شاعري

دل تہ چوي ٿي

مشتاق ڦل سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ ڏات بہ آهي ته ڏانءُ بہ، هو سادن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو هُنر ڄاڻي ٿو. هر اهل دل سندس شاعري ۽ خيال کي پنهنجي ترجماني محسوس ڪندو. 
  • 4.5/5.0
  • 10774
  • 1143
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دل تہ چوي ٿي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ جا سڄڻو سلام ..........
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان جيڪي ڪوششون شروع ڪيون هيون انهن جو مقصد ڪمپيوٽر ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي واڌاري ۽ ترقيء جو هيو. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو سسلو شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي جو هي چوٿون ڪتاب ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعري “دل ته چوي ٿي” پيش آهي. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا، جنهن پنهنجي خوبصورت شاعريء جو هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. هي ڪتاب سنيهو پبليڪيشن، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو آهي.

اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com

ارپنا

سنڌ جي امر ۽ اڏول ڪردارن

سورهيه بادشاهه پير سيد صبغت الله شاهه راشدي

۽

سائين جي ايم سيد

جي نانءُ

جن پنهنجون حياتيون مٽي ۽ ماڻهن جي لاءِ
ارپي وطن پرستيءَ جي جذبي کي نئون رنگ ڏنو.

پبلشر نوٽ:

سنيهو پبلشرس پنهنجي سفر جي شروعات شاعريءَ جي ڪتاب سان ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو تاثر عام آهي ته شاعري واري ڪتاب جو وڪرو ڏاڍو سُست هوندو آهي پر اسين اها سوچ سامهون رکي آهي ته هر سُٺي شئي پنهنجي جاءِ پاڻهي ٺاهيندي آهي. مشتاق ڦل سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به، هو سادن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو هُنر ڄاڻي ٿو. هر اهل دل سندس شاعري ۽ خيال کي پنهنجي ترجماني محسوس ڪندو. مشتاق ڦل جي پهرئين ڪتاب ”هوءَ، مان ۽ ڄامشورو“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي. سندس هي ٻيو ڪتاب ”دل ته چوي ٿي...“ به يقينن شاعري پڙهندڙن ۽ محبت ڪندڙن کي مايوس نه ڪندو.
سُٺو خيال خوبصورت گل جيان هوندو آهي جيڪو دل جي ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪري ٿو ۽ پنهنجي خوشبوءِ سان سموري ماحول کي مهڪائي ڇڏي ٿو. اسان جي هن خوبصورت شاعر جا خيال به پيار جي خوشبوءِ ڦهلائڻ سان گڏوگڏ اُميد ۽ اُتساهه ۾ يقين ڏيارن ٿا.
سنيهو پبلشرس پيار جو پهريون تحفو اوهان تائين پهچائي اها اُميد ڪري ٿو ته اسان جي تحفي کي نه رڳو دل سان قبول ڪريو پر پنهنجي راءِ توڙي رهنمائيءَ سان به نوازيو.

مرتضيٰ سيال
سنيهو پبلشرس, ڄامشورو
03332606436

شاعر پاران

جديد سنڌي شاعري آسمان ۾ جرڪندڙ ستارن جيان خوبصورت ۽ سهڻن شاعرن سان ڀري پئي آهي، مون کي ته اها به خبرناهي ته ان ڊگهي قطار ۾، مون جهڙي شاعر جو ڪو ذڪر ٿيندو به الائي نه!
خير پاڻ فقير ماڻهو، ان چڪر ۾ پئون به ڇو؟ پاڻ ته هونءَ به ننڍڙا ۽ سيکڙاٽ شاعر ئي رهڻ چاهيون ٿا جن کي سدائين ڪانه ڪا آرزو هجي، پاڻ ته جستجو ۽ جدوجهد جي رستي تي هلندڙ اهڙا مسافر ٿيڻ چاهيون ٿا جن جي لفظ لفظ مان اميد جا گل ٽڙن ۽ تمنائن جا ڏيئا ٻرندا رهن. پر ڇا ڪجي، ڪٿي ڪٿي ڪائنات جا رنگ ڏسي هرڪي به پئون ٿا ته ڪٿي وري ڪائناتي رنگن مٿان ٿيندڙ انيائن تي ڇرڪي به پئون ٿا!
پاڻ بنا ڪنهن پرواهه ڪرڻ جي دل جي ڳالهه دل ۾ رکڻ بجاءِ شاعريءَ جي روپ ۾ پنن تي اوتي ورتي آهي پوءِ کڻي اها پنهنجي ڳالهه هجي يا ماڻهن جي ڳالهه! پر ڳالهه ته وري به درد جي آهي نه! ماڻهن جو درد منهنجو درد ۽ منهنجو درد ماڻهن جو درد آهي، ڇو ته پاڻ سڀئي مٽيءَ جا ماڻهو آهيون، مٽي به اهڙي جنهن جي هزار ها سالن جي تاريخ هجي، جنهن شادابيون ڏٺيون هجن ته سو ڪهڙا به، جنهن تي عاشقيءَ ۽ امن جي گيتن جي گونجار به ٿي هجي ته راتاها به لڳا هجن.
مون کي اها به خبر ناهي ته منهنجي شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو پيغام به آهي جيڪو مون ڏيڻ چاهيو هجي، ٿي سگهي ٿو ته دل جي ڳالهه مان چئي نه سگهيو هجان پر هڪ آرزو هڪ اميد، هڪ تمنا منهنجي من کي تڙپائيندي ۽ تنگ ڪندي رهي آهي، اها منهنجي ذاتي درد جي آتم ڪٿا به ٿي سگهي ٿي ته مٽي ۽ مٽيءَ جي ماڻهن جي حالت و زار جو ماتم به!!
بس دل ته چوي ٿي ڪا اهڙي تبديلي اچي جنهن جا اثر اسان ۽ اسان کان پوءِ واري نسل تي اهڙا ته پون جو پيار، امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جون ڪي نيون ۽ سهڻيون روايتون قائم ٿين، بهرحال هي ته هڪڙو خواب آهي جيڪو هر پيار ڪندڙ معصوم ۽ نفيس ماڻهوءَ جي دل ۾ بانبڙا ڏيندو ٿو وتي، مون به جيڪو ڪجهه لکيو آهي ان ۾ اهڙي ئي هڪ آس آهي.
مان سنيهو پبلشرز ڄامشورو جي سموري سٿ خصوصاً پنهنجي دوست ۽ محسن مرتضيٰ سيال جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي شاعريءَ جي پهرئين ڪتاب ”هُؤ مان ۽ ڄامشورو“ کان پوءِ مون کي ٻيهر اُتساهيو ته مان کيس پنهنجي شاعريءَ جي هن ڪتاب ”دل ته چوي ٿي“ جو مواد ڏيان ته جيئن هو پنهنجي پبليڪيشن جي پهرين سوکڙي منهنجي ڪتاب جي صورت ۾ سنگت تائين پهچائي.

مشتاق ڦُل
13 مئي 2010
فيض جو گهر ڪُنب
Mushatque-phull @ yahoo.co

غزل

---

تخت جي، تاج جي، درد جي دار جي

تخت جي، تاج جي، درد جي دار جي
ڳالهه ڪاٿي ٿي وسري سگهي يار جي

ڄامشوري جي آغوش ۾ ڇوڪري
ڇانوَ آهي ٿڌي نِم جي ڏار جي

رات نيڻن جي بستر تي ليٽي پئي
۽ ڪهاڻي شروع ٿي اُتان پيار جي

سوال، توڙي عجب جون نشانيون ڪَئي
ويندي ويندي رکي وئي سڳنڌ سار جي

لفظ ٻولي ۽ لهجي تي رکجي نظر
پرک پوءِ ڀي ڪبي آهي ڪردار جي

پيار، سَڏَ، ٻُچڪرون ۽ امڙ جي چُمي
ڪيڏي قسمت سُٺي آ ننڍي ٻار جي

هل ٻئي ٿا هلئون واهه جي ڪَپ تي
اچ ته ڪيفيت ڏسؤن جهوني ميهار جي

چنگ ناهي وڳو ۽ چڙيون چُپ هن
ماٺ ماري وڌو نيٺ ٻڪرار جي

باهه وانگر پکڙجي وئي ملڪ ۾
ڳالهه اوڙي ۽ پاڙي جي تڪرار جي

هڪڙو مشتاق آ ۽ مسئلا سوين!
آهه ڪنهن وٽ دوا دل جي بيار جي؟

دوستيءَ کي ئي وڌائڻ ٿو گُهري

دوستيءَ کي ئي وڌائڻ ٿو گُهري
دشمنيءَ جا پير ڊاهڻ ٿو گهري

مائرون محفوظ ٻچڙا خوش هجن
گيتُ اهڙوئي ڪو ڳائڻ ٿو گهري

درد جڱي در تي بيهاري ۽ وري
ڪو اسان کي آزمائڻ ٿو گهري

تنهنجي سيني ۾ لڪائي منهن ”مُشي“
آخري ڳوڙها وهائڻ ٿو گهري

ڳالهه دل ۾ ڪا اٿس هڪ پيار جي
ڳالهه توکي سان ٻُڌائڻ ٿو گهري

ڇا ڪبو دنيا جي سوڀيا سونهن کي
بس رڳو توکي ئي پائڻ ٿو گهري

کير جون نديون کڻي ٻئي هنڌ وَهن
سنڌ تنهنجو ئي سڏائڻ ٿو گهري

نفرتن جي شهر ۾ “مشتاق ڦُل”
محبتن جا گل ورهائڻ ٿو گهري

دل ۾ ننڍڙو گهر اڏيو ٿم پيار جو

دل ۾ ننڍڙو گهر اڏيو ٿم پيار جو
جنهن ۾ هڪ ڦوٽو رکيل آ يار جو

ٿورڙي ڪاوڙ غصو، تڪرار ۽
مرڪندڙ منظر سڄي سنسار جو!

برفباري هلڪي هلڪي بوند ۾
هٿ پڪڙي ڪو هلي ٿو يار جو!

گلَ خوشبو ۽ پکين جو چهچٽو
۽ وري هيڏو مزو وڻڪار جو!

چنڊ، تارا نيرو نيرو آسمان
ٽهڪ ننڍڙي پتڪڙي ڪنهن ٻار جو!

سمنڊ ڇوليون، ڇوڪري ۽ ٻيڙيون
گيت ڳائن پيا پرينءَ جو پار جو!

روز اڌ ۾ فون ٿي ڪٽجي وڃي
ڇا ڪجي سوچيان ٿو اهڙي تار جو!

بالڪُنيءَ ۾ بيٺي بيٺي وار سُڪائي ٿي

بالڪُنيءَ ۾ بيٺي بيٺي وار سُڪائي ٿي
دروازي کان ٻاهر نڪري درد ورهائي ٿي

هير، هوا، هُٻڪارون، سپنا، سارون ۽ سوداءُ
پنهنجي هٿ سان هِن وٽ هُن وٽ پاڻَ پڄائي ٿي

روز صبح جو آئيني جي سامهون هُوءَ بيهي
پنهنجا ڳوڙها پاڻ اُگهي ٿي ۽ پڇتائي ٿي

دل ئي دل ۾ خيال پچائي لڙڪ وهائي ٿي
مان سمجهان ٿو هُوءَ به هاڻي ڪنهن کي چاهي ٿي

هاڻ وڏي ٿي وئي آ شايد دلڙيون ٽوڙي ٿي
پيار ڏئي ٿي پيار وٺي ٿي ۽ شرمائي ٿي

جي ماڻهو آ ته ماڻهوءَ کي به ڪنهن مُنهمان ۾ رکجي

جي ماڻهو آ ته ماڻهوءَ کي به ڪنهن مُنهمان ۾ رکجي
ضروري ناهه سنڌ کي روز ڪنهن نقصان ۾ رکجي

ڪو مالهي آ ڪو مالڪ آ، ڪنهن جي تخليق آ سهڻي
اجايو گل پٽي گل کي نه ڪنهن گلدان ۾ رکجي

گهڻيون ئي غير جون اِٽڪيون ۽ ٻٽڪيون پي سٺيون آهن
سموري ڳالهه کي آڻي ڀريئي ايوان ۾ رکجي

سدائين پيار تي پهرا، سدائين يار تي بندش
انهيءَ کان پاڻ بهتر آ ته ڪنهن زندان ۾ رکجي.

اوهان وٽ پيار کي پرکڻ جا ماپائي الڳ آهن

اوهان وٽ پيار کي پرکڻ جا ماپائي الڳ آهن
اسان وٽ سونهن کي سمجهڻ جا ماپائي الڳ آهن

اوهان آرام ڳوليو ٿا، اسان جا درد ساٿاري
اسان وٽ جڳَ ۾ جيئڻ جا ماپائي الڳ آهن

اوهان کي پيار آڇيون ٿا، اوهان کي پاڻ ارپيون ٿا
اسان وٽ محبتون ڏيئڻ جا ماپائي الڳ آهن

گلن جا رنگ، خوشبودار شيشي جو بدن آهي
انهيءَ جي ڀرسان بيهڻ جا ماپائي الڳ آهن

ميڻ جي جسم کي تيز اس کان بچاءِ تون

ميڻ جي جسم کي تيز اس کان بچاءِ تون
برف جي بدن کي جوان سج کان لڪاءِ تون

باهه جي مچڻ ۾ دير خاص ڪا لڳي نٿي
باهه جا ٻري پئي پاڻ ئي وِساءِ تون

درد جي سمونڊ ۾، ٻُڏئون به ٿا ترئون به ٿا
اڃا به مهل ٿي پرين ڀلي اچي بچاءِ تون

مون کان پل پري نه ٿي آهيان دل جو ڪؤنرڙو
پاڻ جي نٿو اچين، پاڻ وٽ گُهراءِ تون

امتحان ۾ نه وجهه ڪائناتي سونهن کي
رنگ خوشبو پيار کي کولي دل ورهاءِ تون

مُدتن جا فاصلا اک ڇنڀ ۾ طئي ٿين
پيار مان پريت مان، سڪ مان سڏاءِ تون

هي هوا، هي روشني ۽ درد جو قصو پرين
زندگيءَ جو آ حصو بس کڻي نڀاءِ تون

هي دوا، هي بوتلون ۽ ٽڪيون نٿيون وڻن
سنڌ جي مٽيءَ سَندو ڪک کڻي کاراءِ تون

هوا ۾ اُڏاري رئو آسماني

هوا ۾ اُڏاري رئو آسماني
ڏئي وئي مُئل کي نئين زندگاني

سڳيءَ ۾ هڻي گُلُ نڪتي آ گهر کان
خدا پاڻ ان جي ڪندو پاسباني

ڪيئي رنگ شامن ۾ اوتي شفق جا
ڪري ويئي موسم مٿان مهرباني

ڳلن مان پئي نڪتيون نيون گُلَ ٻاٽيون
ڇُلڪي پي ڇاتيءَ منجهان نوجواني

ڇڏي وئي آ مشتاق جي من اندر ۾
نماڻين نگاهن جي ننڍڙي نشاني

خواب ڪو مونکي خدا جهڙو لڳو

خواب ڪو مونکي خدا جهڙو لڳو
سنڌ جي پياري هَوا جهڙو لڳو

۽ ڏٺم ڪو لاش سنڌڙيءَ جهول ۾
هي قصو ڄڻ ڪربلا جهڙو لڳو!!

توسان گهاريل زندگيءَ جو هر لمحو
پيار جي آتم ڪٿا جهڙو لڳو!!

تنهنجي ڀاڪر نئين حياتي ڄڻ ڏني
تنهنجو ڀاڪر ڄڻ شفا جهڙو لڳو!!

سجاول، ساڪرو جاتي ۽ مڪليءَ جي هوائن ۾

سجاول، ساڪرو جاتي ۽ مڪليءَ جي هوائن ۾
اسان سرمد کي ڳوليون ٿا دلين جي درسگاهن ۾

هلي ٿي تيز ڪا ٻيڙي ۽ لهرن ۾ به لرزش آ
لڳائي باهه نوريءَ جي الائي ڪنهن نگاهن ۾

مِٽي سرمد جي پيرن جي وري ڪي ٻار جنميندي
نئون ڪو روپ اوتيندي امالڪ آتمائن ۾

ڀلي تون ڄامشوري کي پڏائيندو ئي رهه ليڪن
مزو ساڳيو رهيو ناهي اڳي وارو ادائن ۾

درين جا تاڪ ٻوٽي ڇڏ گهٽين ۾ گوڙ آ ڏاڍو
امڙ جا نيڻ جاڳن ٿا خدا رکندئي پناهن ۾

اکين جا اوپرا لهجا اسان کي روڳ بخشن ٿا
ٿئي ٿو روز واڌارو سدائين پيو سزائن ۾

اڙي او شهر جا شودا اسان کي ڳوٺ پهچايو
اسان کي ننڊ ايندي آ رڳو محبوب ٻانهن ۾

مندر مسجد ڪليسا جي اسان چائٺ چمي ورتي
ثوابن کان ڇٽي جند هاڻ، پلباسين گناهن ۾

جيئن رات مان آيس ته پئي پاٽ سڌي هئي

جيئن رات مان آيس ته پئي پاٽ سڌي هئي
نڪو کير نڪي کنڊ نه ماني ئي رکي هئي

چُمي پير ڪيم سڏ ته صفا سڏ نه ڏنائين
لڳو ايئن پئي، ڄڻ ته ٿي ناراض سُتي هئي!

اها خالي ڏسي کٽ وَري جيءُ جُهري پيو
اڳي پير ڇُهي پوءِ وڃي ننڊ ڪبي هئي!

ڀيانڪ آ اسان لاءِ امڙ تنهنجو وڇوڙو
سڄي رات اهو سوچي، سچي اک نه لڳي هئي!

گهر موٽي وڃڻ لاءِ هاڻي دل ئي نٿي چئي
اسان لاءِ کُليل گهر، نه اُتي در نه دري هئي!

ٻُڌي، پير جو کڙڪو، چَئي، مشتاق آهين ڇا
اڱڻ ساڳو، هو ،گهر ساڳو، امان پر نه اُٿي هئي.

****

(امان سانئڻ جي ياد ۾)

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪيو هوندئي

پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪيو هوندئي
سو ڀاڳ ڀريو هوندو جنهن سان پيار ڪيو هوندئي

ڪاوڙ ۽ وڏا دڙڪا، روئڻ ۽ رُسڻ، پرچڻ
ڪنهن سان ته ڪڏهن اهڙو تڪرار ڪيو هوندئي

بارش ۾ ڀِڳو هوندين، راتين جو رُليو هوندين
۽ پيار جو ڪو رستو اختيار ڪيو هوندئي

ڪي کوڙ چريا ماڻهو رستي ۾ مليا هوندئي
ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هوندئي

اکڙين جي اشارن سان لک قيد ڪيا هوندئي
ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هوندئي

مشتاق آهي تنهنجو مشتاق جي پارت ٿئي
مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هوندئي

پيار مان دل به ڪا ڀَري آ ڇا؟

پيار مان دل به ڪا ڀَري آ ڇا؟
دل ته ايڏي به ڪا چَري آ ڇا؟

سڪ وڌندي وڃي ٿي روزانو
پيار ٿيندو وري وري آ ڇا؟

درد ناهي ته ڪو مزو ناهي
درد جهڙي ڪا دلبري آ ڇا؟

بند ڪمري ۾ روشني ايڏي
باهه وانگر ڪا دل ٻَري آ ڇا؟

مان ته تنهنجي تلاش ۾ آهيان
منهنجي توکان سوا سَري آ ڇا؟

ڪير مشتاق کي ڪندو پنهنجو
جُون ٿيندي به جنوري آ ڇا؟

دل جي چَويس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي

دل جي چَويس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي
سڪ جي لڳيس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي

ڇا ٿو ڪري سگهانس جي هوءَ شوخ ٿي رهي
مرضي پويس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي!

موسان رُسڻ جا روز بهانا ڪري وري
ڪاوڙ لهيس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي!

ڪنهن کان نٿي پڇي مگر ڪا اوچتو کڻي
منهنجو ڏَسيس ٿي ته ڏئي پيارُ کوڙ ٿي!

مشتاق کي ته هوءَ وساري نٿي سگهي
جڏهين مليس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي!

ڪوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور

ڪوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور
ڌارين ماڻهن جي دلداري نامنظور

پَٽڪي ٽوپي اجرڪ سان جي ساڙ رکن
اهڙا لفظن جا واپاري نامنظور!

وقت جي هر هڪ حاڪم جو ٿا ساٿ ڏين
ڌاريا ڌارين جا ساٿاري نامنظور!

ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن
شاعر ليکڪ سي درٻاري نامنظور!

سنڌ جي سؤدي لاءِ سدائين تياريءَ ۾
سابه وڏيرپ ۽ سرداري نامنظور!

جيڪي لکڻيون ذاتي فائدي لاءِ هجن
سُرخيون ڪالم سڀ اخباري نامنظور!

سنڌوءَ جي تهذيب بگاڙي ڏيکارن
اهڙا چئنل سڀ سرڪاري نامنظور!

هٿيارن جي ڊوڙ، نمائش جسمن جي
اهڙا ڊراما توبھ زاري نامنظور!

مفلسي ۽ بُک بيماري ته ڏس

مفلسي ۽ بُک بيماري ته ڏس
سنڌ جي ماڻهن جي لاچاري ته ڏس

هي، ڦُرون، اغوا، قتل غارتگري
رئيس ۽ ڌاڙيل جي ياري ته ڏس

هونئن سدائين ٻوڏ کان ڊڄبو هيو
هيل دريا پيٽ ۾ واري ته ڏس

ڊاڪٽر، استاد، صوبيدار ۽
سڀ ادارا يار سرڪاري ته ڏس

سنڌ ڀي سياست جي وَر ويئي چڙهي
ڪيڏا سياستدان واپاري ته ڏس

سامهون ٿا مشتاق جي تعريف ڪن
۽ پٺيان پؤ لفظ بازاري ته ڏس

رات جي ٿڌڪار ٿڌڙي روشني

رات جي ٿڌڪار ٿڌڙي روشني
گهرُ، ننڍڙا ٻار ٿڌڙي روشني

محبتن جو مينڱهن مُرڪون چنڊ ۽
وڏ ڦڙو وسڪار ٿڌڙي روشني

ڀائرن ڀاڪر امان جون ٻچڪرون
ڀينرن جا پيار ٿڌڙي روشني

کوهه، درياء ڪاڪ ڌرتيءَ جا قصا
سنڌ جا ڪردار ٿڌڙي روشني

بحث، اوطاقون، ڪچهري، شاعري
جهونڙي گفتار ٿڌڙي روشني

ڪيئن ٿي ڪنهن کان ڀلا وسري سگهي
سنڌ تنهنجي سار ٿڌڙي روشني

آئي هلڪي هوا اُجهامي ويو

آئي هلڪي هوا اُجهامي ويو
يا ته ڪک پن هيو اُڏامي ويو

تيز تقرير، گفتگو، ڊاڙيون
ڪنگڻي چانور جيان اُڀامي ويو

لوڀ، لالچ، ڏيکاءُ ۽ پئسو
حِرس هن کي ڪري حرامي ويو

ڪهڙي قيمت غدار ماڻهوءَ جي
ڦرڻي ڪرسي ڏسي وڪامي ويو

درد وڇوڙي پيار جي پيڙا

درد وڇوڙي پيار جي پيڙا
تنگ ڪري ٿي يار جي پيڙا

پاڻي ناهي شال ڏسي ڪو
هاري ۽ ڪمدار جي پيڙا!

ڌاڙا ڦُرون، اغوا، لاشا
ڪير ڏسي اخبار جي پيڙا!

پيءُ مري ويو ماءُ پِني ٿي
پيٽ بکايل ٻار جي پيڙا!

سج لهي ويو موٽيا ناهن
وڻ پکي ۽ ڏار جي پيڙا!

جنهن جي دل تان گذري آهي
ان کان پڇ انڪار جي پيڙا!

رات ڏٺي مون راڻيپور ۾
سچل ۽ سنسار جي پيڙا!

راڻيپور: درازا جي ڀرسان ، خيرپور ضلع جو هڪ شهر

ها آواره ماڻهو آهيون

ها آواره ماڻهو آهيون
پر دل وارا ماڻهو آهيون

ظاهر ڪيڏو خوش ٿا ڏسجئون
پر دُکيارا ماڻهو آهيون

لوڪ سمورو ڪيئن به سمجهي
ڏاڍا پيارا ماڻهو آهيون

پاڻ سموري جڳ ۾ جاني
بلڪل نيارا ماڻهو آهيون

تنهنجي ڀاڪر ۾ آياسين
ڀاڳن وارا ماڻهو آهيون

ڪوڙ وڏو ڳالهائيندو هو

ڪوڙ وڏو ڳالهائيندو هو
توکي ڪاٿي چاهيندو هو

تون ته ڀُليل هُئين ڀورا ماڻهو
هو ڪنهن ٻئي کي ڀائيندو هو

تنهنجي آڏو تنهنجو هو
ٻاهر پاڻ پڏائيندو هو

من ۾ سور هزارين ليڪن
دل جو درد لڪائيندو هو

پاڻ ڏسو مشتاق ٿو روئي
ٻين کي جو پرچائيندو هو

مون کي ڪيئن وساري سگهندين؟

مون کي ڪيئن وساري سگهندين؟
ڏور ڀلا ڏَس گهاري سگهندين؟

اُڊڪا، اُلڪا، کُٽڪا، يادون
مار، جي تن کي ماري سگهندين؟

سوچون، سپنا، سڪ ۽ سارون
ڪنهن کي ڪنهن کي ٽاري سگهندين؟

سوچ کڻي مشتاق بنان تون
آخرڪار گذاري سگهندين؟

ڏک وڇوڙي وارا دل کي ڏاري وجهندا آهن

ڏک وڇوڙي وارا دل کي ڏاري وجهندا آهن
جيءُ جنجهوڙي، روح کي روڙي کاري وجهندا آهن

دنيا جي الزامن تي، دل مُرڪي پوندي آهي
محبوبن جا مهڻا ليڪن ماري وجهندا آهن

مان هڪ ڳوٺ جو سادو ماڻهو شهر ۾ ڀلجي آيس
ويتر داٻ رسڻ جا دڙڪا ڳاري وجهندا آهن

فون تي هن جا ٽهڪ ڪري ويا شهر سڄو اغوا
مُلڪ سڄي کي هن جا اُلڪا ماري وجهندا آهن

روئڻو، رُلڻو ڏاڍو سِڪڻو اڳ ۾ ئي مشتاق
پوءِ به الئي ڇو يار سِڪائي روئاري وجهندا آهن

ڪنهنجي چوڻ تي هي چوڙيون ٿي پائين؟

ڪنهنجي چوڻ تي هي چوڙيون ٿي پائين؟
ڪنهنجي چوڻ تي ٿي ميندي لڳائين؟

نه گهم وار کولي گهڻو تون شهر ۾
اَسيرانِ زلفن سان ڇو ٿي اُچائين؟

هوا، رنگ، خوشبو ۽ رابيل جهڙي
چري ڇوڪري تون ڀلا ڇا ٿي چاهين؟

لڳي ٿو ته توکي به ويو آ وڻي ڪو
زبان کي چپن تي ٿي هر هر گُهمائين؟

مُرڪڻ تي مشتاقَ ٿيندئي هزارين
ڇو ٿي ڇيڳرن کي فڪر ۾ ڦاسائين؟

عيد جي ڏينهن به ڪونه ساريو ٿَوَ

عيد جي ڏينهن به ڪونه ساريو ٿَوَ
ڏاڍا آهيو پڪا وساريو ٿَوَ

خط آيو نه فون جي گهنٽي
ڏينهن ٿي ويا نه مُنهن ڏيکاريو ٿَوَ!!

پنهنجو سمجهي اوهان ڏي آيا سين
ڌاريو سمجهي مگر ڌڪاريو ٿَوَ!!

پاڻ سِڪڻا ۽ دل به سڪڻي آ
مونکي هٿ سان، سڪائي ماريو ٿَوَ!!

لُڙڪ، لارون اکين ۾ اوجاڳا
روز مشتاق کي روئاريو ٿَوَ!!

روح ڪنهنجي راه ۾ اٽڪي پيو

روح ڪنهنجي راه ۾ اٽڪي پيو
يار بيپرواهه ۾ اٽڪي پيو

رات ٿڌڙي، چنڊ، ڌيمي روشني
ڪو وڻندڙ واءَ ۾ اٽڪي پيو

درد وندن جون دُکيون ڳالهيون ٻُڌي
سور منهنجي ساهه ۾ اٽڪي پيو

نرم لهجو پيار محبت دلبري
عڪس ڪو ارواح ۾ اٽڪي پيو

جيترو مشتاق ارڏو هو اڳي
ايترو ئي چاهه ۾ اٽڪي پيو

ڳوٺ جي هڪ حَسين، ڇوڪريءَ کي ڏٺم

ڳوٺ جي هڪ حَسين، ڇوڪريءَ کي ڏٺم
زندگيءَ کي ڏٺم، روشنيءَ کي ڏٺم

هُن ڪئي پيار مان گفتگو گُل ٽڙيا
صبح جي پهر ۾، ڪنهن سُکيءَ کي ڏٺم

وار کولي وڏا ناز سان پي گهمي
گهورَ ٿيندي مٿس عاشقيءَ کي ڏٺم

هُن جي نيڻن ۾ جادوگريءَ جو اثر
هن جي اکڙين ۾ بس دوستيءَ کي ڏٺم

ڪير مشتاق کي هاڻ روڪي ڀلا
دل جي آڳر ۾ ويٺل ڏکيءَ کي ڏٺم

اڄ سُتل ڪي سور جاڳائي وئي

اڄ سُتل ڪي سور جاڳائي وئي
ياد هُن جي دل کي تڙپائي وئي

هن وڌو ڀاڪر ته مان روئي پيس
۽ مِٺين جو مينهن برسائي وئي

منهنجي ڪنڌ تي پنهنجي چهري کي رکي
رات آئي مون کي پرچائي وئي

زندگي آ مختصر خودڪش نه ٿي
روشني جيون ۾ ڦهلائي وئي

مان رُٺل هئس، هن الئي ڇا ڇا چيو
۽ وري پَرتس ته شرمائي وئي

ڳل تي ڪجهه ٿَڦڪيون هڻي مشتاق کي
ٿورڙن لفظن ۾ سمجهائي وئي.

بارشي موسم ۾ سوچيان ٿو متان ساريو هجئي

بارشي موسم ۾ سوچيان ٿو متان ساريو هجئي
ياد منهنجيءَ ۾ متان ڪو لڙڪ ئي لاڙيو هجئي

ويٺي ويٺي ياد ماضيءَ جون ڪري ڳالهيون سڄڻ
شام جو پيارو پهر غمگين ٿي گهاريو هجئي!

آءٌ اڪيلو بي سُڪون بي چئن آهيان خير آ
دل متان لاٿي هجئي ۽ هانءُ ڀي هاريو هجئي!

جيئن ڪريو هان دوست پنهنجا ئي لتاڙيندا ويا
ڪير ڪنهنجو ناهه ڪنهن تي ڀي متان ڀاڙيو هجئي!

سڀ چون ٿا يار پنهنجو ويو ڇڏي مشتاق کي
مان چوان ٿو ڏک خدا ننڍڙو نه ڏيکاريو هجئي

پيار پُراڻو ٿيندو آ ڇا؟

پيار پُراڻو ٿيندو آ ڇا؟
عشق سياڻو ٿيندو آ ڇا؟

ننڍڙي غلطي معاف ڪرڻ کان
پوءِ پڇاڻو ٿيندو آ ڇا؟

جذبا ۽ احساس خريدي
اهڙو ناڻو ٿيندو آ ڇا؟

باغي ماڻهوءَ تي تنقيدون
گهوٽ به ڪاڻو ٿيندو آ ڇا؟

قاتل غاصب جي مرتئي تي
سوڳ، جماڻو ٿيندو آ ڇا؟

پاڻ مسافر ماڻهو پنهنجو
يار ٺڪاڻو ٿيندو آ ڇا؟

پاڻ مٽيءَ جا عاشق پنهنجو
ڌار گهراڻو ٿيندو آ ڇا؟

سور سانڍيون ٿي وتي سنسار جا

سور سانڍيون ٿي وتي سنسار جا
روز رستا ٿي ڏسي دلدار جا

هوءَ مڌر آواز واري ڇوڪري
گُنگنائي گيت ويٺي پيار جا

لُڙڪ لاڙيندي سِبي پهراڻ ٿي
رَنگَ ٿي ان تي ڀري ڪنهن سار جا

ريشمي سوچن سندا رومال تي
عڪس ٿي اوتي پئي اقرار جا

هن جي آڱر ۾، سُئي اٽڪي پئي
هُن ڏٺا پئي خواب ڪنهن ٻئي پار جا

ڪير هن کي چئي ته هوءَ ڇا ٿي ڪري
ياد گفتا ٿي ڪري پئي يار جا

هُوءَ هوا هُوءَ ڇوڪري ڪي گيت ڳائيندا ويا

هُوءَ هوا هُوءَ ڇوڪري ڪي گيت ڳائيندا ويا
پيار محبت پاڻ دنيا ۾ ورهائيندا ويا

مُون ٻڌو آ ڪيترن دلين سنديون ٽوڙي دريون
عاشقن جي ڪا اندر ۾ آڳ لائيندا ويا

مون ٻُڌو آ هو گهڙي کن لاءِ ڀي جا ٿي رُڪيا
واٽ ويندڙ ماڻهو پنهنجو سر جهڪائيندا ويا

مون ٻڌو آ عشق محبت کي ڪندا هو عام ويا
نينهن جو نقشو نرالو جڳ ۾ ٺاهيندا ويا

مون ٻُڌو آ ڪالهه هو پازيب پائي پير ۾
ڇير جي ڇم ڇم سان نينگر ڪي نچائيندا ويا

مون ٻُڌو آ ڪالهه هُو گڏجي ڀٽائي تي رُنا
سنڌ ساري ٿي سُڪي ڀٽ کي ٻڌائيندا ويا

مون ٻُڌو آ ڪالهه هو ٿر جي ڏکي حالت ڏسي
ڳاڙي ڳوڙها ٿر مٿان بارش وسائيندا ويا

مون اکين سان ڪالهه ڪي ڳاڙها جهنڊا اُڀ ۾ ڏٺا
انقلابي سوچ کي ويتر وڌائيندا ويا

سنڌ جي پاڻي، مٽي ۽ باهه جي سرهاڻ لئه
مُرڪندي مشتاق ڪيئي ڪنڌ ڪپائيندا ويا

دُکي دل دُکائي، هلي هوءَ ويئي

دُکي دل دُکائي، هلي هوءَ ويئي
الئه ڳالهه ڇاهي، هلي هوءَ ويئي

چُنيءَ جي چِٽن جيان وري عڪس اوتي
نوان نقش ٺاهي، هلي هوءَ ويئي!

سَڙي نيٺ سگريٽ جي ڪنهن ڦُلي جان
اندر آڳ لائي، هلي هُوءَ ويئي!

چيائين اچڻ جو، مگر ڪا نه موٽي
وري ڏک وڌائي، هلي هُوءَ ويئي!

تڏهن کان پٿر ۾ آ مشتاق جي دل
سنگت جيئن ڦٽائي، هلي هُوءَ ويئي!

تنهنجي اقرار کي به سمجهون ٿا

تنهنجي اقرار کي به سمجهون ٿا
تنهنجي انڪار کي به سمجهون ٿا

تنهنجي دل آهه، پر نه آ مونسان
تنهنجي سهڪار کي به سمجهون ٿا

روز ڪاوڙ، ڌڪار ۽ دڙڪا
اهڙي تڪرار کي به سمجهون ٿا

ڪيڏو مشتاق لئه مرين ٿي تون
هائو هن پيار کي به سمجهون ٿا

جيون توکي جاني منهنجا ڳولي ٿو

جيون توکي جاني منهنجا ڳولي ٿو
اوسيئڙي ۾ پاڻ اڃا ڪو رولي ٿو

ايندين شايد اک تڏهن ئي ڦڙڪي ٿي
ڪانءُ به مٺڙا ڪالهه صبح کان ٻولي ٿو

چنڊ ستارا هوش وڃائي ويٺا هن
وارن کي ڪو واءُ ۾ شايد کولي ٿو

اگربتيءَ جون چڻنگون نڪتيون چولي مان
ڇاتيءَ کي ڪو ڇوهه منجهان ڇاڇولي ٿو

ڦٽ ڇٽل مشتاق جا ڪوئي هٿڙن سان
پاڻ سبي ٿو، پاڻ اُڊيڙي کولي ٿو

ڪٿي آهين منهنجا پرين آءُ هاڻي

ڪٿي آهين منهنجا پرين آءُ هاڻي
مُنجهي ٿو اسان جو هتي ساهه هاڻي

هي بارش جي ڪڻ ڪڻ هي ٿڌڙيون هوائون
وڇوڙو وڌائي ٿو ايذاءُ هڱاڻي!

طبيعت ۾ چڙ آ مزي ۾ نه آهيون
دردن سان ٿي پيو آ ٽڪراءُ هاڻي!

زمانو به ڪيڏو نه مٽجي ويو آ
ڪُهي پيو سڳي ڀاءُ کي ڀاءُ هاڻي!

ڪوڙن بيانن سان ليڊر اسان کي
ڪندو ٿو رهي روز گمراهه هاڻي!

جڏهن کان رٺو آ تڏهن کان اسان جو
کڄي ويو آ جيئڻ تان ارواح هاڻي!

هي مرڪون، هي ماڻا ۽ دلبا، دلاسا
ٺڳيءَ جو لڳي ٿو سڄو ٺاهه هاڻي!

گرمين جي موڪلن کي ڪهڙي خبر ته هُوءَ

گرمين جي موڪلن کي ڪهڙي خبر ته هُوءَ
ائڊريس فون نمبر دل تي لکي ڇڏيندي!

تصويرون، ڊائري ۽ ٿيلهي ۾ يادگيريون
خوشبو ۽ خط هُن جا روئي رکي ڇڏيندي!

سڀ ٿا چوَن چري آ، ايڏو چري به ناهي
ڇا دوستي ڇڏيندي ڏاڍي ڏکي ڇڏيندي!

مشتاق ڇا ڪيو ٿئي، سڀ ڇوڪريون پڇن ٿيون
گهر ڏي به هُوءَ وڃي ٿي سُڏڪا سکي ڀريندي!

(يونيورسٽيءَ ۾ اونهاري جي موڪلن دوران لکيل تاثراتي غزل)

المنظر جو منظر دل ۾

المنظر جو منظر دل ۾
ساڻ رهي ٿو اڪثر دل ۾

هُن جو نالو هُن جو تصور
سونهن ڪري وئي آ گهر دل ۾

هن جي پل پل پوڄا خاطر
جوڙيم مسجد، مندر دل ۾

سُڏڪا روڪي ڪين سگهيو هُس
دردن جو هو دفتر دل ۾

ٻيهر مشڪل ملبو سوچي
هُن کي پاتم ڀاڪر دل ۾

هوءَ سمنڊ ڪناري تي ڪا سار کڻي آئي

هوءَ سمنڊ ڪناري تي ڪا سار کڻي آئي
پر ڪنهن به نه ڪئي هُن جي، دردن جي مسيحائي

هُو، سمنڊ جي لهرن ۾ هٿ ساڻ وئي لوڙهي
احساس، اُمنگون ۽ ارمان اڪيلائي

هُن کي به ڪا ڳولا هئي، هُن ڪنهن کي پئي چاهيو
هُئي هن جي خيالن ۾ ڄڻ سمنڊ جي گهرائي

هوءَ تارن جي، جهرمر، هُوءَ مند بسنتيءَ جي
هوءَ پيار جي ديوي هئي ڄڻ سنڌ جي هُئي ڄائي

هُوءَ چنڊ جي ڪرڻن جيان آڪاش مان هيٺ لٿي
هُوءَ سنڌ جو نقشو هُئي يا شاهه جي هئي وائي

هن گيت مڌر ڳاتو مشتاق جو مستيءَ مان
مشتاق تڏهن کان ٿيو هن جو به آ شيدائي

(مرڪزي خيال عبدالغفار تبسم)

محبت کي سمجهي سگهيو تون به ناهين

محبت کي سمجهي سگهيو تون به ناهين
ڪِرائي جي گهر جيان پيو ٿو مٽائين

ڪلهي تي رکي هٿ مون سان گهمين ٿو
مخالف جا جيرا جگر ٿو جلائين

نفرت عداوت، دغا بي رُخيءَ جا
زماني ۾ پيو ٿو تون ڌاڳا ورهائين

عجب پيار تنهنجي جا آهن نمونا
ڪڏهن دل تان لاهين ڪڏهن دل سان چاهين

ڪٿي يار مشتاق ساڳيو رهيو آ
اجايو تون پنهنجا قسم ٿو کڻائين

گَهرُ ڪري ويو آ اسان وٽ تنهنجو اوسيئڙو پرين

گَهرُ ڪري ويو آ اسان وٽ تنهنجو اوسيئڙو پرين
پيار ۾ پاڳل ٿيو آ جيءُ جو ڳيئڙو پرين

ڀل حجابن ۾ ئي رهه پر رَهه نه مونکان تون پري
پيرَ پاڪيزه گهمائي پاءِ ڪو ليئڙو پرين

پيار جي خوشبو سان پنهنجو من وِيو آ واسجي
رات ڀر ٻرندو رهي ٿو ڏات جو ڏيئڙو پرين

ڇا رکيو آ ويڙه ۽ ڪاوڙ ۾ او منهنجا سڄڻ
ٿو رَهي وڇڙي وڃڻ جو ساهه کي سيئڙو پرين

ڇا خبر هيءَ ڪيتري مشتاق آهي زندگي
ڏيندو تنهنجي منهنجي دل تي موت مانڌيئڙو پرين

تون ئي منهنجو هٿ پڪڙين ها

تون ئي منهنجو هٿ پڪڙين ها
تون ئي دل جو دارون ٿين ها

منهنجي نيڻن جي آڳر ۾
مون سان گڏجي ننڊ ڪرين ها!

توبن منهنجي ڪيئن ٿي گذري
مونکان منهنجي ڳالهه پڇين ها!

پيار نه ڏين ها پيار نه ڏين ها
هڪڙو ڀيرو يار سڏين ها!

تون به کڻي مشتاق کي سهڻا
پنهنجي ڀاڪر منجهه ڀرين ها!

جنهن کي چاهيئي سو ملي ويو ٿي چري

جنهن کي چاهيئي سو ملي ويو ٿي چري
هاڻ چاهيندينءَ ڀلا ڪنهن کي وري؟

گهر نئون زيور نوان هيءَ زندگي
عشق توکي ڪيئن لڳي ٿو آخري؟

ڪوٽ هئنگر ۾ پيو آهي ائين
جيئن ڪري وئي آهين ان کي اِستري!

ڇو ٿي سمجهين پاڻ کان مون کي پري
تنهنجي ڪمري ۾ رهيو آهيان ٻري!

مان نٿو سمجهان ته ڪنهنجو پيار ٻيو
ڪَرَ ڀريندو منهنجي ڀاڪر جيتري!

قرب جون گهاريل گهڙيون مشتاق سان
ڇا وسارڻ آهه ممڪن ڇوڪري!

رنگ تنهنجا روپ تنهنجا او پرين

رنگ تنهنجا روپ تنهنجا او پرين
اوپرا ٿي ويا اسان لئه ڇو پرين؟

وار کولي جيئن ٻيهر پي ٻَڌئي
روح ڦاٿو هو ۽ ڦٿڪيو هو پرين!

تنهنجي روَيَئي کي ڏسي روئي ڏنم
ڪَرڻو پيو سورن سان سمجهوتو پرين!

تون جڏهن کان وئين ڇڏي مشتاق کي
پنهنجو سمجهي ٿو نه مون کي ڪو پرين!

زندگي موسان گذارين ڇو نه ٿي؟

زندگي موسان گذارين ڇو نه ٿي؟
پيار مان مونڏي نهارين ڇو نه ٿي؟

دوستيءَ جي نانوَ تان صدقي وڃان
ٻيو ڪو ماري پاڻ مارين ڇو نه ٿي؟

تون چوين ٿي توکي ساريان ڪونه ٿو
ٿون ڀلا مون کي وسارين ڇو نه ٿي؟

مون کي پنهنجا واعدا سڀ ياد هن
پاڻ کي سي ياد ڏيارين ڇو نه ٿي؟

ڇا چيو هُئي ذهن تي ڪجهه زور ڏي
پنهنجي ڀرسان اڄ ويهارين ڇو نه ٿي؟

دل چوي ٿي ڳالهه توکي چئي ڇڏيان
منهنجي ننڍڙو گهر سنوارين ڇو نه ٿي؟

آخري ڀيرو ملي “مشتاق” سان
سانوري هن کي سُڌارين ڇو نه ٿي؟

بارش وسڻ کانپوءِ اڪيلا نه ٿي پئو

بارش وسڻ کانپوءِ اڪيلا نه ٿي پئو
سوچيو رُسڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو

هي چنڊ، هي تارا ۽ نيرو آسمان جو رنگ
آڌيءَ لڙڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو

چاهيو اوهان ته آءُ هتان ڀي هليو وڃان
منهنجي وڃڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو

سوچيان ٿو پنهنجي جاءِ تي هوندئو صحيح مگر
ڪاوڙ لهڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو

مشتاق جو ته خير آ مشتاق کوڙ ٻيا پر
هِن جي مرڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو

لوڪ سان منهنجي لڙائي ڇا ڪجي؟

لوڪ سان منهنجي لڙائي ڇا ڪجي؟
تو به ڏاڍي دل ڏکائي ڇا ڪجي؟

خوبصورت، خوبرو ڪا ڇوڪري
وئي آ ڪاوڙجي اجائي ڇا ڪجي؟

هُوءَ ڀلي ڪنهن نظم جي عنوان جيان
ذهن منهنجي ۾ سَمائي ڇا ڪجي؟

چنڊ، چوڙيون، رنگ، موسيقي کڻي
۽ اچي ڪنهن اک اڙائي ڇا ڪجي؟

رات ڀي ڏاڍو رُنو هو آسمان
دل به بارش آ وسائي ڇا ڪجي؟

رات پڻ کائي سُتسِ ننڊ جون ٽِڪيون
پوءِ به گهَري ننڊ نه آئي ڇا ڪجي؟

ڊاڪٽري، مشتاق، بوتل ۽ نَشو
۽ وري هيڏي جُدائي ڇا ڪجي؟

الئي ڇو مند مينهوگي وڃي ٿي ٽهڪ ٽوڙيندي

الئي ڇو مند مينهوگي وڃي ٿي ٽهڪ ٽوڙيندي
الئي ڇو روڳ جي موسم وڃي ٿي روح روڙيندي

الئي ڇو بند ويٺي آنهين، تون کڙڪي کول ڏس ٻاهر
هوا دل ساڻ دل جي ڳالهه تو سان پاڻَ چوريندي!

اسان توڏي مُڪي آهي سڄي خوشبوءِ دنيا جي
ڪُلئي ڪائنات جي سرهاڻ، مرڪون مند گهوريندي!

توکي ڪهڙي خبر ڇا ٿا، ستارا چنڊ سوچن پيا
وڃي ٿي سونهن تنهنجي ئي سڳي سڪ جي کي سوريندي!

تنهنجي هر هڪ ادا آهي اسان لئه چال شطرنج جي
وڃي ٿي جُستجو وڌندي وڃي ٿي جيءُ جهوريندي!

سڄي رات چنڊ ساڻ گڏجي رُلياسين

سڄي رات چنڊ ساڻ گڏجي رُلياسين
مگر پوءِ به توسان نه ڪاٿي ملياسين


جڏهن ياد آئي اوهان جي اسان کي
ته ٻارن جيان پاڻ ڏاڍو رُناسين


اسان ڳوٺ جا هونئن به رولاڪ ماڻهو
نه تنهنجا ٿياسين نه ڪنهنجا ٿياسين


وڌي چاهتن سان ويا وير ليڪن
اسان محبتن جا مسافر بڻياسين

مري ويندو مشتاق پوءِ کوڙ چوندا
اڙي ڇا لاءِ مشتاق کي ڏک ڏناسين؟

اسان جي التجا اها اسان کي منهن ڏيکار جو

اسان جي التجا اها اسان کي منهن ڏيکار جو
اسان مري وڃئون ته پو ٻه چار لڙڪ هار جو


اسان جي روح کي متان سُڪون ڪجهه ملي پوي
اچي ا لاش جي مٿان گهڙي سوا ته گهارجو


اوهان جي شهر ان گهڻيون اسان کي رنجشون مليون
اوهان انهيءَ تي اوپرين ڌيان ڪجهه ته ڌارجو


اسان کي ياري دوستي عزيز آ گهڻي صنم
اسان کي دشمنن اڳيان ميارون ڏئي نه مارجو


اوهان کي ٿورڙي گهڻي اسان جي گهُرج جي پوي
ڀلي قبر منجهان به پوءِ سڄڻ سڏي اٿارجو



(مرڪزي خيال شيخ اياز)

منهنجي دل مان نٿا نڪرن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو

منهنجي دل مان نٿا نڪرن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو
اڃا تائين نٿا وسرن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


اچن ٿا جي اُٿي بيهون وڃن ٿا جي نٿا ويهون
گهٽيءَ مان جيئن ٿا گذرن، مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


ٿين ٿا گهور پوپٽ گل، هوا، خوشبو ۽ ڦلواڙيون
صبح سان جيئن ٿا اُسرن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


گلابن جي کڻي خوشبو، هوائن ساڻ نڪتا ها
چمن ۾ چنڊ جيان اُڀرن، مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


آهي مشتاق پوڄاري حُسن ۽ سونهن جو هر دم
اندر مان ڪين ٿا اُترن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو!!

هُن چيو آهي وساريان کيس مان،

هُن چيو آهي وساريان کيس مان،
دل چوي ٿي ڇو نه ساريان کيس مان؟


خواب نيڻن ۾ رکي ويئي هلي
پيار مان ويٺو پڪاريان کيس مان!


چنڊ تارا هلڪي هلڪي روشني
لڙڪ هاريان ۽ نهاريان کيس مان!


واعدا، ڳالهيون، قسم اقرار سي،
ڪهڙا ڪهڙا ياد ڏياريان کيس مان!


اڄ به ساڳيو پيار جو آ سلسلو
اڄ به ساڳيو ٿو سنڀاريان کيس مان!

گل کي تون چيڀاٽين ڇو ٿو

گل کي تون چيڀاٽين ڇو ٿو
گل کي تون چيٿاڙين ڇو ٿو؟


گل جو واس ڪيئي جُڳ رهڻو
سونهن هٿن سان ساڙين ڇو ٿو؟


پوپٽ جهڙي پيار کي موڳا
آخرڪار اجاڙين ڇو ٿو؟


سنڌ پرستي، سونهن پرستي
چاهه چتا تي چاڙهين ڇو ٿو؟


مُصور ڪيڏي پيار مان جوڙيو
نقشو سنڌ جو ڦاڙين ڇو ٿو؟

دل لڳي ۽ درد جو پنهنجو مزو

دل لڳي ۽ درد جو پنهنجو مزو
دوستي ۽ درد جو پنهنجو مزو


مون زماني ۾ خوشيون ڪافي ڏٺيون
پر خوشي ۽ درد جو پنهنجو مزو


ڪير چاهيندو، پَري دلبر هجي
عاشقي ۽ درد جو پنهنجو مزو


هُن مُڪي سالن کانپوءِ هڪڙي چٺي
اُن چٺي ۽ درد جو پنهنجو مزو


هُن ڏني هئي سال اڳ ۾ جا مِٺي
تنهن مِٺي ۽ درد جو پنهنجو مزو

پکي ويا اڏامي فضائون ٿيون ڦٿڪن

پکي ويا اڏامي فضائون ٿيون ڦٿڪن
ڏسي باغ خالي نگاهون ٿيون ڦٿڪن

آباد رستن کي ويران ڏسندي
پرينءَ کي پَسڻ لئه پڇائون ٿيون ڦٿڪن!

هتان هُن جو هاڻي گذر ٿيڻو ناهي
ٻُڌي اهڙيون ڳالهيون دعائون ٿيون ڦٿڪن!

وري گل ٽارين ۾ شايد نه ٽڙندا
رابيل رُت ۾ ڪي راهون ٿيون ڦٿڪن!

الئه ڪنهن فضا ۾ ڪا بندوق ڇوڙي
سنڌڙيءَ جون اڄڪلهه صدائون ٿيون ڦٿڪن!

لڳي ٿو ته ڪنهن سينڌ سنڌوءَ جي ڊاٿي
وري ڪهڪشان ۾ ڪٿائون ٿيون ڦٿڪن!

وڏا گڏ رهڻ جا وچن ڪي ڪيل ها
وري قول واعدا وفائون ٿيون ڦٿڪن!

ملن شال مشتاق جو مرض گهٽجي
دُکي دل دُکي ٿي ۽ دانهون ٿيون ڦٿڪن!

ايترو ويجهو نه ڪنهن کي آڻجان

ايترو ويجهو نه ڪنهن کي آڻجان
وقت، دنيا ۽ وفا کي ڄاڻجان

پيار ڏِئي، پوڄا ڪري جهيڙي کان وَئون
تَنهن جي آڏو تون نه سينو تاڻجان


ٻير ڳاڙها، انب ۽ ليمان، ڄَمون
ڇاپڙن سان تون نه ڇوڪر ڇاڻجان


سانوڻيءَ جي مُند، ڪَڪريون وَس وَسان
دل نه وارن جي وڪڙ سان واڻجان


ها ضروري آ رڳو مشتاق ئي
کوڙ ماڻهو پر نه ڪنهن کي ماڻجان

موصل، ڪِرڪَڪ ۽ بصره تي رات به ٿي بمباري آ

موصل، ڪِرڪَڪ ۽ بصره تي رات به ٿي بمباري آ
ڪيڏي اسان جي اَمريڪا سان پوءِ به گهاٽي ياري آ


ڪالهه قنڌاري ماڻهو ماري، هيل چِڙيو بغداد مٿان
ائين لڳي ٿو ظالم درنده لاشن جو واپاري آ


معصومن جا لاش به چِچريا، مائرون پڻ معذور ٿيون
جنگ جُنوني ماڻهن جي افسوس امن لئه جاري آ!


هوش اُڏائيندڙ حَملن سان، انساني نقصان ٿيو
وحشي ماڻهوءَ دهشت واري دل الئي ڇو ڌاري آ!


دوست چون ٿا هاڻ عراقين پويان پنهنجو وارو آ
هو به چون ٿا ديس اسان جو ڏاڍو ڪو ڏوهاري آ!


روز پڙهي اخبار صبح جو روئي ٿو مشتاق پوي
ننڍڙن ٻارن جي ذهنن کي ڌڪ لڳو ڪاپاري آ


(عراق تي 2003 ۾ آمريڪي حملن کان پوءِ لکيل)

دل چوي ٿي آڱرين سان تنهنجي ذُلفن کي ڇُهان

دل چوي ٿي آڱرين سان تنهنجي ذُلفن کي ڇُهان
دل چوي ٿي تنهنجي پيرن جي ڪا پايل ٿي پوان


دل چوي ٿي مان وڃان تنهنجي اندر ۾ اوتجي
۽ بخاريءَ جي غزل جي ڪابه سُندر سٽ هجان!


دل چوي ٿي مان نگاهن جي نشي ۾ چُور ٿي
چنڊ سان گڏجي رُلان ۽ روز پيو تو وٽ اچان!


دل چوي ٿي منهنجي سندر خواب جي ساڀيان هُجين
آءٌ تنهنجي ذهن ۾ پيهي وڃان ويهي وڃان!


دل چوي ٿي خيرپور جي شهر ۾ تون جي اچين
خيرپور جي شهر جي هر هڪ گهٽيءَ ۾ گل ڇٽيان!

درد پيڙا ۽ رات تنهائي

درد پيڙا ۽ رات تنهائي
ننڊ منهنجي تو نيٺ چورائي


يادگيرين جي ڳوٺ ۾ ماتم
دل جي لٽجي وئي آ باشاهي


سوڳُ ئي سوڳ زندگي پنهنجي
هاڻ کائي ٿي هيءَ اڪيلائي


هيءَ دنيا حسين آهي پر
سنڌ جي ڪنهن مٽي جُدا ٺاهي


ڏاڍو مشتاق ڏاهو ماڻهو هو
هاڻي ٿي پيو آ سو به سودائي

ٺوڳي دنيا روڳي مَنڙو

ٺوڳي دنيا روڳي مَنڙو
پنهنجو جيون جوڳي مٺڙو


هن کي ليکي يار نٿو پر
پاڳل پنهنجي پوڀي مَنڙو


هر هڪ در تي روز رُلي ٿو
منهنجو موڳو موڀي مَنڙو


پاڻ لغڙ جان ڪاٽا ٿياسين
سانوڻ رُت ۾ سوڳي مٺڙو


شايد هٿ ۾ لاٽ کڻي ڪا
جرڪائيندو جوتي مَنڙو

سو جيون ڀي ڪهڙو جيون جنهن ۾ تنهنجي سار نه آهي

سو جيون ڀي ڪهڙو جيون جنهن ۾ تنهنجي سار نه آهي
سو سانوڻ ڀي ڪهڙو سانوڻ جنهن ۾ مينگهه ملهار نه آهي


منهنجي دل ڪنهن گهايل پنڇيءَ وانگر زخمي زخمي آهي
منهنجي دل دردن جو دفتر توکان بلڪل ڌار نه آهي


ساڳيون چوڙيون، ساڳي چُنري، ساڳيون مُرڪون ساڳيا ماڻا
ساڳي موسم ليڪن مند ۾ توبن ڪا مهڪار نه آهي


درد وڌي ويو، دارون توبن، دل وارن جو ڪنهن وٽ ناهي
رُت بسنتي، روڳي منڙو چين اسان وٽ يار نه آهي


پنهنجو مذهب پيار محبت. پنهنجو مذهب سونهن پرستي
ڌرم اسان جو ڌرتي ماتا، دل کي ٻي درڪار نه آهي

چنڊ سان گڏجي گهمين ٿي رات جو

چنڊ سان گڏجي گهمين ٿي رات جو
واءُ سان گڏجي رُلي ٿي رات جو


هُن کي يادن آ ستايو ايترو
سوچ ۾ ڪاٿي سُمهين ٿي رات جو!


خط پُراڻا، ڦوٽو ۽ چٺيون کڻي
چاهه مان هر هر چُمين ٿي رات جو!1


هن پدمڻي ڇوڪريءَ کي ڪو ته چئي
باهه جا پيرا کڻي ٿي رات جو!!


دل ته هن جي ٿي وئي مشتاق سان
روز هِتڙان ٿي وڃي ٿي رات جو!!

چون ٿا ته ڏاڍو گهڻو پي وياسين

چون ٿا ته ڏاڍو گهڻو پي وياسين
پيتو سين ته پنهنجي نه وس ۾ رهياسين


چون ٿا ته هن جو ذڪر جئين نڪتو
مٺو نالو ٻُڌندي ئي روئي پياسين!


گلابي گلابي بدن ياد آيو
اسان جنهن ان هر روز ملندا هياسين!


رُلياسين رُلڻ جا به الزام آيا
رُناسين ته ويتر ئي بدنام ٿياسين!


ڀلا ڪير مشتاق سمجهائي جڳ کي
اسان ڪنهن جي زلفن جا قيدي بڻياسين!

عبرت، ڪاوش، شام ٽنهين ۾

عبرت، ڪاوش، شام ٽنهين ۾
ڪالهه پڙهيو مون ننڍڙو ڪالم


ايمبولنس مان لاش لٿو ۽
گهر ساري ۾ ئي ويو ماتم!


هاءِ حياتي ٿي وئي پوري
هُن کي پيار مان ڀاڪر پاتم!


ڀيڻ، امڙ ۽ ڀاءُ ٽنهين جا
پانڌَ پُسي ويا، ٿي ويا پُرنم!


هُو ته گهرڻ ويو پاڻيءَ ڍُڪڙو
سنڌ جو عاشق، ارڏو آدم!


نيٺ مٽيءَ کي مٺڙيون ڏيئي
ڀاڪر پائي ڏيندو ويو دم!



(سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي شهيد ٿيل نوجوان عبدالحق ميراڻيءَ جي نانء)

چپن جي ريشمي خوشبو اکين ۾ پيار اوتي وئي

چپن جي ريشمي خوشبو اکين ۾ پيار اوتي وئي
اسان جي روح ۾ محبت سندو سنسار اوتي وئي

ڪا ڳوٺاڻي ڳهيلي، ڇوڪري ڀاڪر جي گرميءَ ۾
سُندر ڪو سونهن جو سپنو ۽ اقرارُ اوتي وئي


لفافو، خط، ڦوٽو ۽ ٻه ٽي ڪي فون تي جُملا
الائي ڪيترو اونهو، عجب اسرار اوتي وئي


اکين جو شعاع، گهَري گهُور ۽ تابش نگاهن جي
اچي “مشتاق” جي من ۾ نئون تڪرار اوتي وئي

ڪنهن اپسرا جي اُڻيل ڄار ۾

ڪنهن اپسرا جي اُڻيل ڄار ۾
نيٺ ڦاسي پيو ڪو نئين دار ۾


التجا، آرزو، انتظاري ۽ غم
دل لڳي ئي نٿي ڪنهن به ڪم ڪار ۾!


ڄامشوري جي ڀاڪر ۾ دل چاڳلي
اڙجي، ازخود اچي ويئي آزار ۾!


اڳ ته شهرين جي نظرن ۾ معزز هيو
هاڻ ساڳيو رهيو ناهي سنسار ۾!


ڪير مشتاق ماڻهن کي سامهون چئي
ڇو ٿا نفرت جون ڳالهيون ڳڻن پيار ۾!

هُن جيئن ڏٺو مرڪي، هُن جيئن ڪيو ماڻو

هُن جيئن ڏٺو مرڪي، هُن جيئن ڪيو ماڻو
هُوءَ سمنڊ جي پاڻي ۾ ڄڻ باهه کي ٻاري وئي


هُن ٽهڪ ڏنا جيڪي ڪلهه ٽاڪ منجهند ڌارا
ڄڻ برف جي پاڻيءَ کي باهه تي هاري وئي


هن سمنڊ ڪناري تي جيئن پير رکيا پنهنجا
ڄڻ سمنڊ جي لهرن کي سُرساز سيکاري وئي


ڪلهه شام ساهيڙن سان هُن راند پئي کيڏي
هوءَ باغ جي گُلڙن کي نئين جوت ڏيارَي وئي


ڪلهه رات ڏسي هُن کي چنڊ هيٺ لهي آيو
هوءَ چنڊ جي چهري ۾ ڪو عڪس اُتاري وئي

هن گيت وڇوڙي جا ڪي درد ڀريا ڳاتا
آواز سُريلي سان ڪَئي شخص روئاري وئي

سانوري ڪنهن شام جهڙي ڇوڪري

سانوري ڪنهن شام جهڙي ڇوڪري
جرڪندڙ ڪنهن جام جهڙي ڇوڪري


مان ڪيان تعريف هُن جي ڪيتري
هوءَ حقيقي هام جهڙي ڇوڪري


هن جي مُرڪن تي سوين موتي مڙهيل
کير، کنڊ، بادام جهڙي ڇوڪري


هن جي چهري ۾ نگاهون چنڊ جون
عشق جي انعام جهڙي ڇوڪري


ڄامشوري جي هوا جهڙي سُٺي
عيش ۽ آرام جهڙي ڇوڪري


روز هن جي سونهن کي سجدا ڪجن
هُوءَ ولي ۽ رام جهڙي ڇوڪري


ڪيئن ڀلا “مشتاق” کان وسري سگهي
پيار جي پيغام جهڙي ڇوڪري

اسان چوڙين جي ڇَن ڇَن تي وري مدهوش ٿي پياسين

اسان چوڙين جي ڇَن ڇَن تي وري مدهوش ٿي پياسين
چمين جي پاڪ پيغان تي وري مدهوش ٿي پياسين


مٿئين چَپ ۾ هڻي چڪڙو، غضب جي گُهور جو پاتئين
تَڪڻ وارن طريقن تي وري مدهوش ٿي پياسين


پشم جهڙي سندر چهري تي وارن جي ڏسي کيچل
ڪِري سجدي ۾ قدمن تي وري مدهوش ٿي پياسين


بخاري، تاج، بيوس ۽ اسان تنوير جا پوئلڳ
گلابي تن جي گيتن تي وري مدهوش ٿي پياسين


عجب هُن جي ادائن تي، تکين ترڇين نگاهن تي
سندس نازن ۽ نخرن تي وري مدهوش ٿي پياسين


غزالي ڇوڪري گُذري هتان، مشتاق سڀ ماڻهو
سندس جواني ۽ جوڀن تي وري مدهوش ٿي پياسين

ٻُڌو آ ته تو سڀ سنڀالي رکيا هَن

ٻُڌو آ ته تو سڀ سنڀالي رکيا هَن
اسان گيت جيڪي اماڻيا خطن ۾


جهونگاري جهونگاري روئي پوين ٿي
ڀِڪوڙي ڇڏين ٿي تون تن کي چپن ۾!


ڊڄين ٿي ساهيڙيون نه ڪَن ڳالهه ڪنهن سان
نپوڙي ڇڏين ٿي تون پڙهندي هٿن ۾!


اسان بس وياسين ڪمائي ڪمائي
رهون ٿا سدائين تو سان واسطن ۾!


وڏو آهه اعزاز مشتاق جي لئه
سدا ڳائجي ٿو اوهان جي سَٿن ۾!

ڳَلڙن آڳر تي چپ نچن دل ٿي چوي

ڳَلڙن آڳر تي چپ نچن دل ٿي چوي
نيڻن جي در تي چپ نچن دل ٿي چوي


شام، صبح ۽ رات جو
ڇاتيءَ پڌر تي چپ نچن دل ٿي چوي

سينڌ، سڳيءَ چولي مٿان
ڀرت ڀريل ڇُر تي چپ نچن دل ٿي چوي

روز هوا جي روپ ۾
هن جي چرپر تي چپ نچن دل ٿي چوي


رات چمين جي مينهن ۾
هڪ هڪ ڀاڪر تي چپ نچن دل ٿي چوي


تون، مان ۽ چانڊوڪيون
مرڪن منظر تي چپ نچن دل ٿي چوي

دل لڳيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

دل لڳيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
دوستيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

هُو نه ملندو ته جي نه سگهنداسين
خودڪشيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

ڪنهن نه سمجهيو ته عشق ڇا آهي
عاشقيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

سڀني شاعر ڏي آڱريون پي کنيون
شاعريءَ کي مذاق سمجهن ٿا

مڙس ڪنهنجو سهاڳ رات ڪُٺو
زندگيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

ڪوڙي غيرت اڳيان، هو عورت جي
هر خوشيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

دل کي ٽوڙڻ خراب ڪيڏو آ
دل ٽُٽيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

ڳالهه ننڍڙيءَ تي خون هيڏا ٿيا
دشمنيءَ کي مذاق سمجهن ٿا

ماڻهو مشتاق جي اڃا تائين
سادگيءَ کي مذاق سمجهن ٿا.

نظم

---

ٻُڌو آ ته

چون ٿا ته ستارن جي جهول
۽ گُلن جي ٽوڪري ڀَري
صبح کان هُوءَ گهران نڪري وئي آ
ٻُڌو آ ته
ڄاڱري ٻيرن جا وڻ ۽
ٻٻرن جو ڪو ڇو وڪڻي
ستارن جي جهول ۽
گلن جي ٽوڪريءَ سميت
هن جي مجبورين کي
ڪنهن اڻوڻندڙ شخص
ٻنپهرن لاءِ خريد ڪري
پاڻ کي پيار جي راند ۾
چيمپئن قرار ڏياري ورتو آهي
چون ٿا ته
ان سؤدي جو ٻُڌي
شاعر جا لفظ
غم جو ڪارو ويس پائي
پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ
بازار مان مايوس ٿي موٽيا آهن!!
ٻُڌو آ ته
اهوئي شاعر
ڇڻيل پنن تي
پنهنجن اکين جا ڳوڙها اوتي
دل جي باغ کي
سرسبز ڪرڻ جي جستجوءِ ۾
اڃا به لڳو پيو آهي
ته من سندس ڏات
وڪامجڻ کان بچي پوي

اچ ويهه منهنجي ڀرسان

منهنجي هٿن جي ڇُهاءَ تي
ڇرڪي پَئينءَ، ڇا تون؟
اقرارُ هي ڪرين ٿي
تنهنجي ذهن، دل ۽ ننڍڙي دماغ ۾
ڪي پيار واريون ڳالهيون
ڪنهن خوبصورت خيال جيان
اوتجي نه ويون هن؟
سچ ٻُڌاءِ سجني
منهنجي هٿن جي ڇُهاءَ سان
ڀوري، ناسي بدن ۾
ڪا برقي لهر ڊوڙي؟!
ڪا چڻنگ، آڳ، ٽانڊا
ڪاوڙ، غصو، ڪراهت!
يا پيار جو تصور؟
سچ ٻُڌاءِ سجني
محسوس ڇا ڪيو هُئي؟
تون ٿورڙي گهڙيءَ لئه
پنهنجون اکيون ته بند ڪر
۽ ڏس ته ڪنهنجون آڱريون
ڪيئن ساز کي ٿيون ڇيڙن؟
مکڙي جا بند پئي آ
ڪيئن ان کي اڄ ٿيون ٽيڙن؟
۽ پوءِ چپن جي گرمي
تنهنجي اکين ۾ اوتي
ڪو گيت نئون ٿو ڇيڙي
ها سونهن ٿو سهيڙي
او گلبدن او گُل پري
بند نيڻ ڪر ته مان
نيڻن ۾ رات ترسان
اچ ويهه منهنجي ڀرسان
اچ ويهه منهنجي ڀرسان

ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي

ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي

تون، مان، ڪمرو وچ تي ٽيبل
ديوارن تي ڪجهه تصويرون
Wall clock ۽ سهڻا پردا
ٽيبل تي ڪجھ وکريل ڪاغذ
ڪاريڊور ۾ ماڻهو، اچ وڃ
هر هر فون جي هلڪي گهنٽي
۽ ڪي Intercom تي نياپا
توکي مونکي Distrub ڪن پيا
پر...
پوءِ به اسان دنيا کان عاري
پنهنجي دنيا ۾ گُم آهيون!!
هلڪي نيري Dress بدن تي
نيل گگن جو ڏيک ڏئي ٿي
۽ تون سوچين ٿي ڄڻ تنهنجو
سالن کان مان واقف آهيان!!
تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڳالهيون
ڳالهين جو موضوع به نرالو
ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان محبت!!
ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان نفرت
تنهن ڏينهن تنهنجن نيڻن ۾
مون اونهو گهرو سمنڊ ڏٺو هو
سمنڊ به اهڙو جنهن جون لهرون
لوڙهن ٻوڙن تن جي مرضي
ها پر، تو محفوظ ڪيو هو
منهنجو تصور پنهنجي دل ۾
۽ مون تنهنجو عڪس ڇڏيو هو
ذهن جي پردي پويان اوتي
پيار مڌرتا محبت وارو
عشق الستي الفت وارو
۽ ها آخرڪار بحث جو
توئي تَت ڪڍي ورتو هو
ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي
ها ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي

هي آواره، لوفر سپنا

دروازي کي بند ڪرين ٿي
مان ته کڻي موٽي به وڃان پر
هي آواره، لوفر سپنا
ڪاٿي مُڙندا، موٽي ايندا؟
سپنا جو ٿيا!!
سي به وري آواره، لوفر
رولو، ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا
لوڙها ٽپندا
ڪوٽ به ٽپندا
سيءُ به کين نه ساڙي سگهندو
ڪير به کين نه واڙي سگهندو
هي آواره، لوفر سپنا
جن کي پير، نڪوئي کُر آ
جن جو هڪڙو ئي مقصد آ
تنهنجي پيرانديءَ کان بيهي
تنهنجي سيوا چاهن ٿا
توکي ڏاڍو ڀانئن ٿا
سي آواره لوفر سپنا
مونکي ڏاڍو پيارا آهن
مان ته کڻي موٽي به وڃان ٿو
پر هي آواره ۽ لوفر
سپنا ايندا رهندا تو وٽ
سپنا جو ٿيا!!
سي به وري آواره، لوفر
رولو ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا

ڇا ٿي سوچين؟

مون گاڏي آفيس جي آڏو
روڪيندي محسوس ڪيو هو
دروازي تي بيٺل ماڻهو
ڊرائيور، چوڪيدار ۽ مالهي
مون کي ڏسندي ڇرڪي پيا هيا
۽ تون بالڪنيءَ مان بيهي
مون تي مُرڪي گل ڇٽيا ها
۽ مون پيار مان تنهنجي ڳل تي
هلڪي هلڪي ٿڦڪي هڻندي
توکان هڪڙو سوال پڇيو هو
خوش آهين؟ يا......!!
۽ ها تنهنجو Boss ڪٿي آ
ڇا ٿي سوچين؟
ڏسي وتئين ته
ڇا سوچيندو؟!
۽ تو ڌوڻي ڪنڌ چيو هو
منهنجي باري ۾ ڪو ماڻهو
ڇا ٿو سوچي؟ ان جي مرضي!!
منهنجو اُن سان ڪهڙو ناتو!!
ڏاڍو ٿڪجي پيو هوندين تون
ويهه ته گڏجي چانهه پيئون ٿا
سچ پچ مون کي حيراني ٿي!
ڊڄڻي هرڻي تنهنجي دل ۾
ايڏو پيار اهو به مون لئه!!

پکي

ڍنڍ تي لهندڙ پکي
ڍنڍ ۾ ترندڙ پکي
ڏس ڪنڊيءَ جي لام تي
شام جو لُڏندڙ پکي
۽ پرينءَ جي پارڏي
صبح جو اُڏندڙ پکي
ڪيترا، سهڻا سٻاجها ٿا لڳن!
ڪيترا ٿا پيار وارن کي وڻن!
او مسافر ٿورڙو سوچي ته ڏس:
پنهنجي دل تي هٿ رکي انصاف ڪر
پوءِ ڀلي بندوق کي تون صاف ڪر!!
پوءِ ڀلي بندوق کي تون صاف ڪر!!

ڪربلا ۽ سنڌ

رُڃ سختي سُڃ پياسو قافلو
۽ وري برسات تيرن جي مٿان
هِن انوکي درد کي ڪاڏي ڪجي؟
۽ ٻُڌايو هي ڪهاڻي پورجي آخر ڪٿي
جنهن سڄي ڪائنات کي جهوري وڌو
رات ڇا هي؟ ڏينهن ڀي ڪارو وڳو
پائي حُسيني غم ۾
هاءِ لُڙڪن کي نه روڪي آ سگهيو!!
آسماني بوند جا پڻ، ڏار رستي ۾ ڀَڄي پيا!!
ڪير چاهيندو ته، ننڍڙن ٻارڙن کي
کير ڇا؟ پاڻيءَ جو ڍُڪ ئي نه ملي!!
ڪربلا واري قصي تاريخ کي ٺاهي ڇڏيو
تاريخ ٿي پٿر هَڻي، پئَي شِمر جي ٻوٿ تي
درد جو شايد ته ساڳيو قافلو
اڄ به ماتم ٿو ڪري
سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ روهڙي بازار ۾
۽ وري ”سَينگار“ جي آواز جي ساڳي جُنبش
پُل کي پئي ٿي لُڏائي!!
ڪلهه به پاڻي ڪونه هو، اڄ به پاڻي ڪونه آ
هن قصي کي هندو مومن، سنڌ جا ماڻهو سڀئي
هڪ ٿي سوچن پيا
ڪربلا ۽ سنڌ جو، آهي قصو شايد ڳنڊيل!!

(سنڌ جو سريلو راڳي، سينگار علي سليم)

هڪڙو سُندر خواب

شام وڻن جي آڳر ۾ نيرا نيرا خواب اُڻي ٿي
۽ هُو ڪيڏو ڏور، پري کان ڏُور
الائي ڪاٿئون ڪاٿئون؟!
ٿَڪ ڀڄڻ لئه سَڀ پکيئڙا موٽن ٿا
رات ٺرڻ کان پوءِ نه چُرپر ڏارن ۾
گُڙ گُڙ جا آواز، ٻچا ۽ آکيرا
وڻ جي سنهڙي لام جي بستر تي ليٽي
هڪڙو سُندر خواب ڏسن ٿا
ڪويل جو آواز، ڪبوتر جا ٻچڙا
ڳيري جي ڳٽڪار ۽ جهرڪين جي چُڻ چُڻ
ڪنهن به گُليلي، گوليءَ جو ڪِٿ کاڄ نه ٿيا
ننڍڙن ننڍڙ پڃرن جا سڀ سوڙها دَرَ
جئين کُلن ٿا
ڀَڙڪا ۽ آواز، اُڏارون تترن جون
گم ٿيل سنڌ جي قيدين سان گڏ
پنهنجي پنهنجي ماڳ پُڄن ٿيون
۽ پوءِ باک کڻي ٿي هٿڙا
ڪو به شڪاري، ڪوبه نه ماري شال رهي
ڪوبه نه جيئري ايڏا سارا سور سَهي
ڪوبه نه سنڌ جو سهڻو ماڻهو قيد ٿئي.

(سنڌ جي گمنام قيدين جي نانءُ)

زندگي

زندگي

سوچ پنهنجي سانوڻيءَ جي مينهن ۾ ڪُڏندي رهي
سوچ پنهنجي ساروڻين جي باغ ۾ لُڏندي رهي
هو نه آيو بي رُخي ۽ بي چسي دنيا لڳي
شام جي نيڻن ۾ ڄڻ ڪا آرزو ٻُڌندي رهي
زندگي جيڪا هُئي، رنگين شيشن جو محل
زندگي جيڪا هُئي رابيل، موتيو ۽ ڪنول
زندگي ڄڻ هُئي، ڦُليليءَ جي ڪپر تي ڇانورو
زندگي ڄڻ هُئي، پرينءَ جو رنگ سهڻو سانورو
هو نه آيو دل جي آڳر ۾ سوين ٿوهر ڦُٽا
ڪربلا، هيروشيما، بيروت ٿي وئي زندگي
پنهنجي ميرانجهين اکين ۾ عڪس ڪي آيا تري
ريل جي پٽڙي، سمنڊ جون لهرون، پسٽل، خودڪشي!!
پر وري هن جي چيل لفظن ڏنو هو حوصلو
“مشتاق” منهنجو ٿي قسم، مون کي نه ايڏو سارجان
زندگي آهي ڏکي پرپوءِ به خوش ٿي گهارجان
زندگي آهي سراسر سونهن جو هڪ مُجسمو
زندگي آهي برابر، پيار محبت، دوستي
پر اڃا ڀي زندگيءَ جا کوڙ پهلو هن ٻيا
زندگي آهي، امن ۽ آجپي جي راڳڻي
زندگي آهي دلين جي راضپي جي راڳڻي
جهور پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪرڻ آ زندگي
۽ جُهريل ڪنهن جيءَ جي خدمت ڪرڻ آ زندگي
بيوسي، لاچارگيءَ ۾ ڪم اچڻ آ زندگي
ڪنهن دُکي دل جي مٿان مرهم رکڻ آ زندگي
معصوم جي ڪنهن مرڪ کي تحفظ ڏيڻ آ زندگي
ڪنهن به قومي ڪاز« لاءِ مُرڪي مرڻ آ زندگي
لفظ هن جا هي چيل ياد آيا جيئن ئي
سوچ پنهنجيءَ ۾ نئون ڪو ساهه ويو هو ڦوڪجي
سوچ پنهنجي ۾ نئون ويساهه ويو هو ڦوڪجي
سوچ ٻيهر سانوڻيءَ جي مينهن ۾ پسندي وتي
سوچ هر هر چاهه جي لامن مٿان لڏندي وتي

چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان!!

چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان!!

چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان
چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان
اوپياري اوپياري او دنيا کان پياري!!
چوين ٿي ته مان دل جي ويرانَ مندر ۾
نَڪِي گل پوکيان نه خوشبو ئي ڇڻڪيان
چوين ٿي ته بس شهر جي گوڙ وانگر
حياتيءَ جا ڏينهن باقي گهاري ڇڏيان مان!
ها جڏهن دوستيءَ جو نَڪو نانءُ رهندو
نه ئي پريت هوندي نه ئي پيار هوندو
نه اقرار هوندو، نه انڪار هوندو
تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!
چوين ٿي ته توکي نه پوڄيان نه پايان
نه تنهنجو سڏايان نه توکي ئي چاهيان
چوين ٿي ته پاليل پکي پيار وارا
اکين جي اڱڻ مان اُڏاري ڇڏيان مان!
ها! جڏهن چنڊ جي چاندني ڪير روڪي
۽ واءُ مينديءَ جي خوشبو نه آڻي
نڪي سج اُڀري نه تارا ئي ٽمڪن
تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!
چوين ٿي ته دل مان تڙي يادگيريون
جيون ڪٿائن کي تيلي ڏيان مان!!
چوين ٿي ته سالن کان سانڍيل سمورا
تنهنجا خط، ڦوٽو به ڦاري ڇڏيان مان!!
ها جڏهن نانءُ سنڌڙيءَ جو مٽجي وڃي ۽
ڀٽائيءَ جي وائي ڪو راڳي نه ڳائي!!
تڏهن سمجهه مشتاق ڀي ڪونه هوندو
تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!

(مرڪزي خيال نوجوان شاعر امجد دراني)

چنڊ جي چهري ۾ ڪنهن جي چاندني

چنڊ جيڪو ڍنڍ جي پاتال ۾ ليئو وجهي
مڌجهڙي ڇوڪريءَ تي مست ٿي
ٻيڙيءَ سان گڏ گڏ پي هليو!!
ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڏو ڪو ڊاڪٽر
ٿا چون ويٺو هيو، هُن پي ڏٺي
چنڊ جي چهري ۾، ڪنهن جي چاندني
اوچتو هن ڇيڳري ڇوريءَ کڻي پٿر هنيو
چنڊ جو چهرو اڌو اڌ ٿي پيو!!
مون ٻُڌو آ حادثاتي طور تي
هن ڪري ڪو آپريشن چنڊ جو
چنڊ جي چهري کي ڪجهه ٽاڪا هڻي
پنهنجي دل جي حادثاتي روم ۾
ڪيترائي ڏينهن داخل هو ڪيو!!
پر جڏهن مجبور ٿي موڪل ڏنائين چنڊ کي
چنڊ جي چهري ۾ هڪڙو داغ هو
ڊاڪٽر جو ساهه ڄڻ نڪري ويو!!
ڇوڪري جاڏهون جي هُئي تاڏي وئي
چنڊ جنهن ۾ هُن ڏٺو هو عڪس ڪو
تنهن به روئي ۽ ڀڄائي عڪس کي
تصوير کي ميٽي ڇڏيو!!
اڄ به ساڳيو ڊاڪٽر
چنڊ جي چهري ۾، ڳولي ٿو پيو تصوير کي
اڄ به ساڳيو ڊاڪٽر
چنڊ جي چهري ۾، ڳولي ٿو پيو تقدير کي!

سنڌ وطن جو خير هجي

بس پاڻ خماريل نيڻن جو
ٿا خير گُهرئون شال خير هجي
۽ پاڻ چَمن جو، خوشبوءِ جو
ٿا خير گُهرئون شل خير هُجي
ها شال ڪنوارن ٽهڪن جو
مُرڪن جي مُندن جو خير هجي
چوڙيون به سلامت هيل هجن
سينڌن جو، سَڳين جو خير هجي
بدغير جي ڪنهن تي نظر نه پئي
چانديءَ جي بدن جو خير هجي
رنگين فضا ۾ جهومي من
مينديءَ جي چِٽن جو خير هجي
تاڙين جي سدائين گونجن ۾
محبوب هٿن جو خير هجي
ڌرتيءَ جي گلابي گيتن ۽
معشوق چپن جو خير هجي
اي وقت توکي هي پارت آ
چاهت ۽ چمين جو خير هجي
چاهت ۽ چمين جا متوالا
توکي به اهائي پارت آ
جي وقت گهري قرباني توکان
چاهت ۽ چمين کي گهور ڪجان
مشتاق جي مَن جي منشا آ
دلبر جي دڳن جو خير هجي
هن سنڌ وطن جو خير هجي
هن سنڌ وطن جو خير هجي.

وساري نه سگهبا

ڪُنوارن گلابي چپن جو چميون ۽
وارن وڏن جي ٿڌي ڇانوَ گهاٽي
عُقابي اکين جي ٻنهين ماڻڪين ۾
ڪي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
ڪينجهر جي لهرن سنديون دلفريبيون
۽ ساڙهيءَ کي هن جو ڪري سُڪ بيهڻ
مُرڪي هوا ۾ هُڳائون پکيڙڻ
غضب جون ادائون عجب جا اشارا
سي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
کڻي جو ڏٺائون ته پاڻيءَ تي ترندڙ
پکي موهجي پيا پرين جي حُسن تي
هوائن ۾ ٻيهر ٻُريا گيت ڪيئي
۽ ڇولين مان ازخود اٿي کير ڌارا
سي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
اسان هن جي وارن منجهان واس ورتو
گلابي بدن تي وري گهور ٿياسين
وڏي هُن سان “مشتاق” جي دل لڳي وئي
چريا ٿي پيا نيٺ چند ۽ ستارا
سي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!

سپنو ئي هوندو

چُنري ۽ چوڙين سندا رنگ ڪيئي
۽ مينديءَ جي خوشبوءِ ڦهلائي رُت ۾
غزالي بدن تان وڏا وار کولي
ڀاڳي ۽ سرمد جي آواز وانگر
مڌر ڇوڪري
مشتاق، باغي« ۽ آڪاش جا ڪي
گلابي چپن سان غضب گيت ڳائي
کڻي ڄامشوري جي چنچل هوا کي
ٺٽي جي هوا سان ملي نيٺ ويئي
ڪينجهر ۽ مڪليءَ ”وٺي واسُ وَنَ مان“
پرينءَ جي بدن مان
وڏو آهه جڳ ۾ ڪو معراج ماڻيو
پرينءَ ڪلهه اسان ڏي عجب ريت جو ڪو
هوا جي ذريعي آ نياپو اماڻيو
اچي خيرپور مان اسان سان ملي وڃ
پوءِ مرضي آ تنهنجي
رهي پئه هتي يا اسان کي وٺي وڃ
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنوئي هوندو
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنوئي هوندو
ٺٽي، ڄامشوري سندي واءُ گڏجي
اسان جي اڱڻ تي ڪٿان هاڻ ايندي؟
اسان خواب جيڪي ملڻ جا لڌا ها
سچي تن جي تعبير پڻ ڪيئن ٿيندي؟
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنو ئي هوندو!
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنو ئي هوندو!

آجيان

مون ته ٻُڌو آ اڀ ۾ تارن
ڪا گڏجاڻي ڪوٺائي آ
گڏجاڻيءَ ۾ چنڊ به هوندو
سورج کي به سڏايو ويو آ
نيل نديءَ جو پاڻي هوندو
سائيبريا جا چونڊ پکي
۽ سنڌ جا مور، ڪبوتر هوندا
رابيلن جي بارش هوندي
ناچ به ٿيندا!
مون ته ٻُڌو آ چنڊ به هوندو
سج به هوندو تارا هوندا
ساري دنيا وارا هوندا
تن جي وچ ۾ منهنجو ئي
محبوب نرالو بس هوندو!
هر هڪ شيءِ جي دل ۾، چَپَ تي
يار جو نالو بس هوندو!
مون ته ٻُڌو آ منهنجي ئي
محبوب جي آجيان ۾ اُڀ کي
سونهن سموري جڳ جي آڻي
ٺيڪ ڪري بس ٺاهيو ويو آ
آجياڻي ۾ چنڊ به هوندو
سج کي پڻ سڏايو ويو آ

نيڻن جي دلڪشي

هن جي نيڻن جي دلڪشيءَ مان
هن جي نيڻن سندي نديءَ مان
جنهن به هيڪر سُرور ورتو آ
ان جي اکڙين ۾ گؤنچ گل ٻاٽيون
ڪيئي آسُن جا باغ باغيچا
دل جي آسڻ ۾ ڄڻ ڦُٽي نڪتا
هن جي نظرن جي خاص گرميءَ مان
ڪيئي ڪرڻا، شعاع جيئن ڦهليا
پاڻ ان جي عنايتن سان
هر پيار واري جي دڳ ۾
نيٺ سورج مُکيءَ جيان جڳ ۾
مهڪي ٻهڪي ٽڙي پيا آهيون
اڳ ۾ ڏاڍا هياسين بيگانه
هاڻي ٻيهر جڙي پيا آهيون
ڪير هاڻي اسان کي روڪيندو؟
هن جي اکڙين مان جو ڦُٽا آهيون
هن جي نيڻن جي دلڪشيءَ مان
پاڻ ڏاڍو سُرور ورتو آ
پاڻ دلبر جي دوستيءَ مان
شاعري ۽ شعور ورتو آ

نئين سال جي مبارڪ

ٻئي اکيون ٻوٽي
رکي سيني تي هٿ
سوچڻ لڳس
درد منهنجي ۾ نه شايد
درد ڪو آهي رهيو
ڪو لفافو، ڪو به خط
سال پورو ٿي ويو
آيو نه هن جي پارَ کان
ڪابه گهنٽي فون جي
ناهي وڳي
ڪَئي ڏينهن ٿيا!
نئين سال جي
نئين ڊائريءَ ۾
بند لفافي اندر
دل جي ٽٽل تارن سان گڏ
ڪي خواب سونهري سندر
موڪلي هن ڏي ڏنم
ان آسري تي سال شايد
هي به گذري ئي وڃي
ڪنهن فون جي گهنٽي پٺيان
آواز ٻيهر ڪو ٻُري!
“مشتاق” ڪهڙا حال ٿئي؟
وقت گُذرئي ڪئين ٿو؟
۽ مبارڪ سال نئين جي
پاڻ ڏئي پنهنجو ڪري
رندگيءَ ۾ محبتن جا
رنگ ڪي سهڻا ڀري
مون کي من پنهنجو ڪري
مون کي من پنهنجي ڪري

سور تنهنجو سَٺو نه ٿيندو

گلابي رُت، رنگ، روشني ۽
خوشبوءِ جهڙي غزالي جانان
دل ته چاهي گهڻئي ٿي سچ پچ
سموريون ڪَوتائون
گيت، وايون
غزل ۽ دوها، نظم رباعيون
تنهنجا توڏي ئي موڪلي ڏيان
مگر ڊڄان ٿو ته! تنهنجي آڏو
پَوَن نه روئي!
ٽُٽي نه پئي منهنجي دل جي مالها
۽ تنهنجي دل کي
متان جِهٻو ڪو اچي وڃين
تون پوين نه روئي
۽ پاڻ کان هي ڏٺو نه ٿيندو
سور تنهنجو سَٺو نه ٿيندو

ڇا کپي؟

ڪلهه الائي ڪئين ڀُلجي
فون تي نياپو ڇڏيئين
مشتاق کي چئجو ته
ڳالهائي ضروري “شام جو”
هونئن ته اهڙي آرزوءَ ۾
ڏينهن گذريا ڪيترا
کوڙ شامون ٿيون بسر
ڪيترا خط ۽ چٺيون
هن ڏي لکيم ۽ فون ڪيم
پر چري هن ڇوڪريءَ جي
دل پڪي ڄڻ ڪو پٿر
هن تي نه ٿيو ڪوئي اثر
هاڻ ويندي ويندي مون سان
دل پشوري ٿي ڪري
ڪجهه ته ڇوري ٿي ڪري!؟
ذهن ۾ اڀريا هزارين سوال
هُٽ کُٽ ٿي پئي
پر! پوءِ به سڪڻي روح جو
۽ وسڪڻي دل جو خوشيءَ مان
هانءُ ٿو ڦاٽي پيو
کوڙ ساريون فون تي ڳالهيون ڪبيون
روئي ڏ بو
حال پنهنجي دل جو هُن سان
سڏڪي سربستو ڪبو
من کڻي “مشتاق” کي هڪڙو ملڻ لئه منٽ ڏئي
مشتاق کي ٻيو ڇا کپي؟
مشتاق کي ٻيو ڇا کپي؟

شاعر

ڪمال جو شاعر هو
مگر ڪنهن کي خبر هُو؟
دک، درد زماني جا سڀئي پاڻ وٽ رکندو!
هن پنهنجي ڪمائي سڄي ڪائنات کي آڇي
مون ته ٻُڌو آهه، هُن ڪا باس هئي باسي
بيمار ٿئي ڪنهن به امڙ جو نه ڪو ٻچڙو
ڪنهن ڀيڻ جو ڪو ڀاءُ ڪڏهن ڀي نه قتل ٿئي
ڪنهن کي نه مِلن اغوا ۽ تاوان جون ڌمڪيون!!
سونهن کي ۽ پيار کي هن عام ڏسڻ لءِ
۽ پيار جي ويرين کي بدنام ڏسڻ لءِ
پنهنجي سڄي شاعري ۽ ڏات کي جڳ ۾
ڪا ڇير ٻڌي، پنهنجي رت جو تِلڪ لڳائي
موڪليو ماڻهن ڏي امن کي نه ڇڏي ڏيو!
هي پيار جو پيغام زماني کي سڏي ڏيو!
مون آهه ٻڌو هن ڪا اهڙي باس هئي باسي
هو شاعري پنهنجيءَ کي ورهائيندو دنيا ۾
ڪي گيت امن پيار جا ڳائيندو دنيا ۾!
مون آهه ٻُڌو گيت ڪو ٺاهيندي ڪُسي ويو
“زخمي” ته هيو پاڻ اسان کي به ويو گهائي،
ڪمال جو شاعر هو! مگر ڪنهن کي خبر هُو؟
راهه ويندو ري گناهه قتلام ٿي ويندو!!
انسان جي عظمت جو نيلام ٿي ويندو!!

(زخمي چانڊيه جي شهادت جي موقعي تي لکيل)

خوش هُوءَ هجي

چنڊ رات جو چؤنري اڳيان
چانديءَ جهڙو چهرو ڏٺم
سائو وڳو، گج ٽاڪيل
نڪ ۾ ڦُلي چمڪي پئي!
جُهمڪي جي جهرمر ڇا ته هئي؟
کير جهڙي روشنيءَ ۾
هير ٿڌڙي جو گُهلي
گهوراُن جي گَج، ڦَلي، جُهمڪي مٿان
هڪ مان ته ڇا؟
چؤنرا چڙا، گهر ۽ گهڙا
“مشتاق” ٿي پيا وڏ ڦُڙا
ان رات ڪيڏا ٽهڪڙا
واءُ ۾ وکريا هُيا!
ڳوٺ جون ڳهريل ڳليون
ڪيڏيون ته ٿي پيون ڀليون
ان سمي آرس ذهن جو
ٿڪَ روح جا ڪاڏي ويا؟
واهه قدرت حسن، خوشبو
سونهن اوتي دلدار ۾
پيار، محبت، روشني
سڪ وئي وڌي سنسار ۾
شل اسان جا ڏينهن ڀي
هُن کي مِلن، خوش هوءَ هجي!
شل اسان جون سڀ خوشيون
هُن کي ملن خوش هُؤ هجي!

دعا

سوين عيد جا چنڊ
نئين سال جا سج
کڻي کوڙ خوشيون
اوهان جي اڱڻ تي
اچن شال اُڀري
اسان جي اوهان لئه
اها ئي دُعا آ
اوهان جي اڱڻ تي
ڏين ڀؤنر ڀيرا
رابيل، موتئي
گلابن جي خوشبو
سموري دنيا جا
دلڪش نظارا
نديون، چنڊ، تارا
سنڌوءَ جا ڪنارا
اوهان جي اکين جي
مڌر مئڪدي مان
ڪيئي پيار جا ڍڪ
پيئن ۽ پيئارن
دنيا کي جيئارن
اسان جي ته اڄ ڀي
اها ئي دعا آ

سُرخ سپنا

سُرخ سپنا ڪي اميدن سان ڀريل
پنهنجي نيڻن ۾ سجائي
“گيت ڳاڙها ٿو لکان”
گيت اهڙا جن ۾ خوشبو سونهن جي
گيت اهڙا جن ۾ ڪا هلچل هجي
نٻل، هيڻا، ۽ ٻُڍا ماڻهو ٻڌي
شينهن جي گجگوڙ جيان
گرجي پون!
هر ظلم، هر ڏاڍ ۽ ڏاڍي اڳيان
منهنجي گيتن جي گلابي گونج تي
بُزدليءَ جي ٻار کي اُڇلي پري
ماڻهپي، محبت، امن کي
مان ڏين
پر اچي جي ڳالهه ڌرتيءَ ڌوڙ جي
سڀ لُٽائي پنهنجي جواني
جان ڏين
گيت منهنجا سُرخ ڳاڙها هو ٻڌي
شال ڌرتيءَ تي سمورو
ڌيان ڏين
شال منهنجي شاعريءَ کي
شان ڏين
شال سِندڙيءَ جي سَڏن کي
مان ڏين

رهيو نه ڪجھ آ

مون برابر
رکي هئي ويڙهي
سفيد چادر ۾
دل چري پر
سڙي ڏکن ۾
ڀسم ٿي ويئي
۽ هاڻ دل جي
لٽيل چمن ۾
رت سڙيل جا
نشان باقي
۽ تنهنجي پيرن جي
خيالي کڙڪي
سواءِ جانان
رهيو نه ڪجهه آ

شهيدن جو رتبو

پَلئه پنهنجي پوتيءَ جو اجرڪ پنهنجي سان
ڳنڍي هن پڇيو هئس ته ڪئين ٿو لڳئي؟
ٻٽي، لڙڪ پنهنجي اکين مان ئي هاري
سڏڪي چيو هن سُٺو ٿو لڳي!
چون ٿا ته هن جي اکين ۾ اڃا پڻ
ساڳيو شام وارو ئي منظر ٿو ڇُلڪي
ڏئي ڳنڍ پوتيءَ جي ڪنڊ کي اڃا ڀي
اڌ رات کان پوءِ اڌڙوٽ چنڊ سان
ڪري ڪنهنجون ڳالهيون ٿي چنڊ کي رُئاري!
چون ٿا ته
هر رات پنهنجن هٿن کي ميندي ٿي لائي
اجرڪ ۽ پوتيءَ جي ڪنڊ کي ملائي
ستارن سان گڏجي ڪي سِهرا ٿي ڳائي
چون ٿا ته
هن جو مڱينتر مري ويو!!
مٽي ۽ ماڻهن جي حق لاءِ وڙهندي
چون ٿا شهيدن جو رتبو وڏو آ
ستارن جي سردار هن کي چيو هو
چون ٿا ته
تڏهن کان هوا ساڻ گڏجي
مٽي ۽ ماڻهن جا نغما ٿي ڳائي
چون ٿا
تڏهن کان پائي ويس ڳاڙهو
سنڌوءَ جي تهذيب پئي ٿي وڌائي
۽ اجرڪ جي عظمت کي پئي ٿي بچائي

ڄامشوري جي هوا ۽ کير جهڙي ڇوڪري

کير جهڙي شاعريءَ مان ڪي مڌر چونڊي نظم
مون مُڪا، توڏي ته، من احساس ڪو توکي ٿئي
پر تو الائي ڇو پرين ڄاتو نه منهنجي پيار کي؟
پر تو الائي ڇو پرين پاتو نه پوتر پيار کي؟
پاڻ چاهيندا هياسين، ڄامشوري جي هوا
۽ شام ٿڌڙيءَ جيان توکي
پر کير جهڙي ڇوڪري
تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!
عادتون توئي وِڌيون هَر هَر ملڻ جون بانوري
عادتون توئي وِڌيون سِڪڻيون سِڪڻ جون سانوري
فون، نياپو، خط، چِٺي آئي نه تنهنجي پار کان
تون الائي ڇو؟ ڦِري وئي آن ڪيل اقرار کان
ها مڃان ٿو توسان ڪي مجبوريون هونديون مگر
اوهير جهڙي ڇوڪري
تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!
آ ڪنول جا گُل هڻان ڪي تنهنجي چوٽيءَ ۾ وري
رابيل ۽ خوشبوءِ کڻي پرفيوم اوتيانءِ باغ ۾
۽ گلابن جي پتين جو ويس پارايانءِ مان
آ فضا ۾ آنچلن جون ڪي اُڏارون اوت تون
آءُ راڻي باغ ۾ نيڻن نهارون اوت تون
اچ ته نوري ڄام جي آڳر ۾ ڀاڪر پائجي
اچ ته ڪينجهر جي وري ڇولين کي ڪجھ ڇرڪائجي
پر سير جهڙي ڇوڪري
تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!

دل ته چوي ٿي!!

دل ته چوي ٿي ڪنهن به امڙ جو
بيماريءَ ۾، ٻار نه تڙپي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به ٻچي جي
ننڍڙي هوندي ماءُ نه وڇڙي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به ونيءَ جي
مڙس مرڻ جي ڳالهه نه ٻڌجي!
دل ته چوي ٿي اخبارن ۾
خودڪش حملن جو به نه پڙهجي!
دل ته چوي ٿي ٽي ويءَ تي ڪو
هاڻي ٻيهر لاش نه ڏسجي!
دل ته چوي ٿي اسڪولن جي
بدران ڪوئي جيل نه اڏجي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به گهٽيءَ ۾
ڳاڙهو ڳڀرو ڀاءُ نه ڪُسجي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به پکيءَ کي
گوليءَ جو ڪو گهاءُ نه پهچي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به سکيءَ کان
محبوباڻا ويس نه ڦرجن!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به وطن کان
آزاديءَ جا ڏينهن نه کسجن!
دل ته چوي ٿي هاڻي جيڪر
هيءَ بندوق به ٽوڙي ڇڏجي!
گولين ساڻ ڀريل هي ٿيلهو
ڪنهن درياءَ ۾ ٻوڙي ڇڏجي!
دل ته چوي ٿي وحشي ماڻهو
توکي هاڻ نهوڙي ڇڏجي!
دل ته چوي ٿي پيار جو ننڍڙو
ڳوٺ نئون ڪو جوڙي ڇڏجي!

ٽوڙجي زندان کي زنجير کي

ڇوڪريون او ڇوڪرا جاڳو نٿا!
ڇو پيا آهيو اڃا تائين سُتا؟
سنڌ منهنجي ڇا؟، امان تنهنجي به آ
تنهنجي منهنجي ماءُ مشڪل ۾ صفا
ڊيم ڪالاباغ ٺاهڻ ٿا گُهرن
سنڌ پنهنجيءَ کي سڪائڻ ٿا گهرن
بند جيڪو پنهنجو اڄ پاڻي ڪري
ها اُٿو ان سان اچو پاڻي ڪري
نيٺ منڇر ۾ ملائي زهر ويو
ڪلهه مهاڻن سان ڪري ڪو قهر ويو
ڄامشوري جون هوائون ٿيون سڏن
پيار مان سڀني کي مائون ٿيون سڏن
ڪنهن کي سنڌ جون بارگاهون ٿيون سڏن
ڪنهن کي سنڌ جون درسگاهون ٿيون سڏن
روز روڪن ٿا هوا ۽ هير کي
ٽوڙجي زندان کي زنجير کي

پرينءَ جو شهر

آهه ننڍڙو نگر، ڄامشورو مگر
آ وڏو پُر اثر!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
ڪوئي چند سال خاموش گهاري ويو!
ڪوئي پنهنجي به دل هت وساري ويو!
مون ڏٺيون ڪيئي بيحس حسين ڇوڪريون
۽ ڏٺا ڪيئي ڇُڙواڳ هِت ڇوڪرا!
مون ٻُڌيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هتي
پڻ ڏٺيون تڙپندي ڪيئي راڻيون هتي
مون ڏٺو عاشقيءَ جو اکين ۾ اثر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
مون مڌمست هيرون هوائون ڏٺيون!
پپر، بيد مُشقن جون ڇانئون ڏٺيون!
شفق شامن جو گهمندي ڪي جوڙا ڏٺا
۽ اکين سان الاهي وڇوڙا ڏٺا
ڪِن اکين جا اکين سان اشارا ڏٺا
ها ڪُهڻ ۽ ڪُسڻ جا نظارا ڏٺا
۽ ڏٺو شام جو پيارو وارو پَهر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
نرم هٿڙن تي مينديءَ جا چٽڙا ڏٺا!
لب ڳاڙها ۽ ڳڀرو ڪي ڳٽڙا ڏٺا!
۽ ڏٺم ڪو ڪتابن ۾ قابو هيو!
ها ڏٺم ڪو حجابن ۾ قابو هيو!
قرب مان ڪنهن ٿي پارائي ڪنهن کي مُنڊي
پيار مان ڪنهن ٿي پرفيوم ڪنهن کي هنئي
مون ڏٺو سونهن سوڀيا جو سهڻو سفر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
ميٺ محبت جا پُر ڪيف منظر ڏٺا!
۽ دلين جا دلين ۾ گهڻئي گهر ڏٺا!
ڪاٿي چُنري ۽ چوڙين جي چاهت ڏٺي
ڪاٿي وارن جي وڪڙن جي راحت ڏٺي
۽ ڳلا گيت ڳائيندي ڪيئي ڏٺا
مون ڏٺو چاهتن جو وڏو ڪو چڪر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
مگر منهنجي محبوب جي ڳالهه ٻي آ
باغي«ءَ جي گيتن جهڙي ڇوڪري آ
”بند وِسڪيءَ جي بوتل جيئان ٿي لڳي“
مون ته هن کي پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو
مگر دل جا دروازا ٽوڙي هلي وئي!!
منهنجا خواب هٿن سان مروڙي هلي وئي!!
مگر پوءِ به “مشتاق” آ منتظر!!
ڄامشورواسان جي پرينءَ جو شهر!!

وساري نه ڇڏجو

اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو
ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نه ڇڏجو
ادل« سومري جي سُريلي غزل کي
سرمد جي مٺڙي آواز کان پوءِ
وري ڪالهه ڪينجهر تي ڪنهن گنگنايو
ٻُڌي جنهن کي ٻيڙيون به بيهي رهيون هُون
چون ٿا مهاڻن به روئي ڏنو هو
”اوهان پنهنجي گهر جي ڪشادي اڱڻ مان
پرين جي پکين کي اُڏاري نه ڇڏجو“
چون ٿا ته اڏندڙ ۽ ترندڙ پکي پڻ
ٻُڌي سُر اهڙو صفا مست ٿي پيا
چون ٿا ملاحن جا ڄارا ٽٽي پيا
چون ٿا ته عاشق ويچارا ٽٽي پيا
چون ٿا دلين ۾ نوان درد جاڳيا
چون ٿا پٿر جون دليون ميڻ ٿي پيون
چون ٿا ته نوريءَ نئون ويس پائي
تماچيءَ جو تڙپڻ ڇڏيو هو وڌائي
چون ٿا درازن جي پاڙي جو هڪڙو
لهرن ۾ ماڻهو لڙهڻ جيئن لڳو هو
چون ٿا چنبيلي چُمين جو قسم ڏ ئي
وري پيار مان ڪو وڏو پائي ڀاڪر
پرينءَ خوش رهڻ جي هدايت ڪئي هَس
چون ٿا ته مشتاق ان ڏينهن کان پوءِ
گهڻئي خوش رهڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو

« ادل سومرو ، سنڌ جو سريلو شاعر

اڄ به توکي چَوان ٿو موٽي آ

رات هيڏي ڊگهي ڊسمبر جي
سيءُ، ڏڪڻي، بارشي موسم
۽ پارو ڄَمي ويو ٿانون تي
ٿڌ اورانگهي گهر جون ديوارون
منهنجي ڪمري ۾ پڻ ٽپي آئي
بلب زيرو جو نيرڙو ڀت تان
هورڙيان هورڙيان وسامي ويو
ڪُئائل هيٽر جا پڻ ٿڌا ٿي ويا
ننڊ منهنجي اکين جا ڳوڙها پي
تنهنجي نيڻن جي بند تي پهتي
کيس ڳوليان پيو وهاڻي ۾
ڄڻ ته بستر سُڪون کائي ويو
تون جي ناهين ته هي سُڪا ميوا
مون کان ڪاٿي چٻاڙجن ٿا!!
گرم ڪافيءَ جو ڪوپ آڌيءَ جو
ڪير ٺاهي ڏئي ڀلا مون کي؟
اڄ به سوچيان ٿو هر سياري ۾
گرم ڪپڙا، ڪوٽ ۽ سُئيٽر
مون کي تون ئي سنڀالي ڏيندي هُئين
ياد هوندئي بٽڻ ڇڄي پيو هو
شرٽ منهنجيءَ جو ته ڪا جلدي هُئي
۽ پوءِ سُئيءَ سان بٽڻ کي ٽاڪيندي
منهنجي ڳل تي چُمي ڏني هُئي تو
شاعريءَ جا پنا، ڪتاب، بوڪ شليف
خط، تحفا، فريم ۽ ڦوٽو
بي ترتيب ڪئين پيا آهن
ڊائري، ڊيڪ، ڪمپيوٽر
سڀني تي دَز چڙهي وئي آ
اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ
گرم ڪافيءَ جو ڪوپ ٺاهي ڏي
منهنجي زندگيءَ جا سڀ بٽڻ ٽٽي پيا آهن!!
۽ ها!
شال تنهنجي پسند جي آندي ٿَم
اچ ته اوڍيانءِ سيءُ ڏاڍو آ
اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ
اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ

عشق زورا وَر

نديون ٿي تار وَهنديون ۽
نَئين ۾، نينهن ٻوڙيندو
اسان کي وهڪري ۾ روز
ڪنهنجو پيار لوڙهيندو
۽ پوءِ عشق زوراوَر
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڃ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
پکين جا سُر مٺا هوندا
لَئي جي لامَ پئي لڏندي
فِضا ۾ گيت ڪي ٻُرندا
اکين ۾ سونهن پئي ڊُڪندي
۽ پوءِ عشق زوراوَر
ڀڃي دل جون سڀئي تاڪيون
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڃ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
ستارا جڳمڳائيندا
ٽُٻيون چنڊ سمنڊ ۾ هڻندو
اسان کي ڪائناتي سونهن جو
هر رنگ پيو وڻندو
۽ پوءِ عشق زوراوَر
اسان جي روح ۾ پيهي
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
انبن ۾ ٻور جئين ٿيندو
ڪُچا ڏوڪا رَسي پوندا
اسان جي حافظي ۾ خيال
تنهنجي پيار جا ڊُڪندا
۽ پوءِ عشق زوراوَر
انا الحق جا هَڻي نعرا
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
اسان کي ماڻهپو پيارو
اسان کي پيار ماڻهوءَ سان
پرين تخليق ۾ شامل
پُڇي ڪو شخص شاعر کان
۽ پوءِ عشق زوراوَر
بدن جي جيوَ گهرڙن ۽
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!

(سچل مشاعري دوران مليل طرح جي نسبت سان لکيل)

اهو آ شهر

ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾، گهاريون جوانيءَ جون مون ڪي گهڙيون
خوبصورت جوانيءَ جا ماڻيل مزا
۽ پرچڻ، رُسڻ جا هزارين قصا
مون ڀرپور پنهنجن اکين سان ڏٺا!
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾ تخليق منهنجي نئين سِرجُڙي
جنهن جو منهنجي سڄي شاعريءَ تي اثر
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾ مشتاق جي مٺڙي محبوبه پڻ
وار کولي ساهيڙين سان گهمندي هئي
ڄامشوري جي نازڪ ۽ چنچل هوا
پيار ڏاڍي مان ڳل هُن جا چُمندي هئي
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اُهو آ شهر!!
جنهن ۾ سرمد جي پُرسوز آواز تي
نينگرين جا سوين ڪنڌ جهوميا هيا
ڪيترن ئي رَوَن جو ٿيو لال رنگ
۽ نعرا مٺي سنڌ جا گونجيا هيا
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾ سَنَ جا سپاهي ڪي رهندا هيا
ها انهيءَ شهر سان يادگيريون سوين
چند سالن سنديون يا گهڙي کن جون
شرابي اکين ۽ گلابي چپن
ڪنهن الهڙ ڇوڪريءَ جي مٺي من جون
ڪنهن گلابي بدن ۽ سنڌؤ سن جون
۽ انهيءَ شهر سان يادگيريون سوين
ها پڪ ساڻ ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن جو منهنجي سڄي شاعريءَ تي اثر!!

ڇا ٿي پيو

ڇا ٿي پيو جي تو منهنجي جسم ۾ زهر اوتيو آ
جدائيءَ جو ڪڙو جاني!!
ڇا ٿي پيو؟ جي تو منهنجي تَتَل هِن تَن جون تارون
تنبوري جيان ڇڏيون ٽوڙي!!
ڇا ٿي پيو؟ جي تو منهنجي اندر ۾ آڳ کي اوتي
ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪيو آ!!
ڇا ٿي پيو؟ جي تون منهنجو سمورو ساهه هڪ مُٺ ۾
ڪري قابو الڳ ٿي وئين!!
تنهنجي مرضي آ، توکي ڪير چوندو
جيئن وڻئي، تيئن ڪر!!
مگر توسان ملڻ جي آرزو
دل مان ڪڍئون مشڪل!
ها!
جڏهن ڀي ڪرڻا ۽ سورج
جڏهن ڀي روشني ۽ چنڊ
جڏهن ڀي رنگ ۽ خوشبو
جڏهن بادل ۽ برساتون
جڏهن بلبل سنديون لاتون
جڏهن يارن مان ياراڻي
جڏهن اکڙين منجهان پاڻي
ختم ٿي ويو ته پوءِ شايد
اسان ئي ڪو نه هونداسين!!
اوهان کي ڪير پوءِ ڏيندو
ميارون او مٺا ماڻهو!
ته ڇو مشتاق جي من ۾
اوهان هي زهر اوتيو هو!؟
اوهان ڇو هُن جي زخمن تي
هٿن سان لوڻ ٻُرڪيو هو!؟
اوهان کي ڪونه ڏيندو ڪو
ميارون او مٺا ماڻهو!!

او محبوبه منهنجي ڪراچي

ٻار نچيا پي بس جي ڇت تي
وڻ ڀَڳا پي لارين پويان
ماءُ بيٺي هئي گهر جي در تي
پيءُ ڪُڏيو پي روڊ جي ڀرسان
ڌيءُ ڏٺو پي سارو منظر
ڳڀرو ڀائرن جي اکڙين سان
نعرا، تاڙيون، شور، شرابا
چوڙيون، چمڪا وار اُڏاڻا
اجرڪ، ٽوپي، شال ڪلهن تي
پٽڪا پائي جهور ڪُراڙا
ٻن ڏينهن کان اڃ ۽ بک تي
ڪا ٿئون ڪاٿئون ڪئين پڳا ها؟!!
هر ماڻهوءَ جو خواب سندر هو
هر ماڻهوءَ جي سوچ نرالي
ڪنهن پي اُڏاريا خواب امن جا
ڪنهن پي نفرت کي للڪاريو
هر ماڻهوءَ جي آشا ميڙي
هر ماڻهوءَ جا خواب سهيڙي
۽ مون ويهي تَتُ ڪڍيو هو
ڪنهن به نه سمجهيو ڪنهن کي ڌاريو
ڪنهن به نه نفرت کي کيڪاريو
محبت جا هي سڀ پانڌيئڙا
عشق جي راهه وٺيون پي آيا
۽ پوءِ آڌيءَ جي آڳر ۾
نعرن، تاڙين، احساسن کي
باهه جا شعلا پڪڙيندا ويا
روڊ تي پکڙيل لاش سِسيون ۽
ٻانهون ٻوٽيون، چيخون آنهون!!
ڪو ڪاڏي ويو! ڪو ڪاڏي ويو!
ساري سنڌ جون اکڙيون جاڳيل
رت جي هولي، لاشا سڙيل
ڏسندي ڏسندي سوال پڇن ٿيون
او محبوبه منهنجي ڪراچي
تو روڊن کي ڇو سينگاريو؟!
۽ بجليءَ جا ڳَهه پارائي
ننڍڙا وڏڙا گهر سينگاري
رت سان رستن کي وهنجاري
تو چاهت کي ڇو چيٿاڙيو؟!
او محبوبه منهنجي ڪراچي!!
او محبوبه منهنجي ڪراچي!!

(18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچيءَ ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي ٿيل حملي جي مناسبت سان لکيل)

مِس ڪالون

اچن ٿيون کوڙ مِس ڪالون
مگر ڪنهن ڪال ۾ اهڙي
صفا ڪا ڇڪ ئي ناهي
اچي جا دل کي تڙپائي
اچي جا روح گرمائي!!
ٽٽي ويا رابطا سارا
خبرناهي ته آخر ڇو؟
نڪي گڊمارننگ جي ڪِس
نه ئي مئسيج راتين جو!
منهنجي موبائل جا ڳوڙها
اگهڻ وارو نه آهي ڪو!
لڳي ٿو ساهه جي تند کي
وڇوڙو هاڻ ٽوڙيندو
لڳي ٿو ذهن جي ٿَڪ تي
نه گورين جو اثر ٿيندو!
لڳي ٿو آخري ڀيرو
چئي گڊباءِ چپڙن سان
پنهنجي موبائل جو نمبر
مٽائي هُن ڇڏيو آهي!!
مگر مان ڀي ته مان آهيان
منهنجي انتظار جي ڪيفيت
۽ منهنجي عادتن کان هوءَ
واقف آ ته هي پاڳل
سمهندو ڪونه جيستائين
هُن جي ڪال يا مِس ڪال
آڌيءَ جو وري ايندي
۽ مون کي پيار مان چَوندي!
چريا مشتاق سُمهه هاڻي!
هلي آ! ٻانهن منهنجيءَ تي
۽ پوءِ هلڪيون ٿڦڪيون ڏئي
اکين منهنجن کي آڍيندي
سمهاريندي ابد جي ننڊ!!
منهنجا ڳوڙها، وهاڻي، ڇِوَ
۽ هُن جي ٻانهن کي آلو
ڪري ڪو گيت ڳائيندا
۽ پوءِ موڪليندا!!
۽ پوءِ مان سمهي پوندس
۽ پوءِ مان سمهي پوندس

هليو ويو سو به وڻجارو

هليو ويو سو به وڻجارو
جنهن جي گيت گونجڻ سان
سَنڌن ۾ ساهه پوندو هو
سمورو سچ چوندو هو
نظم جون ٻئي اکيون جنهن وٽ
جنهن وٽ گيت نچندا ها
جنهن جي مڌر لفظن سان
نماڻي شاعري پلجي
ڪنواري ڪنهن ڪنعيا وانگي
هٿن کي ميندڙي لائي
ڪو شرميلو وڳو پائي
اسان وٽ سنبري ايندي هئي!!
نئون اُتساهه ڏيندي هئي!!
هليو ويو سو به وڻجارو
جنهن جي درد جي ڪيفيت
نماڻي آرزؤ سان گڏ
نسورو پيار هوندي هئي
جنهن جي ڄڻ ته ڪانبي ۾
ٽُٽل چوڙيون ڦَٽيل هٿڙا
ڦُٽين ۽ سونگڙين سان گڏ
سڄڻ جي سار هوندي هئي
نمن جي اوٽ ۾ پيهو
هڪل ۽ هور هوندي هئي
۽ اڌڙوٽ چپڙن سان
وڄائي سُر مان ٻوڙيندو
اسان کي ڄڻ سڏيندو هو
سبق سنڌڙيءَ جو ڏيندو هو!
هليو ويو سو به وڻجارو!!
جنهن جي درد جي ڪيفيت
نوان ڪي ڏس ڏيندي هئي
نڪورا گس ڏسيندي هئي
هليو ويو سو به وڻجارو!!
جنهن جا چنگ جهڙا سُر
نوان آلاپ ارپيندي
سنڌوءَ جي سُر جيان اُڀري
بنان ڪنهن موڪلاڻيءَ جي
نگاهن کي نهوڙي ويا
انوکي دُک ۾ ٻوڙي ويا
هليو ويو سو به وڻجارو!!
ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾
جنهن جا گيت ڳائيندي
جسم کي گرمي ملندي هئي
رڳن ۾ خون ڊُڪندو هو
مٽيءَ سان پيار وڌندو هو
هليو ويو سو به وڻجارو!!

ڪٿي هن سور کي سانڍيون

ڪٿي هِن سور کي سانڍيون؟!!
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڇڏي ويئي اڪيلو آ
اسان کي اڄ به راهن ۾
ڀري ڀاڪر ۾ رکندي ۽
هُئي رکندي جا ٻانهن ۾
لڳي ٿو ڄڻ اثر ڪونهي
رهيو شايد ڪو دانهن ۾
توڙي جو درد جا شعلا
ٻرن ٿا پيا نگاهن ۾
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟!!
وري ڪا سانوري ڇوري
برهه جي باهه ٻاري وئي
وري ڪا ياد ماضيءَ جي
ڏکويل دل کي ڏياري وئي
امالڪ پيار پنهنجي ۾
مرڻ کان اڳ ئي ماري وئي
اسان کي عشق جا لاها
۽ چاڙها سڀ سيکاري وئي
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟
هتي ڪنهن ماءُ کي ماريو
هُتي ڪنهن ڀيڻ کي ماريو
ڪُڌن ڪارنهن جي الزامن
ڏکيءَ جي ڏيل کي ڏاريو
پسند جي پيار پرڻي ڀي
سَکيءَ کي خوب سيکاريو
سڳا مائٽ ڇڏي آئي
سڏن ٿا کيس سڀ ڌاريو
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟
نچي ٿي ڪا رقاصا ۽
مٿان نوٽن جا وسڪارا
سندس ڇاتيءَ جي ڇلڪي تي
ڏئي وحشت ٿي لامارا
روئن ٿا پير ۾ گهنگهرو
مرن ٿا خواب موچارا
ڄڻي ڪنهن هيءَ ڀي هوندي
اڙي ڪجھ سوچ او پيارا
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟
اسان آخر وڃئون ڪاڏي؟
اسان کي ڪوته سمجهائي
اسان جو ساهه ٿو نڪري
وٺو هي درد موٽائي
کڻي هن سور کي اڇلي
کڻي ڪو يار ڳل لائي
چريءَ دل کي سڪون ڪونهي
ويو ڪو چئن چورائي
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سورکي سانڍيون؟!!

ڪئمپس ۽ ڇوڪريون

ڇانوَ جهڙيون ڇوڪريون
سانوڻيءَ ڪَڪرن جيان
ڪالهه ڪئمپس ۾ وري
وار کولي پي گهميون
يادگيريون کوڙ ساريون
ذهن ۾ آيون تري
ڪيئن ڪئمپس ۾ اڳي
گهمندي هئي ڪا اَپسرا
ڪو ڏکيو پيپر کڻي
ذهن جي پردي پٺيان
سمهندي هئي ڪا اَپسرا
ڪئين ڪاريڊور ۾
ڪاڪل سُڪائيندي هئي
۽ ساهيڙين کي سڏي
“مشتاق” جون ڳالهيون مٺيون
ٻهڪي ٻُڌائيندي هئي
ڪئين ڪتابن وچ ۾
سارون ۽ سپنا کڻي
گيت ڳائيندي هئي
محبت ورهائيندي هئي
هن کي هڪ مشتاق ڇا؟
دنيا به چاهيندي هئي!1
اڄ به ساڳيون ڇوڪريون
اڄ به ساڳيا ڇوڪرا
پر الائي ڇو اسان جي
دل کي ناهي سا خوشي
هوءَ انگورن جي سريلي
سُرڪ جهڙي ڇوڪري
هوءَ چنبيلي، چاندني
۽ مرڪ جهڙي ڇوڪري
هوءَ نه آهي ڄامشوري جون
گهٽيون مايوس هن!!
هوءَ نه آهي ڄامشوري جون
سَکيون مايوس هن!!

ياد توکي به ڪئين نه هوندو

ياد توکي به ڪئين نه هوندو؟
پپر پاڻيءَ ۾ ٻئي پُسائي
هلندي ٻيڙيءَ ۾ گيت ڳائي
تيز ڇولين کي ڇرڪ ڏيئي
پيار مان ڪي پکي اُڏائي
گلاب جهڙن ڀنل چپن ۽
رَحل جهڙن ٻنهين هٿن کي
ڳلن منهنجن تي کڻي رکيو تو
ياد توکي به ڪيئن نه هوندو!!؟
تو اکين ۾ پاڻي آڻي
چيو هُيو “مشتاق” شايد
ٿي سگهي ٻيهر نه ملجي
مان رنو هُس، لڙڪ منهنجا
ڪيئن ڪينجهر ۾ ڪِريا هيا
ياد توکي به ڪئين نه هوندو!!؟
تو رَئي جي ڪُنڊ پڪڙي
نرڙ منهنجي تي تري ڏئي
منهنجي لڙڪن کي اگهيو هو
۽ ٿڌي هڪ ساهه سان گڏ
ڳيت ڏئي سڀ لڙڪ پنهنجا
پي ڇڏيا ها تو پرين!
ياد توکي به ڪئين نه هوندو!!؟
تو هٿن سان زلف پنهنجي
چنڊ چهري تان هٽائي
پَرس پنهنجي مان ڪنول جي
گل جون پتيون ڪڍي
آسرو مون کي ڏنو
مشتاق ملبو رو نه تون
ان ڏينهن کان ان آسري تي
آءٌ زنده ٿو رهان
نيٺ تون ايندين پرين!
موسان ملي ويندين پرين!

ڪير چوي ٿو آهي ڪاري

ڳاڙهي ڳڀرو، ڪونئري ڪُنواري
ڪير چوي ٿو آهي ڪاري؟
هن کي پئسن عيوض وڪڻي
شايد ٻي ڪا ٻانهن هُئي وٺڻي
هن کي مڙس ڏنن پي پوڙهو
اڇي ڏاڙهي، گونگو، ٻوڙو
ڄنگهه کان منڊڙو، اک کان ڪاڻو
ٿڪل، ٿوڪو، ساڻو ساڻو
هن کي مڙس ڏنن ڀي ننڍڙو
ڪارو ڪوجهو، لُولُو لنگڙو
هن روئي انڪار ڪيو هو
ملندڙ مڙس کي ٻار چيو هو
هن هلڪو انڪار ڪيو هو
ڄڻ ڪو ڳڀرو يار ڪيو هو
بي غيرت جي غيرت جاڳي
ماري پنهنجي ڌيءُ سڀاڳي
ڏاڍي غيرت وارو ٿي ويو
تر ۾ نالي وارو ٿي ويو
سُهڻي سندر ڌيءَ ڪُٺائين
ڌيءَ جي بدلي زال وتائين
ڌيءَ جيڏيءَ سان جيئن سُتو هو
چُهٽيو چنبڙيو ڄڻ ته ڇِتو هو
دل ئي دل ۾ هُوءَ ٿو ڪاري
ويٺي لڙڪ اکين مان هاري
هُن جو ڇاتيءَ ڇوهه مري ويو
هُن جي من جو موهه مري ويو
ويٺي ويٺي هُن جي من ۾
باغي ماڻهو جاڳي پيو ڪو
ڀڙڪو ڏيئي هُوءَ اُٿي هئي
دڙڪو ڏيئي هُوءَ اُٿي هُئي
در قانون جو کڙڪائيندي
جا ٿي هُنجي دل چاهيندي
شادي تاٿي هُوءَ ڪندي
رسمن جي زنجير کي ٽوڙي
باغي ٿي هُوءَ ڳالهائيندي
در قانون جو کڙڪائيندي
سُوليءَ جذبا چاڙهيو ڇو ٿا؟
ڪنهن جو چاهه چيٿاڙيو ڇو ٿا؟
ڇو ٿا ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي ماريو؟
غيرتمندو غيرت ڌاريو
غيرتمندو غيرت ڌاريو
هُوءَ جو هٿ سان وئي آ ماري
ڪير چوي ٿو آهي ڪاري؟

گيت

---

سڄي رات سڏڪا ڀريندو رهي ٿو

سڄي رات سڏڪا ڀريندو رهي ٿو
الئي ڪير ڪنهن کي سڏيندو رهي ٿو

دردن جا دل ۾ ڪو ديرا اڏي ويو
۽ نيڻن جي آڳر ۾ پيرا ڇڏي ويو
سپنن ۾ ايندو ۽ ويندو رهي ٿو

ڀلا پيار کي ڪير روڪي سگهيو آ
ڀلا سار کي ڪير روڪي سگهيو آ
زمانو آ ظالم جهليندو رهي ٿو

موٽي اچڻ جو چئي ڪونه آيو
الئي ڪهڙو ويڙهو وڃي هن وسايو
مشتاق راهون تڪيندو رهي ٿو

خوابن ۾ اچڻ ٿو چاهين يادن ۾ وسڻ ٿو چاهين

خوابن ۾ اچڻ ٿو چاهين يادن ۾ وسڻ ٿو چاهين
او يار لڳي ٿو منهنجي نيڻن ۾ رهڻ ٿو چاهين

تون روز رسين ٿو مون سان پرچي به پوين ٿو جاني
هِن هُن کان پڇين ٿو منهنجو مون ڏي به اچين ٿو جاني
مونساڻ وڙهڻ ٿو چاهين مونساڻ ٺهڻ ٿو چاهين!

خاموش رهين ٿو جيڏو، ها پيار ڪرين ٿو ايڏو
مان ڪيئن چوان مَن ڪيڏو، هيڏو نه الائي هيڏو
دل مون کي ڏيڻ ٿو چاهين دل مون کان وٺڻ ٿو چاهين!

تون سوچ ڀلا توکي مان ڪيئن ڇڏي سگهندس
يادن کي جهلي سگهندس ڇا پاڻ پلي سگهندس
مونکي ته لڳي ٿو منهنجي تون دل ۾ ٽڪڻ ٿو چاهين!

تنهنجا نه سڄڻ ٿيندا منهنجا نه سڄڻ ٿيندا
مشتاق جي باري ۾ ڏس توکي غلط ڏيندا
تون غور ڪجان، ڏسجان جي پيار ڪرڻ ٿو چاهين!

اڄ سنڌوءَ ۾ تار ٿو پاڻي کپي

اڄ سنڌوءَ ۾ تار ٿو پاڻي کپي
سون ورني سنڌ ساماڻي کپي

فصل پوکيل جلدي جلدي تيار ٿئي
ٻاجهري جوئر مٿان ڪا جهار ٿئي

پيهو، ڳوڙها، نيٺ کانڀاڻي کپي
سون ورني سنڌ ساماڻي کپي

مينهن، وَڇيون، پاڏا، ڳئون اُڃ ٿا مرن
گاهه ڪونهي ڍور آخر ڇا چَرن!!

لَنبُ کپي، لوسڻ کپي لاڻي کپي
سون ورني سنڌ ساماڻي کپي

او مٺا مانائتا ڳڀرو پرين
ساڙ آخر سنڌ سان ڇو ٿو ڪرين

خوش اسان کي راڄ جي راڻي کپي
سون ورني سنڌ ساماڻي کپي

هي ڀلا هَٿَ ناٽ هيڏا ڇو ميان
تون گهڙين ٿو گهاٽ هيڏا ڇو ميان

سنڌ کي چئبو ته سرواڻي کپي
سون ورني سنڌ ساماڻي کپي

سنڌوءَ جي سرگوشيءَ پويان

سنڌوءَ جي سرگوشيءَ پويان
ڪينجهر جي خاموشيءَ پويان
اڻ تڻ، اڻ تڻ، اونو، اڻ تڻ، جنگ جياپي جاري!!

نئون رت گهري، نئون رت گهري
ٿي سنڌ سمورو ست گهري

هاريءَ جو هارياڻيءَ جو
پيهي جو کانڀاڻيءَ جو
ساهه سمورو سنڌوءَ جَرَ ۾ سنڌ سُڪي ٿي ساري!!

نئون رت گهري، نئون رت گهري
ٿي سنڌ سمورو ست گهري

تون پيار به ڪر ها پيار به ڪر
دل جو هر واپار به ڪر
نڪري ٿو رونيڻ نگر مان سنڌ جو ٿي سهڪاري!!

نئون رت گهري، نئون رت گهري
ٿي سنڌ سمورو ست گهري

ويڙه به ڪن ويچار به ڪن
پيار به ڪن تڪرار به ڪن
اهڙا ئي مشتاق کپن ٿا، ماري وجهن جي ماري!!

نئون رت گهري، نئون رت گهري
ٿي سنڌ سمورو ست گهري

هي جڳ جاني جيستائين

هي جڳ جاني جيستائين
پنهنجو پيار به تيستائين

نيل گگن ها نيري نڀ ۾
سورج روشن رهندو اُڀ ۾

چنڊ، ستارا جيستائين
پنهنجو پيار به تيستائين

سانوڻ، ڪڪريون جُهڙ ڦُڙ جهوٽا
انب، پپيتا مينديءَ ٻوٽا

مور پپيها جيستائين
پنهنجو پيار به تيستائين

ڳاڙها، نيرا گُل ۽ خوشبو
ڦُلواڙيءَ ۾ ڦُل ۽ خوشبو

مهڪن ٻهڪن جيستائين
پنهنجو پيار به تيستائين

پيئون پيئون ٿا پيئڻ ۾ مزو آ

پيئون پيئون ٿا پيئڻ ۾ مزو آ
ڪٿي يار توبن جيئڻ ۾ مزو آ

رڳو بيقراري، رڳو بي سُڪوني
اسان پيار ۾ ٿي پياسين جنوني

پَري پر نه ويجهو ٿيئڻ ۾ مزو آ

ها پُڳلي، ها پاڳل ۽ دل ديواني
وڃائي ڇڏيسين سڄي نوجواني

مگر دل وٺڻ ۽ ڏيئڻ ۾ مزو آ

مٺا خاص مشتاق جو خيال رکجان
نه توکي ڇڏيندو نه ئي کيس ڇڏجان

رُسي پرچي هر هر ملڻ ۾ مزو آ

هُوءَ رات به آئي سپني ۾

هُوءَ رات به آئي سپني ۾
هن مون کان هڪڙو سوال پڇيو
ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟

اڳ ۾ نه گذاري سگهندو هُئين
ڪا هڪڙي گهڙي ڀي مون کان پري

پوءِ ڪيئن گُذاريئي سال سڄو
ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟

اکيون ڪُڙريون ڪري گهنڊ منهن ۾ وجهي
چَپَ ٻيئي ڀِڪوڙي ويجهو ٿي


هن مون کان ٻيهر سوال پڇيو
ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟

مشتاق تون اڳ ۾ اهڙو نه هُئين
ڇا توکي ٿي ويو هاڻ ڀلا

هن روئندي روئندي حال پڇيو
ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟

ٿو ڪير چوي تون وسري آن
او منهنجي جيون جي معنيٰ؟


هن مُرڪي ڏنو مون سوال ڪيو
ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟

وري شام جو ڪنهن مڌر گيت ڇيڙيو

وري شام جو ڪنهن مڌر گيت ڇيڙيو
الئي ڪنهن اسان جي اندر کي اُڊيڙيو


مان روحاني رنگ سان ڪَٿا ڪا لکان ٿو
ڀلي سِڪڻو سمجهو مان ڏاڍو سِڪان ٿو

نقابن کي لاهيو گلابن کي ٽيڙيو

اسان رات ڪنهنجي اکين ۾ گُذاري
ڪٿي پاڻ هن کان گهڙي دور گهاري

اچي پيار ساهن ۾ سڄڻن پکيڙيو

عقابي اکين سان کڻي ڪنهن نهاريو
۽ مُرڪن سان “مشتاق” کي ڪنهن ته ماريو

وارن جي وڪڙن ۾ ڪنهن دل کي ويڙهيو

پنڊيءَ مان ڳڙهيءَ ۾ وري خون آيو

پنڊيءَ مان ڳڙهيءَ ۾ وري خون آيو
اسان کي ٻُڌايو ته ڪنهن موڪلايو

چون ٿا جنوني ٻه ماڻهو ڪي آيا
چون ٿا ته خوني ٻه ماڻهو ڪي آيا

پِرت جي پکيءَ کي انهن ئي اُڏايو!!

سڀئي شهر شعلا، سڀئي ڳوٺ باهيون
اسان ڪنهن کي پڪڙيون اسان ڪنهن تي دانهيون

امن جي اکين کي جلادن جلايو!!

سڄي سنڌ ماتم جو منظر ڏسان ٿو
سڏڪن کان خالي نه ڪو گهر ڏسان ٿو

سڀن پنهنجي گهر ۾ تڏو آ وڇايو!!

اونڌيون کٽون ۽ مٺا کير هاري
نٿي ٿڃ پنهنجن ٻچن کي ڪا پياري

۽ ٻارن به پيئڻ نٿي کير چاهيو!!

“پنڪيءَ” جي پيڙا جي آتم ڪهاڻي
وساري نه سگهندي ڪا سنڌوءَ جي نياڻي

ڀلي ڳوٺ ڊاهيو، ڀلي جيل ٺاهيو!!

مڙئي يار مشتاق کي دلبري ڏيو
چوي ٿو ته سنڌ جو مسيحا مري ويو

بچايو بچايو مٺي سنڌ بچايو!!

(محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان لکيل)

ڪَٽائي ڇڏيا باغ ڪنهن عاشقيءَ جا

ڪَٽائي ڇڏيا باغ ڪنهن عاشقيءَ جا
ويا رنگ مٽجي مِڙئي زندگيءَ جا

نه خوشبو نه ميندي، نه جهرمر ستارا
نه ڪي پيارا ماڻهو نه ڪي پيار وارا

ويا دؤر گذري امن آشتيءَ جا

کنيون دل وتئون ٿا خريدار ڪونهي
نفرت وڌي وئي ڪٿي پيار ڪونهي

اسان محب ماڻهو عاشق مِٽيءَ جا

هتي ڪو مري ٿو هُتي ڪو مري ٿو
صفا قياس ڪنهنجو نه ڪوئي ڪري ٿو

رڳو دم هڻن ٿا ڪوڙا دوستيءَ جا

روئڻ کان رُلڻ کان سِڪڻ کان نه روڪيو

روئڻ کان رُلڻ کان سِڪڻ کان نه روڪيو
اسان کي سڄڻ سان مِلڻ کان نه روڪيو

ڪجي ڇا پرينءَ کان گهڻو ڏور آهيون
پنهنجي دل هٿان ڏاڍو مجبور آهيون

اچڻ کان وڃڻ کان ڏِسڻ کان نه روڪيو

گهڻا ڏينهن ٿي ويا ڏٺو يار ناهي
اسان جي ذهن تي وڏو بار آهي

پيئون ٿا پيئون ٿا پيئڻ کان نه روڪيو

مڃي ئي نٿي ڪو مڃائي ڏيکاري
آهي ڪو جو هن دل چري کي سُڌاري

چوي ٿي ته محبت ڪرڻ کان نه روڪيو

گهڻئي يار مشتاق ڪئي ماٺ آهي
رهي هُن جي وس ۾ پرين ڳالهه ناهي

ڪڇڻ کان پڇڻ کان لُڇڻ کان نه روڪيو

مٽي ماڻهو منهنجي دلڙي

مٽي ماڻهو منهنجي دلڙي
هِنجي هُنجي سڀ جي دلڙي

سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا

صبح اکين ۾ لڙڪ سجايا
شام ڳلن تان سُرخي لاٿي
شهر ڏي ويندڙ ٻار مري ويو
امڙ جون اکڙيون گهر جا ڀاتي

هِن کان هُن کان روز پڇن ٿا
سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا

بارش آئي پاڻي بيٺو
ڀُتڙي گهر جي ڀت ڪري پئي
پوڙهو ماڻهو مٺڙي ننڊ ۾
ان تي جڏڙي ڇت ڪري پئي

ڏڪندي ڏڪندي رات ڪٽن ٿا
سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا

ڀوري مينهن ۽ ڀورو پاڏو
ڪاري ٻڪري بَرڙو ڇيلو
چور ڪڍي ويا سوچن ويٺا
ڪئين ڪٽيندا گهر جو ويلو

بُک تي ننڍڙا ٻار سمهن ٿا
سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا

ڍنڍون، ڍورا ڊٻ جا ٽُڪرا
نيٺ ڪري ويو پنهنجي نالي
جوان جڏهن ٿي مَس مَس مومل
رئيس چيو ڪر کيس حوالي

پوڙها ماڻهو کيس پِٽن ٿا
سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا

سنڌوءَ ماتا جي سيني تي
خنجر کوڙي ٽهڪ ڏين ٿا
ڌاريا ماڻهو سونهن نگر کي
چوريءَ چوريءَ چهڪ ڏين ٿا

مون کان منهنجو ساهه ڇنن ٿا
سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا

ساهيڙين جي ڇڏي سَٿَ کي

ساهيڙين جي ڇڏي سَٿَ کي
اڪيلي تون گُهمين ڇو ٿي؟!!

کِلي خوشين مان ڳالهائڻ، ڇڏي ڇا لئه ڏنو آ تو
ساهيڙين کي به سمجهائڻ، ڇڏي ڇا لئه ڏنو آ تو

پڙهي هر هر ساڳي خط کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!

تکين ترڇين نگاهن جا عجب انداز ڪاڏي ويا
ناهي سا لوڏ ٻانهن جي، نماڻا ناز ڪاڏي ويا

ڏسي هر هر پنهنجي هٿ کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!

نه مُرڪون هَن نه ماڻا هن، نَڪوئي ٽهڪ آڇين ٿي
الائي ڇو فضا کي تون نه مٺڙي مهڪ اڇين ٿي

هڻي چَڪُ پنهنجي ئي چپ کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!

توکي مشتاق وانگر ئي ويو آ پيار ٿي شايد
ويو توکان به آهي ڪو وري هاڻي رُسي شايد

ڇڏي سينگار ۽ سَٺ کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!

ملبو يا نه، الائي ملبو

ملبو يا نه، الائي ملبو
سور اندر جو ڪنهن سان سلبو

پنهنجن ڀاڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!

گورين گورين ٻانهن ۾ ۽
تنهنجي يار ڳچيءَ ۾ پاتل

ڪارن ڌاڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!

سوچي سوچي جيئن سمهان ٿو
تو جهڙو ڪو شخص اچي ٿو

سپنن ساڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!

ڪينجهر جي ڇولين ۾ ڄڻ ڪي
تنهنجون يادون منهنجا ڳوڙها

مڪليءَ ماڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!

تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ جلدي
نيڻن ننڊ رُسي وئي آهي

يار اوجاڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!

تنهنجي دل ۾ منهنجي خاطر
پيدا شايد پيار نه ٿيندو

تنهنجن خيالن ۾، الائي ڇا هي؟!!

تنهنجا خط پڳا هن ليڪن
کولي خطڙا ڪيئن پڙهان مان

بند لفافن ۾، الائي ڇا هي؟!!

ريشم جي ڌاڳن، گلابن جي خوشبو

ريشم جي ڌاڳن، گلابن جي خوشبو
هوا، بادلن ۽ بهارن جو منظر

اسان کي ٿو ڏسجي اوهان جي اکين ۾
سنڌوءَ جي سُهڻن، نظارن جو منظر

نڪ جي ڦُلي ۽ ڪنن وارا والا
مُنڊيءَ واري آڱر ۽ موتين جي مالها

اسان جي اندر ۾ ويا عڪس اُڪري
آڪاش ۾ جيئن تارن جو منظر!!

اوهان وار کوليا ته خوشبو کلي وئي
هوا ڄامشوري جي ڄڻ ڪا گهلي وئي

لڳو دل جي ديوار تي تنهنجو ڦوٽو
۽ ڦوٽو به ڄڻ پيار وارن جو منظر!!

ملو ٿا جي مشتاق سان ڳالهه ٻي آ
اوهان ساڻ دل هُن جي ڏاڍي لڳي آ

سڄو ڏينهن گيتن ۾ پوئي ٿو ويٺو
اوهان جي ادائن، اشارن جو منظر!!

هلڪي هلڪي ننڊ ڪرڻ ڏئي

هلڪي هلڪي ننڊ ڪرڻ ڏئي
تنهنجا سندر خواب ڏسڻ ڏئي

منهنجي دل کي سمجهائي وڃ
هن کي هيڪر پرچائي وڃ

جيئن سمهان ٿو هُوءَ اُٿي ٿي
مون کان تنهنجو سوال پُڇي ٿي

مونکي ٿورو ساهه پٽڻ ڏئي!!
منهنجي دل کي سمجهائي وڃ!!

جِهرمِر جِهرمِر تارا مون تي
اوڙي پاڙي وارا مون تي

مون تي ماڻهن کي نه کلڻ ڏئي!!
منهنجي دل کي سمجهائي وڃ!!

موٽي آ مشتاق مَرئي ٿو
ڏاڍو توکي ياد ڪرئي ٿو

تنهنجي ڀاڪر منجهه مرڻ ڏئي!!
منهنجي دل کي سمجهائي وڃ!!

پيار جي ويرين جو مَن ميرو

پيار جي ويرين جو مَن ميرو
دولت ميري ۽ ڌَن ميرو

دل وارن جي دنيا ٻي آ
هٿيارن جي دنيا ٻي آ

اسڪولن ۾ ٻار مرن ٿا
تنهنجا منهنجا يار مرن ٿا

هٿيارن جي دنيا ٻي آ
۽ ٻارن جي دنيا ٻي آ

مون کان منهنجا يار پڇن ٿا
گهر ۾ ننڍڙا ٻار پڇن ٿا

ڇا پيارن جي دنيا ٻي آ
آزارن جي دنيا ٻي آ

مان سوچيان ٿو آخر ڇاهي
ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي

مون پارن جي دنيا ٻي آ
ڀوتارن جي دنيا ٻي آ

مون سوچيو هو ڌار نه ٿيندا
مون کي تنها ڪين ڇڏيندا

پر يارن جي دنيا ٻي آ
اغيارن جي دنيا ٻي آ

بزدل ماڻهو ڀاڙ تَرا ۽ ڀاڙيا ٿئي

بزدل ماڻهو ڀاڙ تَرا ۽ ڀاڙيا ٿئي
ايڏا مٿي تي آخر ڇا لئه چاڙهيا ٿئي

ٽوڙي ڦاٽڪ جي يادن کي ٽاريؤن ٿا
ٻارنهن مئي جي واقعن کي به وساريؤن ٿا
غيرن ليڪن لنگهه سمورا تاڙيا ٿئي!

هر ماڻهو ٿو سوچي هاڻي ڇا ٿيندو؟
سنڌ کي سڀ وسيلا واپس ڪو ڏيندو؟
پنهنجا واعدا پنهنجن ساڻ نه پاڙيا ٿئي!

پِنڪي« ويئي پيءُ به ويو ۽ ڀاءُ به ويو
سوچيان ٿو هي ڄاڻ سُڪي درياءَ به ويو
يار چريو هين ڌاريا آخر ڌاريا ٿئي!

جاڳيا سنڌي ماڻهو سارا

جاڳيا سنڌي ماڻهو سارا
سنڌي ادبي سنگت وارا

سڀ چون ٿا سنڌي ٻولي
قومي ٻولي قومي ٻولي

ب، ب، ٻ، ٻ جيئن پڙهن ٿا
مون کي ڏاڍا تيئن وڻن ٿا

سنڌ امڙ جا ٻار پيارا
سنڌي ادبي سنگت وارا

هندو مومن گهر جا ڀاتي
پيار امن جا سڀئي ساٿي

سچ جا سنگتي حق جا نعرا
سنڌي ادبي سنگت وارا

ڌرتي جنهن کي ماءُ چون ٿا
لاڙ اُتر کي ڀاءُ چون ٿا

دل جي ڌڪ ڌڪ اک جا تارا
سنڌي ادبي سنگت وارا

موهن موڪلي ڪارونجهر تي
ڪينجهر منڇر المنظر تي

عشق انوکا نينهن نيارا
سنڌي ادبي سنگت وارا

پنهنجو دريا پنهنجو پاڻي
پيها جهاريون ۽ کانڀاڻي

ساريون سبزيون سمنڊ ڪنارا
سنڌي ادبي سنگت وارا

اکڙين جي آڳر ۾ ويهي
ڪو ته ڏسي هي منظر ڏيهي

مور پپيها چنڊ ستارا
سنڌي ادبي سنگت وارا

وايون

---

ڄامشوري جون هوائون

ڄامشوري جون هوائون
درد جا جهوٽا اماڻي پاڻ گم ٿيون ٿي وڃن

گلبدن ڪنهن گُلَ پريءَ جون
نيڙريون ناسي نگاهون

پيار ڏَئي ڀاڪر ۾ آڻي، پاڻ گم ٿيون ٿي وڃن

شاعريءَ جو ڏوهه ڪهڙو
يادگيريون ياترائون

پيار جي پهچي ٺڪاڻي، پاڻ گم ٿيون ٿي وڃن

سونهن جا پنهنجا قصا
پيار جون پنهنجون ڪٿائون

ذهن کي قبضي ۾ آڻي، پاڻ گم ٿيون ٿي وڃن

ڪيئن وِڌئين ماري، سندر ناريءَ کي

ڪيئن وِڌئين ماري، سندر ناريءَ کي

غيرتمند کي ڪو اچي
غيرت سيکاري

ڪيئن وڌئين ماري، سندر ناريءَ کي؟

پاڻ سڄو ڏينهن چاءِ پي
واندو گذاري

ڪيئن وڌئين ماري، سندر ناريءَ کي؟

نيٺ دوا ۽ ڊاڪٽري
هيل به ويا هاري

ڪيئن وڌئين ماري، سندر ناريءَ کي؟

وار کولي اڄ وري

وار کولي اڄ وري
ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي!

ڳالهڙيون ڪي پيار جون
هوءَ ٻُڌي بس پي ٺري
ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي

ڪمرو، خوشبو، روشني
۽ اچي ڪا گُلَ پري
ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي

پيار، اوتي ساهه ۾
ڀاڪرن جي ڏئي ڀري
ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي

“مشتاق” لئه آئي کڻي
دنيا سڄيءَ جي دلبري
ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجي تي سُتي

وڻ ۾ واهيرو ڪري

وڻ ۾ واهيرو ڪري
ويٺو مَسَ پکي
وري اُڏامي ويو

دل جي لڏندڙ لام تي
پنهنجا پير رکي

وري اُڏامي ويو

سونهن ننگر ۾ پيار جو
ننڍڙو ڳوٺ ٻَڌي

وري اُڏامي ويو

الءِ ڪيئن اُماس ۾
هڪڙي چڻنگ بَکي

وري اُڏامي ويو

يادن سندا قافلا
ڏسي دل دُکي

وري اُڏامي ويو

محبت جا پيغام

محبت جا پيغام
تنهنجن نيڻن ۾ پرين

گلابن جون پنکڙيون
مينديءَ سندي لام
تنهنجن نيڻن ۾ پرين

پکيئڙن جي پيار مان
آهي روز اُڏام
تنهنجن نيڻن ۾ پرين

مون کي لڳندي آهه ڄڻ
ڄامشوري جي شام
تنهنجن نيڻن ۾ پرين

ڄڻ ته شهيدن موڪليا
آهن سرخ سلام
تنهنجن نيڻن ۾ پرين

هڪڙو هي “مشتاق” ڇا؟
ماڻهو کوڙ مدام
تنهنجن نيڻن ۾ پرين

هُوءَ ڏِس نِم جي ڇانوَ ۾

هُوءَ ڏِس نِم جي ڇانوَ ۾
پنهنجن وارن کي
لاسُ لڳائي نينگري

ٽيڙي اک سان پئي ڏسي
دَرَ ۽ چارن کي
لاسُ لڳائي نينگري

ڪيڏو پيار ڪري پئي
ننڍڙن ٻارن کي
لاسُ لڳائي نينگري

روز سينگاري ٿي ڇڏي
گهر جي جارن کي
لاس لڳائي نينگري

ياد ڪري “مشتاق” جان
دل سان پيارن کي
لاسُ لڳائي نينگري

مون کي ساريندي

مون کي ساريندي
نانءُ پڪاريندي
نيٺ چري روئي پئي

مون ته ٻُڌو آ چنڊ ڏي
رات نهاريندي
نيٺ چري روئي پئي

منهنجي ڦوٽوءَ ڏي ڏسي
پاڻ سنواريندي
نيٺ چري روئي پئي

نڪتيون ڳالهيون پيار جون
موضوع ٽاريندي
نيٺ چري روئي پئي

ڪينجهر تي ڪا ڪامڻي
شام گذاريندي
نيٺ چري روئي پئي

ڪالهه به ڪو “مشتاق” جو
گيت جهونگاريندي
نيٺ چري روئي پئي

مون ۽ منهنجي يار جي

مون ۽ منهنجي يار جي
ڄامشوري پار جي
ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

ڪنهن ڳهيلي ڇوڪريءَ جي
سُرهي سُرهي سار جي
ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

هير، خوشبو ۽ هوا جي
مند جي، مهڪار جي
ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!


ٽور ڪنهن جي، ٽهڪ ڪنهنجا
مُرڪ ۽ گفتار جي
ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

باغي ۽ مشتاق جي
پهرئين پهرئين پيار جي
ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

(مرڪزي خيال حليم باغي)

چپ تي ڳاڙهو گل رکي

چپ تي ڳاڙهو گل رکي
مون کي ڏنائين، سارا ٿڪ لهي ويا

ڳل تي هڻي ٿڦڪيون
پنهنجن هٿڙن سان
ڳوڙها اگهيائين، سارا ٿڪ لهي ويا

ڏاڍي سڪ لڳي هُئي
مُرڪي ماڻن سان
مون کي چيائين، سارا ٿڪ لهي ويا

اچڻ سان “مشتاق” جو
ويٺل ماڻهن کان
جيئن ئي پڇيائين، سارا ٿڪ لهي ويا

(مرڪزي خيال اياز گل)

سنڌ ورسٽيءَ کان پري

سنڌ ورسٽيءَ کان پري
شام گذاريندي
روئي پئي ڇوڪري

آئيني جي سامهون
وار سنواريندي
روئي پئي ڇوڪري!

مندر ۾ ڪي ميڻ جون
بتيون ٻاريندي
روئي پئي ڇوڪري!

گهر کان ٻاهر گهوٽ جي
راهه نهاريندي
روئي پئي ڇوڪري!

سرمد ۽ عرفان جون
ڳالهيون ساريندي
روئي پئي ڇوڪري!

اڄ به پريالوءِ ۾
هنجون هاريندي
روئي پئي ڇوڪري!

چون ٿا “مشتاق” جو
نانءُ پڪاريندي
روئي پئي ڇوڪري!

(سرمد: مٺڙو ڪلاڪار، رحمان مغل)
(عرفان: پيارو دوست عرفان مهدي)

پنڇي پرڏيهي

پنڇي پرڏيهي
آيا ڪينجهر تي ڪهي
تون ڪِٿي آن سانوري؟

اڄ به ويو آ سُوڳ ۾
ساجهر سج لهي
تون ڪٿي آن سانوري؟

چنڊ به پوڙهو ٿي ويو
سختيون سور سهي
تون ڪٿي آن سانوري؟

تنهنجي درد فراق ۾
اجڙي عمر وئي
تون ڪٿي آن سانوري؟

ٿورو ئي مشتاق کي
پر وڃ پيار ڏئي
تون ڪٿي آن سانوري؟

جيون چاهي ٿو

جيون چاهي ٿو
امن، آزادي، آجپو

هُو ڏس ٽاريءَ لام تي
ڳيرو ڳائي ٿو
امن، آزادي، آجپو

پوڙهو ماڻهو پيار مان
ٻار پڙهائي ٿو
امن، آزادي، آجپو

هيل به پاڻي آ ڪٿي
شخص ڳالهائي ٿو
امن، آزادي، آجپو

ڏاڍو مزو هو اڳي
ڳالهه ٻُڌائي ٿو
امن، آزادي، آجپو

روز ڪُهاڙي ڇوڪرو
هاڻ ٺپائي ٿو
امن، آزادي، آجپو

خط لکي ڪو جيل مان
جيل گهمائي ٿو
امن، آزادي، آجپو

سڪ مان نينگر سنڌ جو
نقشو ٺاهي ٿو
امن، آزادي، آجپو

ملي نه سگهنداسين

ملي نه سگهنداسين
نياپو ڇڏي وئي
منهنجي دل مڃي نٿي!

فون ڪيم پر فون تي
رات به روئي پئي
منهنجي دل مڃي نٿي!!

خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري
ڪافر قيد ڪئي
منهنجي دل مڃي نٿي!!

پوپٽ، ڀؤنرا باغ جا
سورن منجهه سڀئي
منهنجي دل مڃي نٿي!!

منهنجي ڪري ئي وري
اهڙا ڏانهن ڏٺئي
منهنجي دل مڃي نٿي!!

رات به ٿي آيو

رات به ٿي آيو
چنڊ پرينءَ جي پار کان
چوريءَ چپڙن مان
مڌو به پي آيو
چنڊ پرينءَ جي پار کان

ڳاڙها ڳل، نيريون اکيون
پير چمي آيو
چنڊ پرينءَ جي پار کان

ڀاڳن وارو آ
نيٺ گهمي آيو
چنڊ پرينءَ جي پار کان

وارن منجهان واهه جو
واسُ وٺي آيو
چنڊ پرينءَ جي پار کان

ڳالهيون ڪي “مشتاق” جون
پاڻ ٻُڌي آيو
چنڊ پرينءَ جي پار کان

ڇا عمر گُذاريندينءَ

ڇا عمر گُذاريندينءَ
چئه يار بنان آخر

ٽهڪ ڏئي کلندينءَ
۽ وار سنواريندينءَ؟
چئه يار بنان آخر

هوندينءَ به اڪيلي ۽
هن کي به نه ساريندينءَ
چئه يار بنان آخر

مشتاق کي ڇڏ کڻي
تون پاڻ سُڌاريندينءَ
چئه يار بنان آخر

خوشبو سلام نياپا

خوشبو سلام نياپا
۽ رنگ ٿي اُماڻي، مونڏي الالفجر جو


آذان کان اڳيئي
ڪي درد ڪي دلاسا
۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو

پيار ڀي ڪري ٿي
مونساڻ بي تحاشا
۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو

جوانيءَ جا پيار لمحا
يادن جا ڪُل اثاثا
۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو

سامهون فريم ۾ ڪا
پئي ٿي نچي رقاصا
۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو

هن قرب جي قصي ۾
اميد پيار آشا
۽ رنگ ٿي اماڻي، مون ڏي الالفجر جو

اکين کي ننڊ ئي ناهي

اکين کي ننڊ ئي ناهي
چون ٿيون هُوءَ اچڻي آ

روئن ٿيون روز ويچاريون
چرين کي ڪير سمجهائي
چون ٿيون هُوءَ اچڻي آ

ڪٿي آ دوستي ياري
پيو ٿو پيار ڌڪ کائي
چون ٿيون هُوءَ اچڻي آ

کڻو هيءَ درد جي ڪيفيت
خوشي ڏيو يار موٽائي
چون ٿيون هُوءَ اچڻي آ

وٺي مشتاق کي ننڊ وئي
اکين پٽڪو ڏنو لائي
چون ٿيون هُوءَ اچڻي آ

دوها

---

سج به ساڳيو چنڊ به ساڳيو ساڳيا تارا يار

سج به ساڳيو چنڊ به ساڳيو ساڳيا تارا يار
سوچيان ٿو ويا آخر ڪاڏي ماڻهو مڻيادار

دل به ساڳي ديس به ساڳيو ساڳي نيڻ نهار
سوچيان ٿو ڇو دل وارن کان دل وارا ٿيا ڌار

اوطاقن ۾ سي نه ڪچهريون ۽ مصنوعي پيار
ڀاڙيا ماڻهو گيدي ماڻهو، ماڻهو ٿيا مُردار

قومي غيرت واري جذبي کان خالي ڪردار
مان سمجهان ٿو سي ئي ماڻهو بزدل ۽ بيمار

ٻارنهن مَئي تي ڪنهن جي وڏ وَر ڀيڻ به وِڌاوا ٿي

ٻارنهن مَئي تي ڪنهن جي وڏ وَر ڀيڻ به وِڌاوا ٿي
ٻارنهن مَئي تي سِنڌ امڙ جا پُٽ به ويا ڪُسجي

ٻارنهن مئي تي لال لَهوءَ سان روڊ رَتو رت ٿيا
موري، پنگرئي پوري سنڌ ۾ لاش پُڄن ٿا پيا

رستا روڊ بلاڪ سمورا باهيون ئي باهيون
ڄڻ ته اسان هِن ڌرتيءَ جا وارث ئي ناهيون

روڊ تتل ۽ گرمي ڏاڍي گولين جي بُوڇاڙ
ڌارين ماڻهن جي ڌرتيءَ تي جاري آهه لتاڙ

او ڪُنرائي سڀ سنڌياڻيون توکي سارن ٿيون
توکي ساري سُڏڪي سُڏڪي هنجون هارن ٿيون

ٻُرڙا تنهنجا ٻار پڇن ٿا ڪاٿي آهين تون؟
مونکان تنهنجا يار پڇن ٿا ڪاٿي آهين تون؟

تو ته چيو هو جلدي ايندين آئين ڪونه اڃا
ٽي ويءَ تي ٿا لاش ڏيکارن پر آءٌ ڪيئن مڃان

آءٌ سڃڻان سڀني کي جن ماڻهو هن ماريا
منهنجي گهر تي قبضي جي ٿا ڪوشش ڪن ڌاريا

هيءَ ڪراچي ڪنهنجي ناهي آهه ڪلاچي سنڌ
آهه اسان جو پنهنجو عُضوو آهه اسانجي جند

(ٻارنهن مئي جي شهيدن جي نانءَ)

پڻگهٽ پاڻهيارن جا ٽولا ناسي ناسي نيڻ

پڻگهٽ پاڻهيارن جا ٽولا ناسي ناسي نيڻ
تن جي جوڀن جادوءَ ۾ پيا ڪيئي ڦاسي نيڻ

ناسيون، نبريون چُنريون پائي ناريون نڪتيون جيئن
هو ڏس ساهون سُڪل وڻ مان ٽارون نڪتيون تيئن

ڪونج ڳچين ۾ هنسليون پائي ناريون نڪتيون هيل
صحرا ۾ پڻ ساوڪ ٿي وئي ڦول ڦٽا رابيل

هوءَ ڏس سامهون وڻ جي هيٺان ويٺي ان ڇڻي
منهنجي سنڌ جي ڄائي آخر مون کي ڇو نه وڻي

هوءَ ڏس سامهون اجرڪ واري لوڏيندي ٻانهون
هُن سان گڏ ڀٽائيءَ جون آهن ڪي دُعائون

هوءَ ڏس سامهون ڳڀرو ناري ويٺي ڀرت ڀري
هُن جي هِڪ هِڪ ٽاڪي تي ٿي منهنجي دل ٺري

هُوءَ ڏَس سامهون وارن کي ٿي ويٺي لاسُ هَڻي
ڄڻ ته اسان جي دل جي گهر ۾ خوشبوءَ خاصُ هڻي