14 ڊسمبر جو جلسو: ڪجهه رايا
جي اين مغل
(روزاني عوامي آواز 15 ڊسمبر 2012ع )
سنڌ جي سياسي راڄڌاني حيدرآباد پنهنجي اندر تاريخ جا ڪيترائي باب محفوظ ڪري رکيا آهن. هتي جوڌن سنڌ جي حفاظت لاءِ پنهنجين حياتين جا چراغ گل ڪري هر دور ۾ نئين تاريخ لکي آهي. اهڙي ئي سنڌ جي بقا جي مورچي بڻيل شهر مان فنڪشنل ليگ سگهاري سياسي جدوجهد جو آغاز ڪالهوڪي جلسي سان ڪيو آهي. سنڌ تي مسلط ڪيل ڏکئي دور ۾ پير پاڳاري پنهنجي خانداني روايت کي اڳتي وڌائيندي جڏهن سنڌين جي رهنمائي ۽ ڀرجهلو ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته بظاهر حيرت انگيز ڳالهه ٿي لڳي، ۽ حيدرآباد باءِ پاس وٽ 72 ايڪڙن تي مشتمل جلسي گاهه کي 14 ڊسمبر کان اڳ ۾ جنهن به ڏٺو هوندو، سو خوشگوار حيرت ۾ وڪوڙجي ويو هوندو، وسيع و عريض اجتماع گاهه جو ڀرجڻ وڏو امتحان هو. پير صاحب پاڳاري جي سياسي خود اعتمادي ۽ وقت جو درست انتخاب سياسي بصيرت جو مظهر آهي. سنڌ ۾ منتشر اپوزيشن کي متفق ۽ متحد ڪرڻ ۽ عوامي قوت جي مظاهري لاءِ اهڙي هنڌ جي چونڊ ڪرڻ، جيڪو ماضيءَ ۾ حريت ۽ آزادي جو اهڃاڻ رهيو آهي، اهو به سياسي بصيرت جو ڪمال آهي.
ڪالهوڪي جلسي جي اسٽيج تي بيٺل پيرپاڳاري کي پهرين نظر ۾ حيدرآباد بندي خاني جا اهي برج نظر آيا هوندا، جتي انگريزن مردِ حُر سيّد صبغت الله سورهيه بادشاهه کي سنڌ جي آزاديءَ جي مطالبي تان مڇرجي ڦاهي ڏني هئي. اهڙي طرح هن جلسي جي اسٽيج جي اترئين پاسي مياڻي ڏانهن ويندڙ مارڳ آهي. مياڻيءَ جي دراز قد وڻن جي چوٽين مان واويلا وڻڪار ۽ هوش محمد شيدي جي لفظن ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو پڙاڏو صاف ٻڌڻ ۾ آيو هوندو. جدوجهد جي علامت بڻيل حيدرآباد ڪالهه وري به نئين تاريخ لکندي سياسي پنڊتن کي پريشان ڪري ڇڏيو، جڏهن ستن ڪلاڪن تائين جلسو هليو. پنڊال سان گڏ سمورا روڊ رستا، پارڪنگ ايريا گهرن جون ڇتيون ڀريل هيون ۽ بسن جي ڇتين تي ماڻهن جا انبوهه موجود هئا. سڀ کان اهم ڳالهه تي سنڌ جي عام ماڻهن 14 ڊسمبر واري سڏ کي پنهنجو قومي ڪاڄ سمجهي شرڪت ڪئي، سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهو شاندار اڻ وسرندڙ اجتماع نه رڳو حاضريءَ جي لحاظ کان آئنده سنڌ جي مالڪيءَ ۽ مقبوليت جي هر دعويدار لاءِ للڪار رهندو. گهٽ ۽ ٻوسٽ جا شڪار سنڌ واسي روشنيءَ جي ڳولا ۾ ڪالهه جڏهن حيدرآباد پهتا، انهن ماڻهن جي چهرن جي مهڪ ۽ بيگار بدران بيدار انسانن جو سمنڊ نظر آيو. جيڪو سنڌ جي ويڳاڻپ جي شڪار هر رهواسيءَ لاءِ آٿت جو ڪارڻ به آهي.
ارباب عبدالمالڪ
(روزاني ڪاوش 15 ڊسمبر 2012ع)
*
پير سائين پاڳاري جي سڏ تي جيڪي لکين ماڻهو سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش جي احتجاج لاءِ حيدرآباد ۾ ڪٺا ٿيا اها نه رڳو سنڌ پر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي سياسي تبديلي آهي، ڇو ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هاڻي قيادت جي تبديلي جي شديد گهرج آهي ۽ سنڌي ماڻهن، سنڌ جي سمورن مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهن هڪ وڏي انسان جي پويان لڳي اهو اعلان ڪيو آهي ته هاڻ سنڌ کي نئون قائد مليو آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي سرواڻي ڪندو.
انگريزن جي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ، سنڌي قوم کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پير سائين صبغت الله شاهه راشدي ”سورهيه بادشاهه“ جيڪا قرباني ڏني ۽ جنهن بهادري ۽ جرئت سان سامراج خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو، اها قرباني ۽ اها جدوجهد ڪنهن کان فراموش ٿيڻ جهڙي نه آهي ۽ موجوده پير سائين پاڳارو به پنهنجي خاندان جي وجاهت ۽ فضيلت ڪري انتهائي معتبر ماڻهو آهي ۽ اسان سنڌي قوم جي حيثيت ۾ ٻنهي سورهين تي فخر ڪندا رهنداسين.
حيدرآباد ۾ ڪٺي ٿيل هنن لکين سياسي سماجي، ادبي، قومپرست ۽ ٻين قوتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن حڪمرانن ڏانهن اهو پيغام اُماڻيو آهي ته هاڻ سنڌي ماڻهن کي هڪ بيباڪ قيادت ۽ هڪ مضبوط پليٽفارم ملي ويو آهي. هن جلسي ۾ سنڌي ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ کانپوءِ حڪمرانن پنهنجي شڪست ڏسي ورتي آهي ۽ هاڻ انهن کي بي موت مرڻ جو انتظار آهي، ان ڪري اهي ڀڄڻ جو موقعو ڳولهي رهيا آهن، پر اسين سنڌي قوم جا باشعور فرد انهن ڪرپٽ ۽ بدعنوان حڪمرانن جو احتساب ڏسڻ چاهيون ٿا. سنڌ جا قومپرست به هاڻ سنڌ جي هن دلير قيادت جي پٺيان متفق ٿي بيٺا آهن، جنهن جا وڏا اثر پوندا ۽ سنڌي ماڻهو هاڻي سنڌ جي قومپرستن کي وڌ کان وڌ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. اها نيشنلسٽن جي غلطي هئي جن اليڪشن ۾ منظم انداز ۾ حصو نه ورتو، پر هاڻي قومپرستن جو وسيع تر ۽ عاليشان اتحاد قائم ٿيندو ۽ سنڌ جون سموريون قومپرست، ترقي پسند، جمهوريت پسند قوتون ”هڪ سنڌ، هڪ نظام“ جي نعري هيٺ گڏ ٿي آمراڻا فيصلا مڙهيندڙ حڪمرانن ۽ غير جمهوري روايتن کي فروغ ڏيندڙ فرسوده پارٽين مان نجات حاصل ڪنديون.
سنڌ جي نالي تي هڪ جهنڊي واري هڪ گڏيل پارٽي ٺهڻ گهرجي، اها سڀني جي خواهش آهي، پر جيئن ته مڪتبهءِ فڪر الڳ الڳ هجڻ ڪري اها جمهوريت روايتن جي مجبوري آهي ته سڀئي پنهنجي پنهنجي منشور تي ڪم ڪندي به هڪ گڏيل اتحاد جي ڇانوري ۾ ويهي سگهن ٿا ۽ اهو ضروري به نه آهي ته هڪ پارٽي هجي، ذاتي ۽ گروهي مفادن کان مٿانهون هڪ گڏيل اتحاد به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ان ڪري پير سائين پاڳاري جي قيادت تي اهو اعتبار ڪري سگهجي ٿو، ته هي پنهنجي خانداني وچن کي نه وساريندي، سنڌي قوم خلاف ڪڏهن به ڪو قدم نه کڻندو ۽ هميشه سنڌ دوست رهندو، اهو اعتبار ڪري سندس پٺيان هلڻ تمام ضروري آهي. پير صاحب پاڳاري کي به اپيل آهي ته پاڪستان حاصل ڪندڙ ”پاڪستان مسلم ليگ“ جي نالي تي سياست ڪندڙن سنڌي ماڻهن ۽ ملڪي عوام سان جيڪي دوکيبازيون ڪيون آهن، انهن کي ياد ڪري ماڻهو انهن کان خائف ٿيل آهن، ان ڪري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي پارٽيءَ جو نالو ”مسلم ليگ“ بدران ”عوامي ليگ“ رکيو وڃي ته جيئن ماڻهن جو سياست ۽ سياسي پارٽين جي نالي تان کڄيل اعتماد واپس بحال ٿي سگهي. (ٽيلي فون تي ورتل راءِ)
يوسف سنڌي
(روزاني مهراڻ، 15 ڊسمبر 2012ع)