سنڌو جي موج مستي نرالي ،
ڪٿي خوشيون ڪٿ اک آلي .
هر طرف اچي ويو آهي آب ،
غريبن جي ٿي وئي بد حالي .
جتي گونجيا خوشين جا گيت ،
اهي اڱڻ ڪري ويا خالي .
ڏکن ۾ به مهمان نواز آهيون ،
سنڌي ثقافت اٿئون سنڀالي .
محنت سان ئي ملي ٿي منزل ،
همت ڪريو نه ٿيو سوالي .
مايوسي کي ڇڏي ٿيو گڏ ،
مددگار ٿيندو پنهنجو والي .
هڪ ڏينهن آخر اهڙو ايندو ،
واهڻ وستي ۾ ٿيندي خوشحالي .
خادم سکن سندو سنسار جڙندو ،
ختم ٿيڻي آهي رات ڪالي .
**