙن کي ڪير به مطمئن نه ٿو ڪري سگهي. ذوالفقار آباد سنڌ جي مفاد ۾ آهي پر قومپرست ترقي نه ٿا چاهين، انهن اسٽيل ملز جي قيام وقت به ”نه کپي“ جا نعرا هنيا هئا، قومپرستن خلاف ڪارروائي لاءِ نه ٿو چوان، پر انهن کي اشوز تي جواب ته ڏنو وڃي: صدر زرداريءَ جون سافما جي ساٿين سان ڳالهه ٻولهه.
• ”ٻٽو مڪاني نظام نه کپي“ سنڌ بدستور سراپا احتجاج، ريليون، ڌرڻا، ڪراچي ۾ عورتن جو زبردست مظاهرو. شهيد فاضل راهو يادگار ڪاميٽي پاران بدين کان سوين عورتون ڪراچي پهتيون، احتجاج دوران سخت نعريبازي، مڪاني نظام سنڌ جي حق تي ڌاڙو قرار. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي زين شاهه جي اڳواڻي ۾ مارچ، ڄامشوري ۾ صوبائي وزير جي پتلي کي گشت ڪرائڻ بعد باهه. راڌڻ کان ميهڙ تائين جيئي سنڌ انقلابي محاذ پارٽي جي سڏ تي ريلي، ڏيئي ۾ مسلم ليگ هم خيال پاران گاڏين جي ريلي نڪتي. جيڪب آباد، نوشهروفيروز، پير جو ڳوٺ ۽ مورو ۾ پ پ (ش ڀ) جو احتجاج،نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي جو مظاهرو، شاهپور چاڪر ۾ تحريڪ انصاف ريلي ڪڍي. (روزاني ڪاوش)

23 آڪٽوبر 2012ع

• ٽنڊي محمد خان ۾ نئين مڪاني نظام خلاف احتجاجي جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ، ”سنڌ سلامت کپي“ جا نعرا. قومپرست ويڪائو نه آهن، فقط سنڌ جي سلامتي گهرجي. سنڌ بچايو ڪميٽي. سنڌ جي سلامتي لاءِ سئو جانيون به مليون ته قربان ڪنداسين (جلال شاهه) قومپرست غريب آهن پر ڪنهن جا دلال نه، هاڻي سنڌ ۾ زرداريءَ جو نعرو نه هلندو: قادر مگسي. سنڌين پ پ کي ووٽ سنڌ ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو (اياز لطيف) سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چينل سرڪاري جلسن ۽ عوامي ريفرنڊمن جو فرق ڪن: صفدر سرڪي. سنڌ جا حلالي پٽ طئه ڪن ته ڌرتي ماءُ جي غدار جي سزا ڇا آهي؟: سليم ضياءَ، آڪاش ملاح، علي حسن چانڊيي، ابرار قاضي، وليد شيخ ۽ ٻين جو احتجاجي جلسي کي خطاب.
• حيدرآباد جلسي کانپوءِ مخالف ڀڄي ويا، ڏسون ته استعيفيٰ ڏيندڙ صوبائي وزير (شهريار مهر) جو پيءُ (غوث بخش مهر) ڪڏهن ٿو وزارت ڇڏي. جمهوري حڪومت پهريون ڀيرو مڪاني نظام لاڳو ڪيو، آمرن جي نظام تي قومپرست ڇو خاموش هئا. مڪاني نظام تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر عورت ايم پي ايز جي گهرن تي توا ٽنگيندڙ کي شرم اچڻ گهرجي. بي غيرت ناهيون جو سنڌ ورهايون، ارباب رحيم سنڌ جا ٽڪرا ڪيا پر آمرن خلاف ڪير نه اٿيو: سراج دراني
• پ پ سنڌ کي ورهائي سوداگرن حوالي ڪيو آهي، وزارتن ۽ صلاحڪارين جا اگهه مقرر ڪيا پيا وڃن: ظفر علي شاهه.
• نئين مڪاني نظام خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا. پ پ شهيد ڀٽو، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم ۽ ٻين پارٽين جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڏهرڪي، راضي ديري، دادو، ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سنڌ جي وحدانيت تي وار برداشت نه ڪنداسين، ٻٽي مڪاني نظام وارو بل واپس ورتو وڃي: مطالبو.
• ٻٽو مڪاني نظام غريب ماڻهن کي چٿڻ جو منصوبو آهي: غنويٰ ڀٽو. حڪمرانن پنهنجو اقتدار بچائڻ خاطر سنڌ جا ٽڪر ڪري ڇڏيا آهن. حڪمرانن سنڌ ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي: ممتاز ڀٽو. (روزاني عوامي آواز)
• سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران ٽنڊي محمد خان ۾ ٻٽي نظام خلاف وڏو جلسو، عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ. ٻٽو مڪاني نظام قومي وحدت تي حملو آهي، سنڌ سان غداري ڪندڙن کي سنڌي قوم معاف نه ڪندي: قومپرست اڳواڻ. ون يونٽ کان به وڌيڪ هي نظام سنڌ دشمن آهي، ڪارو قانون قائم ڪري سنڌ جي وجود خلاف سازش ڪئي پئي وڃي، قومپرست سازش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ آهن: جلال محمود شاهه. مڪاني نظام سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات آهي، پ پ حڪومت سنڌ کي دهشتگردن حوالي ڪرڻ لاءِ ٻٽو نظام قائم ڪيو آهي، عوام غدارن کي معاف نه ڪندو: ڊاڪٽر قادر مگسي. سنڌ جا لکين ماڻهو سنڌ کي کپائڻ نه پر بچائڻ وارا آهن، عوام هي نظام قبول نه ڪندو (آڪاش ملاح) ٻٽي نظام خلاف عوام تاريخي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، سازش جو جواب ڏنو ويندو: صفدر سرڪي. ڌرتي تي ڪوبه ڪارو قانون برداشت نه ڪنداسين، اظهر جتوئي، سليم ضياءَ، اعظم جهانگيري، علي حسن چانڊيو، ابرار قاضي، قمر ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن جو جلسي کي خطاب. (روزاني ڪاوش)
• زرداري ٻڌي ڇڏي قومپرست ويڪائو ناهن: جلال شاهه. برابر ڪڏهن به يوسي سيٽ ناهي کٽي، پر پنهنجي ڌرتي ماءُ جو ڪڏهن به سودو ناهي ڪيو: قادر مگسي. سنڌين پ پ کي ڪراچي جا ضلعا ۽ حيدرآباد کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو هو: اياز لطيف پليجو. سنڌي چئنلن ۽ اخبارن کي غير ذميواراڻي صحافت بند ڪرڻ گهرجي، ايوبي آمريت وسري ناهي: صفدر سرڪي. مڪاني نظام پ پ ۽ متحده جو ناجائز اولاد آهي (سليم ضياءَ) جوڌا سنڌ ورهائڻ جي اجازت نه ڏيندا: آڪاش ملاح. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)

24 آڪٽوبر 2012ع

• قومپرستن جو پ پ سان ويُر آهي، اهي پنجاب جي پويان پيا هلن. قائم علي شاهه. ڀلي سڀ ڇڏي وڃن، ڪاري قانون خلاف اڪيلو به روڊن تي نڪري ايندس، هيءَ جدوجهد ڌرتيءَ لاءِ آهي: سرڪاري آڇون رد ڪري ڇڏيون، سنڌ امڙ لاءِ ڏاڏي وارو رستو ورتو آهي: پيرپاڳارو. پيپلزپارٽي رابطو ڪري، چيو ته اويس مظفر ٽپي ۽ شرجيل ميمڻ کي ڳالهين لاءِ پيا موڪليون پر مان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪاري قانون جي خاتمي تائين ڳالهيون نه ٿينديون. مختلف آڇون ڪيون پيون وڃن، پر مان اڃا تائين پنهنجي ملڪيت به کپائي نه سگهيو آهيان، پيءُ جي جائداد اڃا الڳ پئي آهي، مون کي وڌيڪ ڇا کپي؟ ف ليگ جي پاليسين سان اختلاف ڪري خاموش هوس، پر هاڻي عوامي اميدن ۽ اشوز مطابق پاليسيون جوڙي رهيا آهيون، سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن سان ملاقات ۾ پير پاڳاري جون ڳالهيون.
• گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڌرتيءَ جي خدمت لاءِ ڇڏي آيو آهيان (حسين هارون) آرڊيننس نه پڙهڻ جا طعنا ڏيندڙ پ پ ڏسي، اڄ اديب ۽ دانشور ان جي مخالفت پيا ڪن: مهتاب اڪبر راشدي.
• مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي بُک هڙتال جاري. قومپرستن جي احتجاجن حڪمرانن کي ڏڪڻي ڏياري ڇڏي آهي: قادر مگسي. مڪاني نظام خلاف ظفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ درٻيلي کان ريلي، قومپرست ۽ سماجي ڪارڪن به شريڪ. هاڻ پ پ کي سنڌ مان ووٽ نه ملندا، قائم علي شاهه کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ظفر علي شاهه. جلسي جي ڪاميابي مان ثابت ٿيو ته عوام مڪاني نظام خلاف آهي، مخالف ناڪام ٿيندا. سنڌ جي اشوز تان هٿ کڻائڻ لاءِ وزارتن ۽ صلاحڪارين جي آڇ ڪئي پئي وڃي، سوديبازي نه ڪنداسين.
• ڪلوئي ۾ اربابن سان هڪ هڪاڻي، عوام آمرن جي پيداوار کي ووٽ نه ڪري: پ پ اڳواڻ. بلدياتي نظام جي مخالفت ڪندڙ ارباب رحيم مشرف دور ۾ سنڌ وڏيرن کي ورهائي ڏني هئي: شير محمد بلالاڻي، سنڌ جي عوام اسيمبليءَ ۾ جوتا هڻي ثابت ڪيو، اربابن کان نفرت ڪن ٿا: محمد خان لنڊ ۽ ٻين جو جلسي کي خطاب. (روزاني عوامي آواز)

24 آڪٽوبر 2012ع

• ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو بندوبست ٿي رهيو آهي. حڪومت ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌ دشمن منصوبي ڪالاباغ دئم ٺاهڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. نواز ليگ پ پ کان هزار ڀيرا بهتر آهي، ان واعدو ڪيو ته چئني صوبن جي اتفاق تائين ڊئم نه ٺهندو. سنڌي ماڻهو مڪاني نظام، ذوالفقار آباد رٿا سان گڏوگڏ ڪالاباغ ڊئم رٿا خلاف به احتجاج لاءِ تيار رهن. آئون سنڌ واسين کي اپيل ٿو ڪريان ته پ پ وارن جيان مون کي به مال ڪمائڻ جو موقعو ڏنو وڃي: رسول بخش پليجي جي پريس ڪانفرنس.
• قومپرست مڪاني نظام تي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن: جڏهن سنڌ جو عوام ٻوڏ جي مصيبت ۾ هو ته اهي قومپرست ڪٿي هئا. هاڻ هو عوام کي گمراهه ڪري پنهنجي دڪانداري چمڪائي رهيا آهن. شرجيل.
• دانشورن جي فنڪشنل سربراهه سان ملاقات. سنڌ اسان لاءِ عيدگاهه ۽ قبرستان آهي. پير پاڳارو. ڌرتيءَ جي حقن لاءِ اسان اڳ به ويڙهه ڪئي ۽ هاڻ به وڙهندا رهنداسين، ڪو ساٿ ڇڏي ته پرواهه ناهي. سنڌ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، پنهنجي پارٽيءَ جي منشور کي به تبديل ڪري سنڌ جي مفادن وٽان بڻائيندس. گهڻ گهرا ساٿ ڏين، متحد ٿين پنهنجي قول ۽ فعل واري تضاد کي ختم ڪن: دانشورن سان ڳالهيون. قيادت جو بحران آهي، پير پاڳاري کي چيو آهي ته سرواڻي ڪري: عبدالله حسين هارون، امداد حسيني. هيءَ سنڌ اها ناهي جنهن کي فتح ڪري سگهجي: حميد سنڌي، مشتاق ڦل، انعام شيخ، غفار تبسم. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)
• ايس ٽي پي جي 17 هين ڏينهن به بک هڙتالي ڪئمپ، وڏن سان گڏ ٻارن به بک هڙتال ڪئي. ڪاري بلدياتي نظام جو خاتمو آڻي ساهه پٽينداسين. پ پ جا وزير پوليس جي پهري کانسواءِ ڳوٺن ۾ نٿا وڃي سگهن، سڄي سنڌ هنن لاءِ نوگو ايريا آهي. الزام هڻندڙ ٻڌائين ته قومپرستن نواز شريف ۽ مشرف خلاف به جدوجهد ڪئي، تڏهن ڪنهن پئسا ڏنا؟ قادر مگسي.
• تڪراري مڪاني نظام خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون، ڌرڻا. حيدرآباد ۾ نواز ليگ ۽ ايس ٽي پي جو گڏيل احتجاج، لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ريليون ڪڍيون. ٺل ۾ ايس يو پي ۽ جيئي سنڌ محاذ مظاهرو ڪيو، ڏهرڪي ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڌرڻو- نئون مڪاني نظام سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي، اسين ان کي رد ڪريون ٿا: خالد محمود سومرو.
• ”سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ٻٽو نظام ختم ڪريو“: ٽورنٽو ۾ سانا جو مظاهرو. سنڌ ۾ ٻٽي نظام کي سڀني پارٽين رد ڪري ڇڏيو آهي: شاهه محمود شاهه. پ پ جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي مهانگائي جي آڙاهه ۾ اڇلايو ويو آهي. ٻٽي نظام خلاف رابطا مهم شروع ڪئي آهي ۽ عيد کانپوءِ ڌرڻا هنيا ويندا. (روزاني ڪاوش)

25 آڪٽوبر 2012ع

• قومپرستن سان گڏ آهيون، سنڌ مان ٻٽي مڪاني نظام جو خاتمو ڪرائينداسين: مرتضيٰ جتوئي.
• مڪاني نظام جي مخالفت. قادر مگسي، جلال شاهه، اياز پليجي سميت قومپرستن خلاف ڪيسين جا تفصيل طلب. رياض چانڊيو، صفدر سرڪي، نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، شفيع برفت ۽ ٻي قيادت بابت تفصيل به گهرايا ويا. نئين نظام جي مخالفت ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو، حڪومت سموريون تياريون مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف. 1985ع کان هيل تائين داخل ڪيسن، انهن جي موجوده حيثيت بابت به رپورٽ ڏني وڃي، ضلعي پوليس آفيسرن کي هدايت. وفاقي وزير خورشيد شاهه مڪاني نظام جي حمايت ۾ مهم هلائيندو، تحريڪ کان اڳ ڪريڪ ڊائون ٿيندو. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ مانيٽرنگ ڪندو، گهرو سيڪريٽري صوبائي نه پر وفاقي وزير کان هدايتون وٺندو. سنڌ حڪومت کي رڳو ڪارروائي بعد آگاهي ڏني ويندي، صوبي ۾ نگراني غير سرڪاري ”اهم“ شخصيت ڪندي.
• ”مڪاني نظام نامنظور“ ڌرتي ڌڻين جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. ڪوٽڙي، قمبر، ڪنڌڪوٽ، اوٻاوڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ مختلف پارٽين احتجاج ڪيو. پ پ سنڌ جي وحدانيت تي وار آهي، سنڌ دشمن آرڊيننس واپس ورتو وڃي: اڳواڻ. سنڌ جي اديبن مڪاني نظام خلاف مزاحمتي تحريڪ جي حمايت ڪري ڇڏي. سرڪار ڪن کولي ٻڌي، سنڌي قلم ڪار وڪري جو وکر ناهن. سنڌ رائيٽرس فورم. جن قلمڪارن سڻڀيون آڇون قبوليون آهي، اُهي قومي غدارن ۾ شامل سمجهيا ويندا. مڪاني نظام جو موجوده بل قومي وحدت کي نهوڙڻ جي ڪوشش آهي: جامي چانڊيو، امر سنڌو ۽ ٻين جو بيان. حافظ حسين احمد مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جي بک هڙتالي ڪيمپ تي پهتو. سنڌ جي ورهاست جا مخالف آهيون، سنڌين کي اڪيلو نه ڇڏبو: حافظ حسين. قانون ۾ روز ترميمون ٿين پيون، پاڪستان تي انتها پسند ٽولي قبضو ڪري ڇڏيو آهي: قادر مگسي. (روزاني عوامي آواز)
• ”ٻٽو نظام نامنظور“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا. حيدرآباد ۾ فنڪشنل ڊاڪٽر فورم پاران ۽ مٽياري ۾ ستاف ڪارڪنن مظاهرا ڪيا. قمبر، اوٻاوڙي، راڌڻ ۽ ٺل ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي ڪارڪنن ڌرڻا هنيا. مڪاني نظام خلاف احتجاج ڪرڻ تي حڪمران انتقامي ڪاررايون پيا ڪن: تاج ڊومڪي. (روزاني ڪاوش)

26 آڪٽوبر 2012ع

• پاڳاري سان نازڻ سائينءَ جي ملاقات، سنڌ ۾ ٻٽي نظام ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون. سنڌ خاطر قرباني ڏيڻ لاءِ حر سڀ کان اڳڀرا هوندا، جدوجهد تان هٿ نه کڻندس: پير پاڳارو. ٻٽو نظام حڪمرانن کي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪنداسين، نظام آڻيندڙ پاڻ هليا ويندا. پاڳاري کي سنڌ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو، اڳتي به سنڌ خاطر اهڙو اسٽينڊ وٺندو رهندو: نازڻ سائين.
• سنڌ اسيمبليءَ ۾ نئين مڪاني نظام جي منظوري دوران ووٽ نه ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن کي به چونڊ ٽڪيٽ نه ڏني ويندي. مڪاني نظام جي حمايت ۾ مهم نه هلائيندر پ پ ميمبرن کي چونڊ ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو. جن علائقن ۾ پ پ اندر نون ماڻهن جي شموليت ٿي آهي، اتان به نوان چهرا اسيمبلين ۾ آندا ويندا. ناهيد خان، صفدر عباسي، منور عباسي، غفور نظاماڻي ۽ غلام قادر ڀٽي جهڙا شهيد بينظير جي ويجهو رهندڙ اڳواڻ به اسيمبلين کان پري رکيا ويندا.
• ”تڪراري نظام نه کپي:“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ريليون ۽ ڌرڻا. ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، جسم ۽ شهري ايڪشن ڪميٽيءَ پاران مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. جيڪب آباد، شهداد ڪوٽ، ميرپور ماٿيلي، قمبر، ٺل ۽ ٻين شهرن ۾ ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل، بک هڙتالون. بنا دير سنڌ دشمن مڪاني آرڊيننس واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو: اڳواڻ. نئون مڪاني نظام مارشل لا جي سازش آهي: ڪامريڊ امر لال. (روزاني عوامي آواز)
• پير پاڳاري جو سنڌ جي مفادن لاءِ عوام سان گڏ بيهڻ سٺو سنئوڻ آهي، خواهش آهي ته پير پاڳارو پنهنجي پارٽي جو نالو عوامي ليگ رکي. تاريخ ۾ سورهيه بادشاهه ۽ حرن جو مقام گهڻو مٿانهون آهي، هن پاڻ وطن يا ڪفن جو نعرو هنيو. محمد ابراهيم جويو
• جسم ۽ مسلم ليگ هم خيال پاران ٻٽي مڪاني نظام خلاف گڏيل تحريڪ جو اعلان. مسلم ليگ هم خيال جي اڳواڻن ارباب لطف الله ۽ عبدالرزاق راهمون، رياض چانڊيو سان ملاقات ڪئي. پ پ حڪومت ۾ جمهوريت، ارباب گروپ ۽ قومپرست عتاب ۽ عذاب ۾ آهن: رياض چانڊيو.
• فنڪشنل ليگ تڪراري نظام ختم ڪرائڻ ۾ ساٿ ڏيندڙ پارٽي سان اتحاد ڪندي: مظفر شاهه. مڪاني نظام خلاف عيد کانپوءِ پير پاڳاري جي سرواڻي ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ جلسا ڪيا ويندا. (روزاني ڪاوش)

27 آڪٽوبر 2012ع

• نسيم نگر چوڪ تي اڄ عيد ڏهاڙي به بک هڙتال ڪئي ويندي. ايس ٽي پي پاران نئين مڪاني نظام خلاف عيد بعد سخت احتجاج ڪرڻ جو اعلان. پهرين نومبر تي مٺي، 2 نومبر تي عمر ڪوٽ ۽ 3 نومبر تي ميرپورخاص ۾ ڌرڻا هنيا ويندا: ايس ٽي پي.
• عيد کانپوءِ ٻٽي نظام خلاف نتيجا ڏيندڙ تحريڪ هلائي ويندي: جلال شاهه. سنڌ سراپا احتجاج آهي، پر حڪمران پنهنجي اتحادين کي خوش رکڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ايندر عام چونڊن ۾ پ پ وارن کي خبر پئجي ويندي ته سندن خلاف ماڻهو ڇا سوچي رهيا آهن. (روزاني ڪاوش)
]نوٽ: عيد الاضحيٰ جي موڪلن سبب 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي اخبارون شايع نه ٿيون[.

30 آڪٽوبر 2012ع

• مڪاني نظام سنڌ جي مفاد ۾ آهي، قومپرستن جي ڪابه حيثيت ناهي: پ پ سنڌ ڌرتي لاءِ خون ته ڏئي سگهي ٿي، پر ان جي خلاف ڪو به فيصلو نٿي ڪري سگهي. اسان کان وڏو ڪو قومپرست ناهي، سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ڪنداسين. بينظير ڀٽو سان گڏ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻندڙ قومپرست هاڻي ڪالاباغ ڊيم جي حاميءَ سان گڏ آهن. نواز شريف ڌانڌلي جي پيداوار آهي ۽ اهو اصغر خان ڪيس جي فيصلي ۾ ثابت ٿي ويو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ به وڏن وڏن بتن کي ڪيرائي ڇڏينداسين ۽ ٻيهر حڪومت جوڙينداسين، قومپرست هرو ڀرو گوڙ پيا ڪن. ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو آهي، جيڪو ڪڏهن به نه ٺهندو، قومپرست هڪ به سيٽ کٽي نٿا سگهن. قائم علي شاهه
• مڪاني نظام خلاف عيد تي به احتجاج، غدارن جا ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏبا: ايس ٽي پي حيدرآباد ۾ قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي ڊاڪٽر قادر مگسي، اديب، دانشور ۽ ٻيا ويٺا. اديبن ۾ يوسف سنڌي، ناز سنائي، حفيظ ڏيرو، غلام نبي مغل، غلام نبي سومرو ۽ ٻيا شامل هئا. حڪمرانن ٻٽو نظام مڙهي سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جا بنياد رکي ڇڏيا آهن: قادر مگسي. قومپرست فنڪشنل ليگ، نواز ليگ ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي چونڊ اتحاد جوڙي سگهن ٿا: حيدر شاهاڻي.
• ٻٽي مڪاني نظام جي واپسي تائين جدوجهد جاري رهندي: آڪاش ملاح. سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام سنڌ جي وحدت تي حملو آهي: جلال محمود شاهه. ميئر کي غيرآئيني ۽ غير قانوني طور 43 کاتا ڏئي وزيراعليٰ کان وڌيڪ با اختيار بڻايو ويو آهي. پ پ پاران ٻٽي نظام وارو بل واپس وٺڻ تائين هر سطح تي احتجاج جاري رکيو ويندو.
• ميهڙ ۾ س ـ ا ـ س پاران ٻٽي نظام خلاف مشاعرو ٿيو. سنڌ ۾ مختلف تنظيمن پاران ٻٽي تڪراري نظام خلاف مظاهرا، ڌرڻا. نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي پاران بک هڙتال ۽ ٺل ۾ سنڌ نيشنل موومينٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ مشاعرو،جوهر بروهي، عبد مگسي، ذوالفقار گاڏهي ۽ ٻين شاعري ٻڌائي داد ورتو.
• مڪاني نظام وارو بل سنڌي عوام کي قبول ناهي: پ پ حڪومت صرف هڪ اتحادي ڌر وٽ يرغمال بڻيل آهي، سنڌ سميت ملڪ جي عوام کي پ پ حڪومت مايوس ڪيو آهي. صفدر عباسي. (روزاني ڪاوش)
• جلال محمود شاهه ۽ ظفر علي شاهه جي ملاقات. ٻٽو مڪاني نظام سنڌ جي وحدانيت تي حملو آهي: جلال محمود شاهه. سنڌين اک نه پٽي ته اصل رهواسي ننڌڻڪا ۽ بي اختيار ٿي ويندا. صحافين سان ڳالهيون. مڪاني نظام وارو بل قانون بڻجي چڪو آهي: نثار کهڙو. مڪاني نظام خلاف حيدراباد ۾ ايس ٽي پي جي بک هڙتال. سنڌ دشمن بل جي واپسيءَ تائين جدوجهد جاري رهندي: اديب، دانشور، ليکڪ ۽ صحافي ڪاري قانون جي خاتمي واري جدوجهد ۾ گڏ آهن. نسيم نگر چوڪ سنڌ اسڪوائر بڻجي چڪو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي قسمت تبديل ڪندو: قادر مگسي خطاب. (روزاني عوامي آواز)

31 آڪٽوبر 2012ع

• نئين مڪاني آرڊيننس ۽ بشير قريشي قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ٻيهر تحريڪ جو اعلان. پ پ سنڌ کي ورهائي ڇڏيو، شهيد بشير قريشي ڪيس عوام ڏانهن کڻي وينداسين، سنڌ جي مفادن لاءِ جيڪو به جدوجهد ڪندو جسقم ان سان گڏ هوندي، ماضي ۾ ڪير ڪنهن سان هو، ان سان تعلق ناهي. حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ آهي، پ پ ماضي ۾ به ڪمون شهيد وٽ دٻاءُ تحت ڌرڻو هنيو: صنعان قريشي. صحافين سان ڳالهيون ۽ جاري ڪيل بيان ۾ اظهار
• حيدرآباد جلسي لاءِ هر ڊي سي کي 25 ايئر ڪنڊيشن بسون فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي شرڪت ڪرڻ جا حڪم جاري ٿيا. پ پ هاڻي سنڌين لاءِ ”مقدس ڳئون“ ناهي رهي، ايندڙ چونڊون دلچسپ ٿينديون. تجزئي نگار. پ پ ڪارڪن. عام ماڻهن هٿان وڏين سياسي طاقت کي شڪست ڏيندڙ پارٽي جلسن لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي. نوڪر شاهي، وڏيرن ۽ سردارن کي حيدرآباد واري جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پارٽي اڳواڻ ماڻهو آڻڻ لاءِ منٿو ن ڪيون هيون. دشمن سمجهيو ويندڙ وڏيرن انڙ، شيرازين ۽ مهرن جي پارٽي ۾ شموليت سبب عام ڪارڪنن ۾ ناراضگي پکڙيل آهي: ڊان اخبار.
• ڌرتيءَ جا پٽ سنڌ خلاف سازش کي ناڪام بڻائين، معصوم نياڻي جي قرآن کڻي اپيل. قرآن کڻي ايندر نياڻي کي ويساهه ٿا ڏياريون ته ٻٽي نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي: ايس ٽي پي اڳواڻ. ڏاڍ آڏو نه جهڪبو، سنڌ وطن جي سلامتي لاءِ هلندڙ تحريڪ ماڳ ضرور ماڻيندي.
• مڪاني نظام خلاف احتجاج ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو فيصلو، واويلا مان ڪجهه نه ورندو. لاڙڪاڻي ۾ پ پ سٽي جو اجلاس، نئين مڪاني نظام بعد پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو. چونڊيل نمائندن کي پورو حق آهي ته اهي عوام جي ڀلائي لاءِ بهترين قانون سازي ڪن: نثار کهڙي جو خطاب.
• ٻٽي نظام خلاف لانگ مارچ، 3 ڏينهن هڙتال يا رستا بند، سنڌ بچايو ڪميٽي سڀاڻي فيصلو ڪندي. حيدر منزل تي سنڌ جي حفاظت لاءِ سمورا قومپرست ڪٺا ٿيندا، حڪمت عملي جوڙي ويندي. ڪالاباغ ڊيم ۽ چونڊ اتحاد تي به غور ڪيو ويندو، پ پ کان سنڌ ڪارڊ کسڻ جون تياريون.
• ”نئون مڪاني نظام نه کپي“: ٺل ۾ مڇريل ماڻهن جلسي گاهه کي ساڙي ڇڏيو. (روزاني عوامي آواز)
• نئون مڪاني نظام سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي ٻڌي لاءِ هاڃيڪار قرار، ڌرتي جو ورهاڱو قبول ناهي: شڪارپور ۾ سيمينار. ايم پي اي شهريار مهر جي ميزباني ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس يا اقتدار جي جنونيت ۾ سنڌ جو ورهاڱو جي عنوان هيٺ سيمينار ٿيو، (ف) ليگ، اين پي پي، جسقم ۽ ٻين پارٽين جا ماڻهو شريڪ. نئين مڪاني نظام واري بل جي واپسي تائين مخالفت جاري رهندي، (ق) ليگ بل تي چٽو موقف رکي مخالفت ڪئي آهي: شهريار مهر. پ پ ڪراچي کي لوڙهو ڏئي تالو هڻي چاٻيون ڌارين حوالي ڪري ڇڏيون آهن (ابراهيم جتوئي) ٻٽو نظام لاڳو ٿي ويو ته سنڌ جا وڏا شهر سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻيل هوندا: امتياز شيخ.
• پ پ جا وزير ڪاري قانون جي حمايت ۾ جلسا ڪري قومپرستن خلاف واويلا پيا ڪن: جلال شاهه. مڪاني نظام جي مخالفت ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. عوام جي ووٽن سان حڪومت ۾ آيا آهيون، مخالف ڪريل حرڪتون ڪري رهيا آهن. پ پ حڪومت خلاف هر وقت سازشون ٿينديون رهيون آهن، مخالف چاهين ٿا ته ملڪ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿين: اياز سومرو حڪومت سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني نظام آڻي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي: مظفر شاهه. مڪاني نظام خلاف نومبر ۾ پير پاڳارو ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ۾ جلسا ڪندو. ايندڙ چونڊن ۾ حڪمرانن کي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي: جادم مڱريو.
• مڪاني نظام خلاف 24 هين ڏينهن به بک هڙتال، احتجاج جاري رکڻ جو وچن. ”سنڌي قومپرستن جو ساٿ ڏين“، ڪئمپ تي نياڻي قرآن پاڪ کڻي پهتي، جدوجهد جي اپيل. 6 هين ڪلاس جي شاگردياڻي سيده سرهاڻ شاهه لڪياري جي ڪئمپ تي پهچڻ تي سمورا ماڻهو احترام ۾ اٿي بيٺا. اسين هاڻي به ماٺ رهياسين ته ڌرتي تي غلام ٿي رهڻو پوندو، باضمير ماڻهو جدوجهد ۾ شامل ٿين: سيده سرهاڻ شاهه. (روزاني ڪاوش)

01 نومبر 2012ع

• سنڌ جي ورهاڱي جو بل ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. پ پ مڪاني نظام جو بل پاس ڪرائي سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيو آهي. عوام مڪاني نظام بل کي مڪمل رد ڪيو آهي، پر حڪمران مڃڻ لاءِ تيار ناهن: ڄام مدد علي.
• سنڌ بچايو ڪاميٽي جو اجلاس اڄ حيدر منزل تي طلب. پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام کي پنهنجو غلام سمجهي ٿي. سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪري سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي: جلال محمود شاهه.
• تڪراري مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ 25 هين ڏينهن به بک هڙتال، مختلف اڳواڻ پهتا. نسل پرست ٽولا هاڻي غريبن کي به لٽين ۽ ڦرين پيا، حيدرآباد ۾ عيد ڏينهن قتل ٿيل ڌيانچند باگڙي جي تڏي تي ايس ٽي پي چيئرمين پهتو، همدردي جو اظهار. دهشتگردن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته باگڙي، ڀيل، ڪولهي ۽ ميگهواڙ ڌرتي ڄاوا آهن. انهن سان گڏ آهيون: ايس ٽي پي چيئرمين.
• ”ٻٽو نظام نامنظور“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻٽي نظام خلاف مظاهرا. سنڌي ڌرتي کي ورهائڻ واري فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. حڪمرانن جي ڪيل سمورن گناهن تان پردو کڄي چڪو آهي. سنڌ جي ورهاست خلاف سنڌين جو ردعمل ڏسي حڪمران وائڙا ٿي ويا آهن: صفدر سرڪي.
• پ پ شهيد ڀٽو سنڌ ڪابينا جو اجلاس لاڙڪاڻي ۾ ٿي گذريو. پ پ شهيد ڀٽو پاران تڪراري ٻٽي نظام خلاف احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو فيصلو. 7 نومبر تي نوابشاهه، 9 تي خيرپور، 11 تي گهوٽڪي ۽ 14 تي قمبر-شهدادڪوٽ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.
• ڌرتي ڌڻين کي دائمي غلام رکڻ ڪاڻ سنڌ دشمن بل پاس ڪرايو ويو. جيڪي چون ٿا قومپرستن بلدياتي ايڪٽ ناهي پڙهيو، اهي سنڌ جي خزاني جي ڦر لٽ ۾ پورا آهن. ڪراچي اندر سنڌين کي اقتدار کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ اهڙو ڌڪار جوڳو بل پاس ڪرايو ويو: رياض چانڊيو. (روزاني ڪاوش)

02 نومبر 2012ع

• گورنر عشرت العباد تڪراري مڪاني نظام لاءِ سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل سنڌ پيپلز ايڪٽ جي توثيق ڪري ڇڏي. عيد کان اڳ گورنر هائوس ۾ وڏي وزير ۽ گورنر وچ ۾ نئين مڪاني قانون تي عمل بابت گڏجاڻي ۾ گورنر بل جي توثيق ڪئي هئي. گورنر جي توثيق بعد قانون واري کاتي بل جو گزيٽ نوٽيفڪيشن ڇپائي لاءِ سنڌ پرنٽنگ پريس کي اماڻي ڇڏيو.
• سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران نئين مڪاني نظام خلاف محرم کانپوءِ لانگ مارچ. ٽنڊو الهيار ۾ جلسو ۽ ڪراچي ۾ بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان. ڪراچي ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۾ شامل حمايتي جماعتن جو اجلاس، جلال شاهه، نصرت سحر عباسي، صنعان قريشي، صفدر سرڪي، مسرور جتوئي، سليم ضياءُ ۽ ٻين جي شرڪت. جدوجهد ذريعي سنڌ دشمن مڪاني نظام کي لوڙهي ڇڏينداسين، ڪراچي جو عوام ايترو مجبور آهي جو پنهنجي مرضيءَ سان کلون ۽ فطرو به نه ٿو ڏئي سگهي: جلال شاهه. مڪاني ادارن واري سنڌ دشمن قانون خلاف محرم کانپوءِ تاريخي لانگ مارچ ڪيو ويندو ۽ 10 نومبر تي ٽنڊو الهيار ۾ جلسو ڪيو ويندو: نصرت سحر عباسي.
• ”ٻٽو نظام نامنظور“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا. مٺي ۾ ايس ٽي پي پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ٺل ۾ مظاهرو، ڪي اين شاهه ۾ (ف) ليگ پاران ڪنوينشن ڪوٺائي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. (روزاني ڪاوش)

03 نومبر 2012ع

• رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آهي، اسيمبلي کي 43 کاتا ميٽروپوليٽن حوالي ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي، پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج. چيف جسٽس افتخار چوڌري تي ٻڌل بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪندي، اٽارني جنرل ۽ اي جي سنڌ کي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو، سنڌ سرڪار آرڊيننس ذريعي پنهنجا ايگزيڪيوٽو اختيار غيرقانوني طور ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي منتقل ڪيا ويا آهن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت کان اختيار گهري ۽ طاقت ڦري ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي صوبائي حڪومت قرار ڏنو ويو آهي. ڇا ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي ٻهراڙي وارن علائقن کي ميٽرو پوليٽن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا ڪا صوبائي حڪومت رياست اندر ڪنهن گروهي سياسي بنيادن تي هڪ ٻي حڪومت قائم ڪرڻ جو قانون پاس ڪري سگهي ٿي، ڇا صوبائي حڪومت جو ٽيڪس نظام ۽ اختيار لوڪل گورنمينٽ کي ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇا پوليس ڊسٽرڪٽ ميٽرو پوليٽن قانون جي بنياد تي جوڙي سگهجي ٿي، ميڊيا موجب اهڙي آرڊيننس جون هدايتون صدر گورنر هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڏنيون، جيڪا وفاق پاران صوبي جي معاملي ۾ مداخلت آهي. صوبائي خودمختياري کي نظر انداز ڪري ميونسپل ڪائونسلز کان ٽئڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار ڦريو ويو آهي، سنڌ جي عوام کي ڳڻتي آهي ته کانئن اختيار کسڻ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. آرڊيننس هڪ مخصوص گروهه جون سياسي خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ پاس ڪيو ويو آهي، جنهن کي غير آئيني قرار ڏئي، ڊڪليئر ڪيو وڃي ۽ ٽائونز کي ڪنهن روينيو ڊسٽرڪٽ جي حدن کان ٻاهر نه ٺاهيو وڃي. ٽائونز جي بنياد تي ڪي به پوليس ڊسٽرڪٽ نه جوڙيا وڃن، ڪنهن به لوڪل باڊي کي ڪميونٽي واچ يا وارڊ پوليس يا ڪا ٻي مليشيا ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، فيصلي تائين آرڊيننس تي عمل روڪيو وڃي: بئريسٽر ضمير گهمرو جو درخواست ۾ مؤقف.
• ايم اين اي ظفر شاهه مڪاني نظام خلاف احتجاج طور پ پ کان لاتعلقي ڪري ڇڏي.
• ”تڪراري مڪاني نظام نه کپي“ حيدرآباد کانپوءِ ٺٽي ۾ به ڪئمپ قائم، عمرڪوٽ ۾ ريلي. حيدرآباد ۾ 27 ڏينهن کان قائم احتجاجي ڪئمپ تي رات جو به بک هڙتال جو سلسلو شروع. ڪئمپ تي سڄو ڏينهن نعريبازي، روشن ٻرڙو ۽ ٻيا به پهتا، سڀاڻي عورتون بک هڙتال تي ويهنديون.
• سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻٽي تڪراري نظام خلاف مظاهرا، ڌرڻا. خيرپور، ڪوٽڏيجي، ٽنڊو محمد خان ۽ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. شهدادڪوٽ، بدين، قاضي احمد، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪري بک هڙتالون ڪيون ويون. ٻٽو مڪاني نظام سنڌ جي ورهاڱي جي سنڌ دشمن سازش جو حصو آهي: اڳواڻ.
• سنڌ ڌرتي ماءُ آهي، ماءُ جو ورهاڱو ڪندڙن کي ربّ سائين معاف نه ڪندو: ماروي ميمڻ. ٻٽو نظام پ پ وارن جي ڳچي ۾ پوندو: جهڏي ۾ عوامي جلسي کي خطاب. نواز شريف سنڌ جي هندن جو درد رکي ٿو: کيئل داس ڪوهستاني. اسان نئين مڪاني نظام بابت قومپرستن وٽ وڃڻ لاءِ تيار آهيون، پر اهي نٿا ڳالهائين. ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر چوڪيدار طور ڪميونٽي پوليس رکي سگهي ٿو: اياز سومرو. ڪميونٽي پوليس جي حتمي منظوري ڪراچي ميونسپل ڪائونسل ۽ وزيراعليٰ ڏيندا. ڪميونٽي پوليس کي سنڌ پوليس جو حصو بڻائي نٿو سگهجي. (روزاني ڪاوش)
• سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس خلاف درخواست منظور، سرڪار کان جواب طلب. سپريم ڪورٽ ضمير گهمري جي درخواست تي 8 نومبر تي ٻڌڻي رکي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بئنچ قائم. وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي 8 نومبر تائين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت، نئين مڪاني نظام جون 35 شقون آئين جي خلاف آهن: درخواستگذار. سنڌ جي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ٻٽونظام لاڳو ڪيو ويو، سنڌ اسيمبليءَ کي اهڙو ايڪٽ پاس ڪرڻ جو اختيار نه آهي: ضمير گهمرو.
• 13 نومبر کان پوءِ مڪاني نظام خلاف جدوجهد جو اعلان ٿيندو، پير پاڳارو محرم بعد سنڌ جو دورو ڪندو: ف ليگ سنڌ. ٻٽي مڪاني نظام کي نٿا مڃون، نصرت سحر سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ هوندي: صدرالدين شاهه.
• ”ٻٽو مڪاني نظام ڪارو قانون آهي، بل واپس ورتو وڃي.“ حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرا. مسلم ليگ (ن)، فنڪشنل ليگ ۽ هاري ڪاميٽي پاران نئين مڪاني نظام خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. حڪمرانن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، مڪاني نظام ڪارو قانون آهي ان کي قبول نه ڪبو: اڳواڻ. سنڌ جو هڪ به حلالي پٽ جيستائين موجود آهي، ڪاري قانون خلاف جدوجهد جاري رهندي: خطاب. (روزاني عوامي آواز)

04 نومبر 2012ع

• سنڌ سرڪار جي 43 مان 40 کاتا ميٽرو پوليٽن آفيسرن ۽ ميئرن حوالي ڪيا ويا آهن: فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي. مسلم ليگ نواز پاران سنڌ پيپلز لپڪل گورنمينٽ بل خلاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان. سنڌ حڪومت وٽ صرف 3 کاتا وڃي بچيا آهن. بل جون سنڌ دشمن شقون ترجمو ڪري هر ڳوٺ ۽ شهر پهچائينداسين. ننڍن وڏن شهرن ۾ اديبن ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري سيمينار پڻ منعقد ڪرايا ويندا، هاڻي سنڌ ڪارڊ نه پر سنڌ ڪاز هلندو: زين انصاري ۽ ماروي ميمڻ.
• نئين سنڌ جو جنم ٿي رهيو آهي، وزير مڪاني نظام بابت بي خبر آهن: حسين بخش ٿيٻو. چين ۽ آمريڪا جي مفادن خاطر سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي، ڪشمير مسئلو حل ٿي وڃي ته وڏي فوجي بجيٽ جو جواز ختم ٿي وڃي. سنڌ ۾ گڊ گورننس ۽ قانون جي حڪمراني جيڪڏهن بهتر هجي ته سنڌي ماڻهو ڪڏهن به پرڏيهه ڪمائڻ لاءِ نه وڃي. ڪويت کي ڇڏي ڪري هن خطي ۾ سنڌ جي ڊي پي سڀ کان وڌيڪ آهي، پر نتيجي ۾ سنڌ کي ڇا ٿو ملي، انارڪي مارشلائن کي دعوت ڏيندي. سنڌ حڪومت جا 40 کاتا ميئرن حوالي ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ نسلي فساد صوبي جي مفاد ۾ ناهن: دبئي ۾ خطاب. (روزاني عوامي آواز)
• ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ ۾ مظاهرا، بک هڙتالون. هالا ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي بک هڙتال جاري. بک هڙتال 8 نومبر تائين جاري رهندي ۽ بعد ۾ اڳواڻ لطيف سرڪار جي در دانهن ڏيندا. ٽنڊو محمد خان ۾ ايس ٽي پي جي بک هڙتال، ٺل، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج.
• پ پ ايندڙ 20 سالن تائين حڪومت ٺاهڻ وساري ڇڏي: ممنون حسين. مڪاني نظام بابت سنڌ جي ماڻهن کان ڪا راءِ نه ورتي وئي، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. نواز ليگ ايندڙ چونڊن ۾ پيرپاڳاري، اين پي پي ۽ قومپرست ڌرين سان اتحاد ڪندي. (روزاني ڪاوش)
• مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جون بک هڙتالون. حيدرآباد ۾ 28هين ڏينهن بک هڙتال جاري رهي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ عاصم سجاد پهتا. حڪمرانن جو جبر جدوجهد کي ماٺو نٿو ڪري سگهي، (خالد محمود) سامراج کي لنگهه گهرجي: عاصم. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)

05 نومبر 2012ع

• سنڌ جي قلم ڌڻين هڪ ڀيرو ٻيهر ٻٽي بلدياتي نظام کي ڪارو قانون قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان. حيدرآباد ۾ سنڌ رائيٽرز ۽ ٿنڪرز ڪانگريس دوران ٻٽو نظام واپس وٺڻ جو ٺهراءُ منظور. 11 نومبر تي ڪراچي ۾ هٿن جي زنجير ٺاهي، پريس ڪلب کان اسيمبلي عمارت تائين احتجاج جو فيصلو. بلدياتي نظام تحت سنڌ حڪومت جي اختيارن جو ورهاڱو ٿي ويو آهي (عبدالله حسين هارون) بينظير جي شهادت بعد عوام ووٽ ڏنا. پ پ سستي اگهه تي سودو پئي ڪري: ظفر علي شاهه. نئون نظام سنڌي عوام کي غلام بڻائڻ لاءِ آندو ويو آهي (يوسف لغاري) ايوب کهڙو، پير الاهي بخش ۽ ٻين جا نسل موجوده اسيمبلين ۾ ويٺل آهن: مهتاب اڪبر راشدي. سنڌ جي حقن ۽ خوشحالي لاءِ وڏي جنگ جو ٽڻي پوندي: عطا محمد ڀنڀرو، مريم مجيدي، جامي چانڊيو، آصف بالادي ۽ ٻين جو ڪانگريس کي خطاب.
• ٻٽي مڪاني نظام خلاف نسيم نگر چوڪ تي بک هڙتال جاري، جلال محمود شاهه ۽ ٻيا پهتا. سنڌ جو نصيب تبديل ٿيڻ وارو خواب جلد حقيقت بڻجندو: جلال شاهه. سازشي وڏيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو: قادر مگسي. سنڌ دشمنن جو ورهاست وارو فارمولا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو: شاهه محمد شاهه. اي جي پي جو اجلاس، سنڌ بچايو ڪاميٽي جي مڪاني نظام خلاف هلندڙ تحريڪ جي ڀرپور حمايت جو فيصلو.
• حڪمرانن ٻٽو نظام قائم ڪري سنڌي قوم کي ويڙهائي ڇڏيو آهي: خالد محمود سومرو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف مظاهرا، ڌرڻا، بک هڙتالون. سکر، جيڪب آباد، قمبر، ٺٽي، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار ۾ احتجاج ڪيو ويو. ميرو خان، ميهڙ، دوڙ، هالا ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. (روزاني ڪاوش)
• مڪاني نظام خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، ڌرڻا. جسقم، پ پ (ش ڀ)، جست، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ ٻين پارٽين جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا. جيڪب آباد، سکر، ملير، ڪنڌڪوٽ، قمبر، ٽنڊي محمد خان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا، نعريبازي. سنڌ دشمن مڪاني نظام جو آرڊيننس واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جار رهندو: ڌرتي ڌڻين جو چتاءُ.
• حيدرآباد ۾ سنڌ جي اديبن، شاگردن ۽ ساڃاهه وندن جو اجلاس، مڪاني نظام جي مختلف پاسن تي غور. نئون مڪاني نظام رد، 11 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبليءَ تائين انساني زنجير ٺاهڻ جو اعلان. هي نظام نه رڳو غير جمهوري طريقي سان آندو ويو آهي، پر اهو سنڌ جي وحدت تي وارَ به آهي. قانون ذريعي سنڌ جي قومي وحدت سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي، ليکڪ ۽ اديب ان کي سازش سمجهن ٿا. سنڌي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڳٺ جوڙ کي رد ڪن ٿا، ڪاري قانون جا حامي اسيمبلي ميمبر نمائندگي جو حق وڃائي چڪا آهن: جامي چانڊيي ۽ ٻين جي بريفنگ.
• مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي بک هڙتال جاري. سنڌ جي ورهاست جا بنياد رکي غداري ڪئي وئي آهي: قادر مگسي. سنڌ ماءُ کي بچائڻ لاءِ سمورا قومپرست آخري فتح تائين گڏ هونداسين: جلال شاهه. مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ سان جدوجهد جاري رکڻ جي ضرورت آهي: اياز لطيف. (روزاني عوامي آواز)

06 نومبر 2012ع

• ”تڪراري مڪاني نظام نا منظور“، حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي ڪئمپ کي مهينو مڪمل. نسيم نگر چوڪ تي قائم احتجاجي ڪئمپ تي 30 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي وئي. فنڪشنل ليگ، تحريڪ انصاف، جسقم ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو يڪجهتي لاءِ ڪئمپ تي پهتا.
• جيئمسٽ انقلابي ڪائونسل مڪاني نظام واري بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي: جست. سنڌ جي وحدت تي وار خلاف سنڌ ۾ منظم ۽ سگهاري جدوجهد شروع ڪئي ويندي. (روزاني ڪاوش)
• ٻٽو نظام لڳائي پ پ سنڌ کي ٽوڙڻ چاهيو، حڪومت جي حرڪت جا نتيجا خراب نڪرندا، آرڊيننس پڙهيو آهي. ف ليگ ڪارڪن ڪراچي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا: امتياز شيخ. سنڌ بچائڻ لاءِ قرباني جي ضرورت آهي. غدار وڏيرن جي سنڌ ورهائڻ واري فيصلي جا نتيجا ايندر نسلن کي ڀوڳڻا پوندا. سنڌ کي بچائڻ قومپرست ۽ وطن دوست ڌرين لاءِ پڻ امتحان آهي: ابرار قاضي.
• پيپلز لوڪل آرڊيننس مشرف واري نظام کان بدتر آهي، واپس ورتو وڃي، سياسي سماجي اڳواڻ. پرويز مشرف واري نظام ۾ وڌيڪ خرابيون شامل ڪري ان کي سنڌي عوام تي مڙهيو ويو آهي. سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين: احمد سولنگي، شيراز چانڊيو، زبيده سومرو ۽ ٻين جو خطاب.
• ٻٽو مڪاني نظام ختم ڪرائي ساهه پٽينداسين. رياض چانڊيو. مڪاني بل تحت سنڌين کان پنهنجن شهرن ۾ حاڪميت جو حق کسيو پيو وڃي. سنڌين کي يرغمال بڻائڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪميونٽي پوليس جوڙي وئي آهي: بيان ۾ اظهار. (روزاني عوامي آواز)

07 نومبر 2012ع

• مڪاني نظام کي ڪجهه ماڻهو سمجهي ناهن سگهيا، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي. سڀني ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن جي ميئرن کي هڪ جيترا اختيار ڏنا ويا آهن، عوامي نمائندن جي اتفاق راءِ سان نظام آندو. پ پ ماڻهن کي وڌيڪ حق ڏئي رهي آهي، سهولتون وڌائي رهيا آهيون، اکيون نه ڏيکاريون وڃن. ٻٽي نظام وارو تاثر غلط آهي، قائم علي شاهه جون ميڊيا سان ڳالهيون. (روزاني عوامي آواز)
• ”هڪ سنڌ هڪ نظام“ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف مظاهرا، ڌرڻا. حيدرآباد، شهدادڪوٽ، دادو، جيڪب آباد ۽ ميهڙ ۾ مختلف تنظيمن پاران مظاهرا ڪيا ويا. سکر، ٺٽو، ٺل، ڪڍڻ، ڀريا سٽي، مورو، سڪرنڊ، هالا ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. ڌمڪين جي پرواهه ناهي، ڪاري قانون جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي: اڳواڻ.
• سپاف (ش ڀ) پاران ٻٽي مڪاني نظام خلاف 13 نومبر تي مظاهرن ۽ بک هڙتالن جو اعلان. حڪمرانن سنڌ جي عوام کي دهشتگردن حوالي ڪري ڇڏيو آهي: تاج محمد ڊومڪي. پ پ (ش ڀ) اڳواڻ پاران ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به ٽارگيٽ ڪلنگ واقعن ۽ حڪومت جي مذمت. دادو ۾ مخدوم بلاول پوليس پاران پ پ (ش ڀ) اڳواڻ جي گهر تي چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو.
• ايس يو پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس، ايندڙ اليڪشن بابت فيصلن لاءِ ڪاميٽي قائم. ايس يو پي بلدياتي ڪاري نظام جي خاتمي تائين جدوجهد کي جاري رکندي: جلال شاهه. پ پ ۽ متحده کانسواءِ سنڌ جي سڀني پارٽين توڙي عوام هن ڪري قانون کي سنڌ دشمن قرار ڏنو آهي. جسم پاران 15 نومبر تي سکر ۾ ٻٽي نظام خلاف جلسو ۽ ريلي ڪڍي ويندي. (روزاني ڪاوش)

08 نومبر 2012ع

• سنڌ جي ورهاست خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن جي حمايت ڪريون ٿا: جيئي سنڌ تحريڪ. ڳاڙهي جهندي وارا سمورا ڪارڪن سنڌ جي مالڪي جي دعوت لاءِ مارچ ۾ شامل ٿين: صفدر سرڪي ۽ ٻيا.
• پ پ کي عوام رد ڪري ڇڏيو، ٻٽو مڪاني نظام سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي: جلال شاهه. سمورا ادارا بد انتظامي، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي سبب تباهه آهن، پ پ کي ذميوار سمجهون ٿا. زمينن جو اختيار صوبي کان سواءِ ڪنهن کي به ڏيڻ برداشت نه ڪنداسين، عوام پ پ جو بائيڪاٽ ڪري. حڪمران جماعت جا وزير عوام جي سامهون اچڻ لاءِ تيار ناهن: نوشهري فيروز ۾ پريس ڪانفرنس ۽ وڪيلن کي خطاب.
• سکر ۾ ٻٽي نظام خلاف جسم ۽ جساف ڪارڪنن جي بک هڙتال. ڪارڪنن چوٿين ڏينهن به عمران منگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، سنڌي ان کي قبول نه ڪندا: عمران منگي.
• نوابشاهه ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف احتجاجي ريلي پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن نئين ناڪي کان شيراز چوڪ تائين احتجاج ڪيو. پ پ ٻه نظام رائج ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو: مينهان خان رند. (روزاني عوامي آواز)
• ”تڪراري نظام نه کپي“ حيدرآباد ۾ ڪئمپ تي حڪومت خلاف نعرا، گيتن جي گونجار. ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ سان غداري ڪندڙن جي هر اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي ويندي: مظفر ڪلهوڙو. ٻٽو بلدياتي نظام سنڌ ٽوڙڻ جي سازش آهي، پ پ اهو نظام واپس نه ورتو ته سنڌ جو عوام پ پ جو هميشه لاءِ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيندو. جلال شاهه.
• ”ٻٽو نظام واپس وٺو“ سنڌ ۾ سياسي پارٽين جا مظاهرا ۽ ڌرڻا. سکر، نصيرآباد، ٺل، ٺٽي، مدئجي ۽ ٻين شهرن ۾ بک هڙتالون ۽ مظاهرا ڪيا ويا. اڄ هالا کان ڀٽ شاهه تائين ريلي ڪڍي ويندي، جلال شاهه به پهچندو. (روزاني ڪاوش)

09 نومبر 2012ع

• لکت ۾ حڪم نٿا ڏيون، پر توقع ڪريون ٿا ته ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تائين ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي اختيار منتقل ڪرڻ بابت لکيل خط تي عمل روڪيو ويندو: سپريم ڪورٽ. سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي پنهنجا اختيار ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ايس يو پي ۽ ف ليگ کي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي اجازت، معاملو اهم آهي، آئين موجب ڪو به قانون، ڪنهن به بنيادي حق سان ٽڪراءَ ۾ اچي ته جائزو وٺي سگهون ٿا: چيف جسٽس. سنڌ اسيمبليءَ کي اهو اختيار حاصل آهي ته ڪو به قانون منظور ڪري (ڊپٽي اٽارني جنرل)، قانون منظور ٿيندا آهن ته واپس به ٿيندا آهن، صوبائي حڪومت جا اختيار ڪارپوريشن کي ڪيئن ٿا منتقل ڪري سگهجن: جسٽس شيخ عظمت. درخواست گذار جا خدشا اهم آهن، اهڙو قانون نه ٺهڻ گهرجي، جيڪو آئين يا بنيادي حقن جي خلاف هجي، حيدرآباد ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي خط تي عمل روڪيو وڃي: افتخار چوڌري. هن قانون جي اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ تمام گهڻي بيچيني آهي، حيدرآباد جي ائڊمنسٽريٽر 43 کاتن جو مطالبو ڪيو آهي (ضمير گهمرو) هي قانون به ٻن پارٽين ۾ اين آر او آهي: (مجيب پيرزادو) ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي.
• پ پ شهيدن جي نالي تي عوام کي گهڻو ئي ڦريو، سنڌي هاڻي ٺڳيءَ ۾ نه ايندا. قادرمگسي. سنڌ جي عوام ٻٽو نظام ڏيندڙ پ پ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪاري قانون جي واپسيءَ تائين جدوجهد جاري رهندي: جلال محمود شاهه. غدارن جو احتساب ڪرڻ سنڌي عوام تي لازمي بڻجي ويو آهي، وفداريون بدلائيندڙن جو مستقبل ناهي: اياز لطيف. حڪومت مهمان آهي، وفاداريون تبديل ڪندڙ ايندڙ وقت کي يار رکن، مستقبل ۾ اهي شرمسار ٿيندا: مرتضيٰ جتوئي.
• ٻٽي نظام خلاف فنڪشنل ليگ ڪارڪنن جي بک هڙتال اڳواڻن ختم ڪرائي ڇڏي، هالا پهچڻ تي شاندر آجيان. پ پ سنڌ ورهائڻ جو بنياد رکي ڇڏيو، شهر سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻيل آهن. سنڌ بچايو ڪميٽي. حڪمران پارٽي ڌرتي جي نالي تي ووٽ وٺي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي، آصف زرداري يرغمال آهي: جلال شاهه. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن ۽ آفيسرن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي، حيدرآباد ۾ به ساڳئي صورتحال آهي: قادر مگسي. اسيمبلي ۾ نظام جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ يا غير حاضر رهندڙ سڀ ميمبرن غدار آهن: شاهه محمد شاهه جو خطاب. (روزاني عوامي آواز)
• اهڙو ڪو قانون نه ٺاهڻ گهرجي جڪو ٻئي قانون کي باءِ پاس ڪري: سپريم ڪورٽ. اميد آهي ته سنڌ سرڪار 43 کاتا مڪاني حڪومتن حوالي نه ڪندي، ايگزيڪيوٽو اٿارٽي صوبائي حڪومت وٽ هجڻ گهرجي: چيف جسٽس. آرڊيننس ذريعي مڪاني حڪومتن کي صوبائي حڪومت جو درجو ڏنو ويو آهي، حيدرآباد ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن 10 آڪٽوبر تي سنڌ حڪومت کي خط لکي چيو آهي ته نئين آرڊيننس تحت 43 کاتا سندن حوالي ڪيا وڃن: بئريسٽر ضمير گهمرو. ان آرڊيننس ذريعي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن پاران سنڌ سرڪار کي خط ۾ ڇا لکيو ويو آهي؟ توهان نوٽيس وٺو ۽ جواب داخل ڪري اهڙو ڪو ڪم نه ڪريو، جيڪو ”اوور اسٽيپ“ هجي: چيف جسٽس. اسيمبلي کي اختيار آهي ته اهو آرڊر پاس ڪري (وفاق جو وڪيل) اهو وڏو مامرو آهي. ڪيترا اختيار ميٽروپوليٽن کي ڏنا ويندا، عدالت وفاق ۽ سنڌ سرڪار کان 22 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. فنڪشنل ليگ ۽ ايس يو پي پاران به ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست.
• پٽيشن جي پهرين فتح تي ضمير گهمرو کي جست پاران مبارڪون. ٻٽو بلدياتي نظام سنڌ دشمن نظام آهي: صفدر سرڪي. تڪراري مڪاني بل خلاف 15 نومبر تي سکر ۾ ڌرڻو هڻنداسين. سنڌ ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي، پ پ حڪومت هميشه سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن: رياض چانڊيو.
• ”تڪراري مڪاني نظام نه کپي“: سنڌ سراپا احتجاج، هالا کان ڀٽ شاهه تائين ريلي، احتجاجي ڪئمپون قائم، مظاهرو. هالا ۾ جلال محمود شاهه ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا، تڪراري مڪاني نظام جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان. نصرت سحر عباسي جي اڳواڻي ۾ هالا کان ڀٽ شاهه تائين ريلي ڪڍي، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽو ۾ بک هڙتالي ڪئمپون، سکر ۾ به قومپرستن جو احتجاج. محرابپور ۾ سني تحريڪ ريلي ڪڍي، ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهه، ٺل ۾ ايس يو پي ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران احتجاج ڪيو ويو. عوام کي پنهنجي پرائي جي پرک ڪرڻ گهرجي (جلال شاهه) هڪ آواز ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي (قادر مگسي)، عوام پ پ کان بيزاري جو اظهار ڪري: نصرت سحر عباسي. (روزاني ڪاوش)

10 نومبر 2012ع

• ڌرتي ماءُ جو تقدس پائمال ڪرڻ نه ڏبو، ٻٽو نظام اسان جي وطن ورهائڻ جو پروانو آهي: قادر مگسي. ٻٽي مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جا احتجاجي مظاهرا، بک هڙتال، ”سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ دعا“. سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ بک هڙتال جو سلسلو جاري رکي سنڌ جي سلامتي لاءِ دعا گهري وئي. ايس ٽي پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ملير، ڪوٽڙي، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ٻٽو نظام مڙهيندڙ حڪمرانن کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو، قومپرست سنڌ جو قومي ضمير آهن: ايس ٽي پي اڳواڻ. ٻٽي نظام خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جو اڄ ٽنڊو الهيار ۾ جلسو.
• تڪراري نظام خلاف سياسي تنظيمن جا احتجاجي مظاهرا. سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. پني عاقل، راڻيپور ۽ دوڙ ۾ به احتجاج، نظام واپس وٺڻ جو مطالبو. تمام جلد عوامي رابطا مهم شروع ڪري جلسا ڪنداسين. حڪمرانن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ شهيد بينظير ڀٽو جي روح کي رنجايو آهي. فنڪشنل ليگ ڪاري قانون جي خاتمي ٿيڻ جي جدوجهد جاري رکندي: نصرت سحر عباسي. (روزاني عوامي آواز)
• ٽنڊو الهيار ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي جلسي جون تياريون مڪمل، شهر کي بينرن سان سينگاريو ويو. ٻٽي مڪاني نظام خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، بک هڙتالون. ملير، لاڙڪاڻي، سکر، پني عاقل، راڻيپور، سوڀوديرو ۽ نوشهروفيروز ۾ احتجاج ڪيو ويو. مقصودو رند، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ٺل، ڪلوئي ۽ ميرپورخاص ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، چمبڙ ۽ بين شهرن ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. (روزاني ڪاوش)

11 نومبر 2012ع

• ٽنڊي الهيار ۾ ڌرتي جي هزارين وارثن جو جلسو، ٻٽو نظام نامنظور جا نعرا، نوجوان جذباتي ٿي ويا. پ پ کي سنڌ ٽوڙڻ جو اختيار ناهي مليو، ڌرتيءَ تي آنچ اچڻ نه ڏينداسين: سنڌ بچايو ڪميٽي. عوام ٻٽو نظام ٿڏي ڇڏيو آهي، چونڊن ۾ پيپلا ناڪام ويندا (اياز لطيف پليجو) مڪاني نظام پاس ڪندڙ سڀ غدار آهن: قادر مگسي. زرداري جو ڌرتي دشمن فيصلو قبول ناهي: خالد محمود سومرو، صنعان قريشي، ابرار قاضي ۽ ٻين جو خطاب.
• ٻٽي نظام خلاف سنڌ امڙ سان محبت ڪندڙن جي اڄ ڪراچي ۾ انساني زنجير ٺهندي. اديب، ليکڪ، دانشور، صحافي، قومپرست ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا پريس ڪلب آڏو گڏ ٿيندا.
• مڪاني نظام خلاف لکي کان ڊکڻ تائين ريلي، عوام غدارن کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. غوث بخش مهر، شهريار مهر، ذوالفقار ڪماريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مڪاني نظام نه کپي جا نعرا. ريلي ۾ شريڪ خلق ڊکڻ پهچڻ تي مڪاني نظام خلاف مهر ڪماريو اتحاد طرفان رٿيل جلسي ۾ شامل ٿي وئي. سنڌين مڪاني نظام کي رد ڪيو آهي، ايندر اليڪشن امتحان هوندو، ڪاميابي جي چاٻي عوام وٽ آهي: غوث بخش مهر. ٻٽو نظام لاڳو ڪري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي (شهريار مهر) هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: ذوالفقار ڪماريو ۽ ٻيا. (روزاني عوامي آواز)

• سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران ٽنڊي الهيار ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف جلسو، عورتون به وڏي تعداد ۾ شريڪ، نعريبازي. ڪنهن کي به سنڌ تي قابض ٿيڻ نه ڏبو، ٻٽي نظام جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي: سياسي ۽ قومپرست اڳواڻ. پ پ ۽ متحده کي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته اهي صدين کان قائم سنڌ جو ورهاڱو ڪن، جدوجهد ۽ عوامي طاقت سان ٻٽِي نظام وارو ڪارو قانون ختم ڪرائينداسين: جلال محمود شاهه. زرداري ۽ متحده سنڌ جو غير فطري ورهاڱو ڪري سنڌين جي جذبن سان کيڏي رهيا آهن، سنڌ جون مائرون، ڀينرون ۽ نوجوان سنڌ کپائڻ نه ڏيندا: قادر مگسي. ڄام ۽ ارباب جي دور ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙن اڄ ڪرسي خاطر سنڌ ورهائي ڇڏي آهي، هاڻ گولي جو جواب گولي سان ڏنو ويندو: اياز لطيف. سنڌ جي ورهاڱي جي دستاويز تي صحيحون ڪندڙن لاءِ ڌرتي ٽامون بڻجي ويندي (خالد محمود سومرو) ڌرتي جا وارث جاڳي رهيا آهن، سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪنداسين: نصرت سحر عباسي. جدوجهد ذريعي سوڀارا ٿينداسين: جلسي کي نجف لغاري، قمر ڀٽي، اظهر جتوئي، ابرار قاضي ۽ ٻين جو خطاب، اڳواڻن کي جلوسن جي شڪل ۾ جلسي گاهه آندو ويو. (روزاني ڪاوش)

12 نومبر 2012ع

• ٻٽي مڪاني نظام خلاف ڏات ڌڻين جو سنڌ اسيمبلي تائين مارچ ۽ ڌرڻو، انساني زنجير ٺاهي احتجاج. اديبن، شاعرن، دانشورن، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ قومپرست ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ڪراچي پريس ڪلب وٽ پهچي احتجاج ڪيو. پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي بلڊنگ تائين انساني زنجير ٺاهي وئي، سنڌ جو ورهاڱو نامنظور جا نعرا. سنڌ جا ماڻهو روڊن تي آهن، هي نظام غلط آهي، جيڪو فوري طور تي واپس ورتو وڃي: اديب ۽ دانشور. هي نظام اردو - سنڌي ڀائرن ۾ ويڇا وڌائڻ جي سازش آهي، آغا سليم، مشتاق ڦل، آڪاش انصاري، دستگير ڀٽي، شوڪت شورو ۽ ٻين جو خطاب.
• سنڌ بچايو ڪاميٽي، سپنا، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جو عوام ٻٽي نظام کي هلڻ نه ڏيندو: اياز لطيف.
• تڪراري مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جون مختلف شهرن ۾ ڪئمپون، احتجاجي مظاهرا. ايس ٽي پي ۽ نواز ليگ پاران تڪراري مڪاني نظام خلاف جدوجهد جاري رکڻ تي اتفاق. ممتاز علي ڀٽي جي ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات، ماڻهن جي ڪاوڙ ووٽ ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي: ايس ٽي پي چيئرمين. زرداري جي نائن زيرو وڃڻ سان خدشا پيدا ٿيا هئا، حڪمران ڪرسي لاءِ سنڌ پيا وڪرو ڪن: ممتاز ڀٽو.
• ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري. شهداد ڪوٽ ۾ مختلف تنظيمن جو مظاهرو ۽ ڌرڻو، ٺل ۾ ايس يو پي ۽ جسم پاران مظاهرو.
• سنڌ جي وحدت تي وار خلاف جيئي سنڌ تحريڪ لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو. 30 نومبر تي جيڪب آباد کان ڪراچي لاءِ پيادل مارچ شروع ڪيو ويندو: ڊاڪٽر صفدر سرڪي. سنڌ جي وجود تي وار خلاف 33 ڏينهن پيادل مارچ ڪنداسين، سڄي سنڌ غير محفوظ بڻيل.
• سکر ۾ جسم پاران ٻٽي نظام خلاف علامتي بک هڙتال جاري. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ٻٽي نظام ذريعي سنڌ جو ورهاڱو ڪيو آهي: رياض چانڊيو. خيرپور ۾ مسلم ليگ (ف) جو ضلعي ڪنوينشن. سنڌ ۾ ٻٽي نظام خلاف پيرپاڳاري جي اڳواڻي ۾ تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي: نصرت سحر عباسي. ڪڏهن به سنڌ امڙ کي 2 ٽڪر ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪفن پائي نڪتا آهيون. سورهيه بادشاهه دنيا جي پهرين گوريلا جنگ جو آغاز ڪيو هو: ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ. (روزاني ڪاوش)

13 نومبر 2012ع

• 43 صوبائي کاتا ميئر کي ڏئي. حڪمرانن ايم ڪيو ايم کي نئون صوبو تحفي ۾ ڏنو آهي: زين انصاري. ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ دوستن ۽ سنڌ دشمنن ۾ مقابلو ٿيندو، ڪارڪن تياري ڪن. سنڌ ٽٽي وئي ته پاڪستان نه رهندو: کڏڙي ۾ ڪارڪنن ۽ صحافين سان ڳالهيون. مڪاني نظام دهشتگردن کي خوش ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي. قادر مگسي. ڪوبه ڏنڊي ۽ بندوق جي زور تي سنڌين کان سنڌ نٿو کسي سگهي. ٻٽو مڪاني نظام سنڌين کي بي گهر ڪرڻ جي ڪڙي آهي: ٽنڊي ڄام ۾ ڳالهيون. محرم کان پوءِ ٻٽي مڪاني نظام خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي: فنڪشنل ليگ. (روزاني عوامي آواز)
• تڪراري مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي ڪئمپ، رتوديرو ۾ ٻارڙن جو جلوس. حيدرآباد ۾ 37 هين ڏينهن به احتجاج، ڪراچي ۾ حيدر شاهاڻي پهچي ڪارڪنن جي بک هڙتال ختم ڪرائي. رتوديرو ۾ ٻارڙن به شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، سنڌ تان قربان ٿي وڃڻ جو وچن. پ پ حڪومت عوام جي احتجاج کي نظرانداز ڪندي اقتدار جي لالچ ۾ اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن: حيدر شاهاڻي.
• پيپلزپارٽي عوامي احترام ۽ جذبي وارو ووٽ وڃائي ويٺي آهي: رياض چانڊيو. نئين مڪاني نظام ۾ سنڌين کي روشنين جي شهر کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پ پ وارن کي للڪاريون ٿا ته ٻٽي نظام تي اسان سان بحث ڪيو وڃي. ”ٻٽو مڪاني نظام نامنظور“ مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، بک هڙتالون. (روزاني ڪاوش)

14 نومبر 2012ع

• ڪراچي ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جي بک هڙتال، سنڌين جيڪي به تحريڪون هلايون آهن، اهي ڪامياب ڪيون: اڳواڻ. حڪومت کي ٻٽو نظام واپس وٺڻون پوندو، لانگ مارچ ڪري سگهجي ٿو. سنڌ بچايو ڪميٽي. جدوجهد ماٺي نه ٿي آهي، محرم الحرام کانپوءِ مشورا ڪري لانگ مارچ يا ٻي اثرائتي جدوجهد جو اعلان ڪنداسين، حڪمرانن ٻٽو نظام واپس نه ورتو ته عوام کين چونڊن ۾ ناڪام ڪندو: جلال شاهه. اديب، شاعر ۽ عوام اسان سان گڏ آهن (ابرار قاضي) جدوجهد ڪامياب ٿيندي، حڪمرانن کي سنڌ ٽوڙڻ نه ڏينداسين (انور سومرو) ٻٽو نظام واپس وٺرائينداسين: علي حسن چانڊيو. سنڌ تي وار برداشت نه ڪبو (حڪيم بلوچ) حڪومت سان ڳالهيون نه پيون ٿين، سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون (نصرت سحر / ماروي راشدي) سنڌ کي انتظامي ورهاست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين: زاهده شيخ / شهناز راهو.
• ”سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جو اُڀا، لکين عيد جا چنڊ اُڀري پون.“ حيدرآباد ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جي بک هڙتال، هارين جو ڏاٽا کڻي احتجاج. نسيم نگر چوڪ تي 38 هين ڏينهن به بک هڙتال، ايس ٽي پي هاري سنگت جا ڪارڪن ڏاٽا کڻي شريڪ ٿيا. سنڌ جا هاري به جاڳي اُٿيا آهن، پ پ وزير ۽ حڪمران بيانن سان پنهنجي غداري لڪائي نه سگهندا: مظفر ڪلهوڙو. (روزاني عوامي آواز)
• ”تڪراري مڪاني نظام واپس وٺو“ ڪراچي ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي بک هڙتال، زوردار نعرا. مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتن پريس ڪلب آڏو 4 ڪلاڪ بک هڙتال ڪئي، روڊ بلاڪ ڪري احتجاج. ڪارو نظام نامنظور، مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون ۽ ٻيا نعرا، سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ٻٽو نظام واپس وٺڻ جو مطالبو. بک هڙتال ۾ جلال شاهه، حيدر شاهاڻي، سليم ضياءَ، اسماعيل راهو، نصرت سحر عباسي، ماروي راشدي، ابرار قاضي، علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ. حڪومت احتجاج تي اکيون بند ڪري ويٺل آهي، اسان پر امن سياسي جدوجهد ذريعي حڪمرانن کي نظام واپس وٺڻ تي مجبور ڪنداسين: جلال شاهه
• تڪراري مڪاني نظام خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا. ٽنڊو محمد خان ۾ قومپرستن جي علامتي بک هڙتال، قمبر ۾ فنڪشنل ليگ جو احتجاج. شهداد ڪوٽ ۾ پ پ (ش ڀ) ۽ قومپرست تنظيمن پاران ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا. ٺل ۾ ايس يو پي ۽ جيئي سنڌ محاذ جو مظاهرو، مٺي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جو احتجاج.
• پ پ ۽ سپاف (ش ڀ) پاران ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا. ڪارڪنن احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ڪن هنڌن تي روڊ بلاڪ، بک هڙتال به ٿي. ٻٽو نظام سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو: اڳواڻ. تڪراري نظام ختم نه ڪيو ويو ته سپاف (ش ڀ) پاران جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ تي حڪومت استعيفيٰ ڏئي (مينهان خان رند). (روزاني ڪاوش)

15 نومبر 2012ع

• اڄ ڊگهڙي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڪانفرنس ۽ ٻٽي مڪاني نظام خلاف عورتن جو جلسو ٿيندو. اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏين: اياز لطيف. تڪراري مڪاني نظام ذريعي سنڌ ۾ نئون ملڪ اسرائيل جوڙيو ويندو، سنڌ جا ماڻهو اهو نظام قبول نه ڪندا. سنڌ جي پاڻي، ناڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ قومن جي حق حڪمراني تي اسلام آباد جو قبضو آهي.
• لڙسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون ... !!. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻٽي نظام خلاف 39 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري. تڪراري مڪاني نظام خلاف نسيم نگر چوڪ تي جاري بک هڙتال ۾ مختلف اڳواڻن جي شرڪت. ميرپورخاص ۾ ناري تحريڪ پاران ٻٽي نظام خلاف ريلي ڪڍي ويئي.
• سنڌ ورهائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف هڪ آواز ٿيڻو پوندو: خالق جوڻيجو. سنڌ سان زيادتيون ٿينديون پيون اچن، روزگار ۽ سياست جا حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 19 نومبر تي موري ۾ نڪرندڙ حق خوداراديت ريلي ۾ سڀني سنڌين کي شرڪت جي اپيل ڪريان ٿو. تڪراري مڪاني نظام خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا. ڪراچي ۾ ايس اين ايم ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي بک هڙتال، عورتون ۽ ٻار به شريڪ. ميرپور بٺورو ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج، ٽنڊو محمد خان ۾ به قومپرستن بک هڙتال جاري رکي. دادو ۾ وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ميرپور ماٿيلو ۽ ٺل ۾ به احتجاج.
• پيرڳوٺ ۾ ٻٽي نظام خلاف مسلم ليگ (ف) جو جلسو. پيرپاڳاري کي عرض ڪندس ته مڪاني نظام خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪ جو نالو حر تحريڪ رکي: راشد شاهه راشدي. ذوالفقار علي ڀٽي کي شاهه مردان شاهه پير پاڳاري اڳتي آندو هو، عوام اسان سان گڏ آهي.
• جيئي سنڌ محاذ پاران ٻٽي نظام خلاف اڄ سکر ۾ احتجاجي ريلي نڪرندي. پ پ کي سنڌ جي ماڻهن عزت ڏئي اقتدار تي ويهاريو، پرهنن سنڌين سان دوکو ڪيو: رياض چانڊيو. بلدياتي نظام بابت ضمير گهمرو جي پٽيشن سان ڪو به واسطو ناهي: امتياز شيخ. محرم الحرام کانپوءِ پير پاڳارو سنڌ جي دوري تي نڪرندو، ڪراچي ۾ رت جي راند هلي رهي آهي. (روزاني ڪاوش)
• پ پ هزارين نوڪريون ڏنيون، مخالف رڳو مڪاني نظام تي واويلا پيا ڪن. بلاول ڀٽو زرداري.
• ڪراچي ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ نيشنل موومينٽ ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي بک هڙتال. ٻٽو مڪاني نظام قبول ناهي، ڪراچي سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻجڻ نه ڏينداسين: اڳواڻ. سنڌ سجاڳ ٿي آهي، سنڌ جي وحدت تي وار قبول نه آهي، ٻٽو نظام ختم ڪرائي ساهه پٽينداسين: علي حسن چانڊيو. ٻٽي نظام سان سنڌ ورهائجي ويندي (حريف چانڊيو) سنڌ جي ورهاست قبول نه آهي: سحر رضوي. (روزاني عوامي آواز)

16 نومبر 2012ع

• سرڪاري ميمبرن ۽ وزيرن طرفان نصرت سحر عباسي، ماروي راشدي، ڄام مدد ۽ شهريار مهر کي ايوان مان نڪري وڃڻ جو حڪم، مراد علي شاهه جي نصرت عباسي کي ”شٽ اپ“. مڪاني نظام خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ احتجاج ۽ گارگند، مخالف ڌر ميمبرن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور. قانون واري وزير اياز سومري طرفان ايوان کي مڪاني بل جي قانون بڻجي وڃڻ جي آگاهي ڏيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ”سنڌ جو سودو نامنظور“ جا نعرا هنيا. مڪاني نظام خلاف احتجاج ڪندڙ ميمبرن تي پير مظهر ۽ رفيق انجنيئر ڪاوڙجي پيا، سخت ۽ نامناسب لفظن جي استعمال تي مخالف ڌر جي ميمبرن نعرا هڻڻ بعد علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. نصرت سحر عباسي کي دڙڪا ملڻ خلاف ڄام مدد طرفان احتجاج ڪرڻ تي مراد علي شاهه سندس خلاف به ”توکي به سڃاڻان ٿو، نڪري وڃ“ جهڙا جملا استعمال ڪيا. شرجيل ميمڻ ۽ امداد پتافي طرفان ڪالاباغ ڊيم جا حامي سڀ حرامي جا نعرا، پير مظهر مخالف ڌر جي ميمبرن کي ”چريو، پاڳل ۽ ذهني مريض“ قرار ڏنو. اسپيڪر طرفان ٻنهي ڌرين کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام. ڪنهن به قانون تي ڳالهائڻ اسان جو حق آهي، گاريون ڏنيون پيون وڃن، پر ڊڄڻ وارا ناهيون (ڄام مدد)، آءٌ اهڙو حشر ڪندس جو جڳ جهان ڏسندو: مراد علي شاهه جو جواب. مخالف ڌر وارا سنڌو ديش وارن سان گڏ ويهن ٿا (رفيق انجنيئر) منهنجا فائل عورتن ڦاڙيا، اسان اڃا تائين ڪجهه به ناهي ڦاڙيو، شروعات ٿي ته سڀ ڪجهه ڦاڙي ڇڏينداسين: سراج دراني.
• تڪراري نظام خلاف ڊگهڙي ۾ عوامي تحريڪ جو جلسو، الطاف ۽ زرداري ملڪ ٽوڙڻ جو معاهدو ڪيو آهي، ٻٽي مڪاني نظام خلاف جلسي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جي شرڪت، نعريبازي. اقتدار ۾ اچڻ بعد پ پ ادارن سان ٽڪراءُ ۾ آئي، حڪمرانن سنڌي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو آهي: اياز لطيف پليجو. حڪمران تڪراري مڪاني نظام آڻي سنڌ ۽ بعد ۾ پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن. آصف زرداري غداري وارو رستو ڇڏي ته کيس اجرڪ پارائيندس، زرداري ۽ الطاف ملڪ ٽوڙڻ لاءِ يورپي يونين سان معاهدو ڪيو آهي: عوامي تحريڪ جي صدر جو جلسي کي خطاب.
• پ پ ڌرتي سان ويساهه گهاتي ڪئي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو: رياض چانڊيو. ٻٽي نظام خلاف سکر ۾ جسم جي شاندار ريلي، نعرن جي گونج، سنڌي رستن تي نڪري اچن. عبدالله هارون. هزارين قومپرست ڪارڪن ڳاڙها جهنڊا ۽ ڪهاڙيون کڻي رستن تي اچي ويا، زبردست نعريبازي، اين پي پي جي به شرڪت. ٻهراڙي وارن جا حق کسي شهر وارن کي ڏنا ويا آهن، سنڌين لاءِ ڪراچي ۾ تعليم جا در اڃا تائين بند آهن: اڳوڻو سفير. پ پ ڪرپشن سان گڏ سنڌ جو سودو ڪري ڌرتي ماءُ کي وڪرو ڪيو، اهو ڏوهه معاف نه ڪبو: جسم سربراهه. (روزاني عوامي آواز)
• گارين، رڙين، شٽ اپ، پاڳل پاڳل ۽ غدار غدار جي نعرن جي گونج، تڪراري مڪاني نظام تان ايوان ۾ هنگامو. اجلاس شروع ٿيو ته ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آيل مخالف ڌر جي ميمبرن مخالف ڌر جون سيٽون الاٽ نه ٿيڻ جي احتجاج ڪيو ۽ 4 ڀيرا علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. مخالف ڌر جي 18 ايم پي ايز کي سيٽون الاٽ ڪيون ويون، پر ڄام مدد ۽ ٻين وزيرن کي مخالف ڌر جون سيٽون الاٽ نه ڪيون ويون ته ٻيهر گوڙ ٿيو، مخالف ڌر وري ٻاهر وڃڻ لڳي ته حڪومتي ميمبرن جملي بازي ڪئي. مخالف ڌر جا ميمبر ايوان ۾ واپس اچي ويا، حڪومتي ميمبرن سان سخت گرما گرمي، سخت جملن جي ڏي وٺ، ان دوران صوبائي وزير اياز سومري آگاهي ڏني ته گورنر نئين نظام جي بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. بل تي صحيح جي اعلان سان مخالف ڌر جا ميمبر سيٽن تي اُٿي بيهي رهيا، پمفليٽ کڻي اسپيڪر جي ڊائيس تائين پهچي ويا، نعرا، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ڏانهن اڇلايون ويون. ڪارو قانون نامنظور، شيم شيم توهان سنڌ سان غداري، ڪئي آهي، جا نعرا، حڪومتي ميمبرن جواب ۾ ڪالاباغ ڊيم جا حامي سڀ حرامي جا نعرا هنيا، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. نصرت سحر جون حڪومتي ميمبرن سان جهڙپون، مراد علي شاهه نصرت سحر کي زوردار آواز ۾ شٽ اَپ، شٽ اَپ چوندو رهيو، ميمبرن جون هڪ ٻئي کي ڌمڪيون. مڙس مڪاني نظام جي حق ۽ زال نظام جي مخالفت ۾ نعرا هنيا، فصيح شاهه، شهريار کي ڌڪو ڏئي هليو ويو. (روزاني ڪاوش)

17 نومبر 2012ع

• ڪاري نظام جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، ان مان سنڌين کي ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو. ٻٽو نظام سنڌي ماڻهن جي خلاف سازش آهي، ان جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي، ضمير گهمرو سان گڏ آهيان، سپريم ڪورٽ مان انصاف جي اُميد آهي، آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن. حڪمرانن جي نا اهلي ۽ بدانتظامي جي ڪري معاشي بدحالي ۾ اضافو ٿيو آهي، سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه پئي اچي: ميڊيا سان ڳالهيون. حسين هارون
• سنڌ جي بقا لاءِ وڙهي رهيا آهيون، پ پ ٻٽي نظام کي قانوني شڪل ڏئي غداري ڪئي. جلال شاهه. حڪمران ڪاري قانون ذريعي شهر ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. عالمي قوت رول آف لا ۾ مداخلت ڪري ناجائز مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۽ صوبن کي نقصان ڏين پيون. ڪالاباغ ڊيم تي ڪورٽ ۾ هلائڻ جو جواز ئي ناهي، ڊيم جا مخالف آهيون: ميرپور خاص ۽ ڊگهڙي ۾ خطاب. (روزاني عوامي آواز)
• ٻٽو مڪاني نظام سنڌ جي قومي وجود سان واسطو رکندڙ اهم معاملو آهي. ڪجهه اقتدار جا شوقين سياستدان معاملي کي صرف اليڪشني اشو طور کڻي رهيا آهن: عبدالخالق جوڻيجو.
• تڪراري مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ 41 هين ڏينهن به بک هڙتال، نعريبازي. پ پ مڪاني نظام تحت سنڌ متحده حوالي ڪري ڇڏي آهي: قادر مگسي. ڊگهڙي واري تڪ تي اياز لطيف پليجو جي حمايت جو اعلان، محرم کانپوءِ تحريڪ تيز ڪبي: ايس ٽي پي سربراهه. ٻٽي مڪاني نظام سان شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تضاد وڌندا: جلال شاهه. سنڌ ڪنهن هڪ پارٽي جي جاگير ناهي، ٻٽي نظام خلاف تحريڪ هڪ ڏينهن ۾ نتيجا نه ٿي ڏئي سگهي. مڪاني ادارن واري وزير جو سنڌ جي نمائنده نياڻين سان رويو شرمناڪ آهي. ايوان ۾ پ پ وارن پارن پاران اخلاقي بدحالي جا جوهر ڏيکاريا پيا وڃن: آريسر
• تڪراري مڪاني نظام خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا. ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ، پ پ (ش ڀ) ۽ (ن) ليگ طرفان مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. مديجي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو، ٺل، لاڙڪاڻو، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا. (روزاني ڪاوش)

18 نومبر 2012ع

• وڏي وزير نئين مڪاني نظام تي عمل روڪرائي ڇڏيو، 43 کاتا منتقل نه ڪرڻ جو حڪم. سي ايم هائوس ۾ سمورن صوبائي سيڪريٽرين ۽ ڊويزنل ڪمشنرن جو اجلاس، مڪاني نظام بابت سپريم ڪورٽ جي رولنگ تي غور، صورتحال جو جائزو. چيف سيڪريٽري ۽ اڪثر سيڪريٽرين طرفان کاتن جي منتقلي جي مخالفت، اختيار ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ملڻ سان آئيني ۽ قانوني مونجهارا پيدا ٿيندا: آفيسر.
• نئين نظام ذريعي رياست اندر رياست ٺاهي وئي آهي، محرم کانپوءِ تحريڪ تيز ڪنداسين: نواز ليگ. ٻٽي مڪاني نظام جي سٺي نموني سان جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته اچو ته گڏجي سنڌ بچايون جي نالي سان هڪ مسودو ڇپرايو ويندو. سنڌ کي نقصان ڏيندر شين تي مشتمل ڪتاب اردو ۽ سنڌي ۾ ڇپرائي سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو. هن نظام تحت سمورا اختيار ميٽروپوليٽن حوالي ڪيا ويا آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ نياڻين خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا ويا: زين انصاري. (روزاني عوامي آواز)
• ”اچو ته گڏجي سنڌ بچايون“ جي نالي سان هڪ مسودو ڇپرايو ويندو: نواز ليگ سنڌ. مسودي ۾ سنڌ کي نقصان ڏيندڙ شين ۽ اعتراضن کي شامل ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ نياڻين خلاف گٿي زبان ڳالهائڻ جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌ آهي ته پاڪستان آهي، ٻٽي نظام بابت جوڙيل فيڪٽ ۽ فائيڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس.
• پيرپاڳاري پاران سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ اين پي پي جو اجلاس سڀاڻي طلب. جلال شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ مرتضيٰ جتوئي کي دعوت ناما پهچايا ويا. گڏجاڻي ۾ ايندڙ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ يا سيٽ ايڊ جسٽمينٽ تي غور ٿيندو. تڪراري مڪاني نظام نظام خلاف هلندڙ هلچل کي تيز ڪرڻ ۽ رابطا مهم تي ويچاربو. (روزاني ڪاوش)

19 نومبر 2012ع

• آغا سراج دراني جي قيادت ۾ پ پ وفد جي شاهي سيّد سان هڪ ڪلاڪ تائين بند ڪمري ۾ ملاقات، منهنجي حساب سان اي اين پي راضي ٿي چڪي آهي: مڪاني ادارن وارو وزير. پ پ مڪاني نظام ڪري ڪاوڙيل ڌرين کي پرچائڻ لاءِ سرگرم. اي اين پي کي سنڌ حڪومت ۾ واپسيءَ جي دعوت، قومپرست به رابطي ۾ آهن: دراني. اي اين پي کي نئين مڪاني نظام بابت پنهنجا اعتراض، لکت ۾ سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي صلاح، غور بعد سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ۾ تبديلي آڻڻ جو آسرو. مڪاني نظام تي ڪاوڙيل اتحادين کي پرچائڻ لاءِ پير پاڳاري کي به ملاقات لاءِ نياپو موڪليو آهي، قومپرستن سان به ڳالهايو ويندو، قومپرست رابطي ۾ به آهن: سراج دراني. پ پ اعتراض ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو پارٽي جي ٿنڪ ٽنڪ ڪندي: پ پ وفد سان ملاقات بعد شاهي سيّد جون ميڊيا سان ڳالهيون.
• ضمير گهمري کي عدالت وڃڻ جو حق آهي، قومپرست ڪالاباغ ڊيم جي حامي نواز شريف جي آجيان ڪري رهيا آهن: شرجيل ميمڻ. نئين نظام سان سنڌ ٻه ٽڪر نه ٿيندي، قومپرست نواز شريف سان گڏجي سياست چمڪائي رهيا آهن. آئين ۾ هيٺين سطح تي اختيارن جي منتقلي جو ذڪر موجود آهي، قومپرست مشرف دور ۾ خاموش ڇو هئا؟ حيدرآباد ۾ آجياڻي کي خطاب. (روزاني عوامي آواز)
• پ پ سرڪار پاران رٺل اتحادين کي ٻيهر پرچائڻ لاءِ ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع، اي اين پي سان ملاقات، پير پاڳاري سان رابطا. مڪاني ادارن واري وزير آغا سراج دراني، اياز سومرو، راشد رباني ۽ وقار مهدي مردان هائوس پهچي شاهي سيّد سان ڳالهيون ڪيون. اي اين پي قيادت ڪراچي صورتحال ۽ اي اين پي جي اڳواڻن جي سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون (ذريعا)، پ پ وفد پاران حڪومت ۾ شموليت جي آڇ. اسان صدر جو پيغام کڻي ويا هئاسين، اي اين پي وارا واپسي تي راضي ٿيا آهن کين مڪاني ادارن ۽ سندن وزير جي کاتي بابت اعتراض هئا: سراج دراني. اسان پير پاڳاري کي به پيغام موڪليو آهي (صوبائي وزير) دراني جو پيرپاڳاري سان رابطو نه ٿيو آهي (امتياز شيخ) اسان سان رابطن جي ڳالهه غلط آهي: مرتضيٰ جتوئي.
• حيدرآباد ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف ريلي، نسيم نگر چوڪ تي 43 ڏينهن به ڪئمپ تي احتجاج. حڪمرانن دهشتگردن سان گڏجي سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيو آهي. پارليامينٽ ناڪام آهي ته حڪمران استعيفا ڏين، غدارن کان ڇوٽڪاري لاءِ قوم قومپرستن جو ساٿ ڏئي: قادر مگسي.
• تڪراري مڪاني نظام: پيرپاڳاري پاران قومپرستن ۽ اتحادين جو اڄ اجلاس طلب. راجا هائوس ۾ رٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي، نواز ليگ ۽ اين پي پي کي ڪوٺ. پير پاڳاري اڄ نواز ليگ، اين پي پي ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽي لاءِ مانجهاندو رٿيو آهي: امتياز شيخ. (روزاني ڪاوش)

20 نومبر 2012ع

• ڪالاباغ ڊئم جو بنياد ذوالفقار علي ڀُٽي رکيو هو، اهو پ پ جو جائز يا ناجائز ٻار آهي، جنهن کي ٻين جي جهولي ۾ نه ڦٽو ڪيو وڃي: پير پاڳارو. پير پاڳاري سان سنڌ بچايو ڪميٽيءَ ۾ شامل سمورين کي ڌرين جي ملاقات. ٻٽي مڪاني نظام خلاف 30 نومبر تي هڙتال ۽ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان. اسان کي فوج جا پٺو قرار ڏيندڙ پاڻ انگريز فوج جا ايجنٽ هئا، اسان متحد سنڌ ۽ متحد پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا، سنڌ بچندي ته ملڪ بچندو. سنڌ بي چين آهي، اسان هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ گڏ ويٺاسين، ضمير گهمري گڏ هئڻ باوجود سپريم ڪورٽ ويندي ڪنهن کي هوا به لڳڻ نه ڏني، ان سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسانجين نياڻين کي گاريون ڏنيون ويون، تعليم وارو وزير پاڻ گاريون ڏيندو ته پوءِ تعليم جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ لاءِ گاريون کائڻ لاءِ تيار آهيون. ٻٽي مڪاني نظام خلاف 14 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ جلسو ٿيندو، سنڌ مصيبت ۾ آهي، ان کي بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، پير پاڳاري جي اين پي پي ، اين اين پي ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس.
• ٻٽي مڪاني نظام جي مخالف قيادت ”جيل ڀريو تحريڪ“ ۽ ”لانگ مارچ“ تي خاموش! اياز لطيف پليجي جي تجويزن جي علي حسن چانڊيي، مرتضيٰ جتوئي، مهتاب اڪبر راشدي ۽ بشير جان کانسواءِ ٻي ڪنهن به حمايت نه ڪئي.
• ٻٽي نظام وارو قانون ختم ڪرڻ ۽ بند پيل اسڪول کولرائڻ جا ٺهراءَ يڪراءِ پاس ڪيا ويا. مفاهمت نالي سنڌ ورهائي متحده کي رياست اندر رياست ٺاهي ڏني وئي آهي. اي جي پي جو سيمينار. مڪاني نظام جو آرڊيننس سنڌ ورهائڻ جي شروعات آهي، ايم ڪيو ايم اڇي ڪاري جي مالڪ آهي. سنڌ بچايو ڪميٽي جي پليٽ فارم تي ڪاري قانون خلاف جدوجهد جاري رهندي: اياز چانڊيو جو خطاب.
• نئين مڪاني نظام جو ڪراچي جي سنڌين لاءِ ”تحفو“، ڪي ايم سي جو سوين سنڌي ملازمن کي قبولڻ کان انڪار. اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ۾ مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، ڪارپوريشن جي تازي بحالي بعد ملازم دربدر. ڪي ايم سي سنڌي ملازم گڏاپ ۽ بن قاسم ٽائون اماڻيا، مقامي انتظاميا به کين نه رکيو. 22 سالن کان ڪم ڪندڙ پورهيتن جو مستقبل داءُ تي لڳل، سفارشي ۽ غير مقامي پڪا ٿي ويا.
(روزاني عوامي آواز)
• 30 نومبر تي ڪارو ڏينهن: مڪاني نظام خلاف 14 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان. راجا هائوس تي پاڳاري ۽ قومپرستن جي گڏجاڻي، حڪومت ٻٽو نظام واپس وٺي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، گهمري جي پٽيشن سان تعلق ناهي، سنڌي فٽبال ٿي ويا آهن: پاڳارو. ڪالاباغ ڊئم پ پ جي باني جي دور ۾ پيدا ٿيو، اهو ناجائز ٻار پ پ پاڻ سنڀالي رکي، ان کي ٻين جي هنج ۾ نه وجهي، سنڌ لاءِ غداري جا الزام برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. فوج جا حامي آهيون، پر اها فوج به ته پاڪستان جي آهي، ملڪ ٽوڙي نه پر سنڌ بچائي رهيا آهيون، سنڌ بچائڻ جو مطلب ملڪ بچائڻ آهي: اجلاس کانپوءِ پاڳاري جون ميڊيا سان ڳالهيون. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)
• پ پ ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي ۾ اسان جي خواتين ميمبرن سان بدسلوڪي ڪئي، اسان جواب ته ان وقت ئي ڏيون ها، پر محرم سبب خاموش آهيون: پيرپاڳارو. ”تڪراري مڪاني نظام قبول ناهي“ پيرپاڳاري ۽ قومپرستن پاران 30 نومبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان. راجا هائوس تي ڪوٺايل اجلاس ۾ جلال شاهه ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، مرتضيٰ جتوئي، صنعان قريشي، صفدر سرڪي، بشير جان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. حڪمران سنڌ کي فوٽبال ٺاهي تجربا ڪرڻ ڇڏي ڏين، ڪالاباغ پ پ وارن جو ٻار آهي، اسان جي جهولي ۾ نه وجهن، ذوالفقار علي ڀٽي ڪالاباغ ڊيم لاءِ پئسا رکيا هئا: پاڳارو.
• سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻٽي نظام خلاف 44 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري. قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ تي نندلال مالهي جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ بک هڙتال ۾ مختلف اڳواڻن جي شرڪت. ٻٽي نظام خلاف ايس ٽي پي جي جدوجهد حڪمرانن جون ننڍون ڦٽائي ڇڏيون آهن: نند لال مالهي. (روزاني ڪاوش)

21 نومبر 2012ع

• نوابشاهه ۾ مڪاني نظام خلاف احتجاج دوران گرفتار ٿيل ڪارڪن عدالت ۾ پيش. قومپرست ڪارڪنن کي سکر ۽ حيدرآباد جي جيلن مان نوابشاهه آڻي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اسين بيگناهه آهيون، پوليس بنا جواز گرفتار ڪري ظلم ڪيو آهي: سکر مان آندل ڪارڪن.
• ترقي پسند پارٽي پاران ٻٽي نظام خلاف 45 هين ڏينهن بک هڙتال جاري. قاسم آباد نسيم نگر چوڪ تي جاري بک هڙتال ۾ عورتن، ٻارن ۽ پارٽي اڳواڻن جي شرڪت.
• سنڌ جو عوام جدوجهد ذريعي ٻٽو مڪاني نظام واپس ڪرائيندو: اياز لطيف. 30 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ ڪاري ڏينهن جو فيصلو سنڌ جي گهڻگهرن جو گڏيل فيصلو آهي. (روزاني ڪاوش)
• ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي حسين هارون سان ملاقات، ٻٽي مڪاني نظام خلاف لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت. ٻٽو مڪاني نظام واپس ورتو وڃي، سنڌي شاگردن لاءِ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي بندش ناانصافي آهي. سول اسپتال ڪراچي جي اڏاوت ۾ اسان جو به حصو هو پر هاڻي اُتي به سنڌين کي داخل نه ٿو ڪيو وڃي. حسين هارون. (روزاني عوامي آواز)

22 نومبر 2012ع

• سپريم ڪورٽ اڄ سنڌ ۾ لاڳو تڪراري مڪاني نظام خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. سنڌ ۾ لاڳو مڪاني نظام کي ڪابه اٿارٽي للڪاري نٿي سگهي. سنڌ حڪومت جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل. مڪاني نظام بابت سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي هئي، سموريون قانوني گهرجون به پوريون ٿيل آهن. سنڌ اسيمبلي ئي اصل فورم آهي، جيڪا ڪو به بل منظور يا رد ڪري سگهجي ٿي: سنڌ حڪومت جو موقف. ف ليگ پاران هڙتال جي ڪاميابي لاءِ ڪميٽي قائم. نئين مڪاني نظام سبب مشرف دور کان وڌيڪ نقصان نه ٿيندو: فتاح ملڪ. ميئرن کي جوڊيشل اختيار ناهن ڏنا ويا، اهي هاڻي وڏي وزير وٽ آهن. (روزاني عوامي آواز)
• سپريم ڪورٽ بئريسٽر ضمير گهمري جو پٽيشن جي اڄ ٻڌڻي ڪندي. ”نئون مڪاني نظام عوامي امنگن وٽان آهي“ سنڌ سرڪار پاران جواب داخل. اسان پراڻي نظام جي خامين کي ختم ڪري سمورين ڌرين جي منظوري سان بل آندو. نئون نظام غيرقانوني ناهي، ڪا اٿارٽي ان کي ختم ڪري نه ٿي سگهي. (روزاني ڪاوش)

23 نومبر 2012ع

• سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ کي فيصلو اچڻ تائين کاتا مڪاني ادارن حوالي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ايڊووڪيٽ جنرل فتاح ملڪ پاران جواب لاءِ مهلت طلب. صوبائي کاتا ميئرن حوالي نه ڪرڻ جو حڪم برقرار، اسٽيٽسڪو کي ٻي معنيٰ نه ڏني وڃي: سپريم ڪورٽ. سپريم ڪورٽ جي اڳ ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ مڪاني ادارن جي وڪيل ۽ سنڌ سرڪار اتفاق ڪيو هو ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪو به قدم نه کنيو ويندو: ضمير گهمرو. عدالتي فيصلي تائين ڪو به قدم نه کڻنداسين، (مڪاني کاتي جو وڪيل) اسٽيٽسڪو جو مطلب اسٽيٽسڪو آهي، ان جو ڪو به ٻيو مقصد نه ورتو وڃي: چيف جسٽس. اسپيڪر، قانون ۽ پارلياماني وزارت جو جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي (ايڊووڪيٽ جنرل) حسين هارون جي ڌر بڻجڻ تي ڪنهن به ڌر اعتراض نه ڪيو، اٽارني جنرل کي نوٽيس. (روزاني عوامي آواز)
• سنڌ اسيمبلي مڪاني قانون پاس ڪيو ۽ هاڻي اهو باب بند ٿي ويو.معاملي کي ڪير به ڇيڙي نٿو سگهي: کهڙي جو جواب. سنڌ سرڪار جا کاتا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي نه ڪرڻ جي اسٽي ۾ 4 ڊسمبر تائين واڌ. مڪاني ادارن ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي نه هوندي، حسين هارون کي ڌر بڻجڻ جي اجازت ملي وئي. سنڌ ۾ لاڳو ڪيل مڪاني نظام غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، صوبائي ادارن جا اختيار مڪاني ادارن کي ملندا ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي: ضمير گهمرو. قانون تڪڙ ۾ پاس ڪرڻ يا ميوزيڪل گيم کيڏڻ جو الزام ڪوڙو آهي، بل رولز موجب اتفاق راءِ سان منظور ٿيو: سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر. (روزاني ڪاوش)

24 نومبر 2012ع

• ”سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائندڙ آرڊيننس کي رد ڪريو:“ سپريم ڪورٽ ۾ ٻي درخواست داخل. سنڌ جي چئن سينيئر وڪيلن پاران نئين مڪاني نظام خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، عبدالرؤف ايڊووڪيٽ پيروي ڪندو. نئين مڪاني نظام وارو بل قانونسازي جي اصولن تحت منظور نه ڪرايو ويو آهي: درخواستگذار. (روزاني عوامي آواز)
• سنڌ جو عوام 30 نومبر واري هڙتال ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو: اياز لطيف. حڪمرانن زبردستي ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري سنڌ دهشتگردن حوالي ڪري ڇڏي آهي.
• ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ فتح چوڪ تي ڌرڻو. تڪراري مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ 48 هين ڏينهن به ايس ٽي پي جي بک هڙتال. نند لال مالهي، مظفر ڪلهوڙو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاري بک هڙتال تي مختلف اڳواڻ پهتا، يڪجهتي جو اظهار. حڪمرانن سنڌ دهشتگردن کي لکي ڏئي ڇڏي آهي، 30 نومبر تي عوام ڪارو قانون رد ڪري ڇڏيندو: اڳواڻ. (روزاني ڪاوش)

25 نومبر 2012ع

• پبلڪ سروس ڪميشن کي باءِ پاس ڪرڻ کي چئلينج ڪندڙ وڪيل ذوالفقار ڊومڪي ڪيس تان دستبردار. مڪاني کاتي پاران 200 گزيٽيڊ آفيسرن جي سڌين ڀرتين لاءِ لسٽن جون تياريون. وڏي وزير سنڌ لوڪل گونمينٽ بورڊ کي پبلڪ سروس ڪميشن کان آجو قرار ڏنو آهي: مڪاني کاتو. ٽائون آفيسر ۽ ميڊيڪل آفيسر جي پوسٽن لاءِ 50 هزار اميدوارن درخواستون ڏنيون.
• حڪمرانن سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪري عوام جي دل آزاري ڪئي آهي: پپو شاهه. ”تڪراري مڪاني نظام نه کپي“ حيدرآباد ۾ قائم ڪئمپ تي 49 هين ڏينهن به احتجاج. ايس ٽي پي پاران نسيم نگر چوڪ تي قائم بک هڙتال ڪئمپ جي اڄ ففٽي مڪمل ٿيندي. هوت گاڏهي، مظفر ڪلهوڙو، جان محمد جوڻيجو ۽ ٻيا ڪئمپ تي ويٺا، جدوجهد جاري رکڻ جو عزم. اڄ 10 هين محرم الحرام تي به بک هڙتال جاري رکي ويندي، ڪارو قانون سنڌ تي قبضي لاءِ آهي: اڳواڻ. (روزاني ڪاوش)

25 نومبر 2012ع

• حيدرآباد: نئين مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جي بک هڙتال 49 هين ڏينهن به جاري. مظفر ڪلهوڙو، هوت خان گاڏهي، فقير امداد، عاشق سولنگي، شبير مگسي سميت ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪ ڪئي. نئين بلدياتي نظام کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، حڪمرانن کي عوام جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي: مظفر ڪلهوڙو. (روزاني عوامي آواز)

]25 نومبر تي ڏهين محرم هئڻ سبب 26 نومبر تي اخبارون نه ڇپيون[

27 نومبر 2012ع

• مخالف ڌر جا وزير پگهار به کڻي رهيا آهن ۽ بلدياتي نظام جي مخالفت به ڪري رهيا آهن. هل هنگامو ڪري اڻ سڌي طرح قانون پاس ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. عوامي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ عوام کي ڪمزور ڪرڻ آهي: نثار کهڙو
• نواز شريف جو جلال محمود شاهه کي فون، هڙتال جي حمايت جو اعلان. 30 نومبر تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مڪمل هڙتال ٿيندي: جلال شاهه. پ پ جي يومِ تاسيس واري ڏينهن اسان پاران ڪاري ڏينهن جو اعلان رڳو اتفاق آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڙتال ٿيندي: رياض چانڊيو.
• جيئي سنڌ انقلابي محاذ پاران بلدياتي نظام خلاف 30 نومبر تي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان. حيدرآباد ۾ مڪاني نظام خلاف ايس ٽي پي جي بک هڙتال جاري. نند لال مالهي، قادرچنا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نسيم نگر چوڪ تي 51 هين ڏهاڙي به ڪئمپ آباد رهي. ٻٽي مڪاني نظام جي خاتمي لاءِ ڪنڌ ڪوٽ ۾ 10 ڊسمبر تي رٿيل جلسي کي قادر مگسي خطاب ڪندو. (روزاني ڪاوش)

27 نومبر 2012ع

• سمورن ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرن، سنڌ ڪائونسل ۾ ميمبرن ۽ ضلعي اڳواڻن کي علائقن ۾ رهڻ جي هدايت. پ پ ڪارڪن ڀاڙي ناهن جو ڀڄي وڃن، 30 نومبر تي يومِ تاسيس ڀرپور نموني ملهائبو. هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ پارٽي جي سالگرهه ملهائي ويندي، ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. شهيد بينظير ڀٽو جي پنجين ورسي جي جلسي کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف خطاب ڪندا: قائم علي شاهه
• صدر زرداري کي 3 ڊسمبر تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻڌائينداسين ته اوهان سنڌ سان نا انصافي ڪئي آهي: نصرت سحر. پ پ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون، 30 نومبر تي سنڌ بند رهندي: جلال شاهه. ٻٽو مڪاني نظام آڻي پ پ سنڌ جي ووٽن جي توهين ڪرڻ سان گڏ پنهنجو عوام دشمن هئڻ ثابت ڪيو آهي: اجلاس بعد بريفنگ. نواز شريف جلال شاهه کي فون ڪري 30 نومبر واري هڙتال ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي: سليم ضياءَ.
• هڙتال جي حمايت، سنڌ خلاف سازش برداشت نه ڪبي: خالد محمود. فنڪشنل ليگ عوامي اعتماد وڃائي چڪي آهي، سنڌ دوستي جا ڊراما پئي ڪري: پ پ ميڊيا سيل.
• لياقت جتوئيءَ جي وڏ وزارت ۾ ڪالاباغ ڊئم خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائڻ دوران جلال شاهه بتيون بند ڪرائي ايوان مان نڪري ويو هو. زبردستي هڙتال ڪرائڻ جا نتيجا خراب نڪرندا، ٻٽي نظام وارو نعرو اجائي واويلا آهي: نثار کهڙو. مخالف ڌر سنڌ اسيمبليءَ ۾ بينرن تي ”غدار“ ۽ لعنت وجهڻ وارا جملا چئي احتجاج ڪيو، جيڪو ”شٽ اپ“ کان وڌيڪ خراب آهي. سنڌ هڪ ۽ پنهنجي وحدت تي قائم آهي، آئون چئي سگهان ٿو ته ”اسان جي سنڌ، اسان جو نظام“ مڪاني نظام وارو بل پاس ٿيڻ دوران جن ميمبرن سيٽن تان اٿي احتجاج ڪيو، سي اڻ سڌي طور بل پاس ٿيڻ جي حق ۾ هئا: حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس. پ پ جي يومِ تاسيس تي هڙتال بغض معاويه آهي: اياز سومرو. سڄي سنڌ پير پاڳاري سان گڏ آهي، هڙتال ڪامياب ٿيندي: ڄام مدد. (روزاني عوامي آواز)

28 نومبر 2012ع

• نواز ليگ پاران 30 نومبر تي هڙتال جي حمايت، ٻٽو مڪاني نظام رياست اندر رياست آهي: نواز شريف. پ پ ۽ متحده جي مفاهمتي سرڪار سنڌ جو امن، سماجي ۽ معاشي ڍانچو ختم ڪري ڇڏيو آهي. لوڪل گونمينٽ آرڊيننس سان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. ٻٽو نظام سنڌ جي عوام کي ورهائڻ جي سازش آهي، صوبي جي ٻين پارٽين سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين. 30 نومبر تي هڙتال دوران تشدد لاءِ ذميوار حڪومت هوندي: امتياز شيخ.
• پ پ جي يومِ تاسيس جي خبر نه هئي، ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون. حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ياسر سائين جون ميڊيا سان ڳالهيون.
• پ پ بينظير سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن ٿي وئي، قوم پرست سنڌ جو مستقبل آهن. قادر مگسي. سنڌ ۾ هٿ ٺوڪيو ڪارو قانون لاڳو ڪري پ پ جمهوريت جي نالي تي عوام سان مذاق ڪيو. اهڙو مذاق تاريخ ۾ سنڌ سان ڪنهن به نه ڪيو: هاڻي هتي پ پ نه زرداري ليگ آهي، عوام پاڻ فيصلو ڪري. اسين سنڌ جا محافظ آهيون، ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، نئون صوبو ٺاهڻ نه ڏينداسين. جيالا حرڪتن کان باز اچن، نه ته اهي سنڌ ۾ ڪٿي به گهمي نه سگهندا: مٺي ۾ پريس ڪانفرنس. (روزاني عوامي آواز)
• پ پ يومِ تاسيس جي نالي جشن ملهائي ٽڪراءُ جي ڪوشش پئي ڪري. هڙتال پُر امن ٿيندي حڪومتي ڌمڪيون رڪاوٽ نه ٿيون بڻجي سگهن. صدر جي خطاب وقت احتجاج ڪنداسين، دراني مفاهمت کي ڌڪ رسايو، پاڳارو ان سان نه ملندو: ڄام مدد. ايم ڪيو ايم جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي: امتياز شيخ.
• مڪاني نظام خلاف سياسي ڌريون گڏيل پليٽ فارم تان سگهارو ڪردار ادا ڪن: اياز لطيف. 30 نومبر تي هڙتال ۽ ڪارو ڏينهن وري ثابت ڪندو ته سنڌ جو عوام ڪارو قانون قبول نه ڪندو: اڳواڻ.
• ميهڙ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف جسم ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو. 30 نومبر تي پُر امن هڙتال سنڌي قوم جو ريفرينڊم هوندي: رياض چانڊيو. اسان کي اهڙو ڪو به قانون قبول ناهي، جيڪو سنڌ جو مستقبل خطري ۾ وجهي: ڪراچي ۾ خطاب.
• 14 ڊسمبر تي حيدرآباد جي جلسي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪنداسين: قادر مگسي. 30 نومبر واري هڙتال ۾ عوام ڀرپور حصو وٺي، جمهوريت جي نالي تي سنڌ سان مذاق ڪيو پيو وڃي. مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ 52 هين ڏينهن به مظفر ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال. ڊاڪٽر صفدر سرڪي پهتو. (روزاني ڪاوش)
• مڪاني نظام رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي برابر آهي. ڪجهه شهرن ۾ جي ميئرز کي لامحدود اختيار ڏنا ويا آهن. ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي- نام نهاد مڪاني نظام عوام ۾ ڏڦير وجهڻ جي برابر آهي. (ن) ليگ سنڌ بچايو ڪميٽي جو سرگرم حصو آهي: نواز شريف
• 30 نومبر تي هڙتال لاءِ رابطا مهم شروع. عوام کي اپيل. عوام شهر مڪملل بند رکندو. سنڌ ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جا اجلاس. هڙتال کي ڪامياب بنائڻ ۽ حيدرآباد جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪميٽيون جوڙيون ويون.
• هڙتال ثابت ڪندي ته عوام ڪاري قانون جي خلاف آهي. سنڌ ۾ ٻٽو نظام مڙهي نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي: اياز لطيف پليجو. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)

29 نومبر 2012ع

• اي اين پي پاران هڙتال جي حمايت. ٻٽي نظام جي خاتمي تائين حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون: شاهي سيّد. ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، ف ليگ اڳواڻ ڄام مدد علي جي شاهي سيّد سان ملاقات، عوام کي پُرامن هڙتال ڪرڻ جو مطالبو. عوام ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکي، ڪجهه دهشتگردن لکيل پڙهيل اردو ڳالهائيندڙن کي يرغمال ڪيو آهي: شاهي سيّد. شاهي سيّد عزت ڏني، ٻٽي نظام خلاف نواز ليگ به جدوجهد ۾ گڏ آهي: جلال محمود شاهه.
• جيڪب آباد ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي جو ڪٺ، ڪاري قانون خلاف جنگ جوٽڻ جو اعلان. پنهور هائوس تي گڏيل اجلاس، فنڪشنل ليگ، ن ليگ، جي يو آءِ جسم ۽ ايس ٽي جا اڳواڻ شريڪ. اجلاس ۾ سڀاڻي واري اعلانيل هڙتال ڪامياب ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي، شهرين کي به شرڪت جي اپيل.
• 30 نومبر بعد حڪمرانن کي خبر پوندي ته سنڌ ڪارڊ ڪنهن وٽ آهي. امتياز شيخ. ڌمڪين واري سياست بند ڪئي وڃي، عوامي فيصلا روڪي نه ٿا سگهجن. سياست ۾ ڳالهين جا در بند ناهن ٿيندا، حڪومت سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: پريس ڪانفرنس. (روزاني عوامي آواز)
• تڪراري مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ 53 هين ڏينهن به ڪئمپ قائم، نعريبازي. نسيم نگر چوڪ تي قائم احتجاجي ڪئمپ تي مظفر ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال جاري. حڪمران ڪيڏا به طاقتور ڇو نه هجن پر عوامي سگهه سان ڪارو قانون ختم ڪرائي ساهه پٽينداسين: مظفر ڪلهوڙو.
• 700 ڪلوميٽر مارچ ڪري ڪراچي ۾ لکين سنڌي ماڻهو ڪاري قانون خلاف احتجاج ڪندا: صفدر سرڪي. جست پاران جيڪب آباد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ سڀاڻي شروع، مشعل برداري ريليون ڪڍيون.
• جسقم طرفان 30 نومبر واري اعلانيل هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان 30 نومبر تي ڪارڪن سنڌ بچايو جي پليٽ فارم تان هڙتال ۾ مڪمل شرڪت ڪن: صنعان قريشي. صدر زرداري طرفان سنڌ اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ وارو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو: پريس ڪانفرنس. جساف جي سڏ تي شاگردن جي گرفتاري خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.
• جمهوريت پسند قوتون گڏ ٿي ملڪ جي بقا خاطر ڪردار ادا ڪن: اياز لطيف. پ پ حڪمران عالمي قوتن جي اشاري تي سازشون ڪري ملڪ کي 1971ع جي حالتن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. سنڌ جو عوام ون يونٽ جي خاتمي جيان ڪارو قانون ختم ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رکندو.
• پ پ (ش ڀ) پاران مڪاني نظام خلاف 6 ڊسمبر تي ميهڙ کان جوهي تائين ريلي جو اعلان. غنويٰ ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪرندي، ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو ۽ جوهي ۾ جلسن جو به فيصلو. دادو ۾ سپاف جو مظاهرو، يونيورسٽي ڪئمپس جو نالو استاد بخاري جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي گهر.
• ٻٽي مڪاني نظام خلاف جدوجهد ۾ (ف) ليگ ۽ قومپرستن سان گڏ آهيون: خالد محمود سومرو. پ پ سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، جي ِيو آءِ پ پ سان اتحاد نه ڪندي. سنڌي ماڻهو 30 نومبر تي دنيا کي ٻڌائيندا ته کين ٻٽو مڪاني نظام قبول ناهي: رياض چانڊيو.
• فنڪشنل ۽ قومپرستن جي سڏ تي سڀاڻي هڙتال ٿيندي. اي اين پي ۽ جي يو آءِ پاران هڙتال جي حمايت- اسان جي سڀاڻي واري هڙتال مڪمل طور تي پُر امن هوندي، تشدد ٿيو ته ان جي ذميوار حڪومت هوندي: جلال شاهه سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ سان گڏ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويندا، ڪارڪن هڙتال کي ڪامياب بڻائين: صنعان قريشي
• اسان کي سنڌ تي مڙهيل ڪارو قانون ختم ڪرائڻو آهي: صفدر سرڪي ڪارڪن تڪراري قانون خلاف ڀرپور هڙتال ڪن: ابرار قاضي
• نواز شريف سنڌ سان سچو آهي ته پنجاب ۾ هڙتال ڪرائي. پنجاب ۾ اڄ پرويز مشرف وارو بلدياتي نظام لاڳو آهي. قومپرست سڏائيندڙن جي بنيادي ايجنڊا ماڻهن کي پريشان ڪرڻ آهي: شرجيل انعام ميمڻ
(روزاني ڪاوش)

30 نومبر 2012ع

• تڪراري مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ 54 هين ڏينهن به بک هڙتال. ايس ٽي پي پاران ”گورنر هٽايو سنڌ بچايو“ مهم هلائڻ جو فيصلو. ڪالاباغ ڊيم رد ٿي چڪو پ پ ان فيصلي سان مڪاني نظام خلاف هلندڙ جدوجهد ناڪام ڪرڻ گهري ٿي: ايس ٽي پي.
• تڪراري مڪاني نظام خلاف اڄ تاريخي هڙتال ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏنو وڃي: خالد محمود. پ پ حڪمرانن اقتدار جي لالچ ۾ ڪاري قانون تحت سنڌ جو ورهاڱو ڪيو: ڄام مدد. اڄ سنڌ ۾ ڦيٿو نه ڦرندو، پير پاڳاري جي اڳواڻي ۾ سنڌ خلاف سازشون ناڪام بڻايون وينديون. (روزاني ڪاوش)
• سنڌ ۾ 90 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل رد. هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي بعد ئي سنڌ حڪومت اپيل ڪري سگهي ٿي: سپريم ڪورٽ.
• پيپلزپارٽي ٿوري نه پر مڪمل سنڌ دشمن آهي، جنهن لاهور هاءِ ڪورٽ مان پنهنجي پٽيشنر ذريعي ڪالاباغ ڊيم بابت فيصلو ورتو: جلال شاهه. پ پ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ چاهي ٿي، سنڌ ۾ اڄ هڙتال ۽ ڪارو ڏينهن ملهائبو. سنڌ بچايو ڪميٽي. ٻٽي مڪاني نظام ۽ عورت ميمبرن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ خلاف اڄوڪي هڙتال دوران تشدد لاءِ ذميوار حڪومت ۽ ان جا اتحادي هوندا. پ پ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ چاهي ٿي، وفاق ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو. لاهور هاءِ ڪورٽ سي سي آءِ کي حڪم ڏئي سگهي ئي نٿي، 1971ع جيان پ پ هاڻي به ڊبل گيم کيڏي رهي آهي: رياض چانڊيي ۽ ٻين سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس. تحريڪ انصاف به اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي. (روزاني عوامي آواز)
• اڄ مڪاني نظام خلاف هڙتال، ڪارڪنن جون گرفتاريون- ف ليگ ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي اڄ هڙتال ڪئي ويندي . سُني تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف به حمايت ڪري ڇڏي- هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ ميڙاڪا، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جي اپيل.
• سنڌ جا حلالي پٽ اڄوڪي هڙتال کي ڪامياب بڻائين: ممتاز علي ڀٽو
• ڪارو قانون پاس ڪرائي مٺايو ورهائي، حيدرآباد ۾ پ پ وارن جشن ملهايو. 14 ڊسمبر جو جلسو ثابت ڪندو ته سنڌ جو عوام ڪنهن سان گڏ آهي: ڄام مدد علي. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)

01 ڊسمبر 2012ع

• سنڌين هڪ ڀيرو وري ٻٽي مڪاني نظام خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، حرن ۽ قومي ڪارڪنن جو اتحاد جياپو بڻجي ويو. سنڌ مڪمل طور بند. پُرامن احتجاج خلاف طاقت جو استعمال، جيالن جا به حملا. ڪراچي جا سنڌي ۽ بلوچ اڪثريتي علائقا بند، مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا، پوليس جون چڙهايون، 20 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪن گرفتار، مڇريل ماڻهن جون ٽائرن کي باهيون. حيدرآباد ۾ مڪمل ڪاروبار بند، هڪ ٽرالر کي باهه، 2 ڄڻا زخمي، 7 گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل، نواب شاهه ۾ به چڪريون، 10 ڪارڪن کنڀيا ويا، سکر ۾ 15 ڄڻا لاڪ اپ. پني عاقل ۾ 10 ڪارڪن گرفتاري بعد آزاد، ٺٽي پوليس 2 قومي اڳواڻ ٿاڻي پهچايا، چودڳي، ٺل ۽ مٺياڻي ۾ جلوسن تي پ پ حامين جا حملا، 20 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا. مٺي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه، اڏيري لال، نيو سعيد آباد، کيبر، ٽنڊي الهيار، چمبڙ، ٽنڊي محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم، گهاري ۽ گهوڙا ٻاري ۾ به ڪاروبار بند. ميرپور خاص، ڊگهڙي، جهڏي، نئين ڪوٽ، عمرڪوٽ، ڇور، سانگهڙ، ٽنڊي آدم، جهول، کپري، رڪن ٻرڙا، ڄامشوري، مانجهند ۽ نوري آباد ۾ به ڪو ڪاروباري مرڪز نه کليو. ڄام صاحب، سڪرنڊ، خيرپور، ناري، ٺري ميرواهه، شڪارپور، لکي، ڳڙهي ياسين، قمبر، ڪنڌڪوٽ، ڳڙهي خيرو، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، گهوٽڪي، اوٻاوڙي، ماٿيلي، باقراڻي ۽ ڏوڪري ۾ ڦيٿو به نه ڦريو.
• ”غلامي قبول ناهي“ جيڪب آباد کان باضابطه لانگ مارچ شروع: دشمنن سان جنگ جوٽي آهي: صفدر سرڪي. سنڌ جي مختلف ضلعن کان جيڪب آباد پهتل قافلا مارچ ۾ شامل ٿي صفدر سرڪيءَ جي اڳواڻي ۾ نڪتا. وطن جي وحدت تي ٿيل وار ۽ سنڌ کي قومي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڪراچي تائين مارچ ڪنداسين. سنڌي ماڻهو پاڻي جي واري تي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران ڌرتي جي دشمنن سان جهيڙو ڪن: جلسي کي خطاب.
• عدالتون صرف ٻاهران آزاد آهن، اندران نه، پ پ ڪاري مڪاني قانون خلاف هلندڙ جدوجهد کي دٻائڻ چاهي ٿي. سنڌ ۽ پاڪستان جي ورهاڱي جي خلاف آهيون، ڪالاباغ ڊئم جو فيصلو پ پ ڪرايو آهي: رسول بخش پليجو. ذوالفقار ڀُٽي ايوب جي دور ۾ پاڻيءَ وارو وزير هوندي ان اهم معاملي تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. دهشتگردن جو لنڊن ۾ ويٺل سربراهه پاڻ کي داناءُ سمجهي فتوائون جاري پيو ڪري، حڪمران کيس گلدستا پيش پيا ڪن. ذوالفقار آباد به سنڌ کي ٻه اڌ ڪري نئون صوبو ٺاهڻ جو منصوبو آهي، عالمي سامراج خطي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو: پريس ڪانفرنس.
• ڪامياب هڙتال کانپوءِ ٻٽي نظام جي ڪا اهميت ناهي رهي. سنڌ جي نياڻين سان اسيمبليءَ ۾ ٿيل بدتميزي سڄي قوم رد ڪئي آهي: ڄام مدد
• سنڌ ورهائڻ خلاف ريلي تي چودڳيءَ ۾ زرداري برادريءَ جو حملو، گاڏيءَ کي باهه، 18 زخمي. شهداد پور ايندر فنڪشنل ليگ جي ماڻهن مٿان هٿيارن جا منهن کوليا ويا، ڪار تي به حملو. اطلاع ملڻ تي حر جماعت جا سوين ماڻهو پهچي ويا، چڪريون، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پوليس چوڪي تي به ڪاهه، اهلڪارن ڀڄي جان بچائي، علائقي ۾ سخت ڇڪتاءُ، زخمي اسپتال منتقل. چوڪ تي کليل اڪيلي هوٽل کي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي ته حملو ڪيو ويو: زخمي همراهه.
• سنڌ جي عوام پ پ کي ڏنل مينڊيٽ واپس وٺي ڇڏيو، سانگهڙ ضلعي ۾ بربريت زرداري جي چوڻ تي ڪئي وئي: پاڳارو. ٻٽي مڪاني نظام خلاف هڙتال حڪومت خلاف عوامي ريفريڊم آهي: پير پاڳارو، جلال شاهه. سنڌ جي ماڻهن چوٿون ڀيرو مڪمل هڙتال ڪري ثابت ڪيو ته اهي تڪراري نظام خلاف آهن: حرن جو سربراهه. 91ع واري سي سي آءِ اجلاس ۾ پاڻي ٺاهه ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت ڪو به فيصلو نه ٿيو هو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس نه وڙهيو ويو: پيرپاڳاري جي پريس ڪانفرنس. ڪالاباغ ڊيم بابت عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ ڊوگر ڪورٽ جو ماڻهو هو، ڪراچي ۾ تڪ بندين بابت اختيار ڪيل زبان توهين عدالت آهي: جلال شاهه. وقت اچي ويو آهي ته سنڌي حق ڇني وٺن، جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙن ۾ اخلاقي جرئت نه آهي: حسين هارون.
• ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ ڪاروبار بند، مک مرڪز بند رهيا، چڪريون، 8 گرفتار. ڪافي علائقن ۾ ٽريفڪ به روڊ تان غائب رهي، گلشن معمار، قائد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڇڪتاڻ. ملير، گهگهر، گلشن اقبال، موسميات، صفوران، منگهو پير، نيو ڪراچي، جوهر، ڪياماڙي ۾ شٽر ڊائون. لانڍي ۾ به چڪريون، هوائي فائرنگ، سپر هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ گهٽ رهي.
• دائو جهان پور ۾ ٻٽي نظام خلاف احتجاجي مظاهرو. احتجاج ۾ خاصخيلي اتحاد، (ن) ليگ ۽ جسقم جا ڪارڪن شامل. حيدرآباد ۾ به ڪاروبار مڪمل بند، ڌرتي ڌڻين جي ريلي تي فائرنگ، چڪريون. شهر جا سمورا علائقا ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ بند، اردو آبادي به هڙتال ۾ شامل. نسيم نگر چوڪ تي ڌرڻو، پوليس طرفان مارچ کي روڪڻ جي ڪوشش، ماڻهو رنڊڪون ٽوڙي ويا. فائرنگ بعد هٿياربند فرار، سنڌ ۾ هڪ ئي نظام لاڳو ڪيو وڃي: اڳواڻن جو خطاب. (روزاني عوامي آواز)
• سنڌ ۾ هڙتال، ڦيٿو جام. مڪاني نظام خلاف مظاهرا ڌرڻا، گرفتاريون. ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ هڙتال، حيدرآباد ۾ بازارون، تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند، ريلي تي فائرنگ، ٽرالر کي باهه. سکر ۾ ڪاروبار بند رهيو. لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ڄامشورو، ٺٽو ۽ ٽنڊو الهيار ۾ هڙتال رهي. بدين، ٿرپارڪر، سانگهڙ، خيرپور، نوشهروفيروز، نوابشاهه، شڪارپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ بند رهيا. ڪارڪنن طرفان مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، مختلف شهرن ۾ ڪيترائي ڪارڪن کي گرفتار، فائرنگ جا واقعا به پيش آيا.
• شاهپور چاڪر ۾ ريلي دوران فائرنگ، 10 ڄڻا زخمي. سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي شٽربدن ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال، ف ليگ ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ چڪريون. هڪٻئي تي فائرنگ، ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڇڪتاڻ سبب رينجرز ۽ پوليس گهرائي وئي.
• جيڪب آباد ضلعي ۾ هڙتال، بلوچستان جي شهرن ۾ مظاهرا. ٺل، جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، مبارڪپور، جونگل، ميرپور ٻرڙو ۾ شٽربند. صفدر سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. جعفرآباد، اوستا محمد، گنداخا، ڊيرامراد جمالي، گنداواهه ۽ نوتال ۾ ريليون.
• ٺٽي ضلعي ۾ مڪمل هڙتال، ڦيٿو نه ڦريو. بٺورو، جاتي، دڙو، ٻيلو، سجاول، کورواهه ۽ جهوڪ شريف ۾ ڪاروبار بند. چوهڙ جمالي، گهوڙا ٻاڙي، ميرپور ساڪري ۾ روڊ رستا ويران، آفيسن ۾ حاضري گهٽ. سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.
• سکر ضلعو مڪمل طور بند، چڪريون 20 گرفتار. هڙتال واري سڏ کي سکر شهر ۾ زبردست موٽ ملي، گاڏيون روڊن تان غائب، ملٽري روڊ تي ڌرڻي جي ڪوشش. چڪرين بعد قومپرست تنظيمن جا 20 ڪارڪن لاڪپ، روهڙي، ڪنڌرا ۽ صالح پٽ ۾ به شٽربند هڙتال رهي.
• نوابشاهه ضلعي ۾ ڪاروبار بند، چڪريون، 10 ڄڻا گرفتار. سڪرنڊ، ٻانڌي، شاهپورجهانيان، گپچاڻي، قاضي احمد، دولتپور صفن، ڪنب ۽ ڄام صاحب ۾ احتجاجي ڌرڻا. زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي، رينجرز ۽ ايس ايس پي مٿان پٿراءُ گاڏين جا شيشا ٽوڙيا ويا. آصف مگسي، مسعود شاهه، علڻ سنڌي، مجاهد عمراڻي، وقار چانڊيو ۽ منصور سميت 10 ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪيو.
• لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪاروبار ۽ ٽرانسپورت بند، احتجاجي مظاهرا. سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ (ف) ليگ جي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ ڪاروبار بند رهيو، گاڏيون نه هليون. رتوديرو، ڏوڪري، باقراڻي، خيرمحمد آريجا، ڳيريلو، باڊهه، رشيد وڳڻ ۽ بنگل ديري ۾ ڪاروبار بند رهيو.
• مٺي سميت ٿرپارڪر جي سمورن شهرن ۾ هڙتال. اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو ۽ ٻيا ننڍا وڏا شهر بند رهيا. فنڪشنل ليگ ۽ قومپرست پارٽين مڪاني نظام خلاف جلوس ڪڍيا.
• پر امن ريلي تي فائرنگ جي مذمت ڪيون ٿا. دهشتگردي ۽ غنڊه گردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. گوليون هلائڻ واري روايت حڪمرانن کي مهانگي پوندي، ڪارڪن آزاد ڪيو: قادر مگسي
• لاڙڪاڻو ۾ بم ڌماڪي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ. بولان ميل کي نقصان پهچائڻ لاءِ پٽڙي تي بم رکيو ويو: ايس ايس پي. 2 وڳي ٽرين روڪي اين ايس پي بم ڪڍيو، بم ڊسپوزل عملو نه پهتو. مارڪيٽ پوليس طرفان جسمم جي 6 ڪارڪنن تي ڪيس داخل.
• حيدرآباد ۾ زندگي مفلوج، تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند. حيدرآباد ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند، ريلي تي فائرنگ، ٽرالر کي باهه. سنڌ بچايو ڪميٽيءَ پاران نڪتل ريلي تي حيدر چوڪ تي هٿياربندن جي فائرنگ، واقعي بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. ريلي تي فائرنگ جا فوٽيجز ٺاهيندڙ ٽي وي ڪيمرامين تي هٿياربندن تشدد ڪرڻ بعد کانئس ڪئميرا ڦري ڀڃي ڇڏي. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)
• سنڌ ۾ تڪراري مڪاني نظام خلاف ڪارو ڏينهن، ڪاروبار بدن، ڦيٿو جام، ريليون، چڪريون، فائرنگ، 100 کان وڌيڪ گرفتار. سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي سڏ تي تڪراري نظام ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ عورت ميمبرن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي وئي، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڇڪتاڻ. حيدرآباد ۾ ڪارڪنن نسيم نگر کان حيدرچوڪ تائين ريلي ڪڍي، فائرنگ جي اطلاع تي گاڏين ۽ دڪانن تي پٿراءُ، شهر جا ننڍا وڏا علائقا بند رهيا. ڪراچي ۾ ملير سوڌو ڪيترائي علائقا بند، بلاول ڪالوني ۾ ريلي. جيڪب آباد ۾ صفدر سرڪي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ڪاروبار بند رهيو، ٺل ۾ پٿراءُ، ضلعي جي سمورن شهرن ۾ هڙتال سبب زندگي مفلوج، خيرپور، گهوٽڪي ۽ ميرپوخاص ضلعن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو. دادو ۾ ڪريڪر جو ڌماڪو ٿيو، ظفر ڪوريجو جي ڀاءُ سميت 10 ڄڻا گرفتار، ميهڙ ۾ به ڇڪتاڻ، ضلعي جي وستي واهڻ ۾ مڪمل هڙتال، نوابشاهه ۾ هڙتال دوران 8 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ڇڪتاڻ. ڄامشوري، ڪوٽڙي، سانگهڙ، قمبر، لاڙڪاڻو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، بدين، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، سانگهڙ ۽ چودڳي ۾ ريلين تي فائرنگ ۾ 12 ڄڻا زخمي. سکر ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 15 ڄڻا حراست ۾ ورتا، مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن تي ڪيس داخل، هڙتال ڪامياب ٿي آهي، سنڌي ماڻهن کي مبارڪون ڏيون ٿا: قادر مگسي، اياز لطيف، صنعان قريشي، رياض چانڊيو، خالق جوڻيجو ۽ اظهر جتوئي. (روزاني ڪاوش)
• بلدياتي نظام ڪڳ خلاف سندھه ميڻ هڙتال مظاهرڳ اور دھرنڳ. ريلي پر فائرنگ 15 افراد زخمي.
• ريلي پر فائرنگ ڪڳ بعد ڪشيدگي، مشتعل افراد ڪا پوليس وين پر حمله، 8 زخمي، ٽرالر پر پٽرول بم حمله، ڊرائيور اور ڪلينر زخمي، سيڪورٽي سخت، پوليس اور رينجرز ڪي بهاري نفري تعينات، درجنوڻ گرفتار. ڪراچي ميڻ جزوي طور پر ڪاروبار زندگي متاثر هوا، اندرون سندھه مڪمل شٽر ڊاؤن رها، تعليمي ادارڳ اور پٽرول پمپ بند، مظاهرين ڪا ٽائر جلا ڪر احتجاج، توڙ پھوڙ، هوائي فائرنگ، خوف وَ هراس. (روزانه جنگ)
]پهرين دسمبر کان وٺي 13 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ مظاهرا، جلسا، جلوس ۽ بک هڙتالون ٿينديون رهيون. نسيم نگرچوڪ تي ۾ ايس ـ ٽي ـ پي جي بک هڙتالي ڪئمپ به جاري رهي.[

15 ڊسمبر 2012ع

• ٻٽي مڪاني نظام خلاف حيدرآباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي جلسو، لکين ماڻهو شريڪ. ايم ڪيو ايم کي مخالف سيٽن تي ويهاري، ان جي مرضيءَ سان نگران حڪومت آڻي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي سازش ٿي رهي آهي. لکين سنڌين ٻٽي مڪاني نظام ۽ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو، پ پ گوڏا کوڙي ڇڏيا، متحده عزت ۽ انصاف نٿي ڏي، سنڌ جو وجو د۽ وحدت خطري ۾ ڏسي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، نئين مڪاني نظام سميت ڪنهن به معاملي تي اعتماد ۾ نه پئي ورتو ويو، سنڌي ماڻهو پنهنجون اکيون کولين، سنڌوءَ مٿان ڪالاباغ بئراج ٺهي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جو رستو ۽ سوچ الڳ آهي، اردو ڳالهائيندر اسان جا ۽ اسان انهن جا آهيون، نئين مڪاني نظام تحت وڏي وزير جا اختيار ميئر کي ڏنا ويا ته پوءِ سنڌ ۾ ڇا بچندو؟ والد جي هوندي سڀ خواهشون پوريون ڪري ڇڏيون، هاڻي ڪا لالچ ناهي، نياڻين کي تعليم ڏيارڻي پوندي. محسوس ڪري ورتو ته جي حڪومت سان گڏ رهندي صلاح مشوري بنا ڪيل فيصلا سنڌ خلاف ثابت ٿيا ته اسان جو ايندڙ نسل جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. ايڏي وڏي مينڊيٽ جي باوجود خبر ناهي ڇو پ پ متحده آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. نئين مڪاني نظام سميت ڪنهن به معاملي تي اعتماد ۾ نه پئي ورتو ويو، سنڌي ماڻهو پنهنجون اکيون کولين، سنڌوءَ مٿان ڪالاباغ بئراج ٺهي رهيو آهي. ايوب خان ۽ يحيٰ خان ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو، پر ذوالفقار علي ڀٽي ميگا پراجيڪٽ جي نالي ۾ ڊئم ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، 1988ع ۾ بينظير ڀٽو به ان لاءِ فنڊ رکيا ۽ نئين سر ڊزائين ڪرائي، ڪالاباغ ڊيم کي بئراج بڻائي ڇڏيو: حرن جي روحاني رهبر پير پاڳاري جو لکين ماڻهن کي خطاب.
• سورهيه بادشاهه ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻي ملڪ بچايو، موجوده پاڳارو سنڌ ۽ ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي: صدر الدين شاهه. سنڌ جو سودو ڪيو ويو آهي، عوام شهيدن جو ڪشڪول کڻي ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙ پ پ سان حساب ڪندو. سياسي ۽ مذهبي قيادت. سنڌ ورهائڻ جي فيصلو ڪندڙن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، (غلام مصطفيٰ کر) ڪارو قانون لاڳو ڪندڙن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي: حسين هارون. سنڌ پير پاڳاري طرف ڏسي رهي آهي، حر سنڌ ورهائڻ نه ڏيندا (مرتضيٰ جتوئي)، عوام ثابت ڪيو ته ڪو به سنڌ کي ورهائي نٿو سگهي: سليم ضياءَ. حڪمرانن سنڌ سان وڏو ظلم ڪيو آهي (ظفر علي شاهه) پاڳارو سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نڪري چڪو آهي (امتياز شيخ) سنڌين خلاف کڏا کوٽيا پيا وڃن: غوث بخش مهر. حڪمران ملڪ مٿان الله جو قهر آهن (خالد سومرو)، پاڳاري مخالف ڌر کي گڏ ڪري ورتو (اسد الله ڀٽو)، پاڳارو چونڊن بعد متحده سان ڳجهي ڊيل نه ڪري: جامي چانڊيو.
• جلسي سبب باءِ پاس سڄو ڏينهن بند، ماڻهو پنڌ ڪري پهتا. ڪيترائي قافلا پنڊال تائين پهچي نه سگهيا، هزارين ماڻهن باءِ پاس وٽ بيهي خطاب ٻڌو. حُر جماعت ذريعي جلسي جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي. هزارين حُر جماعت جا ماڻهو سڄي جلسي کي ڪڙو چاڙهي بيٺل رهيا. حيدرآباد انتظاميا پاران به هزارن جي تعداد ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا.
• جلسي ۾ سڄي ملڪ مان مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي شرڪت. پارٽين جي اڳواڻن سميت اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن به شرڪت ڪئي. اردو ميڊيا پاران گهٽ ڪوريج ڏيڻ تي مذمتي ٺهراءُ. جلسي دوران سنڌي ٽي وي چئنلن جي ڪوريج سبب بجلي بند ڪرڻ جي مذمت.
• سرڪاري خرچ تي جعلي جلسو ڪندڙ ڏسن، سنڌ اسان سان گڏ آهي، قوم عظيم ٻڌيءَ جو ثبوت ڏنو آهي: جلال شاهه. سنڌ جي وحدت لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، اڄوڪو جلسو دشمنن جي منهن تي چماٽ آهي: قومي قيادت. پهرين آڪٽوبر تي چورن جيان پاس ڪرايل ٻٽي مڪاني نظام کي سنڌين رد ڪري ڇڏيو، لکين ماڻهن جوجلسو عوامي ريفرينڊم آهي: قادر مگسي. پ پ عوام کي بک ۽ ڏک کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، نياڻين کي پنڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، نئين سنڌ جوڙڻ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي: اياز لطيف. غدار حڪمرانن ڌرتي ماءُ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي، سنڌ ۾ ٻٽو نظام هلڻ ۽ ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ نه ڏينداسين: صنعان قريشي. پاڳاري اقتدار ڇڏي سنڌ جي حقن جو نعرو هنيو آهي، ڪالاباغ ٺهڻ ۽ هندو نياڻين جي اغوا لاءِ ذميوار زرداري آهي: رياض چانڊيو.
• جلسو حيدرآباد جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو هيو، ماڻهو جذبي سان شريڪ ٿيا، پ پ کان بيزاريءَ جو اظهار. 72 ايڪڙ زمين تي جلسو ٿيو، پري تائين رڳو ماڻهو نظر پئي آيا، حفاظت لاءِ 7 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ماڻهو رضا ڪاراڻي طور پنهنجي خرچ تي جلسي ۾ پهتا، جيڪي قومي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا هئا. پ پ جو ناراض ايم اين اي ظفر علي شاهه ۽ ق ليگ ڇڏيندڙ غوث بخش مهر به پُٽ سميت جلسي ۾ موجود هو.
• فنڪشنل ليگ جو جلسو تاريخي ٿيو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي گاهه کي پيرپاڳاري جي تصويرن ۽ جهنڊن سان سينگاريو ويو، داخل ٿيڻ لاءِ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا هئا. (روزاني عوامي آواز)
• حيدرآباد ۾ لکين ماڻهن جو جلسو، ٻٽو نظام قبول ناهي. پاڳارو. حيدرآباد جي تاريخ جو وڏو جلسو، حد نظر تائين انسانن جو سمنڊ، جلسي گاهه ۾ ماڻهو ئي ماڻهو، ”هڪ سنڌ - هڪ نظام، متحد سنڌ- متحد پاڪستان، ٻٽو نظام- نامنظور نامنظور“ جا نعرا. منهنجو والد حڪومت جو اتحادي هو، ان ڪري آئون به اتحاد ۾ هلندو رهيس، پر مون محسوس ڪيو ته هي اتحاد سنڌ ۽ سنڌين کي خطري ۾ پيو وجهي، ان ڪري ان مان نڪري آيس، اصولن تي حڪومت ڇڏي آهي: پيرپاڳارو. سنڌ ۾ نئين گيم جي خبر پئي آهي ته پ پ متحده کي اپوزيشن ۾ ويهاري نگران حڪومت بابت انهن سان صلاح ڪري چونڊن ۾ ڌانڌلين جي رٿابندي ڪئي آهي، متحده سان ڪو پرابلم ناهي، اها سرڪار جي گيم ۾ نه اچي. ايوب، يحيٰ ۽ ضياءَ ڪالاباغ ڊئم تي ڪم نه ڪيو، پر ڀُٽي ڪالاباغ ڊئم ميگا پراجيڪٽ شروع ڪيو ۽ بينظير ان کي ري ڊزائن ڪري فنڊ رکيا، اسان کي ڊئم کپن، ڪالاباغ بدران ٻيا ٺاهيو، پاڻ تغاريون کڻنداسين.
• مڪاني نظام ۽ ڪالاباغ ڊئم نامنظور جا ٺهراءُ. لکين ماڻهن مطالبو ڪيو ته ايس پي ايل او واپس ورتو وڃي، ڪالا باغ ڊئم منظور ناهي. مصطفيٰ کر، جامي چانڊيو، غفار قريشي، ارباب ذڪاءُ الله، مشتاق ڦل، شوڪت شورو ۽ ٻيا شريڪ.
• ٻهراڙين مان عورتن جو وڏو انگ جلسي ۾ شريڪ. عورتون پير پاڳاري بابت گيتن ۽ قومي نغمن تي رقص ڪنديون رهيون. هزارين عورتن جو جوش ۽ جذبو جلسي ختم ٿيڻ تائين جاري رهيو. جلسي گاهه ۾ موبائل فونن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. لکين فونن جي دٻاءُ سبب موبائل ٽاور جام ٿي ويا، سگنل گم. دهشتگردي جي خطري سبب جيمرز لڳايا ويا، فون بند رهيا، گاڏين جي وڏي رش، 6 ڪلوميٽرن تائين بسون ۽ ڪارون. ماڻهو پنڊال کان 5 ڪلوميٽر پري گاڏيون ڀري جلسي گاهه تي پهتا. باءِ پاس تي شديد ٽريفڪ جام، ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار بيوس. جلسو ڏيکارڻ لاءِ لڳايل وڏيون اسڪرينون اوچتو خراب ٿي ويون. جلال شاهه، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ خالد محمود سومري جي تقريرن تي ماڻهو جوش ۾ اچي ويا. (روزاني سنڌ ايڪسپريس)
• قومپرستن سان وڙهڻ نٿا چاهيون، صنم ڀٽو کي خبر هوندي بينظير کي ڪنهن شهيد ڪيو. نئين مڪاني نظام تي قومپرستن سان ڳالهائي سگهجي ٿو، ٻٽو مڪاني نظام ته مشرف وارو هو، ان خلاف قومپرستن ڇو جدوجهد نه ڪئي: قائم علي شاهه.
• حرن جي روحاني پيشوا جو 40 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو عوامي جلسي کي خطاب، حيدرآباد شهر ڀيڄ پاڳارا جي نعرن سان گونجي اُٿيو، فنڪشنل ليگ جو جلسو عوامي ريفرنڊم ۾ تبديل، سنڌ جي لکين ماڻهن پاران پير سائين پاڳاري جا هٿ مضبوط ڪرڻ جو وچن. حيدرآباد ۾ فنڪشنل ليگ جو تاريخي جلسو، لکين ماڻهن جي ريفرينڊم ٻٽي مڪاني نظام کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ وارا چريا ناهن، ڌرتي کي گڏجي بچائينداسين: پير سائين پاڳارو.
• اڄ ڪامياب جلسو ڪرڻ تي سنڌ بچايو ڪميٽي سميت سڀني سنڌ دوست ڌرين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پيپلزپارٽي کي ايم ڪيوا يم سميت ڪنهن جي به ضرورت ناهي، پوءِ اها ايتري ويساهه گهاتي ڇو پئي ڪري؟ پيپلزپارٽي وارن ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ کان پوءِ مٺايون ورهايون، انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ها، مڪاني نظام واري قانون خلاف سڄي سنڌ متحد آهي پر پنج ماڻهو سمجهن ٿا ته سڄي سنڌ وارا چريا آهن ۽ اهي ئي علقمند آهن. اسان مڪاني نظام واري آرڊيننس جون ڪاپيون گهريون ته حڪمرانن ڪاپيون فراهم نه ڪيون، ڪجهه ذريعن سان ڪاپيون هٿ ڪري قانوني ماهرن کي ڏيکاريون، انهن چيو ته سنڌ جا ته ڪم ئي لهي ويا آهن، مڪاني نظام آڻيندڙن چيو ته مڪاني نظام وارو قانون پڙهيو، اهو پڙهيوسين ته ان ۾ سنڌ سان وڏو دوکو ڪيل هو، تجويزون موڪليون سين، پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ڪالاباغ ڊيم بابت عوام سان ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو، ڪالاباغ ڊيم نه پر بيراج بڻجي چڪو آهي، اسان کي ڪو بيراج به نه کپي. ڊيم ڀلي ٺاهيو وڃي، پر اهو ڪهڙي حديث ۾ لکيل آهي ته ڪالاباغ واري هنڌ ئي ٺاهيو وڃي، ٻئي ڪنهن هنڌ ٺاهيو وڃي ته اسان جا سنڌي ماڻهو اتي تغاريون وڃي کڻڻ لاءِ به تيار آهن، ايم ڪيو ايم وارا سازشن کان باز رهن، نوشهروفيروز جي هڪڙي تڪ تي وڏي پيماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي ته عام چونڊن ۾ ڪهڙو حشر ٿيندو، اسان کي اردو ڳالهائيندڙن سان ڪو به مسئلو ناهي، ايم ڪيوا يم وارن کي اسان سان گڏ هلڻو آهي ۽ اسان کي ايم ڪيو ايم وارن سان گڏ هلڻو آهي، اسان جو هڪ ئي نعرو آهي ”يونائيٽيڊ سنڌ يونائيٽيڊ پاڪستان“. پير پاڳارو
• فنڪشنل ليگ جي جلسي جي ڀيڄ پاڳارا جي نعرن سان شروعات ۽ پڄاڻي، سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان لکين ماڻهن جا قافلا جلسو شروع ٿيڻ کان 6 ڪلاڪ اڳ ئي جلسي گاهه پهچي ويا، مختلف قومپرست پارٽين جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي به وڏي انگ ۾ شرڪت، جلسي گاهه وارو هنڌ فنڪشنل ليگ جي جهنڊن سان سائو ٿي ويو.
• جلسي ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. جلسي ۾ صبح کان شام تائين مختلف شهرن مان هزارين گاڏين جا قافلا پهچندا رهيا. ٽنڊي باگو مان سيّد پپو شاهه، کوسڪي مان فقير گل محمد کوسو، وهڻائي شريف مان سيد سڪندر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ هزارين گاڏين جا قافلا پهتا. پيرونمل مان محمّد عمران جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين، هالا مان مخدوم شهزاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلا پهتا. ڪرم خان نظاماڻي مان رئيس علي احمد نظاماڻي، ڀاڻوٺ مان سيّد شاهه زمان شاهه، نيو سعيد آباد مان انور علي شاهه جي اڳواڻي ۾ قافلا پهتا. قاضي احمد، سرهاڙي، سيٺارجا مان سيد آصف شاهه، فرحان علي مگسي، ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين گاڏين جا قافلا پهتا.
• سانگهڙ سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جلسي سبب ڪاروبار پاڻمرادو بند. عوام پاران جلسي ۾ شرڪت سبب سانگهڙ، چوٽياريون، گڻنگ بنگلو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو. پير سائين پاڳاري جو خطاب ختم ٿيڻ بعد دڪان ٻيهر کلي ويا، جلسي ۾ ويل ماڻهن جي واپسي شروع.
• جلسي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي به وڏي انگ ۾ شرڪت. اسٽيج کي پنڊال کان 150 فٽن تائين پري رکيو ويو، داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا. جلسي گاهه کي پير سائين پاڳاري جي تصويرن ۽ فنڪشنل ليگ جي جهنڊن سان سينگاريو ويو.
• جلسي ۾ حر جماعت ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ڀيڄ پاڳارا جا نعرا. اسٽيج کي ٻن حصن ۾ ورهائي اڳواڻن کي ويهاريو ويو، عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيد علي گوهر شاهه راشدي، سيّد صدرالدين شاهه راشدي، پيرزاده ياسر سائين، غلام مصطفيٰ کر، سيد عنايت شاهه، سيّد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، غلام مرتضيٰ جتوئي، صنعان قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
• قومپرستن ڪالاباغ ڊيم، ذوالفقار آباد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٻٽي نظام خلاف جلسو سنڌ دشمنن جي منهن تي چماٽ آهي، سنڌ برابري ۽ وقار سان جيئڻ چاهي ٿي: جلال محمود شاهه. هي جلسو جدوجهد جي آغاز جو پهريون قدم آهي (قادرمگسي) هاڻي اسان کي نئين سنڌ جوڙڻ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي: اياز لطيف پليجو. سنڌ ۾ ٻٽو نظام هلڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين صنعان قريشي. سنڌ جا وارث ڪوبه دشمن منصوبو قبول نه ڪندا: رياض چانڊيو. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وارا تاريخي ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن، عوام کي وطن بچائڻو پوندو: ابرار قاضي، علي حسن چانديو ۽ ٻين جو خطاب. فنڪشنل ليگ سربراهه پير سائين پاڳارا جي اسٽيج تي پهچڻ تي اڳواڻن اٿي سندس خطاب ٻڌو.
• جلسي ۾ ناميارا راڳي شمن ميرالي جي پير سائين پاڳاري بابت ڳايل گيت تي حرن جون جُهمريون. جلسي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ملڪن جي صحافين جي شرڪت. انتظاميه پاران صحافين لاءِ هڪ الڳ ميڊيا سيل جو بندوبست ڪيو ويو. (روزاني مهراڻ)
• حيدرآباد ۾ لکين سنڌين جو هڪ آواز ”مڪاني ادارن جو ٻٽو نظام نامنظور“، چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته نفرت جو طوفان اٿندو: پاڳارو. پنجاب کي خبر آهي ته سنڌ جي وڏي اهميت آهي، اسين سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن ۽ پنجابين جون زمينون هتي آهن، انهن کي سنڌي سمجهون ٿا، پر سنڌي رڳو انصاف ۽ عزت گهرن ٿا، اهو ڏيو ته ڪير به توهان کي نه ڇيڙيندو، تڪراري نظام خلاف گڏ آهيان ۽ رهندس. پاڳارو اڄوڪو جلسو سنڌ دشمنن جي منهن تي چماٽ آهي، سنڌ ڪو ڪارڊ نه پر حقيقت آهي (جلال شاهه) سنڌي ماڻهن ريفريڊم ڏئي ڇڏيو آهي. ته ڪاري قانون کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو (قادر مگسي) اسان کي نئين سنڌ ۽ نئون پاڪستان اڏڻون آهي: اياز لطيف. اسين ڪنهن به صورت ۾ سنڌ امڙ کي ورهائڻ نه ڏينداسين (مرتضيٰ جتوئي) هاڻي سنڌ کي ورهائڻ جي ڪير به ڪوشش نه ڪندو (غلام مصطفيٰ کر) هي ڏسي وٺن ته سنڌ هتي گڏ آهي (عبدالله حسين) ملڪ لاءِ رت جو آخري ڦڙو به قربان ڪنداسين: صدرالدين شاهه. لکين ماڻهن تڪراري نظام رد ڪيو آهي (نصرت سحر) سنڌ جا حلالي پٽ ڌرتي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون (صنعان قريشي) سنڌين متبادل قيادت چونڊي ورتي (امتياز شيخ) سنڌي قوم ننڌڻڪي ناهي: (رياض چانڊيو) جلسي کي خالد محمود سومري، اسد الله ڀٽو، مخدوم احمد محمود ۽ ٻين جو خطاب.
• بدعنوانين جا رڪارڊ ٽٽي ويا، ننڍي ذهن جي حڪمرانن کان ڪجهه گهرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي: ظفر علي شاهه. ذوالفقار آباد رٿا اڏي اتي ٻاهريان ماڻهو ويهاري سنڌ تي قبضي جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو دشمن پاڪستان جو دشمن آهي. ٻٽو نظام ۽ ڪالاباغ ڊيم قبول نه ڪنداسين، سنڌين جي مالڪي ڪرڻ وارا ويٺا آهن، سنڌ جي ورهاست قبول ناهي. سنڌ پاڳاري کي پنهنجو قائد چونڊي ڇڏيو آهي، سنڌ واسي هڪ نظام جي گهر ڪئي آهي، سنڌي هجوم نه پر قوم آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اها خاطري ڪرايون ٿا ته اسين سنڌ لاءِ پنهنجو سر گهورڻ لاءِ به تيار آهيون: جلسي کي مختلف اڳواڻن جو خطاب.
• تڪراري نظام نامنظور ۽ ڀيڄ پاڳارا جي نعرن جي گونج. حر فورس جا ماڻهو جلسي دوران پير اُگهاڙا ڪري بيٺل رهيا، سيڪيورٽي سخت. شمن ميرالي، گلاب چانڊيو، صلاح الدين تنيو ۽ ٻيا اداڪار پهتا، قومي گيتن تي رقص. ماروي راشدي فنڪشنل جي جهندي وارا ڪپڙا پائي آئي، نصرت سحر هٿ مٿي ڪرائي مڪاني نظام رد ڪريو جي قرارداد پاس ڪرائي جلسي ۾ شرڪت لاءِ هزارين ماڻهن هڪ رات جلسي گاهه ۾ گذاري، ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا جي ڪوريج.
• جلسي جي سيڪيورٽي جا انتظام حر جماعت جي سيڪيورٽي بابت ٺهيل 12 چوڪين جي 25 هزار ماڻهن حوالي هئا. کر ۽ سليم ضياءُ فنڪشنل ليگ جي جلسي کي ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جلسو قرار ڏنو. (روزاني ڪاوش)

15 ڊسمبر 2012ع

• اصولوڻ پر حڪومت چھوڙي نيا بلدياتي نظام قبول نهيڻ ڪالاباغ ڊيم ڪا باب بابند هو چڪا: پير پگاڙا. يه ڪس ڪتاب ميڻ لکا هڳ صرف ڪالاباغ ڊيم هي بنايا جائڳ، موجوده حڪومت ڪڳ اتحادي تھڳ بلدياتي نظام لانڳ ڪڳ بعد محسوس هوا سندھه خطرڳ ميڻ هڳ، اقتدار سڳ الگ نه هوتڳ تو آنيوالي نسلوڻ ڪو نقصان هوتا، جلسه عام سڳ خطاب. جلال محمود شاه، اياز پليجو قادر مگسي، صنعان قريشي، صدر الدين راشدي، مصطفيٰ کر، عبدالله حسين هارون سميت (ن) ليگ، جماعت اسلامي جڳ يو آئي (ف) وَ ديگر جماعتوڻ ڪڳ سربراهان وَ مرڪزي رهنماؤڻ نڳ بھي خطاب ڪيا. (روزانه جنگ)

رڪارڊ تي رکڻ جهڙيون ڳالهيون

---

شاعري

تاريخ جو رُخ نه موڙي سگهندين،
ٻُڌ اي ڪانئر!، سنڌين جا ويري،
سنڌ امڙ ڏانهن نه کڻ اک ميري،
مڪلي کي ڪين اُکوڙي سگهندين،
تاريخ جو رُخ نه موڙي سگهندين.
(مريم مجيدي)


پنهنجي عزت ۽ غيرت کان وڌ،
ڪُرسي ڪيڏي پياري ڪئي ٿي،
ماءُ نه ڪڏهن معافي ڏيندي،
سنڌ سان هيڏي اري ڪئي ٿي.
(مشتاق بخاري)

14 ڊسمبر جو جلسو: ڪجهه رايا

ڪالهه حيدرآباد باءِ پاس وٽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صبغت الله شاهه راشدي عرف پير پاڳاري جي صدارت ۾ ۽ فقط ٻن حڪمران سياسي پارٽين کانسواءِ سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين مڙني پارٽين جي سهڪار سان جن ۾ سنڌ جون قومپرست پارٽيون به شامل هيون، جيڪو بي مثال جلسه عام ڪيو. سو فقط جلسو نه هو، پر حقيقت ۾ جلسي جي نالي ۾ سڄي سنڌ اچي گڏ ٿي. اها سنڌ هئي جنهن پنهنجي خاص انداز ۾ هڪ پيغام به ڏنو آهي. اهو پيغام سنڌ جي سياسي قيادت لاءِ به آهي، پاڪستان جي سياسي قيادت لاءِ به آهي. پنهنجن لاءِ به آهي ته پراون لاءِ به آهي. انهيءَ پيغام ذريعي سنڌ پنهنجي منزل جو تعين ڪيو آهي ۽ هاڻ سنڌ شايد اُن منزل طرف مارچ شروع ڪري. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهيءَ جلسي ذريعي سنڌ پهريون ڀيرو هڪ گڏيل ”نعرو“ به ڏنو آهي. جيڪو ڪنهن وقت اٽڪل هڪ صدي اڳ پهرين ”سورهيه بادشاهه“ انگريزن خلاف آزادي جي جنگ جي قيادت ڪندي نه فقط حُرن کي، نه فقط سنڌ جي سموري عوام کي، پر سڄي هندستان کي ڏنو هو. يعني ”يا وطن يا ڪفن“. ڪالهه واري فقيد المثال جلسي ۾ جنهن طرح سنڌ جي نه فقط ننڍن وڏن شهرن پر جهر جنگ کان ڪهي آيل عام سنڌين جهومي جهومي اهو نعرو ”يا وطن يا ڪفن“ بلند ڪيو ته ائين محسوس ٿيو ته سنڌي قوم اڄ جيڪو وچن ڪري رهي آهي، ان جي منزل فقط ”وطن“ آهي ۽ ان لاءِ ’ڪفن‘ هنن لاءِ مهڻو نه هوندو.
جي اين مغل
(روزاني عوامي آواز 15 ڊسمبر 2012ع )

سنڌ جي سياسي راڄڌاني حيدرآباد پنهنجي اندر تاريخ جا ڪيترائي باب محفوظ ڪري رکيا آهن. هتي جوڌن سنڌ جي حفاظت لاءِ پنهنجين حياتين جا چراغ گل ڪري هر دور ۾ نئين تاريخ لکي آهي. اهڙي ئي سنڌ جي بقا جي مورچي بڻيل شهر مان فنڪشنل ليگ سگهاري سياسي جدوجهد جو آغاز ڪالهوڪي جلسي سان ڪيو آهي. سنڌ تي مسلط ڪيل ڏکئي دور ۾ پير پاڳاري پنهنجي خانداني روايت کي اڳتي وڌائيندي جڏهن سنڌين جي رهنمائي ۽ ڀرجهلو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته بظاهر حيرت انگيز ڳالهه ٿي لڳي، ۽ حيدرآباد باءِ پاس وٽ 72 ايڪڙن تي مشتمل جلسي گاهه کي 14 ڊسمبر کان اڳ ۾ جنهن به ڏٺو هوندو، سو خوشگوار حيرت ۾ وڪوڙجي ويو هوندو، وسيع و عريض اجتماع گاهه جو ڀرجڻ وڏو امتحان هو. پير صاحب پاڳاري جي سياسي خود اعتمادي ۽ وقت جو درست انتخاب سياسي بصيرت جو مظهر آهي. سنڌ ۾ منتشر اپوزيشن کي متفق ۽ متحد ڪرڻ ۽ عوامي قوت جي مظاهري لاءِ اهڙي هنڌ جي چونڊ ڪرڻ، جيڪو ماضيءَ ۾ حريت ۽ آزادي جو اهڃاڻ رهيو آهي، اهو به سياسي بصيرت جو ڪمال آهي.
ڪالهوڪي جلسي جي اسٽيج تي بيٺل پيرپاڳاري کي پهرين نظر ۾ حيدرآباد بندي خاني جا اهي برج نظر آيا هوندا، جتي انگريزن مردِ حُر سيّد صبغت الله سورهيه بادشاهه کي سنڌ جي آزاديءَ جي مطالبي تان مڇرجي ڦاهي ڏني هئي. اهڙي طرح هن جلسي جي اسٽيج جي اترئين پاسي مياڻي ڏانهن ويندڙ مارڳ آهي. مياڻيءَ جي دراز قد وڻن جي چوٽين مان واويلا وڻڪار ۽ هوش محمد شيدي جي لفظن ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو پڙاڏو صاف ٻڌڻ ۾ آيو هوندو. جدوجهد جي علامت بڻيل حيدرآباد ڪالهه وري به نئين تاريخ لکندي سياسي پنڊتن کي پريشان ڪري ڇڏيو، جڏهن ستن ڪلاڪن تائين جلسو هليو. پنڊال سان گڏ سمورا روڊ رستا، پارڪنگ ايريا گهرن جون ڇتيون ڀريل هيون ۽ بسن جي ڇتين تي ماڻهن جا انبوهه موجود هئا. سڀ کان اهم ڳالهه تي سنڌ جي عام ماڻهن 14 ڊسمبر واري سڏ کي پنهنجو قومي ڪاڄ سمجهي شرڪت ڪئي، سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهو شاندار اڻ وسرندڙ اجتماع نه رڳو حاضريءَ جي لحاظ کان آئنده سنڌ جي مالڪيءَ ۽ مقبوليت جي هر دعويدار لاءِ للڪار رهندو. گهٽ ۽ ٻوسٽ جا شڪار سنڌ واسي روشنيءَ جي ڳولا ۾ ڪالهه جڏهن حيدرآباد پهتا، انهن ماڻهن جي چهرن جي مهڪ ۽ بيگار بدران بيدار انسانن جو سمنڊ نظر آيو. جيڪو سنڌ جي ويڳاڻپ جي شڪار هر رهواسيءَ لاءِ آٿت جو ڪارڻ به آهي.

ارباب عبدالمالڪ
(روزاني ڪاوش 15 ڊسمبر 2012ع)
*

پير سائين پاڳاري جي سڏ تي جيڪي لکين ماڻهو سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش جي احتجاج لاءِ حيدرآباد ۾ ڪٺا ٿيا اها نه رڳو سنڌ پر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي سياسي تبديلي آهي، ڇو ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هاڻي قيادت جي تبديلي جي شديد گهرج آهي ۽ سنڌي ماڻهن، سنڌ جي سمورن مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهن هڪ وڏي انسان جي پويان لڳي اهو اعلان ڪيو آهي ته هاڻ سنڌ کي نئون قائد مليو آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي سرواڻي ڪندو.
انگريزن جي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ، سنڌي قوم کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پير سائين صبغت الله شاهه راشدي ”سورهيه بادشاهه“ جيڪا قرباني ڏني ۽ جنهن بهادري ۽ جرئت سان سامراج خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو، اها قرباني ۽ اها جدوجهد ڪنهن کان فراموش ٿيڻ جهڙي نه آهي ۽ موجوده پير سائين پاڳارو به پنهنجي خاندان جي وجاهت ۽ فضيلت ڪري انتهائي معتبر ماڻهو آهي ۽ اسان سنڌي قوم جي حيثيت ۾ ٻنهي سورهين تي فخر ڪندا رهنداسين.
حيدرآباد ۾ ڪٺي ٿيل هنن لکين سياسي سماجي، ادبي، قومپرست ۽ ٻين قوتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن حڪمرانن ڏانهن اهو پيغام اُماڻيو آهي ته هاڻ سنڌي ماڻهن کي هڪ بيباڪ قيادت ۽ هڪ مضبوط پليٽفارم ملي ويو آهي. هن جلسي ۾ سنڌي ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ کانپوءِ حڪمرانن پنهنجي شڪست ڏسي ورتي آهي ۽ هاڻ انهن کي بي موت مرڻ جو انتظار آهي، ان ڪري اهي ڀڄڻ جو موقعو ڳولهي رهيا آهن، پر اسين سنڌي قوم جا باشعور فرد انهن ڪرپٽ ۽ بدعنوان حڪمرانن جو احتساب ڏسڻ چاهيون ٿا. سنڌ جا قومپرست به هاڻ سنڌ جي هن دلير قيادت جي پٺيان متفق ٿي بيٺا آهن، جنهن جا وڏا اثر پوندا ۽ سنڌي ماڻهو هاڻي سنڌ جي قومپرستن کي وڌ کان وڌ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. اها نيشنلسٽن جي غلطي هئي جن اليڪشن ۾ منظم انداز ۾ حصو نه ورتو، پر هاڻي قومپرستن جو وسيع تر ۽ عاليشان اتحاد قائم ٿيندو ۽ سنڌ جون سموريون قومپرست، ترقي پسند، جمهوريت پسند قوتون ”هڪ سنڌ، هڪ نظام“ جي نعري هيٺ گڏ ٿي آمراڻا فيصلا مڙهيندڙ حڪمرانن ۽ غير جمهوري روايتن کي فروغ ڏيندڙ فرسوده پارٽين مان نجات حاصل ڪنديون.
سنڌ جي نالي تي هڪ جهنڊي واري هڪ گڏيل پارٽي ٺهڻ گهرجي، اها سڀني جي خواهش آهي، پر جيئن ته مڪتبهءِ فڪر الڳ الڳ هجڻ ڪري اها جمهوريت روايتن جي مجبوري آهي ته سڀئي پنهنجي پنهنجي منشور تي ڪم ڪندي به هڪ گڏيل اتحاد جي ڇانوري ۾ ويهي سگهن ٿا ۽ اهو ضروري به نه آهي ته هڪ پارٽي هجي، ذاتي ۽ گروهي مفادن کان مٿانهون هڪ گڏيل اتحاد به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ان ڪري پير سائين پاڳاري جي قيادت تي اهو اعتبار ڪري سگهجي ٿو، ته هي پنهنجي خانداني وچن کي نه وساريندي، سنڌي قوم خلاف ڪڏهن به ڪو قدم نه کڻندو ۽ هميشه سنڌ دوست رهندو، اهو اعتبار ڪري سندس پٺيان هلڻ تمام ضروري آهي. پير صاحب پاڳاري کي به اپيل آهي ته پاڪستان حاصل ڪندڙ ”پاڪستان مسلم ليگ“ جي نالي تي سياست ڪندڙن سنڌي ماڻهن ۽ ملڪي عوام سان جيڪي دوکيبازيون ڪيون آهن، انهن کي ياد ڪري ماڻهو انهن کان خائف ٿيل آهن، ان ڪري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي پارٽيءَ جو نالو ”مسلم ليگ“ بدران ”عوامي ليگ“ رکيو وڃي ته جيئن ماڻهن جو سياست ۽ سياسي پارٽين جي نالي تان کڄيل اعتماد واپس بحال ٿي سگهي. (ٽيلي فون تي ورتل راءِ)

يوسف سنڌي
(روزاني مهراڻ، 15 ڊسمبر 2012ع)

هڪ تلخ، پر ضروري نقطو

سنڌ طويل عرصي کان تعليم، ادب ۽ ثقافت جي خود پسند، ڪم ظرف ۽ بي حس ادبي ڪامورن جي گرفت ۾ رهي آهي. هنن مڙني آفيسرن جي ذهني ڪيفيت ۽ حالت رحم جوڳي آهي، جو سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪا روشني آهي ته انهن جي ڪري آهي. هو ادارن جي وڏي بجيٽ خرچ ڪري ننڍا ڪم ڪن ٿا ۽ انهن ڪانفرنس / سيمينارن کي پنهنجي پذيرائيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ايتريقدر جو انهن ڪانفرنسن ۾ ڪجهه ”نامي گرامي محققن“ ذريعي پنهنجي مدي وڌائڻ لاءِ وڏي اختياريءَ تائين سفارش پهچائڻ جو ڪُڌو ڪم به ڪيو ويندو آهي. عجب جهڙي ڳالهه ته هو انهن ڪانفرنسن جا پاڻ ميزبان هوندا آهن، پر اسٽيجن تي ويهڻ سندن فرضن ۾ شامل هوندو آهي. ان مامري ۾ ثقافت کاتي جو ته ٻيڙو ئي ٻُڏل آهي. اسٽيج تي ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو ۽ کاتي جي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيليءَ جو ڪرسيون هميشه اسٽيج جي وچ تي ۽ هڪ ٻئي جي ڀرسان رکيون وينديون آهن ۽ سڄي پروگرام ۾ سندن ’سُس پُس‘ پئي هلندي آهي. سندن ئي سيمينارن جي اسٽيجن تي سنڌ جو عظيم مفڪر محمد ابراهيم جويو هجي يا سنڌ جا عظيم اديب: سراج، امر جليل يا سوڀو گيانچنداڻي هجن، کانئن پوءِ ڳالهائڻ يا صدارت ڪرڻ تي ثقافت جي دانشور وزير کي ڪا ڦڪائي نه ٿيندي آهي. هيءَ اها ئي وزير آهي، جنهن کي سنڌ جي ماڻهن جي شديد احتجاج تي ثقافت جي وزارت تي ٻيهر بحال ڪيو ويو هو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هوءَ پهرين آڪٽوبر تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود نه هئي، جڏهن سندس پارٽي سنڌ جي سيني ۾ ”پيپلز آرڊيننس“ جو خنجر هڻي رهي هئي. سڄي سنڌ احتجاج جي باهه ۾ ٻري رهي هئي، پر هن ”سنڌ جي عظيم ڀيڻ“ غير حاضر رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي. اهو باشعور سنڌ جو الميو آهي ته هڪ انقلابي ماءُ اختر بلوچ جي ڌيءَ سنڌ تي ٽڪي جهڙي وزارت کي ترجيح ڏني. ڏسجي ته سندس اهو عمل هڪ عظيم ماءُ جي آدرشن ۽ تربيت جي ڪيڏي نه انحرافي آهي، جو هن پنهنجي پارٽيءَ جي سنڌ دشمني ۽ آمراڻي روش جي خلاف هڪ اکر به نه ڪُڇيو.

اياز جاني (ايڊيٽر)
(ماهوار همرچو آگسٽ، آڪٽوبر 2012ع)

رڪارڊ تي رکڻ جهڙيون ڳالهيون

• سنڌ ڄائي آهيان، اهڙا فيصلا قبول ناهن. (فهميده رياض)
• ٻٽي نظام خلاف احتجاج طور اعلانيل ايوارڊ نه وٺنداسين. (مريم مجيدي)
• پيپلزپارٽي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪري ويساهه گهاتي ڪئي آهي، ڌرتي ڌڻي سندن ارادا ناڪام بڻائيندا. شوڪت شورو (12 نومبر 2012ع عوامي آواز)
• سنڌ جي اديبن ون يونٽ خلاف مزاحمت ڪئي، هاڻي به جدوجهد ڪندا. (مشتاق ڦل)
• اڄ سنڌ جا قلم ڌڻي مڪاني ادارن واري غير قانوني طريقي سان پاس ٿيل آرڊيننس خلاف گڏ ٿيا آهيون. ڇاڪاڻ ته هي سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتي جي بقا جو سوال آهي. جهڙي ريت ايم آر ڊي ۾ اديبن پاڻ ملهايو ساڳئي ريت هاڻي هن ڪاري قانون کي واپس ڪرائڻ تائين سک جو ساهه نه کڻنداس. دستگير ڀٽي (عوام آواز 12 نومبر 2012ع.)
• سنڌ جا مسئلا گهڻا آهن پر ٻٽو نظام سنڌ جي وحدت خلاف وڏي سازش آهي. (امداد حسيني).
• سنڌ ترقي طرف وڌي رهي آهي ۽ عوام ان نظام کي مڪمل طور رد ڪري سنڌ جي مفادن کي سامهون رکيو آهي ۽ هاڻي سنڌ جي عوام ۾ سجاڳي اچي وئي آهي. جيڪا خوش آئينده ڳالهه آهي. (مهتاب اڪبر راشدي)

ايس ـ ٽي ـ پي جي بک هڙتالي ڪئمپ (14 آڪٽوبر 2012ع)

سنڌ ۾ سنڌين سان، سنڌي حڪمرانن طرفان، دهشتگردن ۽ سنڌ دشمنن سان ملي سنڌي قوم ۽ سنڌ سان جيڪو ظالماڻو روَيو اختيار ڪيو ويو آهي ۽ ٻٽو نظام نافذ ڪري سنڌ جو ورهاڱو ڪري، دهشتگردن آڏو گوڏا کوڙيا ويا آهن. اسان سنڌ جا ساڃهه وند اديب، قلمڪار ان عَهد سان هِن بک هڙتال ۾ شريڪ ٿيا آهيون ته سنڌ خلاف ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ ۽ سنڌين خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جو مقابلو ڪنداسين ۽ پنهنجي سمورين قوتن سان، سنڌي عوام سان گڏ هونداسين.
• يوسف سنڌي (اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت)
• ناز سنائي
• لطيف اياز ابن حيات
• امتياز علي لاشاري
• محمد علي شيخ (ايڊوڪيٽ)
• امين لاکو (سيڪريٽري ساس حيدرآباد)
• منصور قادر جوڻيجو
• غلام نبي سومرو
• حفيظ ڏيرو
• غلام نبي اعواڻ
• انور سومرو
• راحيله ناز سنائي
• پريانڪا حفيظ ڏيرو
• گوهر گل ڳورڙ
• خالد آزاد
• ڪشف ناز سنائي
• صدف ناز سنائي
• مور ساگر
• اصغر گگو

ون يونٽ اسيمبلي ۽ هاڻوڪي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي نالن جي فهرست

پهرين آڪٽوبر 2012ع تي سنڌ اسيمبلي جي پي پي پي ميمبرن فقط پنجن منٽن ۾ ڪارو قانون SPLA منظور ڪري پنهنجي منهن تي دائمي دانگي ملي. ايم ڪيو ايم جي ميمبرن تي ته هونئن به معيار نه هئي. اسيمبلي ميمبرن مان اڪثر ميمبر ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جا پُٽ، پوٽا ۽ ڏهٽا وغيره هئا- ۽ هنن به پنهنجن وڏڙن جي غداري جي پر کي نڀائيندي غداري جو رڪارڊ قائم رکيو. نوجوان شاعر رحمت سومري چواڻي:
”غدار اهي ئي آهن،
بس چهرا بدليل هِن، ڪردار اهي ئي هن
*
هر شيءِ بي بچائي ٿن
سڀ پاڻ سلامت هن، بس سنڌ کپائي ٿن.“
ون يونٽ ٺهڻ وقت اسيمبلي جا ٽوٽل 110 ميمبر هئا، جن مان اٺ ميمبر غير حاضر يا حڪومت پاران نظر بند ڪيا ويا هئا. 11 ڊسمبر 1954ع تي ٿيندڙ ان اجلاس ۾ 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ۽ 4 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. جڏهن ته اٺ ميمبر غير حاضر يا نظربند هئا. هيٺ اسين پهرين ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ ميمبرن جي لسٽ ۽ پوءِ پهرين آڪٽوبر 2012ع تي مڪاني ادارن واري ٻٽي مڪاني نظام جي حق ۾ ووٽ ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جي لسٽ ڏيئي رهيا آهيون، جيئن اوهان انهن کي ڀيٽي ڏسو:

[b]جن ون يونٽ بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، سي هئا:[/b]
1. عبدالله خان مهيسر، 2. عبدالفتاح ميمڻ، 3. عبدالمجيد خان جتوئي، 4. قاضي عبدالمنان، 5. ڄام بشير احمد، 6. مير احمد خان ٽالپر، 7.احمد خان راڄپر، 8. احمد خان ڀٽو، 9. مير احمد خان پٺاڻ، 10. ٺڪر آئيدان سنگهه، 11. بيگم عائشه عزيز، 12. علي اصغر شاهه شيرازي، 13.مير علي احمد خان ٽالپر، 14. علي بلاول خان ڊومڪي، 15. سردار علي گوهر خان مهر، 16. علي گوهر کهڙو، 17. علي حسن منگي، 18. پير علي محمد راشدي، 19. علي نواز خان ڌاريجو، 20. مير علي نواز خان ٽالپر، 21. پير عالي شاهه جيلاني، 22. مير الله بچايو خان ٽالپر، 23. رئيس علڻ خان لغاري، 24. امير بخش مهر، 25. ڄام امير علي خان، 26. مير بنده علي خان ٽالپر، 27. آغا بدر الدين دراني، 28. ڌرمداس موٽو مل، 29. دوست محمد هڪڙو، 30. فيض محمد سڌايو، 31. فقير محمد انڙ، 32. حاجي فضل محمد خان لغاري، 33. حاجي غلام علي ميمڻ، 34. حاجي جان محمد مري، 35. سيد غلام حيدر شاهه ولد حاجي پير شاهه، 36. سيد غلام حيدر شاهه ولد سيد نواب شاهه، 37. غلام قادر ناريجو، 38. غلام نبي ڏهراج، 39. غلام رسول خان جتوئي، 40. پير غلام رسول شاهه جيلاني، 41. غلام رسول ڪيهر، 42. سيد گل محمد شاهه، 43. حاجي گل محمد کيڙو، 44. گل جي مينگهواڙ، 45. حامد حسين فاروقي، 46. مير امام بخش ٽالپر، 47. مير جعفر خان جمالي، 48. جان محمد ڀائي خان، 49. قادر بخش تنيو، 50.سيد ڪرارو شاهه، 51. سيد خير شاهه، 52. خان محمد بوزدار، 53. محبوب شاهه پير رسول بخش شاهه، 54. رئيس مامون خان ملڪاڻي، 55. سيد مهر علي شاهه، 56. موسيٰ خان ٻگهيو، 57. حاجي مولا بخش شاهه، 58. سيد مبارڪ علي شاهه، 59. قاضي محمد اڪبر، 60. محمد قمر علي شاهه، 61. محمد اشفاق صديقي، 62. مير محمد بخش ٽالپر، 63. محمد بخش خان سرڪي، 64. حاجي پير محمد حسن بخش، 65. سيد محمد حسن شاهه، 66. حاجي محمد حيات جوڻيجو، 67. سردار جعفر خان بليدي، 68. پير مهدي شاهه جهنڊي وارو، 69. رئيس محمد يوسف چانڊيو، 70. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، 71. سيد محمد زمان بقادار شاهه، 72. حاجي نجم الدين لغاري، 73. نصير محمد خان مدواڻي، 74. سردار نور محمد بجاراڻي، 75.نور محمد راهمون، 76. سيد نور احمد شاهه، 77. رحيم بخش سومرو، 78. رسول بخش جوڻيجو، 79. روپچند چيلا رام، 80. روپچند لوهاڻو، 81.حاجي صادق علي ميمڻ، 82. ڊاڪٽر سعيد الدين صالح، 83. سيف الله خان مگسي، 84. پير صالح شاهه، 85. سمڀو مل لوهاڻو، 86. سوائي سنگهه سوڍو، 87. شاهنواز پيرزادو، 88. سيد نذر حسين شاهه، 89. شاهل خان کوسو، 90. ملڪ سڪندر خان هملاڻي، 91. سيرو مل ڪرپالداس، 92.سلطان احمد خان چانڊيو، 93. سردار رميز سندر خان سندراڻي، 94.بيگم طاهره آغا، 95. سيٺ ٽيئون مل، 96. توڳاڇي مير محمد نوهڙي، 97. عثمان خان ملڪاڻي 98. نواب زاهد علي خان.

[b]جيڪي چار ميمبر مخالف ويا، سي هئا:[/b]
1. عبدالحميد خان جتوئي، 2. غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، 3. پير الاهي بخش ۽ 4. شيخ خورشيد احمد

پهرين آڪٽوبر 2012ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻٽو مڪاني نظام منظور ڪرائيندڙ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جا نالا

پارٽي اميدوار جو نالو سيريل نمبر
پيپلز پارٽي عبدالحق ڀرٽ 01
پيپلز پارٽي عبدالڪريم سومرو 02
پيپلز پارٽي عبدالرحيم خان کوسو 03
پيپلز پارٽي عبدالستار راجپر 04
پيپلز پارٽي علي مراد راجپر 05
پيپلز پارٽي علي نواز شاهه رضوي 06
پيپلز پارٽي انور احمد خان مهر 07
پيپلز پارٽي عائشه کوسو 08
پيپلز پارٽي عزيز احمد جتوئي 09
پيپلز پارٽي بشير احمد خان لغاري 10
پيپلز پارٽي ديارام 11
پيپلز پارٽي فرزانه حنيف 12
پيپلز پارٽي فصيح احمد شاهه 13
پيپلز پارٽي فياض علي بٽ 14
پيپلز پارٽي فردوس حميد الياس 15
پيپلز پارٽي فرحين مغل 16
پيپلز پارٽي غلام محمد شاهلاڻي 17
پيپلز پارٽي غلام مجدد اسراڻ 18
پيپلز پارٽي غلام قادر چانڊيو 19
پيپلز پارٽي غلام سرور خان سيال 20
پيپلز پارٽي حاجي محمد حيات خان ٽالپر 21
پيپلز پارٽي حسنين ذوالفقار علي مرزا 22
پيپلز پارٽي حميرا علواڻي 23
پيپلز پارٽي اڪرم الله خان ڌاريجو 24
پيپلز پارٽي امداد علي پتافي 25
پيپلز پارٽي عمران ظفر لغاري 26
پيپلز پارٽي ڪلثوم اختر شاهه 27
پيپلز پارٽي منظور حسين وساڻ 28
پيپلز پارٽي محبوب علي ٽالپر 29
پيپلز پارٽي مهتاب حسين ڏهر 30
پيپلز پارٽي مير محبوب علي خان بجاراڻي 31
پيپلز پارٽي موهن لال 32
پيپلز پارٽي محمد اياز سومرو 33
پيپلز پارٽي محمد بچل شاهه 34
پيپلز پارٽي محمد حسن خان ٽالپر 35
پيپلز پارٽي محمد نواز چانڊيو 36
پيپلز پارٽي محمد رفيق ايڊووڪيٽ 37
پيپلز پارٽي محمد سليم هنگورو 38
پيپلز پارٽي محمد عثمان جلباڻي 39
پيپلز پارٽي مڪيش ڪمار 40
پيپلز پارٽي حاجي منور علي عباسي 41
پيپلز پارٽي مراد علي شاهه 42
پيپلز پارٽي مظفر علي شُجراء 43
پيپلز پارٽي نديم احمد ڀٽو 44
پيپلز پارٽي نادر علي مگسي 45
پيپلز پارٽي نديم احمد کرل 46
پيپلز پارٽي نجم دين ابڙو 47
پيپلز پارٽي نجمه سيد چاولا 48
پيپلز پارٽي نرگس اين_ڊي خان 49
پيپلز پارٽي نصرالله بلوچ 50
پيپلز پارٽي رخسانه شاهه 51
پيپلز پارٽي نثار احمد کهڙو 52
پيپلز پارٽي پير عامر علي شاهه 53
پيپلز پارٽي پير امجد حسين شاهه جيلاني 54
پيپلز پارٽي پير مظهرالحق 55
پيپلز پارٽي پيتامبر شيواڻي 56
پيپلز پارٽي سيد قائم علي شاهه 57
پيپلز پارٽي راءِ ناز علي بوزدار 58
پيپلز پارٽي رشيده اختر پنهور 59
پيپلز پارٽي رخسانه پروين الياس 60
پيپلز پارٽي سائرا شاهلاڻي 61
پيپلز پارٽي سليم خورشيد کوکر 62
پيپلز پارٽي سردار احمد علي خان پتافي 63
پيپلز پارٽي شاهد ٿهيم 64
پيپلز پارٽي شمع عارف مٺياڻي 65
پيپلز پارٽي شميم آرا پنهور 66
پيپلز پارٽي شرجيل انعام ميمڻ 67
پيپلز پارٽي سڪندر علي مينڌرو 68
پيپلز پارٽي سڪندر علي شورو 69
پيپلز پارٽي سراج خان دُراني 70
پيپلز پارٽي سيد احمد رضا شاهه جيلاني 71
پيپلز پارٽي سيد علي مردان شاهه 72
پيپلز پارٽي سيده شهلا رضا 73
پيپلز پارٽي تيمور خان پٺاڻ 74
پيپلز پارٽي طارق مسعود آرائين 75
پيپلز پارٽي توقير فاطمه ڀٽو 76
پيپلز پارٽي زاهد علي ڀرڳڙي 77

(نوٽ: بل جي حق ۾ ووٽ ڪندڙن ۾ مسلم ليگ (ق) جا ٻه ميمبر سيد شاهه حسين شاهه شيرازي (ٺٽو ـ سجاول) ۽ محمد علي ملڪاڻي (جاتي ـ چوهڙ) به شامل هئا.

پيپلز پارٽي جا غير حاضر اسيمبلي ميمبر

پيپلز پارٽي احمد علي خان جلباڻي 01
پيپلز پارٽي نواب محمد تيمور ٽالپر 02
پيپلز پارٽي جاويد شاهه 03
پيپلز پارٽي صادق علي ميمڻ 04
پيپلز پارٽي سسئي پليجو 05
پيپلز پارٽي سردار احمد علي پتافي 06
پيپلز پارٽي سيف الله ڌاريجو 07
پيپلز پارٽي محمد ساجد جوکيو 08
پيپلز پارٽي لالچند 09
پيپلز پارٽي مخدوم جميل الزمان 10
پيپلز پارٽي علي نواز شاهه 11
پيپلز پارٽي مير حسن کوسو 12
پيپلز پارٽي فدا حسين ڏيرو 13
پيپلز پارٽي پير غلام شاهه جيلاني 14