26 سيپٽمبر 2012ع
سنڌ جا روڊ ۽ رستا اڄ مڪمل طور بند رهندا، وڏو وزير مڪاني نظام تي مناظرو ڪري: جلال شاهه. سنڌي اڳ جيان ڦيٿا روڪ هڙتال ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، عوام روڊن تي نه اچي: شهر کليل رهندا. (روزاني عوامي آواز)
ايم ڪيو ايم جي الٽيميٽم بعد قائم علي شاهه گورنر هائوس پهچي ويو، تحفظات ختم ڪرڻ جي خاطري. گورنر ۽ وڏي وزير ۾ ٿيل ڳالهين ۾ بابر غوري ۽ شرجيل ميمڻ به شريڪ، ايم ڪيو ايم آرڊيننس فوري طور لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اهو به مطالبو رکيو ويو ته ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل صوبائي وزيرن جا سي ايم هائوس ۾ ڦاٿل فائل، اُڪلايا وڃن: ذريعا. رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر عاصم به رابطا شروع ڪري ڇڏيا، صدر زرداري کي آگاهي، وڏي وزير پ پ اڳواڻن سان به مشاورت ڪئي.
پ پ وارا مون سان مناظرو ڪن، قائل ڪري ويا ته حڪومت ۾ ويهنداسين. ميئر کي ايترا اختيار آهن، جو منهنجي گهر تي به قبضو ڪري سگهي ٿو. آرڊيننس مان اندازو ٿئي ٿو ته حڪومت اندر حڪومت قائم ڪئي ويندي. پير پاڳارو. (روزاني ڪاوش)