14 سيپٽمبر 2012ع
ايم ڪيو ايم جو سياسي ايڊمنسٽريٽر وارو مطالبو رد. ايم ڪيو ايم هڪ ئي وقت 2 عهديدار رکڻ واري شق خارج ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو پ پ قبول نه ڪيو.
آرڊيننس جي 8 مان 7 شيڊيول اڃا تيار ئي نه ٿيا. گزيٽ نوٽيفڪيشن ۾ رڳو شيڊيول پهرئين جا تفصيل ڏنا ويا.
مڪاني حڪومت جو چيف آفيسر پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر قرار. چيف آفيسر کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر قرار ڏيڻ سان ميٽروپوليٽن کي مڪمل مالياتي خود مختياري هوندي.
سڄي سنڌ مڪاني ادارن جي تڪراري آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو، مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، مظاهرا، ڌرڻا، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، سوين گرفتار. حيدرآباد ۾ اڪثريتي علائقا بند، روڊ ويران، جسقم، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جست، جسمم، جسم، فنڪشنل ليگ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن جا مظاهرا، ڌرڻا، چڪريون، فائرنگ، زوري دڪان کولرائڻ جي ڪوشش 4 کان وڌيڪ زخمي، وڪيلن جو مظاهرو. سکر ۾ شٽرڊائون، روڊن تان ٽرئفڪ غائب، هڪ سياسي تنظيم پاران دڪان کولرائڻ جي ڪوشش، پوليس ۽ قومپرست ڪارڪنن ۾ جهڙپون، 10 کان وڌيڪ گرفتار، شادي پلي ۽ ڪنري ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. هالا، نيو سعيد آباد، مٽياري، اڏيرو لال، چمبڙ، کيبر، پليجاڻي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو قيصر، پنو عاقل، صالح پَٽ، باگڙجي ۾ مڪمل شٽرڊائون، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. عمر ڪوٽ ۾ هزارين حر روڊن تي نڪري آيا، سامارو، مٺي، ٿرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، چيلهار، دادو، ڀان سيد آباد، ڪي اين شاهه، جوهي، سيتا روڊ، ميهڙ، ڄامشورو، سيوهڻ، سن، مانجهند، نوري آباد ۾ هڙتال دوران ڪيترائي گرفتار. گهوٽڪي، ڏهرڪي، لاڙڪاڻو، قمبر، خانپور مهر، شڪارپور، شهدادڪوٽ، بدين، ميرپور خاص، سنڌڙي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، ڪوٽ غلام محمد ۾ هڙتال. ميرپور خاص ۾ ريلي تي هٿياربندن جي فائرنگ، عوامي تحريڪ جو ڪارڪن شهادت جروار مارجي ويو. ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ، صدر، شاهراهه فيصل، ڪشمير روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ جزوي، ملير، گلشن حديد، ڪاٺوڙ، گڏاپ، ايئرپورٽ، ماڊل ڪالوني ۽ ٻيا علائقا بند رهيا، خيرپور، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ٺٽو، سڪرنڊ، سانگهڙ، شهداد پور، جيڪب آباد ۾ هڙتال، مظاهرا، ڌرڻا، فائرنگ.
هڙتال ريفريندم آهي، آرڊيننس واپس نه ورتو ويو ته تحريڪ هلائينداسين: قومپرست. ميرپورخاص ۾ شهيد ٿيل عوامي تحريڪ جي ڪارڪن شهادت جروار ۽ زخمين جو ڪيس پ پ ۽ ايم ڪيو ايم خلاف داخل ڪيو وڃي: جلال شاهه. عوام حڪومت جي سازشن ۽ تشدد باوجود ڪامياب هڙتال ڪري آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو. قادر مگسي. هڪ ڪارڪن شهيد ۽ 325 گرفتار ڪيا ويا آهن، اڄ سوڳ ملهائبو، 20 سيپٽمبر کان ڌرڻا هڻنداسين: اياز لطيف. آرڊيننس واپس وٺي گرفتار ڪارڪن آزاد نه ڪيا ويا ته وڏي تحريڪ هلائي ويندي: صنعان قريشي. عوام سنڌ ۾ ٻٽي نظام کي رد ڪري ڇڏيو آهي: صفدر سرڪي / رياض چانڊيو. ڪامياب هڙتال تي عوام کي مبارڪون: امير ڀنڀرو، ابرار قاضي، قمر ڀٽي، اسد ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ.
(روزاني ڪاوش)