16 سيپٽمبر 2012ع
قومپرست ۽ ترقي پسند ٻٽي مڪاني نظام خلاف سگهاري جدوجهد ڪن: سنڌي احتجاج ڪن ٿا ته دهشتگردن هٿان گوليون هلائي نوجوانن جا لاش ڪيرايا وڃن ٿا. اياز لطيف
نئون مڪاني نظام نامنظور. ڌرڻي ڌڻين جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا. جسقم، جسمم، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا. سن، ڀان سيد آباد ۽ احمد پور ۾ ڌرتي جي پٽن مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ۽ نعريبازي ڪئي. نئون مڪاني نظام پ پ جو سنڌ سان دشمني جو ثبوت آهي، آرڊيننس واپس ورتو وڃي: اڳواڻ.
مڪاني نظام خلاف واويلا ڪندڙ سنڌ دشمن آهن، اتحادي ۽ اسان به لکين ماڻهو گڏ ڪري سگهون ٿا: استعيفائون ڏيندڙ اتحادي ياد رکن ته موجوده بلدياتي نظام عوام جي نمائندن ڏنو آهي. مخالفت ڪندڙ جماعتون پارليامينٽ ۾ آواز اٿارين، سنڌ جي حقن جي دعويٰ ڪندڙ نواز شريف جا اتحادي بڻيل آهن. موجوده مڪاني نظام سان سنڌ خوشحال ٿيندي، سنڌ جي ماڻهن کي تعصب پرستي وارا رويا ڇڏي سنڌ جي مفادن لاءِ سوچڻ گهرجي. مخدوم جميل الزمان.
(روزاني عوامي آواز)