17 سيپٽمبر 2012ع
21 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جو فيصلو، آرڊيننس سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ٿيو ته گهيراءُ ڪيو ويندو: جلال شاهه. سنڌ بچايو ڪميٽي پاران عوامي رابطا مهم جو فيصلو، 26 سيپٽمبر تي مُک شاهراهون بند ڪرڻ جو اعلان. حيدر منزل تي سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جو اجلاس، هر جمعي تي بک هڙتال، اربع تي روڊ بلاڪ ۽ آچر تي مظاهرن جو اعلان.
عوامي تحريڪ جو مڪاني نظام جي آرڊيننس خلاف 4 ڌرڻا هڻڻ جو اعلان. 23 سيپٽمبر گهاري وٽ ڌرڻو هنيو ويندو، وڳڻ، موري ۽ حيدرآباد ۾ ڌرڻا هنيا ويندا. (روزاني عوامي آواز)
سنڌ بچايو ڪاميٽي مڪاني آرڊيننس خلاف 21 سيپٽمبر کان تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حيدر منزل ڪراچي ۾ جلال شاهه جي صدارت ۾ ڪاميٽي جو اجلاس، هر هفتي سنڌ ۾ 3 ڏينهن جلسا ۽ بک هڙتالون ٿينديون. قادر مگسي، سليم ضياءَ، آڪاش ملاح، صفدر سرڪي، قادر رانٽو، رياض چانڊيو، علي حسن چانڊيو، ابرار قاضي ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ. مڪاني آرڊيننس خلاف هر اربع تي سنڌ ۾ مک روڊ بلاڪ ڪيا ويندا ۽ هر آچر تي ضلعن ۾ ريليون نڪرنديون: جلال شاهه. هر جمعي تي سنڌ جي سمورين پريس ڪلبن آڏو بک هڙتالون ڪيون وينديون، سنڌ آرڊيننس کي رد ڪري چڪي آهي.
ٻه نظام لاڳو ڪرڻ سبب سنڌ پاڻمرادو ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي: ماروي ميمڻ. پ پ وارن جو اهو عمل سنڌ سان دشمني ڪرڻ جو کليل ثبوت آهي. پ پ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڊڪٽيٽر پارٽي بڻجي وئي آهي: کيئل داس ڪوهستاني. (روزاني ڪاوش)