10 سيپٽمبر 2012ع
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر کي ڏنل اختيار قانون ۾ وڏي وزير کي به حاصل ناهن. ضلعي ڪائونسل کي ٽائون ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسل جا ٺهراءَ رد ڪرڻ جو اختيار، ميئر ٽي ايم ايز خلاف ڪاروائي به ڪري سگهندو. ڪراچي سميت 5 ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن ۾ ضلعن جون ٽي ايم ايز ۽ يوسيز ميئر جي ڪنٽرول ۾ اچي وينديون. ڪراچي ۾ ٻهراڙي وارن علائقن جي ٽي ايم ايز سميت پٺاڻن ۽ ٻين آبادين جي چونڊجي ايندڙ چيئرمينن ۽ ڪائونسلن تي ميئر جو ڪنٽرول هوندو. ڪنهن يونين ڪائونسل ۽ تعلقي ڪائونسل جو ٺهراءَ رد ڪرڻ وارا مڪمل اختيار وڏي وزير کي حاصل ناهن، هو لوڪل گورنمينٽ ڪميشن کان پهرين جاچ ڪرائيندو.
نئين نظام ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جو انتظامي ڪردار ختم. ڊپٽي ڪمشنر مقرر هجڻ باوجود غير جانبدار انتظامي سربراهه وارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا. پوليس کي استعمال ڪرڻ جا اختيار ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي حاصل هوندا. سول ڊفينس ۽ ٻين معاملن ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي حاصل اختيار هاڻي ميئر وٽ هوندا. ميئر پوليس وارا مليل اختيار سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا: قانوني ماهر.
ميٽرو پوليٽن صوبائي سرڪار جي زمينن جي قسمت جا فيصلا ڪري سگهنديون. ڪارپوريشنون زمين جو ماسٽر پلان جوڙي لينڊ مئنيجمينٽ ڪري سگهن ٿيون. زوننگ جا اختيار ملڻ بعد ڪارپوريشنون واپاري مرڪز اڏڻ جي اجازت ڏئي سگهنديون: ماهر. سنڌ حڪومت پاران 27 شعبن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا اختيار ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي. نئين مڪاني نظام تحت پراپرٽي ٽيڪس، تعليم ۽ صحت سميت 27 شعبن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا اختيار. آرڊيننس ۾ ميٽرو پوليٽن ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ مخالف ڌر جي ڪردار بابت ڪا به شق شامل ناهي.
قومپرست اجائي واويلا پيا ڪن 4 ڪريڪر ڦاڙي ڪير به هڙتال ڪرائي سگهي ٿو: خورشيد شاهه. آرڊيننس سبب امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي: فنڪشنل ليگ. بلدياتي آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي، مڪمل رد ڪريون ٿا: عمران خان. (روزاني ڪاوش)
پ پ سنڌ جي پارليامينٽرين جو اجلاس. نئين مڪاني نظام جي مخالفن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حِڪمت عملي تيار. پير مظهر الحق جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع جي مڪمل حمايت جو اعلان ۽ بل جي شڪل ۾ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو. اجلاس ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن نئين آرڊيننس جي حمايت ۾ مهم هلائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، عوام سخت ناراض آهي: ميمبر. آرڊيننس جي حمايت ۾ مهم نه هلائيندڙ ۽ پارٽي قيادت جا حڪم نظر انداز ڪندڙ ميمبرن خلاف ڪاروائي ٿيندي: صدر آصف علي زرداري جو پيغام. اڪثر ميمبرن کي اجلاس ۾ ڳالهائڻ ئي نه ڏنو ويو، کين هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 13 سيپٽمبر واري هڙتال کي ناڪام بڻائين: ذريعا.
مڪاني نظام واري آرڊيننس خلاف هڙتال جي حمايت لاءِ قوم پرستن جو اي اين پي سان رابطو. هڙتال واري ڏينهن ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ۽ ڪنهن به باهه لڳائڻ جي واقعي لاءِ ذميوار متحده هوندي: شاهه محمد شاهه. 13 تي سيپٽمبر سنڌ ۾ ڪک به نه چرندو، الطاف بندوق جي زور تي ڳالهائي رهيو آهي: صحافين سان ڳالهيون.
سنڌ ۾ نئين مڪاني نظام خلاف ڌرتي ڌڻي طوفاني برسات ۾ به سراپا احتجاج. ڪراچي، سکر، نواب شاهه، نواب ولي محمد ۽ ڀٽ شاهه ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. ملير، دوڙ ۽ نئين ڪوٽ سوڌو ٻين شهرن ۾ سخت احتجاج، ڇتي نعريبازي. حڪمرانن اقتدار خاطر ڌرتي سان غداري ڪئي، کين تاريخ معاف نه ڪندي: اڳواڻ. (روزاني عوامي آواز)