28 سيپٽمبر 2012ع
ڪراچي پوليس ۾ ٻٽو نظام بحال، 19 ٽائونن ۾ ايس پيز مقرر. ڪورنگي، لانڍي، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ اورنگي ٽائون جون پوسٽون بحال. نوان ايس پي ضلعي ايس ايس پي جي ماتحت هوندا، ڪراچي ۾ جاچ شعبو به ڌار هوندو.
ايس ٽي پي پاران اڄ شام هالاڻي ۾ جلسو ٿيندو. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ ٻٽو نظام قبول نه ڪندو: قادرمگسي. دلشاد ابڙو سنڌ ۾ ٻٽي نظام جو پهريون شهيد آهي، هاڻ پ پ جو سنڌ ڪارڊ ڪيش نه ٿي سگهندو. ايندڙ چونڊن ۾ ايس ٽي پي سنڌ ۾ ٽيون نمبر پارٽي ٿي اُڀرندي: حيدرآباد ۾ ورسي ۽ نئون دمبالو ۾ ميڙاڪي کي خطاب. (روزاني ڪاوش)