12 سيپٽمبر 2012ع
ضلعي چيئرمين ميئرز جي ماتحت هوندا، آرڊيننس ۾ ترميم. پ پ ۽ متحده جي ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آرڊيننس جو جائزو وٺي ترميم ڪئي وئي، 18 ضلعا 5 ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جي ماتحت ٿي ويندا. ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي چيف ميٽرو پوليٽن آفيسر کي ضلعن جو انتظامي سربراهه بڻايو ويو. ترميم ٿيل مواد مليو آهي، پ پ خطرناڪ رستي تي سفر شروع ڪيو آهي، جيڪو سنڌ کي هاڃو رسائيندو: امتياز شيخ.
مڪاني چونڊ زرداريءَ جي چال آهي، سنڌ جي معاملي تي قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، الطاف حسين جي بيانن کانپوءِ ايم ڪيو ايم سان جيتريون ڳالهيون ٿيون اهي ئي گهڻيون آهن. مڪاني نظام تي سنڌ ورهايل آهي، اهڙي ڪم جو ڪهڙو فائدو جنهن مان سنڌي عوام مطمئن نه هجي. نگران حڪومت اپوزيشن ليڊر جي مشاورت سان ٺهندي، عام چونڊن کان اڳ مڪاني چونڊن جو شوشو ڇو ڇڏيو ويو. نواز شريف.
مڪاني آرڊيننس سنڌ دشمن ۽ ڪارو قانون قرار، ٻٽو نظام غداري آهيُ: امتياز شيخ. سڀاڻي واري هڙتال ڪامياب ڪرائڻ لاءِ چونڊيل نمائندا تڪن ۾ رهندا، سنڌ جي ورهاست قبول نه آهي. ميئر وٽ يوسيز جا ٺهراءَ رد ڪرڻ جو به اختيار آهي، وڏي وزير کان به ميئر وڌيڪ با اختيار آهي. حڪومت آرڊيننس واپس وٺي، پ پ ٻڌائي سنڌ جو اڃا ڪيترو سودو ڪندي: ڄام مدد جي پريس ڪانفرنس.
ٻٽي نظام تي حڪمرانن سان ڳالهيون نه ٿينديون، مرحليوار تحريڪ هلائينداسين: پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سازش تحت نئون مڪاني نظام وارو آرڊيننس آندو آهي، ڪنهن کي به اڃا ڪاپي نه ملي آهي. سنڌ قومي وحدت ۽ هڪ صوبو آهي، ان ڪري نظام به هڪ هئڻ گهرجي، سنڌ جو عوام ٻٽو نظام قبول نه ڪندو. قادر مگسي. (روزاني عوامي آواز)
خدشو آهي ته سڀاڻي واري هڙتال دوران 12 مئي جهڙو سانحو نه ٿئي: قادر مگسي. متحده ۽ پ پ شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙي ۾ جيالا گردي جو پروگرام رٿيو آهي. چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ گهرجي اسان پُر امن هڙتال جو سڏ ڏنو آهي: پريس ڪانفرنس.
سنڌ جو غيرتمند پٽ ڪنڌ ڪپائيندو پر سنڌ ورهائڻ نه ڏيندو: حڪيم بلوچ.
نئين مڪاني نظام تي خاموش رهندڙن کي تاريخ معاف نه ڪندي: تاج محمد ڊومڪي. سنڌ جو باشعور عوام هڪ صوبي ۾ ٻه نظام قائم ڪرڻ خلاف ٿيندڙ هڙتال کي ڪامياب بڻائي. حڪمران نئون مڪاني آرڊيننس جاري ڪري سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن: مجيد سيال.
سنڌ ۾ مڪاني نظام واري آرڊيننس خلاف سڀاڻي هڙتال. ڪاميابي لاءِ سرگرميون، مظاهرا. مختلف شهرن ۾ قومپرست ۽ سياسي پارٽين جون گڏجاڻيون ٿيون، هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو.
مڪاني نظام وارو آرڊيننس ختم نه ڪيو ويو ته نتيجن جي ذميواري رياست هوندي: صنعان قريشي.
آرڊيننس واپس نه ٿيو ته ايم آر ڊي کان به وڏي تحريڪ شروع ٿيندي: زرداري ۽ سندس ساٿين سنڌ متحده حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن وقت هر سنڌي لاءِ ڌرتي بچائڻ اهم آهي. 13 سيپٽمبر تي سمورا سنڌي هڙتال ڪامياب بڻائين، ڪو به پوئتي هٽيو ته کيس سنڌي سڏائڻ جو حق ناهي. ممتاز علي ڀٽو.
مڪاني آرڊيننس متحده جو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو پراڻو منصوبو آهي: ابرار قاضي. متحده سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ۾ مصروف عمل رهندي پئي اچي، پ پ جا ويڪائو وڏيرا به شامل آهن. سنڌ جا وارث آهيون، 13 سيپٽمبر واري هڙتال جي حمايت ڪيون ٿا: حيدرآباد ۾ بريفنگ.
هڙتال کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پاڻي نيڪال نه پيو ڪرايو وڃي، شڪارپور جا سياستدان. جي يو آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪن مڪاني نظام خلاف سڀاڻي ٿيندڙ هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺندا. خالد محمود سومرو. (روزاني ڪاوش)