تاريخ، فلسفو ۽ سياست
هڪ سنڌ: ٻه نظام
هي ڪتاب ” هڪ سنڌ : ٻه نظام “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو. پيپلزپارٽي حڪومت پاران مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جا ماڻهو پارٽين کان مٿانهان ٿي ان انياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿيا. ون يونٽ کان پوءِ هي ٻيو سنگين ڏوهه هو، جيڪو سنڌ جي چونڊيل عيوضن قانوني طور سنڌ اسيمبليءَ وسيلي سنڌ مٿان مڙهيو. ڪالاباغ ڊيم، ڌارين آبادڪاري وغيره جهڙن انيائن جي ڀيٽ ۾ هي معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين هيو جو اهو اسلام آباد پاران ڏنڊي جي زور تي نه مڙهيو ويو. پر سنڌ واسين جي محبوب پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ان کي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيان وڌو.
- 5.0/5.0
- 5556
- 1056
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (231) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” هڪ سنڌ : ٻه نظام “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.پيپلزپارٽي حڪومت پاران مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جا ماڻهو پارٽين کان مٿانهان ٿي ان انياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿيا. ون يونٽ کان پوءِ هي ٻيو سنگين ڏوهه هو، جيڪو سنڌ جي چونڊيل عيوضن قانوني طور سنڌ اسيمبليءَ وسيلي سنڌ مٿان مڙهيو. ڪالاباغ ڊيم، ڌارين آبادڪاري وغيره جهڙن انيائن جي ڀيٽ ۾ هي معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين هيو جو اهو اسلام آباد پاران ڏنڊي جي زور تي نه مڙهيو ويو. پر سنڌ واسين جي محبوب پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ان کي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيان وڌو.
سنڌي ماڻهن، صحافين، ڏات ڌڻين، ليکڪن، شاعرن، عورتن ۽ عام ماڻهن جي رات ڏينهن جدوجهد نيٺ رنگ لاتو ۽ اهو نظام واپس ورتو ويو. ان دوران ٿيندڙ سڀني واقعن کي خوبصورت نموني يوسف سنڌيءَ سهيڙي ايندڙ دور لاءِ هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- ليکڪ يوسف سنڌي
- ڇپيو ويو 2013
- ڇپائيندڙ سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 11/Sep/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1056 ڀيرا