تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هڪ سنڌ: ٻه نظام

هي ڪتاب ” هڪ سنڌ : ٻه نظام “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو. پيپلزپارٽي حڪومت پاران مڙهيل ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي. سنڌ جا ماڻهو پارٽين کان مٿانهان ٿي ان انياءَ خلاف اُٿي کڙا ٿيا. ون يونٽ کان پوءِ هي ٻيو سنگين ڏوهه هو، جيڪو سنڌ جي چونڊيل عيوضن قانوني طور سنڌ اسيمبليءَ وسيلي سنڌ مٿان مڙهيو. ڪالاباغ ڊيم، ڌارين آبادڪاري وغيره جهڙن انيائن جي ڀيٽ ۾ هي معاملو ان ڪري وڌيڪ سنگين هيو جو اهو اسلام آباد پاران ڏنڊي جي زور تي نه مڙهيو ويو. پر سنڌ واسين جي محبوب پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ان کي اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي، سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ جيان وڌو.
  • 4.5/5.0
  • 5556
  • 1056
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هڪ سنڌ: ٻه نظام

ڦرن ٿا چرخ جا ڦيرا...! دودو چانڊيو ٻُڌائي ٿو:

سنڌ اسيمبليءَ جي هال جون سيڙهيون لهندي هوءَ مون کي جيئن ئي ٽڪرائي ته سندس اکين ۾ ڳوڙهن جون قطارون هيون. هوءَ ڪا ٻي نه، پر سنڌ اسيمبليءَ جي هيڏي وڏي عظيم ايوان جي ميمبر نصرت سحر عباسي هئي. هونئن ته سنڌ اسيمبليءَ جي مڪاني ادارن بابت تڪراري بل جي منظوريءَ وقت ڄام مدد علي کان وٺي رزاق راهمي تائين، راڻا عبدالستار راجپوت کان وٺي مسرور جتوئيءَ تائين جن به 13 ميمبرن ميدان تي مقابلو ڪيو، سي سڀ سنڌ جا سڄڻ چئبا، پر ٻن عورت ميمبرن نصرت سحر عباسي ۽ ماروي راشدي به ڄمي مقابلو ڪيو، ۽ سرڪاري بئنچن تان ايندڙ ترش ۽ تيز جملن جي پرواهه نه ڪندي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ جيڪي دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون، اهو عمل ديانتداريءَ سان ڪنهن قومي فرض نڀائڻ کان گهٽ نه هو. مون هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ هن اسيمبليءَ جا سوين رنگ ڏٺا آهن. ڪڏهن مارشلائن ۾ اسيمبليءَ کي تالا لڳندي ڏٺا آهن ته ڪڏهن نام نهاد جمهوريت جي دور ۾ ايوان اندر ان اسيمبلي ميمبرن کي ٽنگو ٽالي ٿيندي کڄندي ڏٺو آهي، پر پ پ جي ڪنهن به حڪومتي دور ۾ ناهي ڏٺو ته سنڌ جا ماڻهو روڊن تي هجن ۽ ايوان مان تڪراري قانون پاس ٿيندا هجن، جيڪو اسان ڪالهه ڏٺو.
گذريل ڏينهن اسان پير پاڳاري جي رهائشگاهه تي هئاسين ته اطلاع مليو ته سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو آهي. مون ان وقت صحافي دوستن کي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته سڀاڻي مڪاني ادارن وارو بل پاس ٿي ويندو، ڇو ته جهڙي ريت وزير اعليٰ هائوس ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڪراچي جا ٽائون ٺاهڻ، بلڪل اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور وانگي پوليس کي ٽائونز ۾ ورهائڻ، آفيسرن جي مقرري ۾ سرڪار مصروف آهي، ان مان لڳي ٿو ته هن آرڊيننس کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو ويندو. اسان پير پاڳاري جي رهائشگاهه کان وزير اعليٰ هائوس آياسين، جتي چوڌري شجاعت ۽ مشاهد حسين جي روبرو مون وڏي وزير کان سوال ڪيو ته ڇا سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو بل پيش ٿيندو؟ ته وڏي وزير دعويٰ ڪئي ته، نه رڳو قانون پيش ٿيندو، پر پاس به ٿيندو، فنڪشنل ليگ وارن وٽ اگر اڪثريت آهي ته رد ڪري ڏيکارين.
مليل ڄاڻ موجب، رات جو ئي وزير اعليٰ هائوس ۾ پ پ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي سڏائي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي هئي ته هو اسيمبليءَ ۾ ضرور حاضر ٿين. اها هدايت ڪجهه سختي واري هئي، جنهن ڪري پ پ جا اُهي ميمبر، جيڪي سنڌ، سنڌ ڪري ٿڪجندا ناهن، اُهي به اچي صبح ساڻ ايوان ۾ حاضر ٿيا. سسئي پليجو ۽ نواب تيمور ٽالپر سميت ڪجهه ميمبر ايوان ۾ نه آيا، باقي سمورا حاضر هئا. جيڪي نه آيا، انهن به ڄڻ مُٺي به ماٺ ۽ مٺِي به ماٺ وارو فارمولو اختيار ڪيو. جيڪي آيا، انهن مان هڪ به اهڙو ميمبر نه هو، جيڪو اُٿي بيهي رڳو اهو چوي ها ته، ”سائين، هي آرڊيننس اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري اسان کان رڳو ”ها“ نه ڪرايو پر ان تي بحث به ڪرايو ۽ اسان کي پڙهي ٻڌايو ته هن بل ۾ ڇا ڇا آهي!“ پر ڪنهن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. ٻهراڙيءَ ۾ ڪنوار کي جيئن نڪاح وقت ڪنڌ ڌوڻائي ”ها“ ڪرائي ويندي آهي، پ پ جي ميمبرن کان به ڪالهه ائين ”ها“ ڪرائي وئي، هڪ به ميمبر ان بل جي مخالفت نه ڪئي. مون جيئن مٿي لکيو آهي ته، هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ مون هن اسيمبليءَ جا ڪئين رنگ ڏٺا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ جڏهن عدالت مان پ پ خلاف فيصلا اچي رهيا هئا ته هڪ نه، ڪئين ڀيرا پ پ جا اهي سمورا ميمبر ڪلهن ۾ اجرڪون ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپيون پائي آيا هئا. اهو به ايوان جو هڪڙو رنگ هو، جڏهن اڳ ۾ هڪ ڀيري ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي عمران ظفر لغاري کان وٺي امداد پتافيءَ تائين، حميرا علواڻيءَ کان وٺي ڪلثوم چانڊيو تائين، اسپيڪر سان ڪاوڙجي احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ئي ٿي ويا، پر ڪالهه سڀ خاموش هئا. جنهن وقت ماروي راشدي ۽ نصرت سحر عباسي اکين ۾ ڳوڙها آڻي سنڌ جي بقا جي حق ۾ نعري بازي ڪري رهيون هيون، ان وقت حميرا علواڻيءَ سوڌو سنڌ سان محبت جون دعويدار ڪئين عورتون ۽ مرد خاموش هئا. مون اسيمبليءَ جي گئلري مان ڏٺو ته انور مهر به خاموش هو، ته مانڌر جو مينڌرو به ماٺ هو. پنهل چانڊيي جي شهيدن جو وارث به خاموش هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو پٽ به ماٺ هو. عجيب ماحول هو اسيمبليءَ جو! شهدادڪوٽ جي استاد جي پٽ جي هٿ ۾ اها ئي مائيڪ هئي، جيڪا مائيڪ کڻي هن ڪجهه مهينا اڳ پرويز مشرف جي قانون جي خاتمي لاءِ ايوان کان راءِ ورتي هئي.
فنڪشنل مسلم ليگ ۽ ان جا اتحادي ميمبر اجلاس شروع ٿيندي ئي احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڪرسيءَ جي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺا، ان دوران حڪومتي ميمبرن ۽ احتجاج ڪندڙ ميمبرن جي وچ ۾ ڪافي ڀيرا سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، پر فنڪشنل ليگ، نيشنل پ پ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين اتحادين صبر جو مظاهرو ڪندي مهذب انداز ۾ پنهنجو احتجاج برقرار رکيو. اسپيڪر نثار احمد کهڙي جڏهن مسرور جتوئيءَ کي چيو ته، اوهان پَٽ تان اٿي بئنچن تي ويهو، ته مسرور جتوئيءَ جواب ڏنو، ”اڄ سڄي سنڌ پَٽ تي ويٺل آهي، اسان به ان سان گڏ پٽ تي ويهون ٿا.“ ماروي راشدي ۽ نصرت سحر عباسيءَ چيو: ”اسان سنڌي قوم جا حقيقي نمائندا آهيون، ان ڪري سنڌي قوم سان گڏ آهيون“.ان کان پهرين هڪ ٻيو به تاريخي واقعو ٿيو، جنهن جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جڏهن فوت ٿيل ماڻهن لاءِ دعا گهري پئي ويئي ته نصرت سحر عباسي اسيمبليءَ جي مولويءَ کي اپيل ڪئي ته، ”اڄ اها به دعا گهري وڃي ته سنڌ خلاف هن اسيمبليءَ مان ڪوبه ڪارو قانون پاس نه ٿئي ۽ الله پاڪ سنڌ کي هميشه محفوظ رکي“. روضي ڌڻيءَ جي درگاهه جي مدرسي ۾ پڙهيل مولويءَ به ڪمال ڪري ڏيکاريو، ان اسيمبليءَ ۾ دعا ڪرائي ته، ”هن ايوان مان سنڌ خلاف ڪوبه ڪارو قانون پاس نه ٿئي، ميمبرن کي همت ملي ته هو سنڌ جو تحفظ ڪن، سنڌ خلاف سازشون ٿيڻ نه ڏين ..... وغيرهه“. مولويءَ جي اهڙي دعا تي نصرت سحر، ماروي راشديءَ سميت مخالف ڌر جي ميمبرن زور سان ”آمين“ چيو، پر پ پ ۽ متحده جا ميمبر خاموش هئا. مولويءَ جي دعا قبول پئي الاءِ نه، پر پ پ آخرڪار اهو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ڇڏيو، جنهن خلاف 10 سال لاڳيتو پ پ ميمبرن ۽ اڳواڻن تقريرون ڪيون هيون.
ڪالهه جتي سنڌ سڄي بند هئي، اتي سنڌ اسيمبليءَ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ سندس اتحادين پاڻ مڃايو. پير پاڳاري جي ڪوششن سان سنڌ جو آواز اسيمبليءَ ۾ گونجيو، ان جو ڪريڊٽ ٻين سان گڏ نصرت سحر عباسي ۽ ماروي راشديءَ کي به وڃي ٿو. وقت هلندو رهندو، زمانه بدلبا رهندا. جتي ڪالهه جي اسٽيبلشمينٽ جي حامي جماعت فنڪشنل ليگ هن وقت سنڌ جو سگهارو آواز بنجي نروار ٿي رهي آهي، اتي سنڌ جا ماڻهو نصرت سحر جي انهن لڙڪن کي به نه وساريندا، جيڪي هن احتجاج بعد بيوسيءَ جي عالم ۾ اسيمبليءَ مان نڪري ڳاڙيا هئا.
(روزاني ڪاوش، 2 آڪٽوبر 2012ع)